(ق), (ڪ)
1229. قرض جهڙو ٻيو مرض ڪونھين.
1230. قرض، ڪوڙهه جو ٽڪو آھي.
1231. قوت ٿوري آڪڙ بھت، مار کاوڻ دي نشاني.
(ڪ)
1232. ڪاٿي ڪڇ، ڪاٿي ڪوھيارو.
1233. ڪاٺ کٽو، واڍو ڇٽو.
1234. ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ لڇ (لڇمي/ بخت).
1235. ڪا جا ڪيتيس ڪن وچ ڳالھ، ھر ڪو وتي آڪڙ نال.
1236. ڪاڏي ڪوري، ڪاڏي ترار.
1237. ڪارو ويھي ڪمري وٽ ته ورن نه مٽائي ته عادت مٽائي ئي مٽائي.
1238. ڪالھوڻي ڪالھ گئي، اڄ پڻ ڏينهن ٻيو، جنھن ۾ ماڻ پيو سا، راھ رھندي ڪيترو.
1239. ڪانياري ٻلي ڪئي جي جوءِ.
1240. ڪاڻيءَ جي ڪرم ۾ وگھن ئي وڏا.
1241. ڪاڻي وسوڙي، چئي ته مڙسم ويو آھي اک کي.
1242. ڪاڻيءَ جي وهانوَ ۾ سنگٽ گهڻا.
1243. ڪَتِم سڀ ڄمار ته پاندي پوري نه ٿئي.
1244. ڪتو به ان کي ڏاڙھي، موچڙا به ان کي لڳن.
1245. ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
1246. ڪُتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري.
1247. ڪتو، ڪڙم جو ويري.
1248. ڪتو ۽ ڪپاٽ، ٽوڙهي سان ٽپائجي، ساڌو ۽ سپاٽ، ويهارجي وچ ۾.
1249. ڪتي ڪن وڍيا.
1250. ڪتي ڪن وڍيا ٿيو شڪاري.
1251. ڪتي جا ڏند، گڏھ جو ماس.
1252. ڪتيءَ کي ڪنھن اُماڙي ڏني ھئي سا تارا ڏسي ٿي ڊني.
1253. ڪتي جو پڇ، ٻارھ مھينا نڙ ۾ وجھجي ته به سنئون نه ٿئي.
1254. ڪتي جو ڪارو منھن رٻ اوتري جي اوتري.
1255. ڪٿي چور سُڃا، ڪٿي ڍور سُڃا.
1256. ڪڃريءَ جو يار، بحريءَ جو شڪار، سدا خوار.
1257. ڪچيءَ ڪنان نه وريا ته پڪي ڇا ورندا.
1258. ڪچي وزيران ٿئي ٺڙڪو ٺڪران.
1259. ڪڇان ته مسان، نه ڪڇان ته پيئي لڇان.
1260. ڪڏهين ڀريءَ ۾ ته ڪڏهين ڀاڪر ۾.
1261. ڪڏھين ماٽي مَٽَ تي، ڪڏھين ماٽي مٿان مَٽُ.
1262. ڪڏهين ڳاڙھو گھوٽ، ڪڏھين مڙھ مقام ۾، واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو.
1263. ڪڍي ڪاڍارا ڏئي اڌارا.
1264. ڪرند پسند، ڏيند لھند.
1265. ڪڏهن درياه ٽپيو وڃي، ڪڏهن پاڻيءَ پاٽ ۾ ٻڏيو پوي. ورجيس452
1266. ڪرم-ھيڻ کيتي ڪري، بلد مري يا ٽوٽا پڙي.
1267. ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي.
1268. ڪسيري جي ڪتي، ٽڪي جا ٽڪر کائي.
1269. ڪشيئي نه ڪمان، پڙيئي نه ضمان، ٽپيئي نه کوھا، رھيئي نه جوئا.
1270. ڪک جو چور، سو لک جو چور.
1271. ڪک هيٺ لک پيو آھي.
1272. ڪکان ڪوڙي باھ، غلامان دوستي، يار نه ڪجي ڏوم پيادا پوستي.
1273. ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.
1274. ڪم نه ھئي ته رائيسا گھر گھمجن.
1275. ڪم پئي، ڪل پوي.
1276. ڪم پرين سڀڪو آھ، چم پرين ڪو نه آھي.
1277. ڪميڻو ڪپڙا ڪري ڏسي پنھنجو ڏيل، ڏسي پنھنجي ڏيل کي ڊوڙائي دليل.
1278. ڪماليت سان زواليت شامل آھي.
1279. ڪنڀر جي گھر ۾ سڄي ڍڪڻي نه لڀي.
1280. ڪنڊو لڳو گوڏي ۾ نڙگھٽ ڪيو ٺڪاءُ.
1281. ڪنڌيون ڏور قنڌارئون ڏور.
1282. ڪنگ کي لڙ ۾ مزو.
1283. ڪانگ کي لڙ ۾ ڳڙ.
1284. ڪنگر ۾ ڪپڙا پڙي مبارڪ.
1285. ڪني ماضي من ۾، ڪني استقبال، حيف تن جي حال، جن وساريو حال کي.
1286. ڪنيءَ رن جا، ٻار جئن ٿورا تئن چڱا.
1287. ڪني آڱر وڍي چڱي.
1288. ڪنهن جي ماني ڪري نه مور، ڪنھنجو ٽڪر ٿو ٽيڻا ڪري.
1289. ڪنهن ڦٺ سان ملڪ ڇڏيو ڪنھن نڪ وڍئي ه نه ڇڏيو.
1290. ڪڻڪ ڪڍي بھ کي ڏجي باھ.
1291. ڪوڏي حرام، بجڪو حلال.
1292. ڪوري کڏ کڻي اُن ۾ پاڻ پوي.
1293. ڪوري پلوين نه پائجي.
1294. ڪوڙ، ڄمار جي ڪتر آھي.
1295. ڪوڙ جو مثلو، ڪوڙ.
1296. ڪوڙھيو ڪتو کنھڻ ڌاران نه رھي.
1297. ڪوڙي جي ڊوڙ، کُڏَ تائين.
1298. ڪوڙي سڄڻ کان سچو ويري چڱو.
1299. ڪؤڙو کائجي مٺي جي لالچ تي.
1300. ڪوسا ناوي ٿڌا کاوي ته ويڄ پاس مور نه جاوي.
1301. ڪوسو پاڻي ڪک نه ساڙي.
1302. ڪوئي مري ڪوئي جيوي، شتريا گهول پتا شا پيوي.
1303. ڪھڻيءَ سڀڪو ڪھي پر کرو ڪو رھڻيءَ رھي.
1304. ڪھي سا رھي، ٻولي ٻاروچن جي.
1305. ڪي رٺي ھئي، ڪي آيس پيڪو ماڻھو.
1306. ڪي ڪوڏر ڪمايو ڪي ڪھاڙي وليو ته گھر سھيرو (سکيو) ھليو.
1307. ڪيليءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ.