(گ)
1330. گدرو ڪري ڪاتيءَ تي ته به گدري جوکو، جي ڪاتي ڪري گدري تي ته به گدري جوکو.
1331. گدري جي چور کي ٻه لپاٽون.
1332. گدڙ جي گونھ ۾ ڪم پئي ته وڃي ڏَر ۾ لڪي.
1333. گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿُو کٽا.
1334. گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿُو ڪؤڙي، ناچو نچ نه ڄاڻي آکي ڀون سوڙھي.
1335. گدڙ گدڙ جي ڪوڪ تي نه اونائي ته ڪوڙهيو ٿئي.
1336. گڏهه پنهنجي سانوڻي هينگن ۾ وڃائي.
1337. گڏهه کي ڪڏھين گابو ڄائو آھي.
1338. گڏهه کي ٿو گج پارائي.
1339. گڏهه ڇا ڄاڻي، گيھرن مان.
1340. گڏهه به ڪڏهن گج پاتو؟
1341. گڏهه جو ڇا وس، جو ٻيڙي ۾ نه چڙهي.
1342. گڏھ مان لت يا ٽوٽي (اِٽ).
1343. گَڏي اڏجي، يا لڏي ڇڏجي.
1344. گذري ڪون ياد نه ڪرنا، جا گذري سا چؤکي.
1345. گذر گئي گذران، ڪيا جھوپڙي ڪيا مڪان.
1346. گرمي ڇڏي جھڻ ڪنگر سان، سردي ڇڏي زر ڪنگر سان.
1347. گگر گگر پنڊا اڙيا.
1348. گنجو کنهڻ کان نه رهي.
1349. گنجي جي مٿي ۾، جونءَ نه ليک.
1350. گولاڙو ڳيان پچي.
1351. گونھ گونھ سان نه ڌوپي نيٺ پاڻيءَ سان ڌوپي.
1352. گِھ پوندي به ڪو مٿو سڙي.
1353. گھپي ٺڪرن مان پاڻي سڪائي.
1354. گَھَگير گهوڙو پيٽر ماڻهو، مهل ۾ ڪم نه اچن.