(ڏ)
1098. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.
1099. ڏاند چڙھئي ٿي ڏک ڏسي.
1100. ڏاندن ڳاھ مردان ڌڪا، زالان ساھ پنڌ وچ سڪا، گھوڙا ضبط ڪنان وڃ لڪا.
1101. ڏاهو ڪانؤ، ٻِه- ڄنگھو ڦاسي.
1102. ڏاهو ڪانؤ کائي گونهه، ڀوري بلبل کائي شڪر.
1103. ڏائڻ هلي مڙدا ڪڍڻ، مڙدن ڪپڙا به لاهي ورتس.
1104. ڏٻري ڍور کي، مڇر گھڻا.
1105. ڏٻري جو ڌڻي، سويرو پلاڻي.
1106. ڏٿ نه کُٽو، ڏوٿي کٽا.
1107. ڏٺو پير، پُني مراد.
1108. ڏٺو سڀ وسار، اڻ ڏٺي کي ياد ڪر.
1109. ڏُچر گھوڙو، سچر زال ٻئي ٻن پيا.
1110. ڏڌو کير، ٿڻين نه پوي.
1111. ڏڏن جو به ڏاتار.
1112. ڏِسُ ڪاڻي کان، اک ڪاڻي چڱي.
1113. ڏک کان سواءِ، سک نه ٿو ملي.
1114. ڏکڻ مينھن نه وسڻا، جي وسي ته ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نه ھڻڻا، جي ھڻي ته جهوري.
1115. ڏمرجي ڏيهه ڌڻي، ڇاڄا (منهه يا گھر) ڇڏائي.
1116. ڏنون، ٻنون آھي.
1117. ڏني جو پٽ ڇٽو.
1118. ڏيڻ سڀ چڱو، بڇڙي هڪڙي گار، وٺڻ سڀ بڇڙو، چڱي هڪڙي دل.
1119. ڏيڻ، ڏيھ ڇڏڻ، ڏيھي ڇڏڻ (بت يا جسم) ٽيئي اھنجا.
1120. ڏئي جي پٺ ۾ اوندھ.