ڪالم / مضمون

اڃايل خواب

ھي ڪتاب انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽيءَ جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي.
نوجوان ليکڪ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي پنهنجي قلم سان هن سماج جي عڪس کي چٽڻ لاءِ ڪالم ۽ مضمون لکيا آهن. سندس هن مجموعي ۾ موجود سڀئي ڪالم ۽ مضمون هن درد وندي ديس جي دانهن سان ٽمٽار آهن. سندس هر هڪ صدا، صدين جي صدا آهي. سندس هر هڪ سٽ ۽ لفظ اونداهي لاٽ ۾ واٽ مثل آهن. حفيظ ادب ۾ پير پائڻ سان تمام مختصر عرصي ۾ ادب جي اڙاهگن پيچرن کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ انهي سمجھ وسيلي سندس مطالعي ۾ جيتوڻيڪ واڌارو ٿيو آهي ۽ هن پنهنجي اُن واڌاري کي لفظن جو ويس پارائي ڪري توهان اسان آڏو پيش ڪيو آهي. هن نوجوان ليکڪ پنهنجي مطالعي هيٺ ايندڙ ڪتابن تي جيڪي ويچار توهان اسان سان ونڊيا آهن. اُهي به پڙهڻ لائق آهن.
Title Cover of book اڃايل خواب

ماڻھو مَسّت قَلندرسيما عباسي

ماڻھو مَسّت قَلندرسيما عباسي

سنڌ جو وجود ڌرتي تي ڪنهن انمول نگيني کان گھٽ ڪونهي، سنڌ جون ريتون ۽ رسمون پنهنجي اسلوب اندر سھڻيون ۽ ساديون سرس ھجن ٿيون جنهن جو واس لڳڻ کان پوءِ من ٻھڪي ۽ روح رقص ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. اندر جي مستي ۽ ماحول ۾ مچندڙ ميلن ۾ فرق ھجڻ ڪري حقيقتن کان پاسيرو ڪري ٿو پيو جيڪڏهن ماڻھو ماڻھو رند ٿي اندر ۾ پيار جو ميخانو ھڻي ان سان برداشت جي مي جا ڍڪ ڀري ته ماڻھو مست قلندر ٿي پوي. سميا عباسي ھن زمين جي خطي تي قلندري ريتن جو خوبصورت بيت آهي. جنهن کي پڙھڻ سان روح جي رڃ تي ٿڌاڻ پوي ٿي ۽ من موھجي پوي ٿو. سيما عباسي 18 اپريل 1973 تي لعل مُحَّمد عباسي جي گھر دنيا ۾ پير پاتو ابتدائي تعليم اتان جي مقامي اسڪول ۽ ڪاليج مان حاصل ڪئي، ۽ بي ايB-A ۽ ايم اي M-A پرائيويٽ جيڪا شاھ عبداللطيف يونيورسٽي سان لاڳاپيل گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1995 ۾ ماڻي ورتي. ھن وقت ايم- فل M-Phill ھلندڙ آهي. سيما عباسي لکڻ جي شروعات 1982 ۾ ڪئي پھرين ڪھاڻي اردو ڊائجسٽ سچي ڪھانيان ۾ ڇپي ۽ ائين ئي ٻين مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون.
جن ۾ نئين آس ميگزين ڪراچي، ھزار داستان، آداب عرض، عوامي آواز، سورمي، سنڌ راڻي، نوائي وقت ۾ ڇپجنديون رھيون آهن. سيما عباسي بحيثيت شاعره پنهنجي فن ۽ فڪر جي فضا کي برقرار رکيو آهي پر ان سان گڏ پنهنجي نثراڻي بيھڪ جتان ھن ادب جي شروعات بطور ڪھاڻيڪار ڪئي ھئي سا به ساڳي ريت جاري و ساري آهي. سندس شاعري ۾ سڏڪن جا آلاپيل سَڏ ۽ اُڌمن جا گُم ٿيل اولڙا ڳوليندي نظر ايندي اٿم، مون پنهنجي زندگي ۾ اھڙا اديب جيڪي ھڪ ئي وقت سڀني صنفن تي آڙيڪاپ يا ماحول سان لاڳاپيل (Ecological) دسترس جا حامل ھجن ٿا سان انهن مان ھڪ سيما عباسي به آهي. جنهن مسلسل جدوجهد ڪري پنهنجي اندر جي جُوالا مُکي سندس جي ڪھاڻين ۽ شاعري ۾ پسي سگھجي ٿي. معاشري ۾ ٿيندڙ انيڪ برايون، اڻ برابري، تعليمي ادارن اندر ڪرپشن (Corruption) جي گُھٽ ۽ ٻُوسٽ ۽ گڏوگڏ صحت جي مرڪزن کان وٺي سنڌ جي ھر معاملي تي پنهنجي قلم کي ھٿيار جيان استعمال ڪيو آهي. حالانڪ سيما جنهن محور ۾ پاڻ پنهنجي محنتن سان ماڳ ماڻيو آهي جنهن ڪجھ ماڻھن کي بد ھاضمو ڏنو آهي. سنڌ اندر عورتن لاءِ اڄ ڏينهن تائين صاف شفاف ڪم ڪرڻ جو ذريعو نه ھوندي به سيما عباسي پنهنجي ھڻان وڻان ڪري پنهنجي الڳ دنيا قائم ڪئي آهي. ھن جون ڪھاڻيون جن ۾ وقت جو وهڪرو، قرباني جو ڪانڌپو، شادي ۽ آزادي، آئيڊيل جو موت، ارمانن جي ارٿي جن سٺي پذيرائي ماڻي ۽ اھڙا کوڙ مضمون/ ڪھاڻيون جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻيا سي به پنهنجي سھڻي/ سلوڻي انداز سان ٺھڪيل ملنديون.
مون جڏهن به سيما عباسي جي نثر کي من سان لاتو آهي ته منهنجي من جو مور آئيندي جي نويد جا آلاپ اچاريندو آهي نثر ۾ اگھم علم جي ديوي پنهنجي معاشري کي ھميشه سک جو ساھ کڻڻ جي اميد سان لکندي لوچيندي رھي ٿي. سيما ھن گھٽيل معاشري جو سور سيني ۾ سانڍي به انهن جي ڀلائي جي ڳالهه ڪندي نظر ايندي اٿم عورتن سان جتي ڪلور ڪيا وڃن ۽ علم ۽ فھم جي دليلن کي ڇڏي ذاتيات تي حملو ڪن تڏھن به صبر جي سپني تي عمل پيڙاھجي، انھن کي محنتن سان مات ڏني آهي. سيما سنڌ جي ماڻھن سان پيار ڪندي آهي ھن جو سنڌ ۾ امن ۽ چاھ برقرار رکڻ سندس جو ورد اول آهي.
ھن ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجي فن ۽ فڪر جو فيڻو ماڻھن جي دل تي وظيفي جيان ورد ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. چوندا آهن ته محنت ڪڏھن رائيگان ناھي ويندي سيما شاعري سان گڏ ھن دور جي ھڪ گھڻ رخي ڪھاڻيڪار ھجڻ جو پڻ ثبوت ڏنو آهي. سيما عباسي جو ڪالم ڀٽائي ڪي ڪلام ۾ خواتين ڪا مرتبا اور آج ڪي سندھي عورت نوائي وقت ۾ شايع ٿيل ڪالم عورتن جي جي مان ۾ لٿل صحيفي کان گھٽ ڪين آهي. سيما ھر دائري محور ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي. طبعيتن صاف ۽ شفاف روح رکندڙ آهي جنهن وٽ ٻيائي جو ٻور نه ٿو ملي سچي ۽ کڙي لکڻين مان چٽو ظاھر آهي ته وجود به پاڪ ۽ پوتر نرم مزاجي پوشاڪ سان اوڍيل آهي. درويش صفت ھن سيما سنڌ جي ھر ڏک ۾ گھايل فرد جي دانهن بڻجندي رھي آهي سندس جو وجود ۽ موجودگي من کي مرڪائي ۽ خيالن جي خوشبو دل اندر ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي عورتن جي سرواڻ ليکڪا ماڻھن جي پيدا ڪيل دلدل ۽ روڪٿام لاءِ ڪنڊا پنهنجي خوش اخلاقي سان پاسي ڪرڻ جو فن ڄاڻي ٿي ۽ ان جي برعڪس انھن لاء دل ۾ دعا ڪرڻ جو ڪلام پڻ آلاپي ٿي.
سيما عباسي جو ھڪ ڇپيل ڪالم ڇوڪريون آپگھات ڇو ٿيون ڪن؟ ۾ ھن سنڌ جي مظلوم نياڻين جي انصاف لاءِ حڪومتي ادارن لاء وانجھائي رھي آهي ھر معاملي کي خوب ھمدردي سان نڀايو آهي. جيڪر سيما جي ھٿ ۾ انصاف جون واڳون ڏجن ته ھي عورت ادبي جدوجھد جيان سنڌ جي ھر معاملي کي عملي جامو پارائي ٿي سگھي. سيما پنهنجي لکڻين ذريعي معاشري جي ظلم خلاف مھاڏو اٽڪائي ڪيترن ئي غريب گھرن جي ڏکن جو ڀرجھلو بڻي آهي. سيما وقت جي رھزنن کي مٽائڻ جي مھم جو مھراجا بڻجڻ پسند ڪري ٿي معاشري جي طنز ۽ طعنا زني ھن جي احساسن کي چاق ۽ چور ڪيو پر ھن جي مستقل مزاج ۽ ذرا نوازي نمايان ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا.
سيما عباسي جي ادبي سفر تي جيترو لکجي سو گھٽ ھوندو ڇو ته ڪائنات جا ھيرا پنهنجي خاموش چمڪ سان بقائيت جو جھان جوڙي چڪا ھوندا آهن ۽ ايندڙ نسلن جي لاء رھنمائي جي راھ بڻجي چڪي ھوندي آهي. سيما عباسي جو لکڻيون معاشري جي مٿان الھامي احسان آهي جا وقت جي واٽ تي ھلندڙ زندگين کي خوبصورت زندگي گذارڻ جو سر چشمو ثابت ٿينديون. ڌڻي در دعا آهي ته سيما جي وجود جي مٽي مان احساسن جي خوشبو کي برقرار رکي ۽ خيالن جو خمير جديديت ۾ انقلاب برپا ڪري، پرودگار ازلي خوشيون نصيب ڪري ۽ قلم کي معاشري جي ناسور کي بي سور ڪرڻ ۾ مدد ڏئي. شال سدائين سچن جي صحبت ۾ رھي. شاد و آباد رھي.