(ھه)
1504. ھار ماني ته جھڳڙا ٽوٽا.
1505. ھارياري جي ھير ٽنگ ڀڳي به نه رھي.
1506. هارئي کان، پيتو ڀلو آھي.
1507. ھاسي (کل/ مسخري)، ڪرهه جي ماسي.
1508. ھاڻوڪا جوان ڪاتيءَ جا مياڻ، ڌڪو ڏجي ٻئي کي ته ڪري پون پاڻ.
1509. هٿ جنين جو ھنئن پھرين پتڻ سي لنگھن.
1510. هٿ ڪنگڻ کي آرسيءَ جو کپ ڪهڙو.
1511. هٿن سان هاجون ڪري، پيرن سان کڏون کڻي.
1512. هٺ (بت) سھائيندو کائجي لوڪ سھائيندو پھرجي.
1513. هجيئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو، نه ته وت ويڳاڻو.
1514. ھر ٻول وچ ۾ ڦولھ.
1515. هر ھالا منھن ڪالا.
1516. ھر ھر ھورائي (ھلڪائي) وڃڻ در دوسن جي.
1517. هرڻي اڳيئي نچڻي، ويتر پئس گهنڊڻي.
1518. ھڙ بي گاسو (ھرج/ نقصان)، لوڪ بي تماشو.
1519. هڙ سکڻي، لوڏ گهڻي.
1520. ھڙ ۾ تماڪ ته جھنگ مڙيوئي دائرو.
1521. ھڙ ۾ ھريڙون، گوڏ ۾ پتاشا.
1522. ھسڻو جوڳي پڏڻي نار گد ڪھي اھي ٻئي مار.
1523. ھڪ سج ٻه پاڇا.
1524. هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ ڪري لڪائجي.
1525. ھڪڙو ھٿ کير ۾، ٻيو ھٿ نير ۾.
1526. ھڪڙو چوي ٻيو مڃي، تنھنجو پورھيو ڌڻي نه ڀڃي.
1527. ھڪڙي مار، ٻي جھينگار.
1528. هڱ سهانگي ته به ڪا ٻاٽ ۾ گهوربي.
1529. ھمتِ مردان، مدد خدا.
1530. ھنجهه نه ميرو وت جاسين جيئين ڏينھڙا، جيءُ نه جنجل گھت سرُ تان سَرَ (تلاوَ) ڪيترا.
1531. هنجھن سان حرص ڪري اڏاڻي چڙي، چڻو هوس چهنب ۾، سو به پيس ڪري.
1532. ھنڌ ڏسي، ھاسي ڪجي.
1533. ھنڊي اُڀامندي ته پنھنجا ڪَنان کائيندي.
1534. هنر واري جو هنر، بي هنر جي جِند.
1535. ھڻ ڌيءَ کي، سکي ننھن.
1536. ھڻن ڪين حمير کائن پاٽ پلاءَ جي.
1537. هو ساڻ ئي نه نين، هيءَ ڏاند چڙهندي.
1538. هو سوڙ پاند به نه ڏين، هيءَ وچ سمهندي.
1539. ھيانو تتي کان کڙي تتي چڱي.
1540. هيري جي پرک مان ڇا ڄاڻي شيشگر.
1541. هيڻي کي نه ھڻي سو ھٿن ۾ لھي.