لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪا Proverbs

1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪن تي مشتمل ھن تحقيقي ڪتاب جو سھيڙيندڙ بلوچ صحبت علي آھي.
بلوچ صحبت علي هونءِ ته ادب جي شاعراڻي ۽ نثري مڙني پاسن جو پاسدار رهيو ئي رهيو آهي. پر هن ڪتاب ”پهاڪا“ ذريعي پنهنجي تعليمي ۽ علمي سڃاڻپ ڏانهن، پڻ وک سوري اٿس. پاڻ انگريزي ۽ سنڌي جا جيڪي مشهور 1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪا سهيڙي سامهون آندا آهن، سي نوجوان نسل ۽ نون پڙهندڙن لاءِ اهڙي ئي مشعل آهن، جيڪا گُهگهه اونداهي رات ۾ هڪ رهنما جو سگهارو ڪردارا ادا ڪندي آهي.
Title Cover of book پهاڪا Proverbs

(خ)

1075. خان جي خاني، ماني مان معلوم ٿئي.
1076. خريدار ککڙن جو پڇي ھنداڻا.
1077. خون کٿوري، ڳجھو نه رھي.