(ن)
1447. نه ڏجي ته ڏکوئجي به نه.
1448. نه ڪنھن کي عقل منجھايو آھي، نه ڪنھن کي سونھن سڪايو آھي.
1449. نه سٽ نه ڪپاھ، ڪورين ۾ لٺيون ڌڪا.
1450. نه ڪَتي، نه ڪوريءَ جي ڪاڻ ڪڍي.
1451. نه ڪنهن جي کٿي کي هٿ لائجي، نه پنهنجو پَٽُ ڀرائجي (ڦاڙائجي).
1452. نانگ کي کير پياربو ته به ھن جو وھ ڪين گھٽندو.
1453. نانگ ريجهائڻ سولو پر کرو ڪو ڳوھ ريجهائي.
1454. نانگلي (قسم ان جو) نه پرڻي ڪم اچي نه مرڻي ڪم اچي.
1455. ناني رڌڻ واري، ڏوهٽا کائڻ وارا.
1456. ناڻان گھوريا سرن تان، سر گھوريا شرمن تان.
1457. ناڻو ڏجي آڪرو ته گِهه ڇو وٺجي ٻاڪرو.
1458. ناڻو سو جو ڳنڍ، ٻاڻي سا جا ڪنٺ.
1459. ناڻو جھڙي تاو سان گھڙجي تھڙي تاو سان نڪري.
1460. ناڻو، نَرَ چُتو ڪري.
1461. نانءِ چڙھيو واپاري کٽي کائي، نانءِ چڙھيو چور ڦاھي چڙھي.
1462. نانءُ بڙا ديھ بيران/ ويران.
1463. نچڻ پيٺي ته گهونگهٽ ڪيها.
1464. نڌڻڪا گھوڙا، گئباڻا ھسوار.
1465. نڪي پاراتن ۾، نڪي منجهه دعا، انگ اڳيئي لکيا پارڻ پوءِ پيا.
1466. نڪي دٻگرن مال ميڙيو، نڪي سرھيا بک موئا.
1467. ننڍڙو ٻار مڇ جو وار، جيئن ورائجي تيئن وري.
1468. ننڍڙي نه ڏيک، وڏي ڊؤل اٿي.
1469. ننڍي مري نه مايڙي ٻڍي مري نه جوءِ، ڪنت چوڙيليءَ نا مري مت جھڻڪ وھيڻي ھوءِ.
1470. ننڍي وات مان، وڏو ويڻ نه ڪڍجي.
1471. نون ميهارن مينهون ڌاريون، کٿا لاهي دونهيون ٻاريون.
1472. نُهن سان ڇڄي ته ڪاتي ڇو وجھجي.
1473. نئن به تکي ڳڙ به مٺو.
1474. نئين سنياسڻ، چيلھ ۾ جٽائون.
1475. نئين ڪنوار، نو ڏينهن.
1476. نيچ نوڪري، اُتم کيتي، وڌندو واپار.
1477. نيڪي برباد، گناھ لازم.
1478. نيم طبيب خطره جان، نيم ملا خطره ايمان.