ايگزيڪٽ (axact) ڊگري جي دنيا
بلوچستان واري وزير جو بيان جديديت پڄاڻان جي فڪر مطابق بلڪل صحيح هو. اصلي ۽ نقلي جي سڃاڻپ ختم ٿي چڪي آهي. ڇو ته سچ ۽ ڪوڙ جو دور ئي ختم ٿي ويو. هتي ته ڪوڙ جي ڪوڙ سان لڙائي آهي. هي هائپر ريئلٽي جو دور آهي، جنهن ۾ ڪو به تصور يا اشو يا واقعو پيدا ڪري سڄي دنيا کي ان جي پٺيان هلايو وڃي ٿو.
اسان سوچي اهو رهيا آهيون ته جيڪي ڊگريون اصلي سمجهيون وڃن ٿيون ڇا واقعي اهي اصلي ڊگريون آهن؟؟
ملڪ ۾ اعليٰ تعليم کي وڌائڻ جي لاٰءِ ايڇ ئي سي جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن ۾ يونيورسٽين کي مرڪز ۾ هڪ ڪيو ويو، يعنيٰ يونيورسٽين جي انفرادي حيثيت ختم ڪري ايڇ ئي سي کي مرڪزي حيثيت ڏني ويئي. جن جو ڪم اهو ته هو ڳوٺن ۾ پبلڪ سيڪٽر ۾ اعليٰ تعليم جي سهوليت پهچائن. ان کان علاوه پبلڪ سيڪٽر جي يونيورسٽين جي پاليسي ٺاهين، انهن کي بجٽ ڏين. ايڇ ئي سي پنهنجي قانونن تي عمل ڪرائڻ لاءِ يونيورسٽين جي استادن کي گريڊ وڌائي ڏنا. ان کان علاوه پي ايڇ ڊي الائونس ڏهه هزار ڪيو ويو. ساڳي وقت اڳتي پروموشن لاءِ پي ايڇ ڊي کي لازمي قرار ڏنو ويو. تاثر اهو ڏنو ويو ته اعليٰ تعليم جو سيڪڙو ملڪ ۾ وڌائي اسان دنيا سان مقابلو ڪنداسين، پر آهستي آهستي خود ايڇ ئي سي سفيد هاٿي بنجي ويئي. پرائيويٽ يونيورسٽين جو ڄار وڇائجي ويو. هڪ گهر ۾ هڪ يونيورسٽي. وري پئڪيج شروع ٿي ويا، آچر تي صرف ڪلاس، ايم بي اي ڪريو. ڇنڇر پئڪيج انجنئر ٿيو. پرائويٽ يونيورسٽين ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ ڪروڙين رپين جا پئڪيج اچي ويا. جي توهان وٽ رشوت جو پئيسو جام آهي، ته توهان جا ٻار ڀلي پڙهڻ ۾ جڏا هجن پر ڊاڪٽر ٿي سگهن ٿا. اهڙي طرح ٻاهر جي دنيا ۾ لکين ماڻهن کي اسڪالر شپ ڏيئي موڪليو ويو ته اتان وڃي پي ايڇ ڊي ڪري اچو. مطلب ته پي ايڇ ڊي هر مرض جي دوا بنجي ويئي. ڏهاڪو کن سال ٿيا آهن، لکين ماڻهو پي ايڇ ڊي ڪري چڪا آهن ڪي ٻاهر جي دنيا مان پي ايڇ ڊي ڪري آيا. ڪي وري ملڪ مان پي ايڇ ڊي ڪري، ڊگري وٺي ويئي رهيا. پر ٿورو غور ڪريو ملڪ ۾ ڪا معمولي به تبديلي آئي، سماجي، نفسياتي، فڪري، سياسي، يا سائنسي ڪهڙي تبديلي آئي؟؟ جي ايترو علم اسان وٽ وڌيو آهي ته ملڪ ۾ تبديلي نظر اچڻ لڳي ها؟ پر اسان جي ملڪ ۾ ته هڪ ڪمپيوٽر جي ڪئيبل به نٿي ٺهي، سئي کان وٺي ٽريڪٽر تائين سڀ ٻاهر کان برآمد ٿئي ٿي. اهڙي طرح سماجي ترقي جو ڏيوالپڻو نڪري ويو آهي، ماڻهو اڳ جاهل هوندا هئا. هاڻ پي ايڇ ڊي جاهل آهن. ڇو ته فطري طور تحقيق ڪرڻ هر ڪنهن جو مزاج ناهي هوندو. تحقيق هر ماڻهو لاءِ ناهي، اهو صرف اهڙو ماڻهو ڪري سگهي ٿو جيڪو کوج وارو مزاج رکي، ڀٽائي واري بيت وانگر ” چريو چت جن جو،ڏونگر سي ڏورينديون“ پر صورتحال اها آهي جو سنڌ ۾ پرائمري تعليم ختم ٿي ويئي، صرف اسڪول وارا فيس وٺن ٿا يا گورنمينٽ اسڪول ۾ ماستر پگهار کڻن ٿا، پر تعليم جهڙي ڪابه شيءَ اسڪول ۾ ناهي، بلڪ ماسترن کي پڙهائڻ ڪٿان ايندو، جن جا آرڊر وڏيري ڪمدارن کي ورهائي ڏنا هجن. يا لکين رپيا ڏئي ماستري ورتي ويئي هجي، هوڏانهن پرائويٽ اسڪول ته صرف ڌندو آهن، جن ۾ گلئيمر ۽ انگريزي ميڊيم جي پڙي ڪافي آهي، اهي ٻار مئٽرڪ ڪاپي ڪري يا پئيسا ڏئي سرٽيفڪيٽ وٺي ڪاليج ۾ پهچن ٿا، اتي به ڪاري وارا ڪک پڙهائي ڪانهي، ليڪچرر تنظيمون ٺاهيو، سهولتون وٺيو ويٺا آهن، ڪلاس وٺڻ لاءِ ڪير ڄائو ئي ناهي، اهڙي وبا هاڻ يونيورسٽين ۾ به شروع آهي. استاد سياست ڪرڻ، سهوليت وٺڻ، پروموشن وٺڻ، ۾ وڌيڪ دلچسپي رکن ٿا پر پڙهائڻ ڪير نٿو چاهي، جيڪو استاد پڙهائڻ به چاهي ٿو ته ڪنهن کي پڙهائي؟ شاگرد جو بنياد ڪچو آهي. جي توهان سختي ڪندا ته هزارين جڳاڙي توهان کي نشانو بنائيندا. ڳالهه رڳو ايستائن ناهي وري اهي سڀ شاگرد پي ايڇ ڊي به ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اتي يونيورسٽي ۾ پروفيسر به ٿيڻ چاهين ٿا. ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ وڏي نوڪري چاهين ٿا، يا سرڪاري ڪنهن وڏي عهدي تي وڃڻ چاهين ٿا. منهنجي پنهنجي تجربي ۾ اهڙا ڪيترا شاگرد ايندا آهن جيڪي سوشل سائنس صرف تڏهن کڻندا آهن جڏهن انهن کي ڪجهه نه ايندو آهي، نه ته پهرين ترجيح سائنس يا ميڊيڪل، يا وري انجنئيرنگ يا ايم بي اي آهي. پوءِ اهي شاگرد جڏهن داخلا وٺي يونيورسٽِي ۾ اچن ٿا ته هنن لاءِ روزگار صرف ماستري وڃي رهي ٿو. يا وري ڪنهن وڏيري جو هٿ آهي ته سرڪاري نوڪري مليو وڃي. اهي شاگرد ايم اي ڪرڻ تائين رينگٽ ڪري ڪري پيپر ڪريو وڃن، پر مسئلو ان وقت ٿئي ٿو جڏهن اهي شاگرد وري پي ايڇ ڊي به ڪرڻ چاهين ٿا. ڪيترائي شاگرد ايندا آهن جيڪي چوندا آهن سائن پي ايڇ ڊي ڪرڻي آهي موضوع ٻڌايو. پر هاڻي ته اهڙا به شاگرد اچن ٿا جيڪي اڳواٽ ڪنهن سان پي ايڇ ڊي لکڻ جو سودو طئي ڪري اچن ٿا. بازار ۾ ٻولي هلي ٿي پي ايڇ ڊي ٿيسز لکي ڏيڻ جا پنج لک کان ڏهه لک ورتا وڃن ٿا، ڪا ڇوڪري آهي ته مفت ۾ به ماڻهو لکي ڏين ٿا. 2014 ع ۾ ليڪچرر جي ڀرتي ڪرڻ لاءِ يونورسٽِي جي بورڊ ۾ شامل هئس، سنڌيءَ جي ليڪچرر جا انٽرويو هئا، هڪ ڇوڪري جيڪا پي ايڇ ڊي سنڌيءَ ۾ هئي توهان يقين ڪندا، ان کي سنڌي ڳالهائڻ نٿي آيو!!!!. انهيءَ کي به ڪنهن استاد پي ايڇ ڊي ڏني هوندي. ڇا اهو ضمير جو سودو ناهي؟ ڇا اها غداري ناهي،؟ ڇا اهو ايمان وڪڻڻ ناهي؟؟، هاڻي ته هر يونيورسٽي جي هر شعبي ۾ پي ايڇ ڊي شروع ٿي ويئي آهي. هزارين ماڻهو هر سال پي ايڇ ڊي جي ڊگري وٺِي نڪرن ٿا. هن وقت صرف سنڌي جا ٻه سئو کان مٿي شاگرد ايم فل ۽ پي ايڇ ڊيز ۾ رجسٽر ٿيل آهن. خيرپور ۾ شاهه لطيف يونيورسٽي ۾، سنڌ يونيورسٽي ۾، ڪراچي يونيورسٽي ۽ اردو وفاقي يونيورسٽي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ وغيره ڪٿي وري هڪ هڪ اسسٽنٽ پروفيسر وٽ 15 شاگرد رجسٽرڊ آهن، جيڪا خود ايڇ اي سي جي قانون جي خلاف ورزي آهي. پر ڳالهه اها آهي ته هاڻي ڪهڙي اصلي ڪهڙي نقلي ڊگري بس پي ايڇ ڊي کپي. معيار کي ڇا ڪنداسين ڏهه هزار الائونس ڪنهن کي ڪڙو آهي، نوڪري جي لالچ به آهي. مستقبل ۾ اهي جعلي پي ايڇ ڊيز وري لکين جعلي پي ايڇ ڊيز ٻيا پيدا ڪندا.
مزي جي ڳالهه اها ته ايڇ ئي سي جو قانون هڪڙو آهي جنهن سان گڏهه، گهوڙي کي هڪلڻو آهي، سنڌي جي پي ايڇ ڊِيز چيڪ ٿيڻ لاءِ انڊيا ويندي آهي، جتي اڪيچار ماهر وڃي رهيا آهن. اڃا مزي جي ڳالهه ته عربي اسڪرپٽ ۾ لکيل پي ايڇ ڊيز اهڙي پروفيسر ڏانهن به وينديون آهن جنهن کي صرف ديوناگري اسڪرپٽ اچي ٿو. بس ٿيسز پهچڻ کان اڳ ٽيلفون ٿئي ٿو بس يار جلدي ڪج، سڪ ۽ سوز مان اسان جا ڀارتي ماهر جلدي رپورٽ ڏياريو موڪلين. وري زباني امتحان اهڙي ماهر کان ڪرايو ويندو آهي جنهن خود پي ايڇ ڊي ڪنهن کان لکرائي هجي يا ڪاپي پيسٽ ڪئي هجي. يا وري سفارشن جو وارو وار. دعوت ٿي ويئي، کاڌو پيتو مبارڪون سائين توهان ڊاڪٽر ٿي ويا. وري مزي جي ڳالهه ته اهڙا پي ايڇ ڊيز ڪجهه ڏينهن ۾ پاڻ کي ٻوليءَ جا ماهر، ادب جا ماهر وڏا دانشور سڏائن ٿا. ڳالهه رڳو اها سنڌي جي ناهي بلڪ هر موضوع سان اها صورتحال آهي، اسلامڪ اسٽيڊِز فيڪلٽي ۾ هر سال سوين پي ايڇ ڊي ماهر نڪرن ٿا، جيڪي مدرسي جا پڙهيل آهن. اهڙي طرح سائنس ۾ مک کي جلهي پر ڳڻي پي ايڇ ڊي ٿيو وڃي.
اها صورتحال سيمنار ۽ ڪانفرنسن جي آهي، هڪ مقالو توهان ڪيترن ئي ملڪن ۾ پڙهي اچو، ڦير ڦآر ڪري توهان هر سيمنار ۾ مقالو پڙهي اچو. ڏهه پندرنهن مقالا ساڳين موضوعن تي ڦير ڦار ڪري ڇپائي توهان پروفيسر ٿي ويا. ملڪ ۾ تبديلي ڪٿان ايندي؟ اهو ڪلچر حد کان وڌي ڪرائيم ۾ تبديل ٿيڻ لڳو آهي، هاڻ شريف ماڻهو خاموش رهي ٿو، مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ ڇا ڪجي؟؟
هاڻ اسان اچون ٿا ايگزيٽ ڊگري تي جيڪا چئي ٿي وڃي ته جعلي آهي، مون کي کل ٿئي ٿي. ڇا جعلي ڇا اصلي؟
ڳالهه اها آهي ته هر دور جي پنهنجي جديديت ٿيندي آهي، تاريخ جو هي دور ڏاڍو ڏکيو دور آهي، جنهن ۾ رياستي ادارن کان وڌيڪ طاقت ور نجي ادارا ٿي رهيا آهن، هاڻي اهو دور ويو جڏهن ڊگري تي نوڪري ملندي هئي، هن وقت نجي ادارن جي کلي مارڪيٽ آهي، انهن کي قابل ۽ هنر مند ماڻهو کپن، جيڪڏهن قابليت هوندي ته نوڪري ملندي نه ته سرڪاري جڳاڙي نوڪرين جو دور هاڻي پڄاڻي تي پهچي رهيو آهي. نجي ادارن ۾ ماڻهو پاڻ کي مڃائڻ لاءِ وڏي جدوجهد مان گذري ٿو. ان ڪري اسان ڏسندا آهيون ته جيڪي شاگرد پنهنجي مستقبل کي ٺاهڻ چاهيندا آهن، اهي رات ڏينهن محنت ڪندا آهن. ٽيوشن وٺندا آهن، لائبررين ۾ ويندا آهن، پاڻ کي قابل بنائڻ جا جتن ڪندا آهن. پر اهي شاگرد پنج سيڪڙو به ناهن باقي سڀ جڳاڙ تي ڊگريون ٿا وٺن.
جڳاڙي ڊگرين وارن وٽ قابليت ناهي ته پوءِ نوڪرين لاءِ وڏيري جو در کڙڪاڻو پوي ٿو. يا وري ضمير جو سودو ڪرڻو پوي ٿو، يا وري محرومي جي رومانس ۾ رڙيون ڪرڻ اسان جي عادت آهي، ٻيو ڪجهه نه ته ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين، اسان سنڌي ماڻهو ڪاروبار ۾ به پوئتي، زراعت ۾ اسان جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي هائبرڊ ٻج هڪ ڏينهن زمينن کي بنجر ڪري ڇڏيندا. مارڪيٽ ۾ اسان ڪونه آهيون، اڃا تائين اسان جو وڏيرو ان ڌاتا آهي، ته پوءِ اسان جو مستقبل ڪهڙو آهي،؟ دنيا ۾ اهي قومون جيئنديون آهن جن وٽ وٽ جديد دور ۾ پير پائڻ جو ساهس هوندو آهي، جن وٽ مستقبل جا پلان هوندا آهن، جيڪي غلط رستي تي صحيح نتيجا ڳولڻ جون ڪوششون نه ڪنديون آهن، بلڪ رستو صحيح اختيار ڪنديون آهن. ڀلي ڪيترو به ڏکيو هجي. انهيءَ ڪري دنيا جي فراڊن کان جڳاڙن کان بهتر آهي ته محنت ڪجي. نه ته ايگزيٽ ڊگري ۽ اصلي ڊگري ۾ ڪو به فرق ناهي.