(و)
1480. واتئون خرار کاڄن، نڪئون ڪڻون به نه کاڄي.
1481. وارا، ڄمارا آھن.
1482. واڱڻ ڪِن کي وائي، ڪن کي پيٽي.
1483. واڻيون پنج نه سھي پنجاهه سھي.
1484. واھڻ جو واڻيون تھڙو ڍوري جو پاتڻي.
1485. واءَ جبل اُڏائين تنھن جي اڳيان ڪپاھ ڇا آھي.
1486. وڇ ڪڏي ڪيري آھر. يا وڇ ڪڏي ٿوڻيءَ آھر.
1487. وَڇ کير ڏئي ته مينهن ڇو ڌارجي.
1488. وڏي ٻاگھي، ڪي وڏي ڌيڻس.
1489. وڙهن سپاهي، پڏائجن سردار.
1490. وس ڪرڻ مون واڪا ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
1491. وسي ته به ڏٻري گسي، نه وسي ته به ڏٻري گسي.
1492. وقت پڙي بانڪا (ڏنگو/ خراب)، ڪھيئي گڏھ ڪو ڪاڪا.
1493. ونڊ کائي، سک پائي.
1494. وڻجن ٻير کائجن ڊاکون، تن گھرن جون ڪھڙيون ساکون.
1495. وھ وڻجي سو وھ مان کائي.
1496. وهندو پير ٻوڙ به چڱو، بيٺل تارِ به نه چڱو.
1497. وِھي درياءَ ڀر تي وير وجھي واگھوءَ سان.
1498. وير وير واڌائي به ورچائي.
1499. ويري هڪڙو به گهڻو، سڄڻ ھزار به ٿورا.
1500. ويهي ويهي مڙس ڪري، سا وَهي ڇو وڃائي.
1501. ويئي سڱن کي ڪن به وڍائي آئي.
1502. ويئي تٿ ٻانڀڻ به نه واچي.