لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪا Proverbs

1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪن تي مشتمل ھن تحقيقي ڪتاب جو سھيڙيندڙ بلوچ صحبت علي آھي.
بلوچ صحبت علي هونءِ ته ادب جي شاعراڻي ۽ نثري مڙني پاسن جو پاسدار رهيو ئي رهيو آهي. پر هن ڪتاب ”پهاڪا“ ذريعي پنهنجي تعليمي ۽ علمي سڃاڻپ ڏانهن، پڻ وک سوري اٿس. پاڻ انگريزي ۽ سنڌي جا جيڪي مشهور 1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪا سهيڙي سامهون آندا آهن، سي نوجوان نسل ۽ نون پڙهندڙن لاءِ اهڙي ئي مشعل آهن، جيڪا گُهگهه اونداهي رات ۾ هڪ رهنما جو سگهارو ڪردارا ادا ڪندي آهي.
Title Cover of book پهاڪا Proverbs

(د)

1078. دال روٽيءَ کاڌي ڌن کٽي ته کٽڻ ڏينس.
1079. دائي کان ڪو پيٽ ڳُجهو آھي.
1080. درياهه ڀر تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نه ٻڏي سڀان ٻڏي.
1081. دل کوٽي، عذر گهڻا.
1082. دل جي ڪارائي کان منھن جي ڪارائي چڱي.
1083. دم دال جو، آڪڙ پُلاءُ جي.
1084. دم درميان، صاحب مھربان.
1085. دولتمندن جا ڏاند به ڏڀن.
1086. دولت نھن کان ماس وڇوڙي.
1087. دو دل راضي تو ڪيا ڪريگا قاضي.
1088. دويتا نھين جي پورا تول.
1089. دير پيا، درست ٿيا.
1090. ديس چوري، پرديس بکيا (پن).
1091. ديوان جو دم، دمڙي جي دال تي.