لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪا Proverbs

1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪن تي مشتمل ھن تحقيقي ڪتاب جو سھيڙيندڙ بلوچ صحبت علي آھي.
بلوچ صحبت علي هونءِ ته ادب جي شاعراڻي ۽ نثري مڙني پاسن جو پاسدار رهيو ئي رهيو آهي. پر هن ڪتاب ”پهاڪا“ ذريعي پنهنجي تعليمي ۽ علمي سڃاڻپ ڏانهن، پڻ وک سوري اٿس. پاڻ انگريزي ۽ سنڌي جا جيڪي مشهور 1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪا سهيڙي سامهون آندا آهن، سي نوجوان نسل ۽ نون پڙهندڙن لاءِ اهڙي ئي مشعل آهن، جيڪا گُهگهه اونداهي رات ۾ هڪ رهنما جو سگهارو ڪردارا ادا ڪندي آهي.
Title Cover of book پهاڪا Proverbs

(م)

1397. مارائي اچجي، ماري نه اچجي.
1398. ماچي ته ناچي.
1399. مادي ڪڪڙ به ڪڏهين ٻانگ ڏني.
1400. مارجي ته مير نه ته چاڪر ڇا چڪائجن.
1401. مارڻ واري کان رکڻ وارو اوڏو آھي.
1402. مارئي کان پڏايو چڱو آھي.
1403. ماريءَ جي گهر، هڏن جو ڍير.
1404. مالڪ وڃن ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وڃن غوطا کائيندا.
1405. ماڻھو ٻٽيھ- لڇڻون، موچڙو ڇٽيھ- لڇڻون.
1406. ماڻهو سڀ چڱا پر ڪي ڪِن سان، ڪي ڪن سان.
1407. ماڻھو سڀ نه سھڻا پکي سڀ نه ھنجھ ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ اچي بوءِ بھار جي.
1408. ماءُ ڄڻيندي پٽڙي، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
1409. ماءُ مري رکي سڪي ڌيءُ دا نالا ڏھي.
1410. ماءُ جي ليکي پٽ کٽڻ ويو آھي پر بندرابن ۾ ٽنگيو پيو آھي.
1411. مڇ چوپئي به ڪو پيٽ ڀرجي.
1412. محبتي مڙن ته ٽن لوڪن ۾ لَکَ پوي.
1413. مڌ (شراب) پيوڻ، ذات پرکائڻ.
1414. مرد جي کٽي، زال جي ڪيوٽي (سھيڙ/ سنڀال).
1415. مرد مري مانَ کي، گانڊو مري نان کي.
1416. مردو نرڳ وڃي توڙي سرڳ وڃي.
1417. مرسان مرسان ته به ڊڀ نه چرسان.
1418. مرض اچي گھوڙي وانگيان، وڃي جون وانگيان.
1419. مروان موت، ملوڪان شڪار.
1420. مري نه ميھار ته وڳ ولھو ئي نه ٿئي.
1421. مڙس جو پاھوڙين سان ميڙي آڻڻ، زال جو سئي سان کوٽي ڪڍڻ.
1422. مر سين سڄاڻا ٻئي ٽنگون ڪاٺ ۾ کھ سين اڄاڻا ھنيون ھندوري لوڏيو.
1423. مُڙيا سي جُڙيا.
1424. مغلن آئي فارسي وسري ويندي آھي.
1425. مڱن ڏانڊي ڪارڙي ٽانڊي، مڱ پچي ڪارڙو نچي، مڱ لئو ڪارڙو مئو.
1426. مِلڪ ۾ ڏيڍ کجور، ميان ليٽي باغ ۾.
1427. ملڪ صاحب دا وسي، ڪوئي رووي ڪوئي ھسي.
1428. مُلو مئو، مهابو لٿو.
1429. ملو چور، ٻانگو گواھ.
1430. منهن ڏسي، تِلڪ ڏجي.
1431. منھن ڪنئرائي، ڳٽا پٽائي.
1432. موئا پر، پٽجن ھيلھ.
1433. موئا آهن، جِئرن جي وس.
1434. موئا به ڪڏهين مسڻ مان موٽيا آھن.
1435. موتيو اُتي مار، جا تي پاڻي ھئي تار.
1436. مور چڱو پر سندس پير ونگا.
1437. موڳو پنھنجي مانيءَ مان پيٽ ڀري کائي، وڃي وھِي مجلس ۾ ته سڀني سھائي، چريو ڳالھائي ته به بختاور بودلو.
1438. مئي کي مارڻ، سورِهَه جي گلا.
1439. ميان مري ته به حلوو کائڻو، بي بي مري ته به حلوو کائڻو.
1440. ميان جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽين تڏي.
1441. مينهن مچي ته هوريان هلي، رڍ مچي ته دڙيون ٽپي.
1442. ميون ڳور (قبر) لائق بي بي سيج لائق.
1443. مينھن ڌارڻ سولي آھ پر کرو ڪو ٺينھن (سنڀال/ آڳو پيڇو) ڌاري.
1444. ميوو، سڀڪو مندائتو مٺو.
1445. ميهر مينهن مان نڪتو، وڇن ڪهڙي پارت.