ڪالم / مضمون

اڃايل خواب

ھي ڪتاب انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽيءَ جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي.
نوجوان ليکڪ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي پنهنجي قلم سان هن سماج جي عڪس کي چٽڻ لاءِ ڪالم ۽ مضمون لکيا آهن. سندس هن مجموعي ۾ موجود سڀئي ڪالم ۽ مضمون هن درد وندي ديس جي دانهن سان ٽمٽار آهن. سندس هر هڪ صدا، صدين جي صدا آهي. سندس هر هڪ سٽ ۽ لفظ اونداهي لاٽ ۾ واٽ مثل آهن. حفيظ ادب ۾ پير پائڻ سان تمام مختصر عرصي ۾ ادب جي اڙاهگن پيچرن کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ انهي سمجھ وسيلي سندس مطالعي ۾ جيتوڻيڪ واڌارو ٿيو آهي ۽ هن پنهنجي اُن واڌاري کي لفظن جو ويس پارائي ڪري توهان اسان آڏو پيش ڪيو آهي. هن نوجوان ليکڪ پنهنجي مطالعي هيٺ ايندڙ ڪتابن تي جيڪي ويچار توهان اسان سان ونڊيا آهن. اُهي به پڙهڻ لائق آهن.
Title Cover of book اڃايل خواب

مارئي ۽ ماروي

مارئي ۽ ماروي

سنڌ جي وجود ۾ جيڪا خوشبو رچيل آهي سا ڪنهن ڪنهن منجھ ئي پسي سگھجي ٿي. سنڌ ۾ رھندڙ سڀ سنڌي سنڌ آهن. سڀني جي من ۾ سنڌ جي مٽي جي خوشبو ٻھڪي ٿي. ان خوشبو جو واس ايترو ته رنڱيل آهي جو سنڌ ۾ رھندڙ ماروئڙن جي سوچن ۽ عملن ۾ ڏسي سگھجي ٿو. سنڌ ۾ ھر قسم جا ماڻھو رھن ٿا جيڪي نيڪ ۽ بد جي مجموعي سانچي ۾سانڍيل ملندا. مارئي جي اوائلي زماني ۾ به عمر جھڙا بدبودار وجود ھوندا ھا ته ھن زماني ۾ به سندس جا پوئلڳ موجود آهن. پر جنهن به وجود ۾ مارن جو ڏک، سک، محبت، پيڙاھ جون اندر مانڊاڻ مچيل رھي ٿو سا ئي مارئي جي ٻي روپ ۾ پسڻ ڪاڻ ملي سگهي ٿو. سنڌ جي ئي سچي، سپوت، سندر سوچن جي سون سان سلھاريل ڊاڪٽر ماروي پليجو به مارئي جھڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ھر وقت ڪوشان آهي. سنڌ صدين کان مختلف معاملن جي وڙ چڙھيل آهي سنڌ سھڻي جو نصيب به ان غريب عورت جيان آهي. جنهن جي شادي ٿيڻ کان پوءِ گھروارن سان گڏ چاچا ۽ ماما به حق جتلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سنڌ جي سينڌ کي ميرو ڪرڻ انھن جي اولين ترجيح ھوندي آهي. ڊاڪٽر ماروي ان بدڪردان ۽ بدگمانن وجودن لاء تلوار کان به تکي ثابت ٿيندي پئي اچي جيڪي غريب ۽ مسڪينن جي حقن تي ڌاڙي ھڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا.
ڊاڪٽر ماروي پليجو سماجي ڪارڪن ھجڻ سان گڏ سياسي ڪمن ۾ به اڳڀري رھي ٿي. ماروي پليجي جي سوچن ۾ سنڌ جي ھڪ ھڪ فرد جي اصلاح لاء من ۾ ھلچل متل آهي. پنهنجي ھڙان وڙان ڪري سماجي ڪمن ۽ غريبن جي ڀلائي خاطر وت وس آهر ھر ڪم خلوصيت ۽ ڪمال/ جمال سان نڀائيندي ٿي اچي. مارئي جي روح ۾ غريبن مسڪينن جو پيار ۽ خيال سانڍيل ھوندو ھو اھڙي طرح ڊاڪٽر ماوري پليجو جي سيني ۾ به غريبن مسڪينن جو سور سانڍيل آهي. انهن سان ٿيل ازلي ناانصافيون جن ۾ ڳوٺن ۾ بنيادي تعليم ۽ اسپتالون يا ٻيا سکيا جا مرڪز جيڪي ڪاغذن ۾ ته ملن ٿا پر حقيقت ۾ ڳوٺن جي سونهن بڻجڻ کان رھجي ويا. ان ئي سلسلي ۾ ٿر، ڪاڇو، ننگر، پارڪر، رتيديري ۽ سنڌ جي وستي وستي ۽ واھڻ واھڻ پنڌ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. ھن سنڌ جي سينڌ کي ميرو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ھر وقت عمل ۾ رھي ٿي. ڊاڪٽر ماروي پليجو جي شخصيت اڄ ان ملير جي مارئي جي سڪ لاھي ٿي جنهن وٽ ھر انسان لاء من ۾ محبت سانڍيل ھوندي ھئي.
جيتوڻيڪ ماروي پليجو پيشي طور ڊاڪٽر آهي ۽ پنهنجي زندگي ۾ مختلف خوشين ۽ آرام جي رنگن سان رنگين زندگي بسر ڪرڻ جي باوجود به ان ملير جي مارئي جيان عطر، عنبر پلاون ۽ شربتن، پٽ پٽيھرن ۽ بخمل بافتن کان پري ٿي ڪري مالڪ حقيقي جي فرض کي اولين ترجيح ڏئي انسانن جي خدمت ڪرڻ جي پاڪ ڪم ۾ جستجو ۽ جنگ جوٽيندي رھي ٿي. تازو ئي ايڊز (AIDs Acquired Immune Deficiency Syndrome) جي خطرناڪ ۽ موتمار بيمارين جي جاڳرتا مھم (awareness ) ۾ مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ننڍي پيماني تي پروگرام رکي کين بيماري بابت آگاھي ڏني. اھڙن انسانن لاءِ ئي شاھ لطيف جي ھي سٽ پنهنجي خوشبو سان ٻھڪندڙ ملي ٿي.

ملير ماڻيائون، حڪم ساڻ حبيب جي

سنڌ ۾ جيتوڻيڪ عورتن سان ھر ويساھ گھاتيون، انهن جي حقن کي لتاڙڻ جي ڪوشش ۽ حراسان ڪرڻ سان گڏ ڪارو ڪاري/ جبري زنا/ ننڍي عمر ۾ شادين جو ھڪ عام رواج بڻجي چڪو آهي. ان باوجود به پنهنجي مصروف زندگي مان ڊاڪٽر ماروي ماڻھن جي وچ ۾ انهن جي معصوم پڻي تي پنهنجي تجربن ۽ مشاھدن ذريعي طبعي يا وري ذھني جوش ۽ ولولي کي سھڻو بنائڻ ۾ ھر وقت مدد ڪندي رھي ٿي. اسان جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾اڄ ڏينهن تائين تعليم بھتر ناھي ٿي سگھي ڊاڪٽر ماروي انهن خاندانن سان تعليمي ھم آھنگي/ ڏيتي ليتي بطور ڊاڪٽر انهن جا ننڍي پيماني تي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ محنتون ۽ جفاڪشون ڪندي رھي ٿي. ڊاڪٽر ماروي جو ڪم ۽ مقصد نيڪ آهي. جنهن جي انتھا ان جي ابدي زندگي کي جنم ڏيڻ آهي سنڌ ھن وقت مجموعي مسئلن جي ور چڙھيل آهي ماروي پنهنجي ساٿين سميت " تتي ٿڌي ڪاھ ڪانھي ويل ويھڻ جي " لطيف جي ھن سٽ سان نڀائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. اسان جي سنڌ صدين کان نڌڻڪي ۽ سڪل رھي آهي. ماروي جي جمود ڀريل حوصلن ۽ بي باڪ ڪردار سنڌ کي نئون جنم ڏنو آهي.

ڊاڪٽر ماروي پليجو ھر وقت جھر/ جھنگ/ ٿر/ ڪاڇي ۽ ان وستي ۾ جتي منهنجا ماروئڙا شھزور رھن ٿا سا انهن کي حقيقتن کان واقف ڪرڻ جي عمل ۾ ڪوشان آهي. ڊاڪٽر ماروي پليجو حق ۽ سچ جي راھ تي جاکوڙي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ ھڪ بھتر انسان پڻ آهي. جنهن وٽ اخلاق ۽ سھڻي ڪردار جي سڀيتا جو اھڃاڻ ملي ٿو. شخصيت ۾ شاھ ۽ عملن ۾ مڪمل درسگاه جو وجود رکي ٿي. جنهن پنهنجن سنڌ جي ماڻھن سان بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي انهن جي خدمت ۾ مشغول آهي. جيڪا نه آنڌي نه مانڌي مان واقف آهي نه ئي رستي ۾ فٽي ڪيل رڪاوٽن جي ڪنڊن کان. ڊاڪٽر ماروي پليجو صرف ۽ صرف ان عشق مان واقف آهي جيڪو مخلوق خدا جي خدمتن ڪرڻ کان پوءِ حقيقي مالڪ جي ديدار لاءِ وانجھيل ھوندو آهي. اھڙا ڪردار ڪجهه صدين جي گذرڻ کان پوءِ ئي ملندا آهي. اڄ سنڌ سر سبز ۽ ان ۾ ساھ سمايل آهي جيستائين اھڙيون مارويون زنده آهن. پنهنجي سنڌ کي ترقي ڏيارڻ ۾ ھر وقت ڪوشان رھن ٿيون. ماروي جو ڪيل ڪم تاريخ جي سنھري ورقن ۾ لکيو ويندو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ عملي زندگي ۾ ڪيل ڪم ساڀ پوندو.