(ض)، (ط)، (ع)، (غ)
(ط)
1218. طمع سندو طس، ڀريو ڀرجي ڪينڪي.
(ظ)
1219. ظلم قائم آھي پر ڪندڙ قائم نه آھي.
(ع)
1220. عشق نه ڏسي ذات، نه ڏسي ڪذات.
1221. عقل ريءَ عذاب، گھڻان پسندينءَ جندڙي.
1222. عقل، اھيرن جو ڌريون ئي ويو، مڱائن ھڪڙو پرڻائن ٻيو.
1223. عقل ۽ سونھن ڪنھن کي نه سڪايو آھي.
1224. علت وڃي عادت نه وڃي.
1225. عيسيٰ نه موسيٰ بڙا پير پئسا.
(غ)
1226. غريب جي جوءِ، ڏيھ جي ڀاڄائي.
1227. غيب گدو چوي خبر خاوند کي.