(پ) 892. پاپ ڪي مايا، پراڇت جاءِ. 893. پاڻ نه پاري، ڪتا ڌاري. 894. پاڻ نه پَلي سسئي، لوڪان متيون ڏئي. 895. پاڻ پنڻ، گھوڙا ڳنھڻ. 896. پاڻي ۽ باھ، ٿورو ڪري نه ڄاڻجن. 897. پاڻي کان اڳي ڪپڙا نه لاھجن. 898. پاڻي پي نه ذات پڇجي. 899. پائجي ته وڏي ڍيران
947. ڦاڙهو جاتي کائي، اتي اوجهه ڏئي(مري).
948. ڦِٺِ بجو ڪج، پر گيهه ذرو ڏج.
949. ڦرندي گھرندي نامردان دي، مردان دي ھڪ.
950. ڦَرَ کان اڳي، ڄر نه ڪڍجي.
951. ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ.
952. ڦل نه ڦل جي پاکري.
953. ڦلھر ۾ ٿو ڦوڪون ڏئي.
954. ڦورو نه ڦولھي شال سنئين پئي صراف کي.