لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪا Proverbs

1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪن تي مشتمل ھن تحقيقي ڪتاب جو سھيڙيندڙ بلوچ صحبت علي آھي.
بلوچ صحبت علي هونءِ ته ادب جي شاعراڻي ۽ نثري مڙني پاسن جو پاسدار رهيو ئي رهيو آهي. پر هن ڪتاب ”پهاڪا“ ذريعي پنهنجي تعليمي ۽ علمي سڃاڻپ ڏانهن، پڻ وک سوري اٿس. پاڻ انگريزي ۽ سنڌي جا جيڪي مشهور 1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪا سهيڙي سامهون آندا آهن، سي نوجوان نسل ۽ نون پڙهندڙن لاءِ اهڙي ئي مشعل آهن، جيڪا گُهگهه اونداهي رات ۾ هڪ رهنما جو سگهارو ڪردارا ادا ڪندي آهي.
Title Cover of book پهاڪا Proverbs

(ب)

823. بادشاھين پوندي معاملي ڄٽي ڪير ويچاري.
824. باسڻ ھڪڙو کڻي، ٺڪر گھڻن کي اچي.
825. بڇڙو ڪتو، ڌڻي ڀرائي.
826. بختاورن جا ڍڳا به ويامن.
827. بڙا ڪھاوڻ بڙا دک پاوڻ ڇوٽي ڪا دک دور.
828. بک وچان اگھڙ ياد ئي نه.
829. بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.
830. بکيي کي بصر سان روٽي رکيائي سيري کان سواد ۾ ڏيڍي سوائي.
831. بندرو ٻڌي سندرو ته وڃي سڀ کان اڳرو.
832. بندي جي من ۾ هڪڙي صاحب جي من ۾ ٻي.
833. بي عقل جي بلا دور.
834. بي عقل دوست کان داناءُ دشمن چڱو.
835. بيڪار کان، بيگار ڀلي.