پنهنجي پاران
ان کان اڳ ۾ مون “پهاڪن جي پاڙ ” ڪتاب خريد ڪري پڙهيو، جيڪو اڄ به منهنجي ذاتي لائبريري ۾ موجود آهي. هن ڪتاب جو سهڙيندڙ محترم سائين ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جن آهن. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ، سنڌ ڇپرايو آهي. اصل ۾ هن ڪتاب جي ارپنا مون کي روئاري وڌو. اسين حساس طبيعت جا ماڻهو اهڙين جي جهوريندڙ لکڻيڻ تي نِيڻن جي بارشن کي نه ٿا روڪي سگهون. ڇو ته ارپنا هڪ ته سرائڪي زبان ۾ آهي ۽ ٻي ته وري، سنديلو صاحب پنهنجي ارپنا پنهنجي ننڍڙي نالي “ناوڙي” جيڪا 14 فيبروري 1962 ع کين کان وڇڙي وئي هئي، ان کي ڪتاب ارپيو اٿس. اصل ۾ هي ڪتاب جيئين ته عنوان مان ئي ظاهر ٿو ڪري ته هن ۾ پهاڪن جي پاڙ آهي، پهاڪي جي شروعات آهي. ته پهاڪو شروع ڪيئن ٿا. ان جو سڄي ڪهاڻي ٻڌائي وئي آهي. مثال “پهاڪن جي پاڙ” ۾ هڪڙو مشهور پهاڪو آهي، “اهڙي جٺ ڪيائينس، جهڙي ٻرڙو ڪري ٻارن سان”. ان پهاڪي جي پاڙ سنديلو صاحب ٻڌائي ٿو ته ؛ هڪ دفعي (مسلمانن جي هڪ ذات) پنهنجي دوست جي گهر، مهمان ٿي ويو. صبح سان، مهمان کي نيرن ڪرائي، گهر جا ڀاتي، رونبي تي ويا ۽ مهمان کي چيائون ته “ٻارڙن جي سنڀال ڪج”. اڃان اڌ ڪلاڪ مس گذريو ته ٻارن رئڻ شروع ڪيو. ويچارو مهمان، گهڻو ئي ٻارن کي پرچائي، پر ٻار ماٺ ئي نه ڪن! جڏهن مهمان کان ڳالهه زور وٺي ويئي، تڏهن ٻارن کي گُنديءَ ۾ وجهي ڇڏيائين. جڏهن منجهند جو، گهر جا ڀاتي، رونبي تان موٽيا، تڏهن مهمان کان ٻارن جو پڇيائون. مهمان گُنديءَ جو ڏس ڏنن. اهڙيءِ اڻ سهائيندڙ حالت کي ڏسي، ڪنهن ائين چيو.
يا وري جڏهن مون محترم انجنيئر عبدالوهاب سهتو صاحب جو ڪتاب، “ورجيسون (پسمنظر ۽ ڪارج) جيڪو سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 2003ع ۾ ڇپيو، ان ڪتاب به منهنجي شوق ۾ اظافو ڪيو ته پهاڪن کي پڙهجي ۽ ٻولي جو رس چس وٺجي.
ان کان علاوه مون محترم سائين نورالدين سرڪي صاحب جو ڪتاب “پهاڪا ڏات جا ڏيئا” پڙهيو، جنهن به مون کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته سنڌي ۽ انگريزي پهاڪن تي ڪم ڪجي. پر خاص ڪري جنهن ڪتاب مون کي سڀ کان وڌيڪ منهنجي دلچسپي جو ڪارڻ بڻيو اها هئي سنڌي ٽو انگريزي ڊڪشنري، جنهن جي آخر ۾ پهاڪا ڏنل آهن. اها ڊڪشنري محترم اي ٽي شاهاڻي صاحب جي لکيل آهي. مطلب ته اهي پهاڪا پڙهندي مون شوق ٿيو ته اهي پهاڪا ڪنهن الڳ ڪتاب ۾ ملن پر مون کي نه مليو، هي پهاڪن جو ڪتاب ان شوق جو نتيجو آهي. جيڪو اڄ توهان جي هٿن ۾ آهي.
سنڌي ٻولي ۽ ادب جو ادنان شاگرد
بلوچ صحبت علي