(ک)
1309. کاڌي کي کامن، ڄاڙيون ڄاموٽن جون.
1310. کاڻي کچڻي، اونڌا طباق.
1311. کائجي دل پسند ھنڊائجي لوڪ پسند.
1312. کٿو سلامت ته ڀريون جھجھيون.
1313. کُٿي ڏاڙهي، هٿ نه اچي.
1314. کُٽو واڻيو، وهيون سنڀالي.
1315. کٽيو کائي مڙس جو، چئي جِئي ابو. يا کائي پيئي پي جو چي جِئي ابو.
1316. کٽيو تو تان گهوريو، وڃائج م مور.
1317. کٽيو کائي فقير، لٺيون جهلي ڀولڙو.
1318. کٽي مور نه آيو، چي رڻ ۾ ڦريس.
1319. کٽي آيو خان، اُگھاڙياس ڳئي.
1320. کچڻي ڪانھي جا کائي وٺبي.
1321. کدڙن پٽ ڄڻيا ته ھوند زالن مڙس ئي ڪين ڪيا.
1322. کڏ چي جيءَ سڏ.
1323. کَرُ ماڻهو، وڻ ٻاٻرو، ٻنهي ڏينهن کٽن.
1324. کڻ کلو، ٿيئي ڀلو.
1325. کوھي کمڻ جي نالو نارائن جو.
1326. کيتي، سر سيتي.
1327. کير جو کاڻل، جھڻ ڦوڪي پئي.
1328. کير ۽ کنڊ نور ۾ نور، جواني ۽ مايا پور ۾ پور، پنڌ ۽ بار سور ۾ سور.