لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪا Proverbs

1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪن تي مشتمل ھن تحقيقي ڪتاب جو سھيڙيندڙ بلوچ صحبت علي آھي.
بلوچ صحبت علي هونءِ ته ادب جي شاعراڻي ۽ نثري مڙني پاسن جو پاسدار رهيو ئي رهيو آهي. پر هن ڪتاب ”پهاڪا“ ذريعي پنهنجي تعليمي ۽ علمي سڃاڻپ ڏانهن، پڻ وک سوري اٿس. پاڻ انگريزي ۽ سنڌي جا جيڪي مشهور 1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪا سهيڙي سامهون آندا آهن، سي نوجوان نسل ۽ نون پڙهندڙن لاءِ اهڙي ئي مشعل آهن، جيڪا گُهگهه اونداهي رات ۾ هڪ رهنما جو سگهارو ڪردارا ادا ڪندي آهي.
Title Cover of book پهاڪا Proverbs

پبلشر پاران

بلوچ صحبت علي؛ علمي ۽ ادبي جاکوڙ جو اهڙو ئي جڳمڳائيندڙ جگنو آهي، جنهن جو هنئڙو اوٺيءِ وڳ، جئن، هڪ جاءِ جائتو ناهي. اهو مختلف طرفن کان ووڙ ۽ واڪا ڪندو، روشني ڦهلائڻ لاءِ، نگر نگر، جهنگ جهنگ بي چين ڦيرائٽيون ڏيندو رهي ٿو. بلوچ صحبت علي هونءِ ته ادب جي شاعراڻي ۽ نثري مڙني پاسن جو پاسدار رهيو ئي رهيو آهي. پر هن ڪتاب ”پهاڪا“ ذريعي پنهنجي تعليمي ۽ علمي سڃاڻپ ڏانهن، پڻ وک سوري اٿس. پاڻ انگريزي ۽ سنڌي جا جيڪي مشهور پهاڪا سهيڙي سامهون آندا آهن، سي نوجوان نسل ۽ نون پڙهندڙن لاءِ اهڙي ئي مشعل آهن، جيڪا گُهگهه اونداهي رات ۾ هڪ رهنما جو سگهارو ڪردارا ادا ڪندي آهي.
بلوچ صحبت علي جو هي شهڪار، جيڪو محدود جاءِ ۾ لازوال ۽ باڪمال رنگن جو ميلو آهي. ان ۾ سماج ۽ زندگيءِ جو وهنوار سان لاڳاپيل لڳ ڀڳ مڙوئي مامرن بابت ٿيندڙ گفتگو ۾ حسن پيدا ڪندڙ پهاڪن جي پيشڪاري آهي. زندگي جيتري گوناگون آهي، ٻولي ان کان به وڌيڪ وسيع ۽ گهڻ طرفا جهان رکندڙ آهي. اها مسلسل ترقي ڪندڙ ۽ سماج ۾ ڪتب ايندڙ، واهپن، ۽ لفظي نواڻ کي دلي طرح قبولي، پاڻ سان ائين مجسم ڪري ڇڏي ٿي، جو اهو شيون ڪڏهن ڌاريون لڳن ئي نه ٿيون. عالمي ٻولي انگريزي ۽ علائقائي ٻولي سنڌي جو هڪ ٻئي سان واهپو، ويجهڙ جي تاريخ جو حصو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي وشال قالب ۾ ايندڙ ڪيئي انگريزي لفظ اڄ بنان شڪ جي پنهنجو اصل رنگ، ڍنگ ڇڏي علائقائي ويس ۾ سمائجي ويا آهن. بلوچ صحبت علي عالمي پهاڪن ۽ ديسي چوڻين کي گڏيل متعارف ڪرايو آ، تيئن جيئن عام وهنواري ٻوليءَ ۾ ويتر حسناڪي اچي. سندس ان منفرد پورهئي جي جيتري واکاڻ ڪجي، گهٽ آهي.


سعيد سومرو
ڪنول پبليڪشن قنبر
Cell No.0333-7523132
Saeedsoomro44@gmail.com