وبا جي ڏينهن ۾ نفسياتي مسئلا
تاريخ ۾ ته بيشمار بحران آيا، وبائون، جنگيون، انقلاب، وغيره جن انساني نفسيات تي ڪيترائي اثر وڌا، پر اسان جي نسل اهڙي تبديلي نه ڏٺي نه ڪو اهڙو سماجي بحران ڏٺو، پهرين جنگ عظيم ۾ چار ڪروڙ وري ٻي جنگ عظيم ۾ جڏهن پنج ڪروڙ سٺ لک ماڻهو مارجي ويا هئا ته ان وقت ماڻهو جي نفسيات تي اهڙا خطرناڪ اثر پيا جو گهڻا ماڻهو خودڪشي ڪرڻ لڳا. ڪيترن پنهنجا وطن، پنهنجا رشتا ئي وساري ڇڏيا جتي هئا اتي ئي گم سم رهڻ لڳا، ڪن ته علاج ڪرائڻ ڇڏي ڏنو. ڪي وري هٿيار کڻي وڙهندا رهيا جيتوڻيڪ جنگ بند ٿي ويئي هئي.لاشن جا ڍير جتي ڪٿي ڏسي انسان جا حواس خطا ٿي ويا، ڪي مڪمل چريا ٿي ويا ڪي خطرناڪ ڊپريشن جو شڪار ٿي ويا.
اهڙي طرح جڏهن دنيا ۾ 1350ع ۾ جڏهن طائون جي وبا ڦهلي هئي ته اڍائي ڪروڙ ماڻهو مارجي ويا هئا وري 1631ع ۾ طائون جي وبا ڦهلي هئي ته ڪروڙين ماڻهو مري ويا،1908 ع ۾ وري اها وبا ڦهلي هئي دنيا ۾ انهيءَ وبا کي ”ڪارو موت “ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي.ان وقت به ماڻهو خوف ۽ ڊپ ۾ وٺجي وياهئا. موت جا لامارا ماڻهن جي نفسيات کي تباه ڪري ڇڏيو هر طرف ڊپريشن ڦهلجي ويو. اهڙي طرح زندگي آهستي آهستي پنهنجي روز واري وهنوار تي اچي ويئي.
هر دور جو نه صرف سماجي، معاشي، فڪري، جنگي، اخلاقي نظام، الڳ الڳ هوندو آهي پر بيماريون به الڳ الڳ هونديون آهن، جديد دور جو سماجي، معاشي، فڪري نظام الڳ هو ته جنگ وڙهڻ جو طريقو به الڳ هو ته بيماريون به الڳ هيون. پر جديديت پڄاڻان دور جي نظام سان گڏ بيماريون به الڳ ظاهر ٿيون آهن. مثال فيوڊل دور ۾ ڪالرا، مليريا، ماتا، ريبيز، ٽي بي خطرناڪ بيماريون هيون، سرمائيدار دور جي بيمارين ۾ فيوڊل دور جي بيمارين سان گڏ نيون بيماريون مثال ڪيئنسر، دل جون بيماريون، ٿولهه، گردن جون بيماريون، وغيره هيون بلڪل اهڙي طرح جديد پڄاڻان دور ۾ پراڻين بيمارين سان گڏ ڪجهه نيون بيماريون به ظاهر ٿي رهيون آهن جن ۾ خطرناڪ وائرس وبا جو ظاهر ٿيڻ سان گڏ اڃا خبرناهي ته ڇا ٿئي؟.
جديديت پڄاڻان جي دور ۾ گلوبل ڊڪٽيٽرشپ، مارڪيٽ جي وکر بنجي ويل انسان جي نفسيات به ائين ئي تبديل ٿيڻ لڳي. منجهيل، غير تصديق شده معلومات، انسان جي نفسيات تي اهڙا اثر وجهي ڇڏيا جو ماڻهو وائڙا ٿي ويا. سمجهه ۾ ڪنهن کي ڪجهه نٿي آيو. وري اوچتو وبا شروع ٿي ويئي. ڪنهن جي تصور ۾ به نه هو ته ٽيئن عالمي جنگ گلوبل دنيا کي هڪ وائرس سان وڙهڻي پوندي. دنيا اوچتو بدلجي ويئي. سڄي دنيا جا ماهر، سائنسدان، سياست دان ، عام ماڻهو وائڙا ٿي ويا. نه ته ڪنهن کي هن وائرس جي ڪا خبر آهي نه علاج آهي. لکين ماڻهو بيماري ۾ وٺجي ويا. هيتري ترقي ڪيل گلوبل دنيا، مريخ تي تحقيق ڪرڻ واري دنيا، ائٽمي هٿيار ٺاهيندڙ دنيا، هڪ اڱر جي ڇهاءُ سان هزارين ميل پري ڳنڍجندڙ دنيا وائڙي ٿي ويئي. ڪنهن وٽ ڪوبه اپاءُ نه رهيو سواءِ ان جي ته هر ماڻهو گهر ۾ قيد ٿي ويئي رهيو. هر ماڻهو جو ڪار وهنوار ٺپ ٿي ويئي. ڪارخانه بند، آفيسون بند، دنيا جو واپار بند، انساني سرگرميون بند ٿي ويون.
جيڪو ماڻهو بقول ايرڪ فراهم جي ته صبح اٺ کان چار پي ايم هو. سامان خريد ڪري زندگي جي واهيات پڻي مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. جنسي آلودگي جو شڪار انسان سڄي زندگي جي تسڪين سيڪس ۾ ٿي ڳولي. سندس آئيڊيل ڪو ڊپارٽمينٽل اسٽور هو.اهو انسان هڪ دم بيوس ۽ لاچار ٿي، سڀ ڪجهه ڇڏي جان بچائڻ ۾ پورو آهي. سماج سڪڙجي گهر تائين محدود ٿي پيو. انسان جي زندگي جو هڪ واهيات پڻي جو خال وري ظاهر ٿي پيو. بي مقصد، ۽ بي رنگ زندگي، جنهن ۾ ڪو به مقصد يا ڪو سواد نه رهيو.
اڳ ته صبح جو اٿڻ سان شهرن جي ٽرئفڪ جام ٿي ويندي هئي آفيسن جا در کلي ويندا هئا. ڪارخانن مان سامانن جون ٽرڪون نڪرڻ لڳنديون هيون. رشوت جي بازار گرم ٿي ويندي هئي. سازشون، چاپلوسيون، سياستون، سڀ سرگرم هونديون هيون. اتي اڄ ڪاري وارا ڪک آهن. هر شيءَ مٽي ۾ لٽجندي ٿي وڃي. انسان جو ڪو شيڊول نه رهيو وڻيس ته سمهي رهي وڻيس ته ٽي وي ڏسي، وڻيس ته ماني کائي. پر ڪلاڪ کن ٽي وي ڏسڻ يا سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواه ٻڌڻ کان پوءِ کيس پگهر اچڻ لڳن ٿا. کيس لڳي ٿو ڪرونا جون علامتون ظاهر ٿي رهيون آهن. بدحواسي ۾ هٿ ڌوئڻ شروع ڪري ٿو، گرم پاڻي پئي ٿو. پنهنجي گهر جي ڀاتين کان به خوفزده ٿيڻ لڳي ٿو. سڀ شڪي رهن ٿا، هڪ ٻئي کان پري رهن ٿا. ماڻهو جي اها حالت اسان جي دور جي انوکي حالت آهي جيڪا ڪڏهن به اڳ نه ٿي، جو اوچتو سڀ هڪٻي لاءِ اڇوت ٿي پيا آهن.
مسلسل لاڪ ڊائون جي ڪري ڪي روزگار ختم ٿي وڃڻ جو عذاب سهن ٿا. ڪي وري ڌنڌي ۾ نقصان ٿي وڃڻ جو سوچين ٿا، ڪي نوڪري تي وڃي نٿا سگهن. لڳي ٿو هفتي جا ست ئي ڏينهن اوچتو گم ٿي ويا آهن، ڏينهن ڳڻڻ وسري ويا آهن، جيڪي آچر کي رحمت سمجهندا هئا تن لاءِ زندگي آچر جي موڪل بنجي ويئي آهي. هاڻي وقت رڪجي ويو آهي. لڳي ٿو هڪ مهينو صدين جو ٿي پيو آهي.
دنيا ۾ هونءَ به نفسياتي مرض تيزي سان پيدا ٿي رهيا آهن. هر ماڻهو کي مقابلي بازي جي واهيات چڪر ۾ مونجهايو ويو آهي. ڪٿي مَ سهپ آهي، ڪٿي هٻڇ آهي، ڪٿي هرص آهي، پر سڪون ڪونهي، ايتري قدر جو مذهب جتي ماڻهو سڪون ڳوليندو هو. ان کي به ماڻهن ڪاروبار ٺاهي ڇڏيو آهي. ان ڪري روحاني قدر ختم ٿي وڃڻ ڪري انسان ڊپريشن جو شڪار ٿي پيو آهي پاڪستان ۾ هر سال هزارين ماڻهو نفسياتي مرضن ۾ وٺجي وڃن ٿا. ميديڪل اسٽورن تان سڀ کان وڌيڪ دوا سڪون جي کپي ٿي. هاڻي سوچيو ته ڪرونا وائرس زندگي جو ڦيٿو ابتو گهمائي ڇڏيو. هاڻي ائين لڳي ٿو. جو ڄڻ گهٽي ۾ ٻرندڙ بلب کي ڪنهن اوچتو پٿر وهائي ڪڍيو هجي. اوچتو اونداهي ٻاٽ ٿي ويئي هجي.
اڄ جو دور بوريت جو آهي، خالي پڻي جو آهي، بي سود ٿي وڃڻ جو آهي،اڪيلو ٿي وڃڻ جو آهي، انهيءَ ڪري آدم بو آدم بو لڳي پيئي آهي. رات جو دير سان سمهڻ، صبح دير سان اٿڻ، مسلسل سستي، خوف جي ڪري جسم کي آڪسيجن گهٽ ملي ٿي. ان ڪري ڊپريشن وڌي ٿو. ڪي ماڻهو ڪتاب پڙهن ٿا، ڪي فلمون ڏسن ٿا. اڪثر نوجوان انٽرنيٽ تي رات ڏينهن ويٺا آهن. ٿي سگهي ٿو ته سماج ۾ ڏوهه وڌن، ماڻهن ۾ ويڳاڻپ وڌي، سماج ۾ انارڪي پيدا ٿئي. افراتفري پيدا ٿئي، يا خانه جنگي پيدا ٿئي. ڪجهه به ممڪن آهن، ڇو ته جڏهن سماج چريا ٿيندا آهن ته نتيجا ڏاڍا خوفناڪ نڪرندا آهن.انهيءَ ڪري اهڙي ڊپريشن کي منهن ڏجي ته ڪيئن ڏجي؟خبر ناهي ته ڪيترا ڏينهن لاڪ ڊائون هلي، ڪيترا ڏينهن وبا هلي. ماڻهو غير يقيني واري ڪيفيت ۾ ڪيترا ڏينهن رهندا. واندڪائي جي بيماري خطرناڪ بيماري آهي.
ڪجهه ماڻهو مذهب ۾ پناهه وٺي رهيا آهن، ڪي ماڻهو وهم وسوسن ۾ گهيرجي ويا آهن. انهيءَ ڪري وبا جي ڏينهن ۾ پاڻ کي صبر ۽ ٿانيڪو رکڻ ئي اڄ جي دور جو اهم چئلينج آهي.
سڀ کان پهرين اها ڳالهه ذهن ۾ رکي ڇڏيو ته ڪرونا وائرس جي باري ۾ جيڪي توهان کي ڄاڻڻو هو توهان ڄاڻي چڪا آيو. توهان سائنسدان نه آيو جو ڪرونا تي ريسرچ ڪريو.
ميڊيا گهٽ ۾ گهٽ استعمال ڪريو. ٽي وي تي بريڪنگ نيوز ۽ سنسني خيز خبرن کان پاڻ کي آجو ڪري وٺو.
صبح جو سوير اٿو. تازي هوا ۾ واڪ ڪريو. ٻاهر نٿا نڪري سگهو ته گهر ۾ هلڪي ورزش ڪريو.
گهر جو ضروري سودو احتياط سان وٺي اچو. گهر ۾ ٻارن سان وقت گذاريو. نيون رانديون ٻارن کي سيکاريو. پنهنجي ننڍپڻ جو ڳالهايون، يادون گهر وارن سان شيئر ڪريو.
دنيا جا بهترين ڪتاب پڙهو. جي پڙهي نٿا سگهو ته يوٽيوب تي دنيا جا بهترين ليڪچر ويهي ٻڌو. اخبار ۾ سٺا مضمون پڙهو. نيٽ تي سٺا ڪتاب پڙهو.
باقي ايترو يا رکو ته رويي ۾ مثبت ٿيو، پنهنجن دوستن سان موبائل جي ذريعي ڪچهريون ڪريون حال احوال وٺو،
ڪنهن به جڳهه تي جذباتي نه ٿجو، هر بيماري ڪرونا ناهي نه وري ڪرونا ۾ ماڻهو لازمي مري وڃي تنهن ڪري صبر سان منهن ڏيڻ ضروري آهي.
افواهن کان بچي رهو، ڌنڌوڙين کان بچي رهو. دنيا ۾ مصيبتون اينديون آهن، پر وقت گذري ويندو آهي،
دنيا وري اها ئي رهندي آهي، دنيا ۾ ڪيترا اهڙا دور آيا، ڪڏهن جنگيون ٿيون، حملا ٿيا، توهان ٿورو غور ڪريو دنيا ۾ ڪيتريون بيماريون هيون پر انهيءَ سڀني جو حل سائنس ڳولي لڌو
هر دور جا پنهنجا چئلينج آهن، پر انسان ڏاڍو آهي، انسان پنهنجي جيون جو حل پاڻ ڪڍي وٺندو آهي.