تاريخ، فلسفو ۽ سياست

عالمگيريت ۽ انسان

ھي ڪتاب نامياري محقق ۽ اديب ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو لکيل آھي. راز شر لکي ٿو:
”عالمگيريت ۽ انسان ڪتاب دراصل انسان جي زوال جي ڪھاڻي آهي. انسان جي چريائپ جي ڪھاڻي آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ پھرين بيماري جي سڃاڻپ ضروري آهي. جيڪو بيماري سمجهي وٺندو تہ سندس علاج ۾ سھوليت ٿي پوندي. تنھن ڪري هي ڪتاب جيڪي سنجيدہ ذهن هن سماج کي تبديل ڪرڻ چاهين ٿا انهن لاءِ مشعل راهہ آهي.
Title Cover of book عالمگيريت ۽ انسان

ڪرونا ۽ انساني زوال جي ڪهاڻي

وبائن کان به و ڌيڪ خطرناڪ اخلاقي زوال ٿيندو آهي، وبائون هجن، جنگ هجي، يا ڪو ٻيو فطري يا هٿرادو ايمرجنسي هجي، انسان پاڻ کي بچائڻ لاءِ جيڪي به اپاءُ و ٺندو آهي ان ۾ ڊسيپلين ۽ اخلاقيات لازمي آهي. نه ته سڀ اپاءُ بيڪار آهن. پر مسئلو اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو آهي ئي اخلاقي زوال جو. اسان جو قومي زوال ڪٿان شروع ٿئي ٿو انهيءَ جو سرو ڪٿان به نٿو ملي. ها البته مختلف رايا اسان جي سامهون اچن ٿا. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته جڏهن کان موبائل آئي آهي اسان جي سماج جا اخلاقي قدر ٽٽي ويا آهن. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اسان جي ملڪ ۾ جڏهن کان جمهوريت جو ڍونگ رچايو ويو آهي، سماج ۾ ڇڙواڳي پيدا ٿي پئي آهي. ڪن دانشورن جو خيال آهي ته ڇڙواڳي اخلاقي زوال مٿان کان هيٺ ايندي آهي، وڏيرا، بيروڪريسي، عسڪري قوتن پنهنجي مفادن خاطر ڪرپشن ايتري ڪئي آهي جو هاڻي سماج غير يقيني واري صورتحال ۾ پستي ڏانهن هليو ويو آهي. هڪ ٻيو به رايو آهي ته سرمائيدار پنهنجي پيداوار وڪڻڻ لاءِ بد اخلاقي ۽ ڇڙواڳي ڦهلائي آهي. تنهن ڪري اخلاقي پستي صرف ايشيا ۾ ناهي پر سڄي دنيا ۾ آهي.
اخلاقي زوال جو بنياد صرف ايترو آهي ته انسان وٽ رشتن جو احترام ختم ٿي ويو،ايمانداري ختم ٿي ويئي آهي، حياءُ، ضمير، پيار مارڪيت جو وکر بنجي ويو. انسان شيطانيت جون سڀ حدون پار ڪري ويو.
سڀني راين کي پنهنجو وزن آهي. سڀ رايا ڪنهن حد تائين درست آهن، جو اسان جو ملڪ وسيلن مان مالامال آهي. آمدني تمام گهڻي آهي. بجٽ به گهڻي آهي، پر ڪرپشن جي نظر سڀ ڪجهه ٿيو وڃي. وڏيرن جمهوريت جي نالي ۾ طاقت ور ٿي سنڌ کي تباهه و برباد ڪري ڇڏيو. هاڻي اهڙي صورتحال ۾ خطرناڪ وبا آئي آهي. ڇو ته وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ صرف ڊسيپلين، اخلاقيات ۽ احتياط کپي، پر بدقسمتي سان اسان وٽ ڪجهه به ناهي.
غير تصديق شده خبرن موجب تافتان تان زائرين کي نه روڪيو ويو، جو اتان جي خاص ماڻهن في ماڻهو کان ڏهه هزار وٺي ڇڏي ڏنو.اڄ به چيو وڃي ٿو ته غير قانوني طرح ماڻهو اتان اچن پيا. اتي قرنطينه ڪونه ٺاهي ويئي. حالانڪ ڪو ڏکيو ڪم نه هو. سڀ ساز سامان اتي پهچائي هر قسم جو بندوبست ڪري سگهجي پيو. اسان جنگين ۾ به ته ائين رڻ پٽن ۾ فوجي ساز سامان پهچائيندا آهيون. ته هتي ائين ڇو نه ٿيو؟ ايران مان زائرين کان علاوه سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو پاڪستان ۾ ايندا ويندا رهيا. ڪنهن کي چيڪ نه ڪيو ويو. جڏهن ته دنيا کي خبر هئي ته مصبيت اچي پيئي.
ان کان پوءِ تبليغي جماعت جا اڍائي لک ماڻهو رائيونڊ ۾ جمع هئا. حڪومت بي خبر ستي پئي هئي. جڏهن اهي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتا ته انهن تباهي مچائي ڇڏي. اسان اهڙن تبليغين کي ڏٺو جيڪي ماڻهن سان ڀاڪر پائي ملندا رهيا. کين تنبهيه ڪندا رهيا ته ماسڪ نه پايو. الله تي ايمان ناهي ڇا؟ موت کان ڊڄو ٿا ڇا؟ مطلب طالبان وارو ساڳيو رويو ته مرو ته جنت توهان جو انتظار پيئي ڪري.
سنڌ حڪومت به انهيءَ مسئلي اڳيان بي وس نظر آئي ڇو ته تبليغي جماعت اسان جي ملڪ جي شهه رڳ آهي.. انهن کي توهان ڪجهه به نٿا ڪري سگهو. توهان ڏٺو ته سعودي عرب به ڪعبو بند ڪري ڇڏيو، مسجدون بند ڪري ڇڏيون پر پاڪستان ۾ اها جرعت به ڪانه ٿي سگهي ته جمع نماز کي روڪي سگهي. بلڪ ستم ظريفي وري مٿان اها ته هڪ خاص ٽي وي چئنل تي دجال، امام مهدي، قيامت، آخري دور جون نشانيون وغيره جو روز بحث ٿئي ٿو. ماڻهن کي روز ڊيڄاريو وڃي ٿو. هونءَ به اسان جي ٽي وي چئنلن تي ڪو علمي، ادبي سائنسي بحث ته ٿيندو ڪونهي، ڪڏهن جنن جي موجودگي کي ثابت ڪرڻ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پروگرام هلندو ته ڪڏهن سياسي يخي پيئي هلندي. ڳالهه اها ناهي ته مذهب کان انڪار آهي پر مذهب جو صحيح ۽ درست پهلو استعمال ڪرڻ بجاءِ جهالت کي ڦهلايو وڃي ٿو.
اسان وٽ ڪرونا جي اچڻ کي مهينو ٿيو آهي هڪ مريض مان اسان 2500تي پهچي ويا آهيون، عمران خان چوي ٿو اهو تعداد لکن ۾ به ٿي سگهي ٿو. ملڪ ۾ لاڪ ڊائون لڳل آهي. لاڪ ڊائون کان پوءِ جي صورتحال اها آهي ته بازاريون بند ڪيون ويون آهن، مزدورن کي سندن ڏيهاڙي ملڻ بند ٿي ويئي. ڪارخانا بند ڪيا ويا. زندگي جو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو. سڀ گهرن ۾ قيد ٿي ويا. هاڻي لاڪ ڊائون جا نتيجا اچڻ شروع ٿيا آهن، ته وائرس ته ڪنٽرول نه ٿيو پر ماڻهو بک مرڻ لڳا، ڏوهاري سرگرم ٿي ويا. ڌندوڙي ماڻهو جن جو روزگار امداد وٺڻ ۽ وڪڻي پئسا ڪمائڻ آهي اهي سرگرم ٿي ويا.اصل سفيد پوش ماڻهو جيڪي نه گهري سگهن نه وٺي سگهن بک مرڻ لڳا. هونءَ به زندگي جو وهنوار ڪيترا ڏينهن روڪي سگهجي ٿوخوف ۾ عوام ڪيترا ڏينهن گذاري سگهي ٿو.
زندگي جو وهنوار روڪڻ ۽ ماڻهن کي گهر ۾ ويهارڻ سان جيڪي، نفسياتي مسئلا پيدا ٿيندا، معاشي ۽ سماجي مسئلا پيدا ٿيندا اهي سالن تائين هلندا.
حڪومت ڪي ٺوس قدم کڻي نه سگهي آهي. نه ڊاڪٽرن کي حفاظتي سامان مهيا ڪيو ويو آهي نه اسپتالن ۾ ٽيسٽ ڪرڻ جون ڪٽس موجود آهن، صورتحال اها آهي ته عام مريض جيڪي ڪرونا جا متاثر ناهن انهن جو علاج به بند ٿي ويو آهي. ماڻهو اسپتالن ۾ ويندي ڊڄن ٿا.
صورتحال اها آهي ته ڪو ماڻهو همدردي تحت پنهنجي طرفان امداد ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهو ڦرجي وڃِي ٿو. يا وري پنهنجي حفاظت به وڃائي ويهي ٿو. ڇو ته اسان جي ماڻهن کي 2010ع جي ٻوڏ دوران امداد ڏيڻ لاءِ اين جي اوز ميدان تي لٿيون هيو. جن ماڻهن کي تمام گهڻو سامان ڏنو، ماڻهو انهي امداد وٺڻ کي ڌنڌو بنائي ويهي رهيا. عوام پنڻ تي هري ويئي. بلڪ گهڻن ماڻهن کي اسان خوشي ملهائيندي ڏٺو ته واه مولا واه جو موقعو آيو آهي مال ڪمائڻ جو. اها اخلاقي زوال جي ڪهاڻي سنڌ ۾ انهيءَ ڪري وڌي ته روزگار جا موقعا ڌارين کي ملن ٿا، سنڌي ماڻهو کي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ ڪابه نوڪري نٿي ملي، سرڪاري نوڪرين جا موقعا صرف رشوت جي عيوض يا وڏيرن جي خانداني ماڻهن کي ملن ٿا. عام ماڻهو مزدوري ڪري ٿو، يا ڳنڍي ڇوڙي ڪري ٿو. توهان ٿورو غور ڪندا ته عوام جي اها نفسيات بلڪل حڪمرانن وانگر ئي آهي جيڪي هر موقعي ته غير ملڪي امداد گهرندا رهندا آهن يا وري قرضن تي زور هوندو اٿن عوام به اهڙي ئي نفسيات جي شڪار آهي.
ڪرونا وبا جو ٻيو پهلو واپاري آهي، هڪ طرف ماڻهو مري رهيا آهن ته ٻي طرف ڪرونا تي واپار شروع ٿي ويو آهي. ڪرونا جون جعلي ڪٽس، ڪرونا جو جعلي علاج، ٽوڻا ڦيڻا، امداد گڏ ڪرڻ، ماسڪ ۽ سينيٽائيزر بليڪ تي وڪرو ڪرڻ، اسپتالن جو ڌنڌو، بليڪ مارڪٽنگ، وغيره واپار شروع ٿي ويو، ٻي طرف ادب ۾ شاعري، ڪهاڻيون، ڪارٽون، وڊيو ڪلپ، روزانه نيون اچن پيون،
ساڳي وقت ڪرونا وائرس جي وبا جو هڪ ٻيو اهم پيغام اهو به آهي ته اي انسان تنهنجو غرور تڪبر، مادي هوس، تنهنجو ٻل، تنهنجو واپار، تنهنجي ٺڳي، تنهنجا محل، تنهنجي ترقي جي هن ڌرتي کي ضرورت ناهي، نه وري اهي سڀ شيون توکي ڪم اچي سگهن ٿيون. ڇو ته تنهنجي ترقي هن ڌرتي جي ماحول کي تباهه و برباد ڪري ڇڏيو آهي. ٻي جنهگلي جيوت لاءِ آزار پيدا ڪري ڇڏيو آهي، تو ٻيلا وڍائي ڇڏيا، باغ باغيچا ختم ڪري ڇڏيا، فطرت جي جڳهه تي گٽرَ، زهريليون گيسون، پلازاه، دونهن، قتل غارت، ڇا اهڙو انسان ڌرتي کي کپي؟ اهو سوچڻ جو مقام آهي ته ظاهري طور اسان مذهبي آهيون، اسان اشرف المخلوقات آهيون، پر اسان جو ڪم نفرت ڪرڻ آهي، تفرقا ڦهلائڻ آهي، ڌرتي تي جتي گلن جي خوشبو هئي اتي اسان بارود جي بوءِ کي ڦهلائي ڇڏيو. اسان اربين رپيا صرف هٿيارن تي خرچ ڪيا، ٻي طرف انسان بک، بيمارين ۾ مري رهيو آهي. ڪرونا جو پيغام اهو به آهي ته انسان هيءَ آخري وارنگ اٿئي. نه ته پنهنجو نسل به بچائي نه سگهندي.
توهان ٿورو غور ڪريو لاڪ ڊائون ٿيل دنيا ڪيترو گدلاڻ کان پاڪ ٿي پيئي آهي. اووزون جو تهه ڀرجي رهيو آهي، آسمان اوچتو نيري رنگ جو ۽ صاف ٿي پيو آهي، صبح جو پکين جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. صبح جي پهر ۾ ٿڌڙي هوا لڳي ٿي. دوڙ مٽي دز گهر ۾ گهٽ اچي ٿي. رات جو جتي دير تائين موٽر سائيڪل جا رانڀاٽ ٻڌبا هئا اتي سڪون لڳو پيو آهي. دراصل اها ئي اهم ڳالهه آهي ته انسان فطرت سان ڇا ڪيو آهي؟
هي وبا دراصل انسان جي زوال جي ڪهاڻي آهي.