(ل)
1374. لڀي لوڻڪ به نه، سڌون ڪري مريڙي کي.
1375. لتر کي چڪر پڄي.
1376. لڄا تان، لک به قربان.
1377. لچان چوران پت نه ڪائي توڙي ھوون سڳي ڀائي.
1378. لڇمي وڃي، تڏھين لڇڻ به وڃن.
1379. لڏ به ڏي لڏاڻي به ڏي.
1380. لڙھندو گدرو پترن نميا رت.
1381. لک کٽيا ڏومڻي (لنگھياڻي) جو ڏوم (لنگھو) سلامت آيو.
1382. لکُ مري، شال لکپال نه مري.
1383. لکي لکانو واچي الانو.
1384. لکئي مان لِکَ (ذرو) نڪو لاھي نڪو پائي.
1385. لکين ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾.
1386. لڳڻيون لُهارن کي، چَڏن ۾ چڻگون.
1387. لنگھن پنھنجو وھانؤ.
1388. لنگھو چڙي مڱن کان اُھيئي مڱ.
1389. لنگھي لاٿي لوئي ته ڪيا ڪريگا ڪوئي.
1390. لوڀ، سڀني پاپن جي پاڙ آھ.
1391. لوڀ ڇڏ ۽ سون مٺين سان ورھاءِ.
1392. لوڀيءَ سندي راڄ ۾، ٺوڳي مري نه بک.
1393. لوچ ته لھين لال کي ڏور ته پويئي ڏس.
1394. لولو چوي اسين حج وڃون، ڪانگ چوي اسين موئا آھيون ڇا.
1395. لوڻ وجهي ڀت ڀائيوار ٿيو.
1396. لھي لوھ به نه چي منھنجو نانءُ سون ٻائي.