سڀ ڪجهه ابتو
ڇا هيءَ اها سنڌ آهي؟ جيڪا اسان ستر کان اسي واري ڏهاڪي ۾ ڏٺي هئي. جڏهن سنڌ ۾ نظرياتي مرڪزيت هئي، اجتماعي قومي شعور بيدار هو. جڏهن سنڌي ماڻهو پنهنجي اجتماعي حقن جي لاءَ جدوجهد ڪندو هو. جڏهن پنهنجن کان ڊپ نه لڳندو هو. جڏهن سنڌي قوم ترقي پسند هئي. جڏهن نورجهان جي گاني کان سنڌي ماڻهو خوفزده ٿيندو هو ته متان حڪومت خوش ٿي کيس سنڌ ۾ زمين نه الاٽ ڪري. جڏهن نذير عباسي کي گرفتار ڪيو ويو ته نذير عباسيءَ آمرن جي اکين ۾ اکيون وجهي انقلابي نعرو هنئيو هو. جڏهن انقلاب جو رومانس عروج تي پهتل هو. جڏهن ادب پڙهيو ويندو هو. جڏهن ادبي ڪارج سماج بدلائڻ هو. جڏهن ڳوٺن ۾ قرب هو، مهمان نوازي هئي. رشتن ۾ اڃا ڏار نه پيا هئا. جڏهن دانشور پنهنجو ضمير اڃا نه وڪيو هو. جڏهن صحافت آمرن، وڏيرن، ۽ غدارن جي خلاف بهادري سان وڙهندي هئي. جڏهن ماڻهو ايجنسين جي ماڻهن کان نفرت ڪندو هو. جڏهن شاگرد سنڌي ميڊيم ۾ پڙهندا هئا. جڏهن سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ ماڻهو پڙهي ڊپٽي ڪمشنر به ٿيندو هو.
اسان اها سنڌ ڏٺي. 1980ع کان پوءِ تبديلي اچڻ شروع ٿي. تان جو ايڪيهين صدي ۾ ڏسندي ڏسندي سنڌ تبديل ٿي ويئي. ڇا اها تبديلي سنڌ جي لاءِ خوش آئينده آهي؟ يا تباهي ۽ بربادي جو ڪو پيغام کڻي آئي آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سنڌ جو نئون نسل اچي چڪو آهي، جيڪو نوان جذبا، نيون امنگون ۽ نوان خيال کڻي آيو آهي. جنهن وٽ سنڌ جو قومي رومانس ناهي، نه وري نظرياتي ڪا پرورش اٿس، هن جو دور به ڏاڍو ڏ کيو آهي. هن کي مقابلو ڪرڻو آهي، تنهن ڪري رومانس ۾ نٿو ڦاسي. هن کي انهيءَ ڳالهه سان ڪو تعلق ناهي ته سنڌي ٻولي جيئي ٿي يا نه، هن کي ترقي پسندي سان ڪو به تعلق ڪونهي. هن کي رشتن ناتن جي پرواهه ڪانهي، هو بس ڪريئر ٺاهڻ ٿو چاهي. مقابلو ڪرڻو اٿس.
ڪجهه دانشورن جو خيال آهي ته عالمي طور گلوبل دنيا جو تصور پاڻ سان گڏ ڀڃ ڍاهه به کڻي آيو آهي. مرڪزيت ختم ٿي ويئي. ٽيڪنالوجي جي ٻوڏ سماجن جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو آهي مارڪيٽ ڪلچر متعارف ٿيو آهي، ماڻهو هڪ وکر آهي، جنهن کي پاڻ کي چکي مکي مارڪيٽ ۾ پيش ڪرڻو آهي. هن وٽ وقت ڪونهي جذبن ۽ احساسن لاءِ. هن وٽ قوم پرستي، وطن پرستي يا پنهنجي ٻولي لاءِ ڪو به رومانس ناهي. اسان جي والدين به اها ڳالهه سمجهي ورتي آهي ته نوجوان کي اڳتي مقابلي لاءِ اهو سڪو ڏجي جيڪو مارڪيٽ ۾ هلي.
ڪجهه پڙهيل لکيل طبقي جو اهو به چوڻ آهي، ته ماضي جي سياست اسان جي تعليم تباهه ڪري ڇڏي جنهن ڪري اسان جي قوم تباهي جي ڪناري تي پهچي ويئي. ڀته خوري، غنڊه گردي، ڦرون،، ذاتي مفادن جي پيروي نوجوان جو اعتماد ۽ اعتبار ختم ڪري ڇڏيو. نوجوانن کي هاڻي اهڙي سياست نه کپي جيڪا صرف اشوز تي هلي ٿي. جيڪا حقيقت کان پري آهي. تنهن ڪري نوجوان پنهنجو گس ورتو آهي.
عام راءِ اها به آهي ته دنيا ۾ اوچتو تڪڙيون تبديليون آيون جن ۾ سنڌ گهڻي متاثر ٿي آهي، فاسٽ ٽيڪنالوجي، موبائل ڪلچر، انٽر نيٽ، ڪيئبل ڪلچر، ۽ زرد صحافت سنڌ جي نوجوان کي گهڻو متاثر ڪيو آهي. هنن وٽ فطرتي ڪلچر ختم ٿي ويو. هنن جي رابطي مهم ايترو وڌي آهي، جو ڪنهن جي گهر جي عزت محفوظ ڪانهي. ان کان پوءَ صحافت جيڪا ڳوٺ ڳوٺ ۾ وبا وانگر ڦهلجي ويئي آهي. جيڪي رولو نوجوان، ڪجهه نه بنجي سگهيا، يا ماستري نوڪري وٺي ڊيوٽي نٿا ڪن اهي سڀ صحافي ٿي ويا جيڪي پاڻ به ڪمايو مالڪن کي کارايو جي اصول تي، بليڪ ميلنگ ڪندي، وڏيري کان ڪجهه مراعتون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. پر ان جي انهيءَ عادت سنڌ جي اصلي مسئلن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي.
هڪ ٻيو موقف آهي ته سنڌ جي اصلي تباهي اين جي اوز ڪئي آهي. جنهن خاص طور سان 1910ع جي ٻوڏ کان پوءِ ماڻهن کي ايترو ته پنڻ تي هيرايو، ۽ ايترو گهوڙا گهوڙا ڪرڻ تي هيرايو. جو ماڻهو هاڻي ڪو به ڪم ڪرڻ بدران رڳو ٿو گهوڙا گهوڙا ڪري. نتيجي طور اهڙي صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي جو هڪ مردي کي زنده ڪرڻ جي چڪر ۾ سڄو قبرستان زنده ڪري ويهي رهيا آهيون. هاڻي سمجه ۾ نٿو اچي ته ڪير ڇا ٿو چاهي؟ ڪيڏانهن ويندو، سڀ وڙهي رهيا آهن، سڀ هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جي سگهه ختم ڪري چڪا آهن.
هڪ ٻيو موقف اهو به اسان جي سامهون آيو آهي ته اصل مسئلو ملڪ ۾ ڪرپشن جي فضا پيدا ڪرڻ ڪري ٿيو آهي. جو وڏيرا جمهوريت جي نالي ۾ آزاد ٿي ويا آهن، هنن ايتري ڪرپشن ڪئي آهي جو انهيءَ مان صحافين کي کارائن ٿا. تنهن ڪري هاڻي شڪ ۽ شبي جي فضا ايتري پيدا ٿي ويئي آهي جو هر ماڻهو ٻي کي بگهڙن وانگر اکيون اکين ۾ وجهي، کائڻ لاءِ تيار ويٺو آهي. هر ماڻهو اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هن جي خيال ۾ ڪو به ماڻهو هاڻي ايماندار ناهي، ڪو به ميرٽ ناهي، ڪو به ٽيلينٽ ناهي سڀ جڳاڙ تي هلندو تنهن ڪري گهوڙا گهوڙا ڪري بليڪ ميل ڪري ڪجهه حاصل ڪرڻو آهي، داٻو ڏيئي ٻي کي هيسائڻو آهي.
هاڻي اسان غور ڪنداسين ته سڀئي موقف وزن دار آهن. پر آخر اسان جي سنڌ ڪٿي آهي. سنڌ جو نوجوان ڪهڙي رستي تي هلي پيو آهي، جو هو سهپ، رواداري، علم ادب، پيار محبت جهڙا گهڻ ڇڏي گهو ڙا گهوڙا ٿو ڪري. توهان ڏٺو ته هڪ استاد شاگردياڻي کي حاضري گهٽ هئڻ سبب پيپر ۾ نه ويهاريو ته هن نياڻي ڪارڊ اسعتمال ڪري ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. توهان سوچيو ته هڪ استاد ڪيتري اذيت مان گذريو هوندو.اسان جي ميڊيا جهڙتو مسئلن جي پٺيان ڪاهي پيئي آهي. ٻه ٽي ڏينهن ميڊيا ۾ خبرون گرما گرم هلن ٿيون، وري ماٺ ٿيو وڃي، وري ڪو ٻيو اشو. روز بريڪنگ نيوز کپي. اها اصلي مسئلن تان ڌيان هٽايو ڇڏي.
سنڌ جي نوجوان وٽ فيس بڪ جو هٿيار اچي چڪو آهي جنهن کي هو غلط استعمال ڪري ٿو. سنڌي سماج ۾ ايترو بگاڙ پيدا ٿي چڪو آهي جو هر زندگيءَ جو شعبو متاثي ٿي چڪو آهي.
هر ماڻهو انفراديت پسند ٿي پنهنجي مفادن جي سياست ڪري ٿو. هر ماڻهو رات وچ ۾ ارب پتي بنجڻ چاهي ٿو. اهڙي فضا سنڌ ۾ اخلاقي بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
توهان کي اهڙي شور ۾ ڪٿي به قانون نظر نٿو اچي. ڪٿي به ڪو اصول نظر نٿو اچي. ڪابه اجتماعي سوچ نظر نٿي اچي. ڪابه قومي سوچ نظر نٿي اچي. هاڻي ڀلي سنڌ جو زمينون وڪجي وڃن، ڀلي سنڌ کي پاڻي نه ملي. ڀلي سنڌ کي ملٽي نيشنل ڪمپنيون نوڪريون نه ڏين. ڀلي سنڌي ماڻهو جي تعليم تباهه ٿي وڃي، بنيادي سهولتن کان سنڌ عاري هجي. پر انهن مسئلن جي ڪا به اهميت ناهي. بس فيس بڪ تي فوٽو رکڻو آهي، فيس بڪ تي پاڻ پڏائڻو آهي.
سنڌ گلوبل دور ۾ انفراديت پرستي ڏانهن ايترو ڪاهي پيئي آهي جو ماڻهو ذاتين، قبيلن، ۽ خاندانن ۾ پناهه وٺڻ لڳا آهن، توهان ڌڏٺو ته گهڻا ماڻهو پاڻ کي اوچتو سردار سڏائڻ لڳا آهن فخر سان پاڻ سردار سڏرائن ٿا. ايتري قدر جو جيڪي ترقي پسند سڏرائيندا هئا، ڪميونسٽ جدوجهد ۾ شامل رهيا پر اوچتو هاڻي سردار ٿي پيا آهن. توهان ڏٺو ته آصف علي زرداري صدارت تان لهڻ کان پوءِ وري زردارين جي سرداري جي پڳ ٻڌي، ٻي طرف ماڻهو ذات پرستي جي پٺيان ڪاهي پيا آهن، ميمڻ برادري، سومرا برادري، ڪانڌڙا برادري، ملاح برادري، شيدي برادري، وغيره، ڏٺو وڃي ته سنڌ انفرادي قبيلي پرستي ڏانهن وڃي رهي آهي، توهان ڏٺو ته صدين کان سنڌ ۾ وسندڙ ٻروچ هاڻي پاڻ کي بلوچ سڏائيندي فخر محسوس ڪندا آهن. جڏهن کان بلوچستان ۾ نسل پرست هٿيار بند جدوجهد شروع ٿي آهي، ته سنڌ جي ٻروچن پاڻ کي بلوچ سڏائڻ شروع ڪيو آهي.جڏهن ته سنڌ جا ٻروچ هاڻ ذات يا خانداني نالي ۾ ٻروچ آهن پر قومي طور سنڌي آهن. اهڙي طرح وري خاندان پرستي سنڌ ۾ وڌي ويئي آهي. ڪو وقت هو جو ماڻهو پاڻ کي مزدور يا مزدور جو پٽ سڏرائيندي فخر محسوس ڪندو هو. پر هاڻ ڪو بيروڪريٽ جو پٽ آهي، وڏيري جو خاندان جو فرد آهي، يا ڪنهن وڏي اديب جو پٽ، ڀاءَ يا ڏهوٽو آهي، سبڪو پيو پنهنجي خاندان جو سهارو وٺي ٿو، نتيجي طور اسان وڏن اديبن کي به ننڍو ڪري ڇڏيو آهي. ان کان علاوه اديبن، صحافين ۽ دانشورن وري حڪومتي پيڪيج وٺڻ شروع ڪيا آهن، نتيجي طور يا ڦٻئون يا ڦٻئون جو ڪلچر شروع ٿي ويو آهي، انفرادي ذاتي مفادن جي ڀرمار ايتري ٿي آهي، جو هاڻي سنڌي ماڻهو پري اسٽيبلشمنٽ ٿي پيو آهي، جيڪي ماڻهو ايجنسين جي ماڻهن کان نفرت ڪندا هئا اهي هاڻي هوڪا ڏيئي فخر سان پاڻ کي وڪڻن ٿا. ٻي طرف خود اقتدار جي ڳجهن هٿن به هاڻي سنڌي ماڻهن تي اعتبار ڪرڻ شروع ڪيو آهي، کين خبر آهي ته هاڻي ترقي پسندي دم ٽوڙي چڪي آهي. هاڻي نظريات ختم ٿي ويا، قوم پرستي جيڪا انفرادي ڀته خوري تائين محدود به نه رهي آهي. ماڻهو کي بس سنڌ سان سنڌي ٻوليءَ سان ڪوبه سروڪار ناهي. ڪلچر بازار جو وکر آهي، سنڌ ۾ تعليمي ماحول سان، سرڪاري ادارن سان، صحت سان، صاف پاڻي سان ڪوبه سروڪار ناهي، بس اربين رپين جي ڪرپشن ڪرڻ ۽ ارب پتي بنجڻ جو خواب هر ماڻهو جو آئيڊيل آهي، ڪيڏانهن ويا انقلاب، ڪيڏانهن ويا نظريا ۽ ڪيڏانهن ويئي قوم پرستي.!!! ڪجهه دانشورن جو چوڻ آهي ته هي عبوري دور آهي جيڪو ڪنهن وڏي نظام ۾ داخل ٿيندو. پر عبوري دور جڏهن وڌي ويندا آهي ته گهڻو نقصان ڪندا آهن. خبر ناهي ته پنجاهه سالن تائين سنڌ جي ڇا صورتحال هوندي؟!!!