لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪا Proverbs

1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪن تي مشتمل ھن تحقيقي ڪتاب جو سھيڙيندڙ بلوچ صحبت علي آھي.
بلوچ صحبت علي هونءِ ته ادب جي شاعراڻي ۽ نثري مڙني پاسن جو پاسدار رهيو ئي رهيو آهي. پر هن ڪتاب ”پهاڪا“ ذريعي پنهنجي تعليمي ۽ علمي سڃاڻپ ڏانهن، پڻ وک سوري اٿس. پاڻ انگريزي ۽ سنڌي جا جيڪي مشهور 1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪا سهيڙي سامهون آندا آهن، سي نوجوان نسل ۽ نون پڙهندڙن لاءِ اهڙي ئي مشعل آهن، جيڪا گُهگهه اونداهي رات ۾ هڪ رهنما جو سگهارو ڪردارا ادا ڪندي آهي.
Title Cover of book پهاڪا Proverbs

(گھه)

1359. گهٽو ڌاريم اُن کي ھٿان چري ڪپاھ.
1360. گھر جو پير، چلھ جو مارنگ.
1361. گهر ۾ کَڏ هجي ته ٻاهر ٻُهر ڇو اُڇلجي.
1362. گھر ۾ غرقي به نه ٺھي ٻاھر دم ھڻي ٺوڙھي جو.
1363. گھر ۾ به گھر کائڻو، ٻاھر به گھر کائڻو.
1364. گھڻ پيٽاري (حصن واري) بگري (پوک)، کائي ويئي جهار.
1365. گهڻن کي سمر ھڪڙي کي ڀري.
1366. گھڻن کنئين، ڇپر کڄي پوي.
1367. گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻي مڙسين هر نه هلي.
1368. گهڻي کاڌي کان گھڻو ڏٺو چڱو.
1369. گھڻيءَ کٽيءَ کان مور ياد ئي نه.
1370. گهوٽ ماءُ کان اهنئر ماءُ تڪڙي.
1371. گهوٽ ڪنؤار راضي ته ڪوهه ڪندو قاضي.
1372. گهوڙا ۽ پٽ، ملا ۽ ڀت، ھو ڪشيا تان رسيا ھو نيان تان چٽ.