لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪا Proverbs

1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪن تي مشتمل ھن تحقيقي ڪتاب جو سھيڙيندڙ بلوچ صحبت علي آھي.
بلوچ صحبت علي هونءِ ته ادب جي شاعراڻي ۽ نثري مڙني پاسن جو پاسدار رهيو ئي رهيو آهي. پر هن ڪتاب ”پهاڪا“ ذريعي پنهنجي تعليمي ۽ علمي سڃاڻپ ڏانهن، پڻ وک سوري اٿس. پاڻ انگريزي ۽ سنڌي جا جيڪي مشهور 1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪا سهيڙي سامهون آندا آهن، سي نوجوان نسل ۽ نون پڙهندڙن لاءِ اهڙي ئي مشعل آهن، جيڪا گُهگهه اونداهي رات ۾ هڪ رهنما جو سگهارو ڪردارا ادا ڪندي آهي.
Title Cover of book پهاڪا Proverbs

(ش)

1209. شادي کان وڏي نيکيٽي.
1210. شڪر ڪر صحيح ته توئي سان توھ ٿئي.
1211. شينهن اڳيان لڪڙي اڇلڻ سولي، پر وري کڻڻ اولي.
1212. شينهن نه ڏيکيا ته ڏيک ٻِلاڙا، چور نه ڏيکيا ته ڏيک سونارا.
1213. شينھن وڙھندي، ٻوڙن جوکو.