(ٻ)
837. ٻه تراريون ھڪ کپ ۾ نه ماپن.
838. ٻه ته ٻارنھن.
839. ٻه شينھن ھڪڙي ٻيلي ۾ نه ماپن.
840. ٻه گدرا مٺ ۾ ڪين اچن.
841. ٻاٻل (پريو مڙس، ڳوٺ جو مکي) آچاري، پر ڪو مڃي.
842. ٻارڻ ٻھون ڪجن ته به رڙا (مٽر يا مڱ جا داڻا جي ڳرن ئي نه) ڪين رجھن.
843. ٻانڀڻ ٻڪري، در تي ڦڪڙي.
844. ٻائي ٻير، اڍائي سير.
845. ٻائي جو ٻائو، تيوڻ جو تيوڻ.
846. ٻاھران چکي مکي، اندران بڙ بڙ دکي.
847. ٻٻرن کان ٿو ٻير گھري.
848. ٻڏي ماڻھون جو به ٽئي ڏينھن ڏس پوي.
849. ٻڏي ٻيڙي جو لوھ به چڱو.
850. ٻڏي ٻيڙيءَ مان هريڙون به چڱيون.
851. ٻري تيل کامي وٽ، واھ ڙي ڏيا واھ.
852. ٻڪري کي ساس جي، ڪاسائي کي ماس جي.
853. ٻڪري جنھن وڻ سان ٻجھي سو وڻ چري.
854. ٻگھا (ٻگھ پکي) ڪوھ ٻجھن ته سپئن ۾ ڇا سنپجي.
855. ٻليءَ کي خواب ۾ به ڇڇڙا.
856. ٻلي کائيندي ڪين ساري، هنگندي ساري.
857. ٻليءَ شير پڙهايا، ڦير ٻلي ڪون کاوڻ آيا.
858. ٻن ٻيڙين تي پير رکجي تنھن جون ڄنگھان چيرجن.
859. ٻوڙو کلي ٻه ڀيرا.