(ج)
956. جاتي وڻ نه آهي، تاتي ڪانڊيرو به درخت.
957. جاتي کير تاتي کنڊ، جاتي جھڻ تاتي لوڻ.
958. جا ڄائي نه ھوندي سا مرندي ڪٿان.
959. جاڏي وڃي واگھو، تاڏي پاڻي تانگھو.
960. جاڏي پوي جھار(پکين جي گولري) تاڏي ڳوڙھو نه ھڻي.
961. جاسين للو(نالو) کڻي لٺ، تاسين ڪرھ(جھيڙو) اُجھاڻي.
962. جاسين ڍائو مٿو کنهي، تاسين بکئي جو مٿو وڃي.
963. جا مڙسي مڙسن ۾ سا مارئي ۾ نه آ.
964. جاھلن جواب آھي ماٺ مٺي.
965. جائين لنگھيا ڀٽ ته پڻھن ڏاڙھيءَ موچڙو.
966. جا چئي ته جوڙائي ڏس، شادي چوي ته ڪري ڏس.
967. جبل سان مٿو ھڻبو ته نيٺ مٿو ڀڄندو.
968. جتي باھ ٻري، تتي سيڪ اچي.
969. جتي اٺ ترندو اُتي پڇ به ترندو.
970. جتي پڄڻ ڪم ناه، تتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
971. جتي ويڙھا، تتي جھيڙا.
972. جڏھين تڏھين چورڙاميءَ وھاڻيءَ رات
973. جڏھين آٿر ٿي سبيا تڏھين گڏھن ٿي رنو.
974. جڏھين ٻورا ٿي سبيا تڏھين اُٺن ٿي رنو.
975. جڏھين ڏند هئا تڏھين حلوو نه هو، جڏھين حلوو آھي تڏھين ڏند نه آهن.
976. جڏھين ڳوھ کي موت کڻي تڏھين ڳولي شڪارين جا گھر.
977. جر (پاڻي) نئيس جيڏي نه نئيس.
978. جڙيءَ کي جس.
979. جڳ مڙيوئي جوا بازي، ڪن کٽي ڪن هاري.
980. جن جي پلو ۾ داڻا سي چريا ئي سياڻا.
981. جنڊ بي وار، بٺ (ڦلن/ ڀڳڙن ڀڄڻ جي تئي) بي وار.
982. جنهن اڀرندي تاءُ نه ڪيو، سو الهندي ڇا ڪندو.
983. جنھن ساس ڏنو آھي، سو گراس به ڏيندو.
984. جنهن ڪاڻ اڳي هلي بيهجي، تنهن سان گڏيو ڇو نه وڃجي.
985. جنھين سندي منھين (اوطاق)، تنھين جو آچار.
986. جنھنجي ويلا (وقت)، تنھنجي رکيا.
987. جنهن جي ھيڪار ڪيائين ڪوڙي ٿي، تنھين جي ٻيھار سچي ساک نه وسھان.
988. جنهن جي واٽ نه وڃجي، تنهن جو پنڌ به نه پڇجي.
989. جنهن جي ساھ کنئي ڪل ڪا نه پوي، تنهن کي سور ڪيھو سلجي. جو سنڌي سمجھي ڪينڪي تنھن سان ھندي ڇا ھلجي.
990. جنھن جو ڪم سو ئي ڪري، ٻيو ڪري تان گھاٽو ڀري.
991. جنھين ڪاڻ مياس، سي ڪلھي ڪانڌي نه ٿيا.
992. جنھن جي ماني تنھن جي ڪاني (ڪرامت).
993. جنھن جو بڻ بڇڙو، تنھن جو ميوو مٺو نه ٿئي.
994. جنھن جو پيءُ ماءُ جيئرو، تنھنکي ڇورو ڪيئن چئجي.
995. جو ڍيري گڏھ رکپال.
996. جو واءُ جبل اڏائين تنھن جي اڳيان ڪپھ ڇا آھي.
997. جواريءَ ميٺي ھار.
998. جوا ھارڻ واري جو اڌ منهن ڪارو ۽ کٽڻ واري جو سڄو منهن ڪارو.
999. جـَوَ پوکي، ڪڻڪ ڪو نه لڻندو.
1000. جو تيرا سو ميرا جو ميرا سو اين اين.
1001. جو اُٽي سو ارجن.
1002. جھڙا عاشق عيد ۾، تھڙا منجھ مقام.
1003. جهڙا روح، تهڙا ختما.
1004. جھڙا ڪانو، تھڙا ٻچا.
1005. جھڙو ڏيس، تھڙو ويس.
1006. جھڙو منھن، تھڙو موچڙو.
1007. جھڙو سمر آپڻو، تھڙو مِٽُ نه ڪو.
1008. جهڙي سٺ، تهڙيون ٽي ويهيون.
1009. جھڙي ٻني تھڙو ٻج، تنھنجي سلي ڀئه نه ڊڄ.
1010. جهڙي ڀِت، تهڙو چِٽ.
1011. جھڙي نيت، تھڙي مراد.
1012. جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي.
1013. جي پوندا سوڙھين تن لڳندا سيلھ.
1014. جي وسي چيٽ ته ان نه ماپي کيٽ.
1015. جي جڏھين ڀڳا سي تڏھين ڇٽا.
1016. جي نه وڃجي پاڻ ته نينھن نياپي نه ٿئي.
1017. جي جڏھين چڙھيا سي تڏھين سوار.
1018. جي گھڙيا، سي چڙھيا.
1019. جي ھڻن، سي کڻن.
1020. جي ڄڻين، سي نپائين.
1021. جيءُ خوش ته جهان خوش.
1022. جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
1023. جيڏا ڏوتا، تيڏا ڀوتا.
1024. جيڏو پٽ (ڪشتي جنھن ۾ فقير پنندا آھن)، تيڏي بکيا.
1025. جيڏي رات، تيڏو سپنو.
1026. جيرو ته لک جو، مئو ته ڪک جو.
1027. جيري لاءِ ٻڪري نه ڪهجي.
1028. جيڪا ڌاريان ٻڪري تنھن لمندا ڪن.
1029. جيڪي چٻيو، سو ڦٻيو.
1030. جيڪي ڏسي ڄار، سو ڏسي ميؤ (مھاڻو) ته ڦاٽي مري.
1031. جيڪي ڪني ۾ هوندو، سو پاٽ ۾ پوندو.
1032. جيڪي کوھ ۾ ھوندو، سو آھَ (حوض) ۾ پوندو.
1033. جيڪي لکيو منجھ ازل تنھن کي ڪير وجھي جھل.
1034. جيڪي ھوندو ڀاڳ ۾ سو وھي پوندو پاڳ ۾.