غير سائنسي ۽ غير منطقي رويا ۽ سائنس مان اميدون
بلڪل اها ڳالهه اهم آهي پر اها ڳالهه رڳو پاڪستان سان نه پر دنيا سان لاڳو آهي ته اسان جا سائنسدان ڇا پيا ڪن؟.
اسان جي دنيا جا سائنسدان آزاد ناهن، اهي صرف مارڪيٽ جي رحم ڪرم تي آهن، سرمائيدار ان سائنسدان کي هٿي ڏي ٿو اڳيان اڀاري ٿو جيڪو ڪا اهڙي شيِءَ ٺاهي جيڪا دنيا ۾ سرمايو ڪمائي ڏي. اهو به جلدي جلدي مقابلي ۾. ان کان پوءِ دنيا جي سائنسدانن کي جنگي ساز سامان ٺاهڻ جي پٺيان لڳايو ويو آهي. جيڪو به جنگي هٿيار وڌيڪ موت مار ٺاهيندو انهي سائنسدان کي اهميت هوندي ۽ اهو ملڪ اڳيان ويندو. دنيا ۾ ميڊيڪل سائنس جي پٺيان بجٽ تمام گهٽ خرچ ڪئي ويندي آهي. جڏهن کان گلوبل دور آيو آهي، جديديت پڄاڻان جي صورتحال پيدا ٿي آهي ته دنيا هائپر رئلٽي جي بنياد تي هلي ٿي. اصل کي ڇڏيو صرف نقل کي وٺو. دنيا ۾ عالمي طور هر مهيني ۾ تمام وڏيون ڪانفرنسون ٿينديون آهن. جن جو مقصد صرف ڏيکاءُ پرستي، دولت ڪمائڻ ۽ علمي گلئمر پيدا ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي. ڪيترن ئي ڪانفرنسن ۾ هر سال لکين تحقيقي پيپر پڙهيا ويندا آهن، پر اهي صرف ثقافت کاتي جي ميلي وانگر شو شو، فوٽو سيشن، ميل ميلاپ، پيدا گيري ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به نه هونديون آهن. ها البته گلوبل دنيا جي انهيءَ روش سان ماڻهو نوان ملڪ گهميو اچن، نون ماڻهن سان مليو اچن. تفريح ٿيو وڃي. باقي الله الله خير سلا. يونيورسٽيون نه ته سائنس ۾ ڪجهه ڪري سگهيون آهن نه وري سوشل سائنس ۾. امريڪا هجي يا چائنا هنن جي صرف مارڪيٽ تي نظر آهي ته اهڙيون شيون ٺهن جيڪي دنيا مان وڌ ۾ وڌ سرمايو ڪمائين.
پاڪستان جي صورتحال لاءِ آئون چوندس ته ڪانو هليو هنج جي چال ته پنهنجي به وساري ويٺو. اسان وٽ يو جي سي ختم ڪري ايڇ اي سي ٺهي جنهن جو مطلب هو ته يونيورسٽين کي مرڪزي نظام تحت هڪ ئي حڪم تي هلائجي. در حقيقت اهو يونيورسٽي جي بنيادي اصول جي خلاف آهي. پر جلدي پاڪستان ۾ نجي يونيوسٽين جو ڄار وڇايو ويو. هڪ بلڊنگ ۾ هڪ يونيورسٽي، آچر پئڪيج، رمضان پئڪيج، آن لائن پئڪيج وغيره فيس لکين رپيا. ڊگريون وٺو سيل جاري آهي. اهڙي طرح ڪانفرنسون روز ڪروڙين رپيا خرچ هزارين تحيقي پيپر پڙهيا وڃن ٿا. ڪيترائي تحقيق جرنل نڪرن ٿا. پر توهان ڏٺو ته ته صرف ونڊ ورڇ،جمع خرچ پاڇي زيرو، سماج کي ڪجهه به نٿو ملي، سماج ۾ تبديل ڪجهه به نٿي اچي. انهيءَ ڪري ته سماج جون واڳون واپاري ماڻهن وٽ آهن. سماج کي ملٽي نيشنل ڪمپنيون ٿيون هلائن. دنيا جون واپاري مافيائون هلائن ٿيون. ڪرپٽ سياستدان هلائن ٿا، عسڪري مفاد هلائن ٿا. سماج کي يونيورسٽين سان ڪوبه سروڪار ناهي.
اسان وٽ سائنس کي، علم کي ۽ منطَق کي سماج کان ڌار ڪرڻ جي پٺيان ڪجهه ڳجها مفاد هئا. خاص طور سان ضيا شاهي جي دور ۾ جڏهن آمريڪا بادشاه پاڪستان کي سوويت يونين خلاف جنگ جو پليٽ فارم بنائڻ ٿي چاهيو، شروعات ڀٽي صاحب کي هٽائڻ لاءِ نون تارن جي اسلامي اتحاد جي ڊالر تحريڪ سان شروع ٿي. پوءِ ضيا شاهي جي دور ۾ مذهب کي هٿيار ٺاهيو ويو. پاڪستان ۾ ڪيترائي مدرسا قائم ڪيا ويا. ڪيترائي فرقا قائم ڪيا ويا. جن لاءِ اربين ڊالر بجٽ ايندي هئي. بقول نديم پراچه جي ته ضيا شاهي جي دور ۾ اسلامي سائنس ريسرچ ڪاميٽي ٺاهي ويئي هئي. جنهن جي هڪ دفعو پاڪستان ۾ وڏي ڪانفرنس ٿي هئي. جنهن ۾ دنيا جي نامور اسلامي اسڪالرن شرڪت ڪئي هئي. هن ڪانفرنس جو مقصد صرف اهو هو ته جنن مان انرجي ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿي. يا جنت ۾ وقت جي رفتار ڪيتري آهي.
ان کان پوءِ يونيورسٽين ۾ وقت به وقت جيڪڏهن ڪنهن انفرادي ڪوشش سان ڪا شيءَ ايجاد ڪئي ٿي يا ڪا تحقيق ڪئي ٿي ته ان کي دل شڪسته ڪري ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. توهان ڏٺو ملڪ جا اهم سائنسدان، ڊاڪٽر، انجنئير ۽ سماجي سائنسدان ملڪ ڇڏي هليا ويا. اهي ٻين ملڪن ۾ ته خدمتون انجام ڏين ٿا پر هن ملڪ کين قبول نه ڪيو. پاڪستان کي ڪو به فخر ناهي ته ڊاڪٽر عبدالسلام کي فزڪس ۾ نوبل انعام مليو. ضيا شاهي جي دور ۾ علم، ادب، سائنس ۽ فلسفو پڙهڻ وارن کي جيل ياتري ڪرڻي پوندي هئي. سياست صرف اسلامي نطرياتي ڪائونسل واري درست هئي. حڪومت صرف مجلس شورا واري هلندي هئي.
هاڻي ٻڌايو ته فواد چوڌري چوي ٿو. اسان جي ملڪ جون يونيورسٽيون ڪجهه نه ڪري سگهيون آهن ڇو؟ توهان ته منيب رحمان مان جند ڪونه ڇڏيائي سگهيا آهيو. جيڪو رياست کان ڏاڍو آهي. اسان جي ملڪ جي سليبس ۾ سائنسي رويو ناهي، اسان جي پرائمري ۾ هر سبجيڪٽ ۾ اسلامي تاريخ يا معجزه ڪرامتون موجود آهن. ته اهڙي قوم جنهن جو بنياد فرقي پرستي تي هجي. جيڪا وسوسن ۾ گهيريل هجي. جيڪا معجزن يا ڪرامتن جو انتظار ڪندي هجي. ان مان اوچتو سائنسي رويي جي اميد ڪيئن رکي سگهو ٿا؟
هي اها قوم آهي جيڪا توها ن ٺاهي آهي. جيڪا پيرن، مرشدن، مذهبي پيشوائن جي عقيدت ۾ گل نڇاور ڪري کين سجدو ڪري ٿو. هي اها قوم آهي جيڪا گادي نشينن کي ووٽ ڏيئي سندن هٿ چمي ٿي. هي اها قوم آهي جنهن جا بيمار اسپتالن ۾ گهٽ مزارن ۾ وڌيڪ ملندا. هن قوم کي رشوت، بدديانتي، بي ايماني، ڪرپشن، لالچ، حوس، هٻڇ مذهب جي نالي ۾ سيکاري ويئي.
اڄ توهان هڪدم پاڪستان جي يونيورسٽين مان اها اميد رکو ٿا ته ڪرونا وئرس جو علاج ڳولي ڏي.
اهو ممڪن ئي ڪونهي. دنيا جيڪڏهن واپاري مقصدن، ڪمائي وارن ٽڪساٽن جي پٺيان علمي، سائنسي رويي کي گم نه ڪري ها ته شايد اڄ ڪرونا وائرس جو علاج جلدي ملي وڃي ها.