لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪا Proverbs

1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪن تي مشتمل ھن تحقيقي ڪتاب جو سھيڙيندڙ بلوچ صحبت علي آھي.
بلوچ صحبت علي هونءِ ته ادب جي شاعراڻي ۽ نثري مڙني پاسن جو پاسدار رهيو ئي رهيو آهي. پر هن ڪتاب ”پهاڪا“ ذريعي پنهنجي تعليمي ۽ علمي سڃاڻپ ڏانهن، پڻ وک سوري اٿس. پاڻ انگريزي ۽ سنڌي جا جيڪي مشهور 1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪا سهيڙي سامهون آندا آهن، سي نوجوان نسل ۽ نون پڙهندڙن لاءِ اهڙي ئي مشعل آهن، جيڪا گُهگهه اونداهي رات ۾ هڪ رهنما جو سگهارو ڪردارا ادا ڪندي آهي.
Title Cover of book پهاڪا Proverbs

پهاڪو ڇا آهي

1- پھاڪو اھو آھي، جنهن ۾ موجود معنيٰ کي ڪنهن مثال سان ظاھر ڪجي. جيئن چئجي ته ڪنهن کان ڪو ڪم نٿو پڄي ته چئي “خراب آھي” پھاڪي وارو ان کي ھنن چند لفظن ۾ ظاھر ڪري ٿو: ”گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا.“
2- چوڻيون به سھڻي معنيٰ وٺڻ لاءِ آڻجن ٿيون ۽ مفھوم حقيقت پسندانه آھي. چئي: ”بُک ۾ بصر به مٺا“. ھونئن جيڪا شي شوق پئي نه کائجي اھا به بک لڳڻ وقت مٺِي لڳي.
3- اصطلاح، جي ھيئتي جوڙجڪ (form) مصدر جي صورت ۾ ھوندي آھي؛ پر نهايت معنيٰ خيز ۽ گفتي کي سونهن بخشيندي آھي. مثلًا: ”کير کنڊ ٿيڻ“، يعني پاڻ ۾ صلح ۽ محبت سان رھڻ.
4- ورجيس اھڙن ٻن ٽن لفظن جي ميڙ سان ٺھي ٿي، جنهن ۾ معنيٰ ته سھڻي بيھي ٿي، پر اڪثر ٻيو لفظ پھرئين جي صوتياتي زور کي ضابطي ۾ رکي ٿو. جيئن: ڇڊوپاڊو.
جڏھن ٻوليءَ جي سونهن وڌائڻ جي ڳالھ ڪريون ٿا، تڏھن ھن جي ڪنهن به صنف جي اھميت، ھيئت جي مدنظر نه پر معنيٰ جي مدنظر آھي. ان ڪري ھي پھاڪا ۽ اصطلاح وغيره ڪيئن سنڌيءَ جو جوھر ۽ حسن وڌائين ٿا.