لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪا Proverbs

1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪن تي مشتمل ھن تحقيقي ڪتاب جو سھيڙيندڙ بلوچ صحبت علي آھي.
بلوچ صحبت علي هونءِ ته ادب جي شاعراڻي ۽ نثري مڙني پاسن جو پاسدار رهيو ئي رهيو آهي. پر هن ڪتاب ”پهاڪا“ ذريعي پنهنجي تعليمي ۽ علمي سڃاڻپ ڏانهن، پڻ وک سوري اٿس. پاڻ انگريزي ۽ سنڌي جا جيڪي مشهور 1662 سنڌي ۽ انگريزي پھاڪا سهيڙي سامهون آندا آهن، سي نوجوان نسل ۽ نون پڙهندڙن لاءِ اهڙي ئي مشعل آهن، جيڪا گُهگهه اونداهي رات ۾ هڪ رهنما جو سگهارو ڪردارا ادا ڪندي آهي.
Title Cover of book پهاڪا Proverbs

(ت)

875. تاڙي، ھڪ ھٿي ڪين وڄندي آھي.
876. تِر جي گٿي، سؤ چوٽون کائي.
877. تڪڙ ۽ طمع ڇا ڏجي.
878. تڪڙ، ڪم شيطان جو.
879. تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي.
880. تڪڙو ماڻهو، ٻه ڀيرا هنگي.
881. توڙي وڃي روم، ته به ماني ۽ ٿوم، لکي لوح قلم ۾(نصيب ۾).
882. تون آکيسين(چوندين) مئن نه مڃيسان، مين بازي کٽي.
883. تون ڀؤنڪ ميڪون نندرا آوي.