مذهب ۽ سائنس وچم ڦاٿل ڪرونا وائرس
ڪرونا وائرس دنيا ۾ جيڪا اٿل پٿل آندي آهي ان ۾ تيزي سان مذهبي ۽ سائنسي بيانه تبديل ٿي رهيا آهن. واپاري دنيا ۽ عالمي سامراجي پاليسين جو منطقي نتيجو اهو ئي نڪري سگهي ٿو ته دنيا وڏن بحرانن کي منهن ڏيندي. اڃا ته صرف شروعات ٿي آهي.
اسان وٽ سنڌ ۾ جتي ماڻهو زٽ هڻڻ تي هريل آهن، غلط معلومات ڦهلائڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن صرف انهيءَ ڪري ته اسان جو سماج زوال پذير اهي، هتي ڪابه معلومات جي تصديق ڪرڻ ضروري نه سمجهي ويندي آهي. روزانو لکين مئسيج فارورڊ ڪيا ويندا آهن، جن جو صحيح هئڻ جو ڪو به شرط ناهي.
اسان جي قوم جو ڪجهه حصو واندو آهي وٽس سوشل ميڊيا جي استعمال جي بيماري بري طرح لڳل آهي. اسان جي دانشوري به سوشل ميڊيا، اسان جو ادب به اتي، اسان جون دشمنيون به اتي ته دوستيون به اتي،
پر هڪ ڏاڍو اهم رجحان گذريل ڪجهه سالن کان ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اسان جي دانشور ۽ اديب جي توپن جو رخ جيڪو رياستي جبر خلاف هو هاڻي اهو پنهنجي ئي برادري جي خلاف آهي. انهيءَ ڪري ته اسان جو اديب ۽ دانشور هاڻي رياستي ڪيڪ کائڻ لاءِ واجهائي ٿو. هر ڪو چاهي ٿو ته رياستي مراعتون حاصل ڪري انهي کان پوءِ ادبي سنگت هجي يا فيس بڪ هجي هڪ ٻئي تي لٺين جو زيپٽ لڳو پيو آهي. هاڻي هر ڪوئي شينهن آهي، هر ڪوئي ليڊر آهي. هر ڪوئي دانشور آهي تنهن ڪري ڪير ڪنهن کي تسليم ئي نٿو ڪري. انهي ڪري ڪرونا جي اچڻ کان پوءِ هڪ طرف نام نهاد سائنسي سوچ رکندڙ آهن جيڪي مذهب تي چٿرون پيا ڪن ته ٻي طرف نام نهاد مذهبي ماڻهو آهي جيڪي سائنس تي مسخريون پيا ڪن.
اصل ۾ ٻئي اڻ ڄاڻ آهن. ٻنهي جو علم اڃا ناقص آهي. ڪائنات کي مڪمل نه اڃا سائنس سمجهي سگهي آهي نه وري مذهب. جيڪو خدا کي نٿو مڃي ۽ جيڪو خدا کي مڃي ٿو - ٻئي هڪ ئي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهن. ڇو ته ٻنهي وٽ عقيدو يا يقين (belief ) آهي. دليل ڪنهن وٽ به ناهي. اهو ڪوڙ آهي ته خدا آهي - ته اهو به وڏو ڪوڙ آته خدا ناهي.اسان جا اهي ماڻهو جن کي سائنس جي الف بي به نٿي اچي اهي به خدا جي وجود کان انڪار ڪن ٿا. ته يقينن اهي فيشن ۾ ائين ڪن ٿا. وري اهي جيڪي خدا کي مڃين ٿا اهي به عقيدي ۾ ائين ڪن ٿا.
ڳالهه اها آهي ته سائنس تجربي ۽ ثبوت سان اڳتي هلي ٿي پر مذهب صرف يقين ڪرڻ سان اڳتي هلي ٿو. بيماري جو تعلق مادي وجود آهي تنهن ڪري مادي جي علم جي اوک ڊوک سائنس ئي ڪري سگهي ٿي. جسم جي بيماري مادي آهي ته ان جو علاج سائنس ڪري سگهي ٿي. سائنس صدين کان اها ڪوشش ڪندي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ ڪامياب آهي.
مذهبي ٻاوا، پنڊت، ملا، صدين کان ماڻهن جي عقيدي جو ناجائز استعمال ڪندا رهيا آهن.ڇو ته اسان جي قوم هميشه معجزن ۽ ڪرامتن جو انتظار ڪندي آهي. تنهن ڪري نه صرف ڪرونا بلڪ هر مصيبت ۾ اسان جي قوم انتظار ڪندي آهي ته ڪو معجزو ٿي پوي. اهڙا اتفاق ٿيندا به آهن. جن جا پنهنجا سبب هوندا آهن. پر ڪڏهن حالتون حق ۾ ٿي پون ته اسان خوش ٿي ويندا آهيون انهيءَ ڪري چوندا آهيون ”بندي جي من ۾ هڪڙي الله جي من ٻي “ وري ”جنهن کي رب رکي تنهن کي ڪير چکي“ صدين کان اسان جو وهنوار ڪرامتن تي هلندو رهيو آهي. تنهن ڪري ڪرونا وائرس جي ڦهلجڻ کان پوءِ ڪو چوي ته هن آيت جو ورد ڪريو - ڪو چوي ته بصر کائو - ڪو چوي ته الله تي يقين آهي, موت جنهن کي اچڻو هوندو ان کي ڪير به بچائي نه سگهندو.
ڇا واقعي ٽوڻا ڦيڻا، داڳا، دعائون يا يقين ڪامل اسان کي بچائي سگهي ٿو؟ سائنس ثابت ڪيو آهي ته ائين ناهي. ڪتو ڇتو کائي ٿو انجيڪشنون نه لڳايو ته دنيا جو ڪوبه ٽوڻو ڦيڻو توهان کي بچائي نٿو سگهي. تاريخ اهو ثابت ڪيو آهي ته بيمارين جو علاج سائنس ئي ڳولي لڌو آهي. ان ۾ ڪي به ٻه رايا ناهن. تنهن ڪري ڪرونا وائرس جو علاج سائنس ئي ڳولي لهندي. پر ڇا انهيءَ ڪري اسان مذهب تي چٿرون ڪريون. اسان ماڻهن جي عقيدي تي کلون ڪريون؟ اهو حق اسان کي ڪنهن به نه ڏنو آهي.
اسان جو ڪلچر مادي آهي ته روحاني به آهي. مثال بيمار کي ڊاڪٽر دوا ڏي ٿو اها سائنس آهي پر کيس يار دوست مٽ مائٽ پڇڻ وڃن ٿا اهو روحاني ڪلچر آهي. ٻار کي ڌڪ لڳي ٿو ڊاڪٽر کيس مرهم پٽي ڪري ٿو اها سائنس آهي پر کيس ماءَ سيني سان لڳائي آ ٿت ڏي ٿي اهو روحاني ڪلچر آهي. انهن ٻنهي ڳالهين جو مذهب سان تعلق ناهي روحانيت الڳ آهي مذهب الڳ آهي. اسان جون ڪجهه روايتون مذهب مان ورتل آهن مثال ڪير ڪيترو به ڌهريو ڇو نه هجي پر اهڙي وصيت نه ڪندو ته کيس مرڻ کان پوءِ ساڙيو وڃي. يا هندو اهڙي وصيت نه ڪندو ته کيس ڍڪيو وڃي. اهڙي روحانيت اسان ختم نٿا ڪري سگهون انسان جو وجود مادي به آهي ته روحاني به آهي. مثال موسيقي ٻڌڻ مان ڪو مادي فاعدو ناهي پر روحاني تسڪين آهي.
ڪرونا وائرس هڪ وبا آهي جنهن جي بچاءَ لاءِ اسان کي روحاني سرگرميون پاسيريون ڪرڻيون پون ٿيون. پر ائين چوڻ ته ماءَ ٻار کي اجايو سيني سان ٿي لڳائي، ميل ميلاپ اجايا آهن. ميڙاڪا مسجدون، اولياءَ سڀ اسان لاءِ فضول آهن ڇو ته اسان کي ڪرونا وائرس کان بچاءِ نٿا سگهن اجايو فضول بحث آهي. مثال هڪ مريض کي ڊاڪٽر رک ڪرڻ لاءِ چوي ٿو ته ماني نه کاءَ ته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ماني اجائي آهي. انسان مادي وجود به آهي تنهن ڪري مادي ضرورتون ۽ اپاءَ ڪڏهن روحاني قدرن سان ٽڪراءَ ۾ ايندا آهن. مثال ڪو عاشق پنهنجي معشوق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا کي ڇڏي ڏي ٿو ته اهو روحاني ٽڪراءُ مادي ضرورتن سان آهي. پر هميشه لاءِ ڪير به ڪنهن کي ختم نه ڪري سگهيو آهي.
رهي ڳالهه مذهب جي ته مذهب ڊپ، خوف وجودي واردتن جي پيداوار آهي. سائنس ڪيتر ي به ترقي ڪري پر انسان جي وجودي مسئلن کي مڪمل حل نٿي ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو روس ۾ ستر سالن جي سوشلٽ حڪومت به مذهب کي ختم نه ڪري سگهي. دنيا جي وڏي سائنسدان آئنسٽائن خدا جي وجود کان انڪار ڪيو پر اهو به چيائين ته خدا ڪا ڇڪي راند ناهي کيڏي. بلڪل ائين جيئن هڪ پاڪستاني ڪامريڊ چيو ته خدا جو شڪر آهي جو آئون اڃا ڌهريو آهيان.
اسان يورپ جو مثال ڏيندا آهيون ته اهي مذهب کي ڇڏي سائنس جي پٺيان هليا ته انهن ترقي ڪئي آهي. بنيادي طرح ترقي، زندگي جو رس چس، انسانيت, الڳ الڳ شيون آهن. ڪابه ترقي ڊسيپلين يا قانون کان بغير ناهي. ڪوبه انسان زندگي جي ڊسيپلين کان بغير, انسانيت حاصل نٿو ڪري سگهي. مغرب جي ترقي جو بنياد انهن جو ڊسيپلين آهي، قانون آهي، اخلاقيات آهي. سٺي حڪمراني آهي.
توهان ڏٺو ته ڪرونا وائرس جي علاج لاءِ هنن سائنسدانن ۽ ريسرچرز کي ڪروڙين رپيا ڏنا آهن. ته لئبارٽرين ۾ ريسرچ ڪريو. ۽ اسان وري فوج ڏانهن پيا نهاريون ته اچي مدد ڪري. ٻي طرف حڪومت سرڪاري ملازمن جو پگار ڪٽي فنڊ پيئي گڏ ڪري. هن کان اڳ ڊيم جو فنڊ گڏ ڪيو ويو جنهن جو ڪو حساب ناهي. مطلب ته اسان وٽ انساني رويو ناهي. اسان وٽ ڊسيپلين ناهي انهيءَ ۾ سائنس يا مذهب جو عمل دخل ناهي.
اسان وٽ بي يار و مددگار غربت جا ماريل ماڻهو ڪيڏانهن وڃن، نه سرڪاري اسپتالن جو حال آهي، نه وري اسان وٽ غريب جي ڪا مدد آهي. اهي فنڊ هجن يا امدادون هجن سڀ بليڪ هيومر جو حصو آهن. واپاري دنيا انهن تان به ڪمائي ٿي. انهيءَ ڪري اسان وٽ جڳاڙي ڪلچر آهي، رشوتي ڪلچر آهي، نه اسان وٽ ريسرچ ٿئي ٿي نه وري ايجادون.
اسان جا وڏيرا ڪرپٽ، سياستدان مها ڪرپٽ، بيروڪرسي بلينر ٿيڻ چاهي ٿي. تنهن ڪري سماج اندر سائنسي رويا به پيدا نٿا ٿين. نه وري سنجيده بحث ٿين ٿا. ڏتڙيل ماڻهو ڪڏهن مذهب ۾ پناهه وٺن ٿا، ڪڏهن سائنس ۾ ڪڏهن روحانيت ۾.
جتي سائنسي ٺڳ موجود آهن اتي روحاني ٺڳ به موجود آهن.