(ڀ)
861. ڀتين کي به ڪن آھن.
862. ڀٽ ڀئي نه ڊڄجي ڀٽ جي ڀٽائي ڀئي ڊڄجي.
863. ڀڄ چريا، مست آيئي.
864. ڀڄندڙن جي اڳ ۾، لڪندڙن جي پٺ ۾.
865. ڀريءَ ڇنيءَ کان، ڀيري ڇنو چڱو.
866. ڀرئي اٺ تان، وڃڻي لٿي ته به چڱي.
867. ڀڳڙن کاڌي ھٿ ڌوتا پيا آھن.
868. ڀڳو گھڙو ڍئون ڍئون ڪري.
869. ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.
870. ڀلي ڀاڻ آئي، سا به ڀلي.
871. ڀلئي واڻئي گھ ڳڙ کاڌو.
872. ڀنگان چيز ٻڏن، لنڊي رووي ڪڻڪ ڪون.
873. ڀنگي دي جوءِ سدا سھاڳڻ، آفيمي دي جوءِ رووي، ڪيفي دي جوءِ ايوين آکي؛ ماريا ھت نه ھووي.
874. ڀينر ڀنڀوران جي ڀڳيون سي ڇٽيون.