ترجمو: پهاڪا Proverbs
“Too many cooks spoil the broth”
گهڻي زالين گهر نه هلي، گهڻي هارين هر نه هلي.
اصل ۾ جڏهن ڪا هڪڙي ڀاڄي/ٻوڙ، مختلف/ گهڻا بورچي پچائيندا ته پوءِ اهي ان ٻوڙ / ڀاڄي کي بگاڙي / خراب ڪري ڇڏيندا. ڇو ته هر باورچي پنهنجي ترڪيب / طريقي مطابق ٻوڙ تيار ڪندو آهي. ۽ هر باورچي جو طريقو مختلف هوندو آهي. ڪو باورچي چوندو ته لوڻ گهٽ آهي، ڪو وري چوندو ته مرچ اڃان وڌيڪ پوندس. مطلب ته اُهي پاڻ ۾ ئي متفق نه ٿيندا. ان ڪري اها چوڻي انگريزي ۾ آهي ته ”گهڻا باورچي ٻوڙ / ڀاڄي کي بگاڙي ڇڏيندا“ جڏهن ته اسان وٽ وري سنڌي ۾ هڪ پهاڪو آهي ته ”گهڻين زالين (زالن) گهر نه هلي ۽ گهڻين هارين (هاري) سان هر نه هلي.
هتي تصوير ۾ به اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي. جيڪو توهان ڏسي رهيا آهيو.
اها صحيح ڳالهه آهي ته جڏهن گهڻا ماڻهو ٻوڙ / ڀاڄي / رٻ چاڙهڻ / پچائڻ جي ڪوشش ڪندا ته اهي هڪ ٻئي جي پيرن ۾ اچي ويندا يا وري هڪ ٻئي جي اڳيان ٽڪرائجي ويندا. ۽ ٻوڙ / ڀاڄي خراب ٿي ويندي پر پهاڪي جي معنيٰ اڃان به ان کان اڳتي آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته جڏهن به گهڻا ماڻهو ڪوبه هڪڙو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته اهو ڪم چڱي طرح ٿي نه سگهندو.
انگريزي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻا پهاڪا آهن. ماڻهو اهي استعمال ڪرڻ پسند ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي مختصر ۽ ذهن نشين ڪرڻ / ياد ڪرڻ ۾ سولا آهن. اهي ڏسڻ ۾ ڏاهپ وارا / دانشمندانا/ عقل وارا ايندا آهن ۽ اسان اڪثر ڪري پنهنجن دوستن کي صلاح و مشوره ڏيڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون. پر اسان کي ڪڏهن ڪڏهن ٻه پهاڪا هڪ ٻئي جي برخلاف / ابتڙ به ملندا آهن. مثال جي طور هڪڙي پهاڪي جو مطلب آهي.
1646. Look before you leap ”ٽپي / ٽپو ڏيڻ کان اڳ ۾ / اڳتي ڏسجي“
کير جو سڙيل ڏُڌ کي به ڦوڪا ڏئي.
Leap = ڇال / ٽپو ڏيڻ
ٽپو ڏئي پار ڪرڻ
(اگهه پارَ) اوچتو چڙهي وڃڻ.
By Leaps and bounds = تيزي، ڦڙتي سان ترقي
Leap in the dark = اونداهيءَ ۾ ٽپو ڏيڻ
غير يقين يا خطرناڪ صورتحال ۾ جرئتمنداڻو قدم
Leap to the eye:= اک ڇنڀ ۾ ظاهر ٿيڻ.
Leap year:= هر چوٿين سال 366 ڏينهن جو سال- جڏهن فيبروري ۾ 28 ڏينهن بدران 29 ڏينهن ٿيندا آهن.
ان جو مطلب اهو آهي ته اسان کي ڪنهن به ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ غور سان سوچڻ / سمجهڻ گهرجي. پر وري ٻيو پهاڪو چوي ٿو:-
1647. He who hesitates is lost
معنيٰ: ”جنهن به تڪڙ ڪئي ان هارايو“ يا وري ”تڪڙ ڪم شيطان جو“ ان جي معنيٰ اها آهي ته ”جيستائين اسان تڪڙ نه ڪنداسين، تيستائين اسان کي گهڻي دير ٿي چڪي هوندي“
هن جملن جي آخري ٽڪري ۾ ۽ مشق ۾ توهان کي ڪجهه انگريزي ۾ مشهور پهاڪا ملندا. انهن مان ڪيترائي سوين سالن جا پراڻا آهن، ۽ اِها ڪنهن کي خبر ڪونهي ته اهو پهاڪو اڳ ۾ / شروع ۾ ڪنهن جي واتان نڪتو. ڪنهن چيو ته ڪجهه مشهور ڪتابن مان آيا آهن/ اچن ٿا. هڪڙو پهاڪو قرآن ۽ بائيبل ۾ مليو، اهو آهي:-
1648. Do the others as you would like them to do to you.
ڀلو ڪر ته ڀلو ٿئي / ٻين سان به اهڙو سلوڪ / ورتاءُ ڪيو جهڙو توهان ٻين کان پاڻ لاءِ چاهيو ٿا / اُميد ڪيو ٿا.
1649. What do you think, these mean?
توهان ڇا ٿا سمجهو ته اِنهن جي معنيٰ / مطلب ڇا آهي.
1650. Every cloud has a silver lining.
”ڏکن پٺيان سُک“ "ہر بادل امیہ کی ایک کرن ہے"
1651. People who live in glass houses should not throw stones.
سونڊ ۾ رهي واڳوئن سان وير نه وٺجي
اڻ هيري جي هير ٽنگ ڀڄي ته به نه مڙي
شیشے کے گہروں میں رہنے والے لوگوں کو پتھر پھیکنا نہیں چاہیئے
1652. He who rides on a tiger can never get off.
جيڪو به چيتي تي سواري ٿو ڪري سو ڪنهن به پنڻ ڪڏهن ختم نه ٿو ڪري سگهي.
هڪ فقير جنهن کي هٿ ٽنگڻ جي هير پئجي وئي ته پوءِ هو نه مڙندو.
1653. Don’t count your chickens until, they are hatched.
پاڻي کان اڳي ئي ڪپڙا لاهڻ.
1654. A leopard does not change his spots.
- ڪارو ٻڌ ڪمري سان رنگ نه مٽائي، ته به عادت ضرور مٽائي.
- فطرت، ڪڏهن به تبديل نه ٿيندي آهي.
1655. To jump out of the frying pan into the fire.
آسمان سے گرا کجور پے اٹکا
هڪ مصيبت مان نڪتو، ٻي ۾ ڦاٿو.
ڏٻري اڳي ئي ويتر مڇر گهڻا
ڏُٻري ڍڳي کي وري مڇر به گهڻا
1656. The early bird catches the worm. پپلے مرے سو میری
1657. You can not have your cake and eat it.
هڪ مُٺ ۾ ٻه گدرا نه ٿا کڻي سگهجن
First come first served جيڪو اڳي سو تڳي
ڀت جي اڳياڙي، جهيڙي جي پڇاڙي
Look before you leap پھونک پھونک کر قدم رکہنا۔
سوچي سمجهي قدم کڻجي.
کير جو سڙيل، ڏُڌ کي به ڦوڪا ڏيئي
More haste, less speed جيئن تڪڙ، تيئن دير
(ڪم ۾ جلدي جلد بازي / تڪڙ ڪبي، ڪم ۾ اوترو ئي دير ٿيندي ويندي)
Waste not, want not فضول خرچ تڪليف ۾ رهندو آهي.
1658. A fool end his money are soon parted
مڙس موالي، کيسا خالي.
احمق جي دولت کي ٽڪاءُ ڪونهي.
1659. The proof of the pudding is in the eating.
چکڻ کان پوءِ ئي کاڌي جي معيار جي خبر پوندي.
کھیر کا ثبوت کھانے میں ہے۔
1660. It is no use crying over spilt milk.
هاريو کير ٿڻن نه پوي
1661. He who hesitates is not جو ڈر گیا وہ مر گیا
جيڪو گهٻرائجي ويو، سو مري ويو.
1662. A rolling stone gathers no moss
ڌوٻي جو ڪُتو نه گهر جو نه گهاٽ جو