لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪا Proverbs

1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪن تي مشتمل ھن تحقيقي ڪتاب جو سھيڙيندڙ بلوچ صحبت علي آھي.
بلوچ صحبت علي هونءِ ته ادب جي شاعراڻي ۽ نثري مڙني پاسن جو پاسدار رهيو ئي رهيو آهي. پر هن ڪتاب ”پهاڪا“ ذريعي پنهنجي تعليمي ۽ علمي سڃاڻپ ڏانهن، پڻ وک سوري اٿس. پاڻ انگريزي ۽ سنڌي جا جيڪي مشهور 1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪا سهيڙي سامهون آندا آهن، سي نوجوان نسل ۽ نون پڙهندڙن لاءِ اهڙي ئي مشعل آهن، جيڪا گُهگهه اونداهي رات ۾ هڪ رهنما جو سگهارو ڪردارا ادا ڪندي آهي.
Title Cover of book پهاڪا Proverbs

مددي ڪتاب

رُٺي آهي گهوٽ سان الطاف شيخ
پهاڪن جي پاڙ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
سنڌي انگلش ڊڪشنري اي – ٽي- شاهاڻي
چيمبرس 20th سينچري ڊڪشنري
New Edition ڊي-ايڇ هو
گائيڊيڊ انٽروڊڪٽري. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
هڪ جلدي سنڌي لغات علي ڏنو شاهه
سنڌي گرامر انجنيئر عبدالوهاب سهتو
سنڌي پهاڪا ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي
پهاڪن جي پروڙ شمس الدين تونيو لاڙڪاڻو
آواز اخلاق عرف سنڌي پهاڪا ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي
ورجيسون (پسمنظر ۽ ڪارج) انجنيئر عبدالوهاب سهتو