ڪتاب جو نالو: اڃايل خواب
مصنف: عبدالحفيظ ڀٽي
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2020
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 03 فيبروري 2020 ع
پڙهيو ويو: 985 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 145 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽيءَ جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي.
نوجوان ليکڪ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي پنهنجي قلم سان هن سماج جي عڪس کي چٽڻ لاءِ ڪالم ۽ مضمون لکيا آهن. سندس هن مجموعي ۾ موجود سڀئي ڪالم ۽ مضمون هن درد وندي ديس جي دانهن سان ٽمٽار آهن. سندس هر هڪ صدا، صدين جي صدا آهي. سندس هر هڪ سٽ ۽ لفظ اونداهي لاٽ ۾ واٽ مثل آهن. حفيظ ادب ۾ پير پائڻ سان تمام مختصر عرصي ۾ ادب جي اڙاهگن پيچرن کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ انهي سمجھ وسيلي سندس مطالعي ۾ جيتوڻيڪ واڌارو ٿيو آهي ۽ هن پنهنجي اُن واڌاري کي لفظن جو ويس پارائي ڪري توهان اسان آڏو پيش ڪيو آهي. هن نوجوان ليکڪ پنهنجي مطالعي هيٺ ايندڙ ڪتابن تي جيڪي ويچار توهان اسان سان ونڊيا آهن. اُهي به پڙهڻ لائق آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ:
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • مهاڳ: شعور جو ڏِيئَو ائين ئي سدائين ٻرندو رهي
  • ٻه اکر: بند ڪمري ۾ ڏيئي جيان: عبدالحفيط ڀٽي
  • گڏيل قومن جي اداري جي ڪارڪردگي
  • ٽوپي ڊرامو
  • تُنهنجي ياد جي گُھلندڙ ھيِر
  • سنڌ جي بھادر ڪردار شھناز شيخ
  • ايِڪويھين صَدي ۾ ڇَھ ھزار سال پُراڻي سِنڌ
  • تاريخ جي عُقب مان تَر ٿيل تاريخ ساز ڪِردار
  • ھڪ انسان جو قتل ڪرڻ پوري انسانيت جو قتلام آهي
  • نا انصافين جو باب ڪڏهن بند ٿيندو؟
  • مارئي ۽ ماروي
  • ادب ۾ بي ادب اديب
  • تعليمي تَخيل جي تَنَّد تنَواريندڙ ڪِردار خَالد حُسيَّن چَنا
  • گلشن لغاري جي ڪتاب وڇڙي ويل زندگي تي تنقيدي نظر
  • عبدالواحد سومرو جون ڪھاڻيون
  • پسيو جنين پاڻ سين
  • سڪندر ھاڙھو جي ڪتاب مينهن ڪڻيون تي تبصرو
  • احمد سولنگي جو نظم تنقيد جي تارازي ۾
  • ادبي آلاپ آلاپيندڙ اظھر امر
  • ٻاٽ مان لاٽ ٻاريندڙ شاعره خالده سحر
  • ڪھاڻين جو ڪاريگر ھوش محمد ڀٽي
  • سنڌ جي سرھاڻ صنم چانڊيو
  • ماڻھو مَسّت قَلندرسيما عباسي
  • مٽي ماٿي لايان فرزانا شاھين
  • رنگين روحن جو رھبر ڪلاڪار آصف نظاماڻي
  • روح جي رڻ تي رم جھم گلبدن جاويد مرزا
  • ڪَلجُڳ جي قَوي شاعره ماھين ھيسباڻي
  • علي صفدر جو ناول ماڻهو هڪ جهنگل آ تي هڪ نظر
  • خوبصورت احساسن جي شاعره نِشاءَ ڪنول
  • شبانا نواز عِلم ۽ اِحساس جو اڻ کُٽ سَمنڊ
  • ڊاڪٽر انتساب حسين علم ۽ ماڻھپي جي درسگاھ

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ:

    ڪتاب: اڃايل خواب
    ليکڪ: انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي
    مضمون: ڪالم /مضمون
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر books.sindhsalamat.com



    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو


    ارپنا

    ارپنا

    ڪائنات جي تخليقڪار خداءَ بزرگ و برتر ۽ ان جي در ناياب، مکنون محبوب حضرت محمد صلعم، حضرت علي ڪرم الله وجھ ۽ پنهنجي روحاني استاد ۽ مرشد حضرت واصف علي واصف سان گڏ خدا جي طرف کان ڏنل نعمتن پنهنجي فيملي ميمبرن جن ۾ منهنجو والد صاحب غلام قادر ڀٽي، جيجل امڙ اميران خاتون، پنهنجي پياري ڀاءُ عبدالجبار ڀٽي ۽ ڀيڻ صبا بتول ڀٽي کي ارپيان ٿو. جنهن ادبي فضا کي برقرار رکڻ ۾ دل سان ساٿ ۽ دعائون ڪيون.


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :


    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اڃايل خواب“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽيءَ جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي.
    نوجوان ليکڪ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي پنهنجي قلم سان هن سماج جي عڪس کي چٽڻ لاءِ ڪالم ۽ مضمون لکيا آهن. سندس هن مجموعي ۾ موجود سڀئي ڪالم ۽ مضمون هن درد وندي ديس جي دانهن سان ٽمٽار آهن. سندس هر هڪ صدا، صدين جي صدا آهي. سندس هر هڪ سٽ ۽ لفظ اونداهي لاٽ ۾ واٽ مثل آهن. حفيظ ادب ۾ پير پائڻ سان تمام مختصر عرصي ۾ ادب جي اڙاهگن پيچرن کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ انهي سمجھ وسيلي سندس مطالعي ۾ جيتوڻيڪ واڌارو ٿيو آهي ۽ هن پنهنجي اُن واڌاري کي لفظن جو ويس پارائي ڪري توهان اسان آڏو پيش ڪيو آهي. هن نوجوان ليکڪ پنهنجي مطالعي هيٺ ايندڙ ڪتابن تي جيڪي ويچار توهان اسان سان ونڊيا آهن. اُهي به پڙهڻ لائق آهن.
    عبدالحفيظ ڀٽيءَ جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڇپيل ناھي، تنھنڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آن لائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون. پيارا حفيظ، سنڌ سلامت سٿ ۽ فورم اوھان سان گڏ ھنن لکڻين کي بہ دلي موٽ ڏيندو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ: شعور جو ڏِيئَو ائين ئي سدائين ٻرندو رهي

    ڪجھ قصا، ڪجھ گهڙيون ۽ ڪجھ يادون اھڙي نوعيت جو ٿينديون آهن. جو اُنهن کي وري وري سارڻ سان ۽ سنڀالڻ سان من مهڪي پوندو آهي. انسان ٻهڪڻ لڳندو آهي. سندس مزاج ۽ ورتاءُ ۾ هڪ مثبت پهلو نمايا ٿيڻ لڳندو آهي. جنهن پهلو جي نمايا ٿيڻ سان اُن جي سُڳنڌ ساري ماحول کي معطر ڪري ڇڏيندي آهي ۽ سُڳند ڀري سُرهاڻ واري ماحول ۾ انساني ذهن مٿان تخيل جا دروزا کلڻ لڳندا آهن ۽ انساني تصور، نظريا ۽ فلسفا صفحن تي منتقل ٿيندا آهن. اُهي صفحا وقت جي رفتار سان سفر ڪري تاريخ جو حصو ٿي ويندا آهن ۽ تاريخ اهڙن موتين هاڻ ماڻهن کي پنهنجي جهولي ۾ جاءِ ڏيڻ سان گڏ کين هميشه لاءِ ياد رکندي آهي. اِهڙي ئي نموني شعور جا ڏيئا ٻرڻ شروع ٿيندا آهن ۽ خيال هڪ ذهن کان نه ڄاڻ ته الائي ڪيترن ذهنن تائين منتقل ٿيندا آهن.
    بلڪل اَھڙي ئي هڪڙي ڪوشش اسان جي پياري، نوجوان ساٿي ۽ ليکڪ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي به ڪئي آهي. جنهن پنهنجي قلم سان هن سماج جي عڪس کي چٽڻ لاءِ ڪالم ۽ مضمون لکيا آهن. عمومن چيو ويندو آهي ته ڪالم جي زندگي هڪ ڏينهن آهي. اخبار جي شايع ٿيڻ سان ڪالم به نمايا ٿيندو آهي ۽ جڏهن شام جي وقت اخبار جي افاديت پوري ٿيندي آهي ته ڪالم به پراڻو ٿي ويندو آهي. حالانڪ ائين ڪونه آهي. ڪالم پنهنجي نوعيت ۾ معلومات جو خزانو هوندا آهن. ڪالم لکڻ وقت ڪالم نگار کي ڳوڙهو اڀياس ڪرڻو پوندو آهي. سندس ڪالم ۾ جنهن به پهلو تي ڪالم نگار کي ڳالهائڻو هوندو آهي انهي پهلو جي هر رُخي اڀياس ڪري پوءِ ئي ڪالم نگار ڪو متن جوڙيندو آهي ۽ ڪالم جي پڇاڙي ۾ وري انهي سُڄي ڳالھ کي سموئي ڪري نتيجو اخذ ڪرڻ يا وري مطلب کي واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. تڏهن ئي وڃي ڪري ڪو اثرائتو ۽ معلومات سان سرشار ڪالم تيار ٿيندو آهي. سندس هن مجموعي ۾ موجود سڀئي ڪالم ۽ مضمون هن درد وندي ديس جي دانهن سان ٽمٽار آهن. سندس هر هڪ صدا، صدين جي صدا آهي. سندس هر هڪ سٽ ۽ لفظ اونداهي لاٽ ۾ واٽ مثل آهن. حفيظ بنيادي طور جيتوڻيڪ انجنيئر آهي. پر تڏهن به سندس لڳاءُ ادب سان ائين آهي جئين مڇي جو پاڻي سان لڳاءُ هوندو آهي. حفيظ ادب ۾ پير پائڻ سان تمام مختصر عرصي ۾ ادب جي اڙاهگن پيچرن کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ انهي سمجھ وسيلي سندس مطالعي ۾ جيتوڻيڪ واڌارو ٿيو آهي ۽ هن پنهنجي اُن واڌاري کي لفظن جو ويس پارائي ڪري توهان اسان آڏو پيش ڪيو آهي. هن نوجوان ليکڪ پنهنجي مطالعي هيٺ ايندڙ ڪتابن تي جيڪي ويچار توهان اسان سان ونڊيا آهن. اُهي به پڙهڻ لائق آهن.
    ڪتابن تي لکيل سندس سڀئي مضمون/ تبصرا مذڪوره ڪتابن جي اهميت ۽ افاديت کي واضع ڪن ٿا. اِها ساڳي روايت نوجوان نسل ۾ مطالعي جي شوقين هر هڪ فرد کي به اپنائڻ گهرجي ته جيڪي به ڪتاب ماڻهو جي مطالعي ۾ اچن ٿا. انهن تي اعتدالي نموني پنهنجو رايو ضرور پيش ڪجي ته جئين ڪتاب جي ليکڪ کي وقت سر اهو معلوم ٿي سگهي ته سندس محنت ڪيتري قدر ڪامياب وئي آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ڪمي يا ڪوتاهي ڪتاب ۾ رهجي به وڃي ٿي ته اُن جو به آئينده ليکڪ ۽ پبلشر طرفان خيال ٿي سگهي ۽ سگهو ئي اُنهي غلطي يا ڪوتاهي کي درست ڪري سگهجي. هن ڪتاب جي مڙني خصوصيتن منجهان هڪ خصوصيت هي پڻ آهي ته هن ڪتاب جي منڍ واري ڪالم جو عنوان” گڏيل قومن جي اداري جي ڪارڪردگي“ آهي.
    اِن ڳالھ مان اِها شئي واضع ٿئي ٿي ته هن ڪتاب جي ليکڪ جو مشاهدو عالمي سطع جو آهي ۽ ھُو پنهنجي آس پاس جي ماحول سميت عالمي منظر نامي تي به گڏوگڏ ويچاريندو هلي ٿو ۽ ضرورت آهر انهن عنوانن تي لکندو به رهي ٿو. هڪ ليکڪ جو مطالعو ۽ مشاهدو ايترو وسيع هجڻ به گهرجي ڇو ته سندس اصلي ڪم آهي ئي اِهو ته ھُو پنهنجي پڙهندڙن کي مڙني موضوعن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ واري واٽ وٺرائي. ليکڪ کان وٺي مطالعي ڪندڙ تائين هر هڪ فرد جيتري وسيع نظر ۽ وسيع مطالعو ڪندڙ هوندو سندس آس پاس بهتري جي برپا ٿيڻ جا موقعا به اوتري ئي قدر وڌڻ شروع ٿيندا. ڇو ته انساني نظريا، فلسفا ۽ عقيدا هڪ ذهن کان ٻي ذهن تائين ۽ هڪ صفحن کان ٻين صفحن تائين جو سفر گڏوگڏ ڪندا هلن ٿا ۽ اَنهي سفر کي سڦلتا تڏهن ئي ملي ٿي جڏهن اِهي نظريا، فلسفا يا عقيدا مجموعي طور اجتماعي حالت ۾ عمل ۾ اچن ٿا. ادب ۾ لکڻ لاءِ جهڙوڪ ڪجھ صنف مقرر ٿيل آهن. جن مان هڪ کي نظم ۽ ٻي کي نثر چيو ويندو آهي. نظم ۾ شاعري جا سڀئي نمونا اچي وڃن ٿا ۽ وري نثر ۾ مضمون نويسي، ڪالم نگاري، تبصرا، آتم ڪٿائون، تحقيق ۽ تنقيد جا قسم شمار ٿين ٿا.
    هن مجموعي ۾ ڪجھ ڪالم شخصيتن تي به لکيل آهن. ڪنهن به شخصيت کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪرڻ ۽ انهن جي علمي، ادبي توڙي سماجي ڪمن کي نروار ڪرڻ به سٺو عمل آهي. هن مجموعي ۾ جن به شخصيتن تي تعارفي ڪالم لکيل آهن سي حقيقت ۾ به مان لهڻا آهن. ڇو ته ڪنهن به قلمڪار کي متاثر ڪرڻ سماجي توڙي سياسي ۽ علمي ادبي شخصيتن لاءِ هڪ سٺو سَوَڻ آهي. ادب جي دنيا ۾ ايتري ته وسعت آهي جو توهان تعميري تنقيد سان گڏ علمي ۽ منطقي ڳالهين کي دليلن سان نه صرف پيش ڪري سگهو ٿا پر انهن جي بنياد تي توهان سامهون واري شخص جي ڪيل ڪم جي معيار، اهميت ۽ افاديت کي به چيڪ ڪري سگهو ٿا.
    انهي طريقي سان اسان جي نوجوان دوست ۽ ليکڪ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي پنهنجي لکڻ واري واٽ سان محترم عطا راڄڙ، محترمه شهناز شيخ، ناليواري ليکڪه محترمه پروين موسيٰ ميمڻ، محترمه ڊاڪٽر ماروي پليجو، محترم خالد حسين چنه ۽ نوجوان ليکڪ اظهر امر متعلق سُٺا ۽ جامع ويچار ونڊيا آهن. جن کي پڙهڻ کان پوءِ اِها ڳالھ شعور ۾ ويهي ٿي ته جن به ماڻهن سماج جي بهتري ۽ بهترين سماج اڏڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. تاريخ نويس توڙي تاريخ جوڙيندڙ هر هڪ گهڙي، انهن تاريخ ساز شخصيتن جو تذڪرو ڪٿان نه ڪٿان، ڪنهن نه ڪنهن ليکڪ جي قلم جي نوڪ مان ڪرائي ٿي. ڇو ته تاريخ ڪڏهن به احساس فراموش ڪونه ٿيندي آهي. انهي سان گڏوگڏ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي ڪجھ ڪتابن تي تنقيدي نهار سان گڏوگڏ انهن جي اهميت تي به جامع انداز ۾ گفتگو ڪيو آهي.
    سندس ڪيل تبصرن ۾ جيڪو پهريون تبصرو آهي سو آهي محترمه گلشن لغاري جي شاعري جي مجموعي ”وڇڙي ويل زندگي“. هن ڪتاب تي ليکڪ، تنقيدي مضمون لکيو آهي ۽ ڪمال جي ڳالھ اِها آهي جو تنقيد نگار ڪتاب جي سرورق کان وٺي ڪري سندس نالي تي به اعتراض ورايو آهي ۽ انهي اعتراض کي خالي ڏيکارڻ جي بجاءِ لکي ٿو: ” ڪتاب جي سرورق کان وٺي ڪري نالي ۾ وڏو فرق آهي. وڇڙي ويل زندگي نالي جو مفهوم پاڻ ڪڍون ته زندگي الوداع ڪري وئي. مطلب ته موت جي عمل ۾ داخل ٿي وئي. پر هتي شاعره حال حيات ۽ زندگي سان گڏ رهي ٿي“. اِهڙي ئي نموني محترمه احمد سولنگي جي نظمن کي به تنقيد جي تارازي ۾ رکي ڪري اسان جي دوست توريو آهي. انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي وٽ تنقيد جون سڀئي تقاضائون آهن ۽ اُهو اسلوب به آهي.
    جنهن اسلوب سان ڪنهن به ڪتاب تي تنقيد ڪيو ويندو آهي. تنقيد جو اصلي معيار به اِهو آهي ته ڪنهن به ڪتاب جي سرورق کان وٺي ڪري سندس آخري صفحي تي مفصل نموني گفتگو ڪيو وڃي ۽ اُن ڪتاب ۾ جيڪي ڪچايون، ڦڪايون ۽ مٺايون هجن انهن کي واضع ڪجي ته جئين ڪتاب هر حوالي سان پڙهندڙن آڏو چٽو هجي. تڏهن ئي اُن کي تعميري تنقيد چئبو. شاعري جي چاشني سان گڏ جيڪڏهن ڪهاڻين جو مزاج به مٺو هجي ته يقينن ماڻهو اُنهن ڪهاڻين کي به دل جي اکين سان پڙهي ٿو ۽ انهن تي هڪ جامع راءِ به جوڙي وٺي ٿو. هڪ اِهڙي راءِ جيڪا پڪي ۽ پختي راءِ هجي ٿي. جيڪا راءِ ڪهاڻي جو روح هجي ٿي ۽ ڪهاڻيڪار لاءِ اُتساھ جي گُل مثل، جنهن گُل کي هٿ ۾ قابو ڪرڻ سان ٻين گلن لاءِ اُڪير وڌڻ شروع ٿئي. تانگه نه لڌي تُارئين، مُپ نه ماٽيئڙڻ (شاھ). اسان جي نوجوان دوست انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي ڪهاڻيڪار سڪندڙ هاڙهو ۽ عبدالواحد سومرو جي ڪهاڻين جي مجموعن تي به سُٺي نهار وڌي آهي. سندس مضمون ” پسيو جنين پاڻ سين“ به انتهائي لڀائيندڙ مضمون آهي. هي مضمون هڪ اِهڙي جاکوڙي ڪردار جي تخيل بابت لکيل آهي جنهن شخصيت کي آئون ذاتي طور به ڳچ عرصي کان سُڃاڻان ٿو ۽ سندس علمي توڙي ادبي جاکوڙ مان ڪنهن قدر مطمئن به آهيان.
    انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي جنهن به تخليقڪار تي لکيو آهي انهن تخليقڪارن جو پنهنجي مضمون ۾ مختصرن تعارف ڪرائي پوءِ ئي اڳتي وڌيو آهي ته جئين پڙهندڙ تخيل سان گڏوگڏ تخليقڪار متعلق به معلومات رکي سگهن ته آيا اُن شخصيت ادب جي دنيا ۾ ڪيتري قدر نور نچوئيو آهي. سنڌي ادب ۾ پراڻن ليکڪن ۽ نوجوان توڙي نون لکندڙن جي وچم هڪ وڏو خال گهڻي عرصي کان موجود آهي. جنهن جو ذڪر پڪا، پوڙها ۽ نئي ٽهي جا ليکڪ به مختلف ادبي گڏجاڻين ۽ ويهڪن ۾ ڪندا رهندا آهن. پر اُن جي باوجود اِهو خال ڀرجي نه سگهيو آهي. جيڪا ڏک ڏيندڙ ڳالھ آهي.
    روز ازل کان جئين جو تئين ئي اِها وڇوٽي موجود آهي. نوجوان پنهنجي منهن سان لکن به ٿا، پڙهڻ به ٿا ۽ مختلف صنفن تي طب آزمائي به ڪن ٿا ۽ اِنهي نموني وري پڪا، پوڙها ۽ کڙپيل اديب توڙي ليکڪ، پاڻ کي دانشور سڏرائيندڙ سڀ مها ليکڪ به پنهنجي هم عمر ۽ هم اثر ليکڪن جي ڪتابن جا مهاڳ، ديباچا ۽ مقدما لکڻ ۾ مصروف عمل آهن. مطلب ته اِهو جهان مڙئي ائين هلي پيو. ادب جو گاڏو ٿوري دعا ۽ ٿوري دوا سان پيو سفر مڪمل ڪري. جيڪڏهن نوجوان ليکڪ پراڻن اديبن ڏانهن مواد چڪاسڻ لاءِ موڪلن ٿا ته هڪ سئو لفظن واري مضمون ۾ اُهي اديب صاحب ڏيڍ سئو غلطيون ڪڍي ڪري لکاري جو ارواح ئي کڻائي ڇڏين ٿا. جنهن جو منفي نتيجو اڳتي هلي اِهو نڪرندو آهي ته ادب ۾ طب آزمائي ڪرڻ وارن نوجوانن کي ليکڪ ٿيڻ جو موقعو ئي نه ملي سگهندو آهي. سنڌ جا مجموعي طور وري پبلشر ايڏا ته ڀلا آهن جو اُهي نئي ٽهي جي لکندڙن کي نه ئي ڪو موقعو فراهم ڪن ٿا ۽ نه ئي کين اڳتي اچڻ توڙي سندن ڪتابن جي ڇاپڻ ۾ ڪا خاص رعايت ڏين ٿا. جيڪڏهن ڪو نوجوان ليکڪ ڪتاب ڇپائڻ جو ارادو ڪري به ٿو ته، ڪتاب ڇپائڻ وارن ڪٺن مرحلن بابت معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ سندس مزاج ئي مٽجي وڃن ٿا. ان لاءِ کوڙ سارن تخليقڪارن جون پڪيون ۽ پختيون تخليقون ۽ مُسَودا مٽي حوالي ٿي ويا آهن.
    وري به جس هجي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي سموري سٿ کي جن سنڌي ادب سان لاڳاپيل فردن کي موبائل فون ۾ ڪتابن جي دستيابي جي حوالي سان هڪ موثر ۽ آسان گس فراهم ڪيو آهي. جتي مطالعي جا شوقين پنهنجي پسند مطابق ڪتاب اُتان کڻي ڪري پڙهي سگهن ٿا ۽ انهن جي علم ۾ اضافو پڻ ٿيندو رهي ٿو. سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي سموري سٿ جون محنتون ۽ سچائي توڙي خلوص قابل داد ۽ قابل تحسين آهي.
    آئون انهن جو شيدائي آهيان، علم جي واٽ ۾ اِها لاٽ ائين ئي هميشه ٻرندي رهي. آخر ۾ انجنئير عبدالحفيظ ڀٽي کي دل جي حضور مان کوڙ ساريون واڌايون هجن ته هن جاکوڙي نوجوان پنهنجو نور نچوئي ڪري ورقن تي پنهنجي خيالن کي اوتيو آهي. سندس قلمي پورهيو سنڌ اندر پڙهندڙن وٽ قبول پوندو ۽ کيس سنڌ واسين کان مانائتي موٽ ملندي. انهي دعا سان گڏ ائين چوندس ته سدائين گڏ، موڪلاڻي ناهي، سنڌ موجود


    يوسف جميل لغاري
    ٺري ميرواھ


    ٻه اکر: بند ڪمري ۾ ڏيئي جيان: عبدالحفيط ڀٽي

    ٻه اکر: بند ڪمري ۾ ڏيئي جيان: عبدالحفيط ڀٽي

    پڙهڻ سان گڏ لکڻ جو هڪ الڳ مزو آهي، پڙهڻ کان پوءِ لکڻ منهنجي فطرت آهي. انهي فطرت کي نظر ۾ رکندي مون ٿورو پڙهي گهڻو ڪجهه لکيو آهي. لکڻ کي هاڻ پنهنجي فطرت جو حصو سمجهان ٿو. ڪتابن کي پڙهي ڪتابن تي لکڻ ڏات ۽ ڏانءُ جو ڪمال آهي. مون سميت لکندڙ نوجوانن ۾ ڪنهن ڪنهن جا نانءَ کڻان. جن جا نانءَ کڻندس ته پنا کُٽي پوندا، نانءَ نه کُٽندا، انهن اڻکُٽ نانءَ مان هڪ نانءَ انجنيئر عبدالحفيط ڀٽي جو پڻ آهي. عبدالحفيط ڀٽي جو تعلق شهدادڪوٽ ضلعي سان آهي. تمام حساس طبيعت جو مالڪ هجڻ ڪري سندس ڳالهين مان به معصوميت وارو لهجو نظر اچي ٿو. هن وقت جيڪي نوجوان تمام گهڻي تيز رفتار سان لکي رهيا آهن، انهن ۾ عبدالحفيظ ڀٽي به هڪ آهي. حفيظ وٽ لکڻ جي جيتري ڏات آهي، اوترو ئي وري هن کي لکڻ جو ڏانءَ پڻ آهي. حفيظ جي لکڻ جو اندار مون کي بيحد وڻندو آهي. لکجي تي اهڙو لکجي جو زمين پيرن هيٺان نڪري وڃي. ڪالهه جڏهن حفيظ ڀٽي واٽسپ ۾ پي ڊي ايف فائيل موڪلي چيو ته اظھر امر هي منهنجو ايندڙ ڪتاب آهي، انهي تي ٻہ اکر لکي ڏيو تڏهن مان دلي طور خوش ٿيس. ٿورو پريشان پڻ ٿيس، خوش انهي ڪري ٿيس ته ڪنهن نوجوان جو ڪتاب منظر عام تي اچي ٿو ۽ حيران انهي ڪري ٿيس ته مان هن ڪتاب تي پنهنجو تاثر ڪيئن لکندس، مان پتڪڙو ليکڪ، حفيظ موجود وقت جو تمام سٺو لکندڙ سٺو ليکڪ آهي. انهي جي ڪتاب تي مان ڪئين لکندس. خير پي ڊي ايف فائيل کولي پڙهي لڳس، لکڻ لاءِ سوچيندو رهيس، ڪٿان کان شروع ڪيان، ڪئين لکان، نيٺ ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ قلم کڻي لکڻ لاءِ ويٺس. تڏهن لفظن جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندو رهيس، غوطا کائيندي کائيندي نيٺ لفظ جي سمنڊ مان لفظن جو طويل سلسلو کڻي ٻاهر نڪتس ته حفيظ جي ڪتاب جو تاثر لکڻ شروع ڪيم. تاثر جي شروعات ڪٿان کان ڪيم جتان کان ڪيم قابل قبول ڪجو. انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي جو ڪتاب ”اڃايل خواب“ ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي، نثر جي تاريخ تي نظر ڦيرائبي ته خبر نه پوندي، نثر لکجڻ ڪڏهن کان شروع ٿيو؟ ڪنهن جي دور ۾ ٿيو؟ انهي بابت تحقيق ڪرڻ باقي آهي. مضمون، ڪالم، مقالا ،ڪهاڻيون وغيره نثر جو حصو آهن. انهي نثر تي هن مهل تائين هزارين ڪتاب شايع ٿي پنهنجي پنهنجي منزل ماڻي چڪا آهن. تن مان ڪي ڪتاب ايوارڊ يافته پڻ آهن. انجنيئر عبدالحفيط ڀٽي جي ڪتاب ۾ شامل مختلف عورتن تي لکيل مضمون ڪتابن تي تجزيا وغيره ڪتاب جو حصو آهن. احمد سولنگي جو نظم تنقيد جي ترازي ۾، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سرواڻ احمد جي نظم تي به تنقيدي تجزيو لکي بهترين ڪم ڪيو آهي، گلشن لغاري جي ڪتاب وڇڙي ويل زندگيءَ تي تنقيدي نظر، تنهن کان سواءِ ٽوپي ڊرامو مضمون ۽ سنڌ جي بهادر ڪردار شهناز شيخ تي مضمون، تنهن کان سواءِ عبدالواحد سومري جي ڪهاڻين کي هڪ گهيري نگاهه سان ڏٺو آهي. انهي کان سواءِ ٻيا به ڪافي مضمون ڪتاب جو حصو آهن. ادبي حلقن ۾ جتي نوجوانن کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، هتي نوجوان پنهنجا قدم پنهنجو وکون تڪڙيون تڪڙيون کڻندا، سڀني تنقيدن کي رد ڪندا اڳتي وڌي رهيا آهن. نوجوانن کي اڳتي وڌڻ کپي ڪجهه اهڙا ليکڪ هن وقت نوجوان کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اُهو صرف انهي ڪري تي نوجوان اڳيان اچي، اسان جي جاءِ نه ولارين. انهي ڪري مان اڪثر نوجوانن کي اُهو چئي همت افزائي ۽ اتساهه ڏيندو رهان ٿو ته اوهان اڳتي وڌو، اڳتي اچو، ڇڏي ڏيو انهن بدبخت ماڻهن کي، جيڪي اوهان جي تخليق کي گهٽ سمجهن ٿا. عبدالحفيط ڀٽي جي ڪتاب اڃايل خواب ۾ شامل مضمون، سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل مضمون آهن. تن کي حفيظ ڪتابي صورت ڏئي تمام وڏو فخر داد ڪم ڪيو آهي جس لهو پيارا حفيظ، انهي کان پوءِ مان ٿورائتو آهيان پياري حفيظ ڀٽي جو جنهن مون کي ڪتاب تي رايو لکڻ لاءِ موقعو فراهم ڪيو، اميد ٿو ڪيان هي ڪتاب ادبي حلقن ۾ بهترين ڪتاب ثابت ٿيندو.

    اظهر امر
    ٽنڊو الهيار سنڌ پاڪستان


    پنهنجي پاران

    دل جي ديوار تي چٽيل عڪس

    زندگي کي جيڪڏهن اکرن ۾ بريڪ/ٽوڙي ڪري ڏسبو ته زندگي جي پھرين اکر سان ڪيترائي لفظ ملندا. جن ۾ زھر/ زنگ/ زنجير ۽ کوڙ ٻيا. زھر/ زنگ/ زنجير لفظن ۾ گھٽ ۽ ٻوسٽ جو نوحو پسي سگھجي ٿو، ھڪ ٻئي پرسپيڪٽو/ زاويي ۾ ڏسجي ته زندگي زندھ دلي سان رھڻ جو نالو به آهي. زندھ دلي جي گھري معني ڪڍون ته تڪليفن ۽ غمن کي وساري بھادري سان منهن ڏئي اڳتي وڌڻ جو نالو زندگي آهي. ھن سڄي ڌرتي جي وايو منڊل تي انيڪ معجزا ٿيا ته ڪٿي وري محنتن رنگ لاتو، ته ڪٿي وري نيڪ نيتي جو لاڀ ڀانو پيو. مطلب ته سڀ فڪشنس انسانن لاءِ ۽ انسان انهن فڪشنس جي وچ ۾ انسانن لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪري ٿو. جنهن کي اسين زندگي جو نانء ڏيون ٿا.
    منهنجي زندگي ۾ شروعات کان وٺي ڪنهن حد تائين انيڪ سوال جنم وٺندا رھيا آهن. جن مون کي پنهنجي ئي سوچ جي زاويي مطابق پاڻ کان ئي انهن جا جواب مليا آهن انهن جوابن کي سمجھڻ کان پوءِ مون لکڻ جو رستو اختيار ڪيو. ھڪ ليکڪ جي دل مان آءِ چڱي ريت واقف آھيان ته ھو ڪھڙي ريت لکڻ تي مجبور ٿئي ٿو. مون جڏهن لکڻ شروع ڪيو ھو ته ان وقت خيال منهنجا سٺا دوست بڻجي ڪري منهنجي مدد ڪئي ۽ روح خود ان جم گفير مخلوق سان ڀريل وجودن ۾ تنھائي جو ماحول ٺھرائي مون کي لکرايو ڇو ته روح پنهنجي جسم جو ڊرا ئيونگ فورس آهي. جنهن جي حڪم/ طاقت سان پاڻ حرڪت ۾ اچون ٿا. روح خدا جو امر آهي ۽ منهنجي لکڻ ۾ منهنجي مالڪ جي مھرباني شامل آهي، نه ته ڪٿي پيو ايترا مضمون لکي سگھيس ۽ اڄ جڏهن اھي مضمون ڪتاب جي شڪل ۾ مجموعو بڻجي اکين اڳيان پھتا آهن ته روح ۽ خيال مستي جي محور ۾ گم ٿي ويا.
    ھن ڪتاب ۾ جيڪي به مضمون/ مقالا/ تبصرا شامل آهن سي سڀ منهنجي دل سان لکيل ۽ شوق جون حدون ڪراس ڪندي وڏي چاھ سان مون لکيا (وڌيڪ ادبي دوست پڙھي اندازو لڳائي سگھن ٿا). ادبي شوق جسم جي حصن جيان گڏ گڏ آهي. سنڌ جي مڙني اديبن/ شاعرن/ شاعرائن تي لکيل مضمونن جو ھي مجموعو يقينن منهنجي زندگي جو اڃايل خواب ھو. جنهن کي خدا پاڻ پاڻي ڏئي سرسبز ڪيو آهي. ان خوشي جو ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگھان. منهنجي زندگي ۾ منهنجي دل تي چٽيل عڪس اڄ به چٽيل آهن. جيڪو مون کان ناھي وسرندو ان ۾ ڪو چھرو چنڊ جيان چمڪندو آهي جنهن جي روشني جي جاودان سان منهنجو جيون روشن آهي. منهنجو مامو مرحوم غلام عباس ڀٽي (شاعر) ھي ڪتاب ان جي دعائن جو ئي نتيجو آهي. ھن جو چٽيل عڪس مون کي چنڊ جي چاندني ۾ ملندو آهي. جنهن جو انتظار آءُ شام جي سج لھڻ کان وٺي رات جي آخري پھر تا ئين ڪندو آھيان. ان سان اڌوري ٿيل گفتگو چنڊ جي چاندني سان ڪندو آھيان. ان چاندني جو اثر دل تي چٽجي ويو آهي ۽ ان سان گڏ منهنجو ڏاڏو مرحوم فيض محمد ڀٽي جنهن سان جڏهن به ڳوٺ ملڻ ويندو ھيس ته زندگي جون مختلف اميدون آکاڻين جي صورت ۾ ٻڌائيندو ھو ۽ ان وقت جو ويچار ته ڪھاڻي ڪيئن لکبي آهي؟
    اھو ادبي شوق به عروج تي اچي ان ڪتاب ۾ ڏسي سگھجي ٿو. ھي ادبي پورھيو سنڌ جي ادبي سمنڊ ۾ قطري جيان اثر رکي ٿو ڇو ته ادب جي دنيا ھڪ وسيع دنيا آهي. جتي ھر گھڙي ڪم جاري و ساري آهي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي مڙني اديبن جي ڪتابن ۽ شخصيت تي سرجيل مضمون آهن. خاص ڪري عورتن جي مضمون جو مقدار گھڻي ڀاڱي ملندو. ان جي لکڻ جو وڏو سبب اھو آهي ته ان وقت منهنجي بنيادي تربيت منهنجي ماء (ھڪ عورت) ڪئي آهي ۽ آئون ھن دجالي دنيا ۾ ساھ کڻڻ جھڙو ٿيس باقي سماجي معاملا به عورتن جي اڳيان وقتن به وقتن ايندا وڃن ٿا. جن سان ھن معاشري جي بنيادي بيھڪ سندس جي واڳ عورت جي ئي ھٿن ۾ آهي. ادبي ڪمن ۾ مشغول رھڻ يا دوستن سان رھاڻ ۾ گڏ ھجڻ سان ٿورو گھڻو گھريلو ڪم متاثر ٿئي ٿو ان ڏس ۾ منهنجي فيملي جن ۾ امان ۽ بابا غلام قادر ڀٽي وڏي ڀاءُ عبدالجبار ڀٽي جي مڪمل سپورٽ شامل ھئي ۽ آهي ۽ ان سان گڏ روح ۽ خيال جھڙن دوستن ازلي ساٿ ڏنو آھي فطري/ آفاقي دوست ته ڄمندي گڏ ھيا پر دنيا ۾ ھلندي ھلندي ڪجهه اھڙا ماڻھو به مليا جن خيال ۽ روح کي عروج ڏنو/ صلاح ڏني/ سپورٽ ڪئي/ ساھ ڏنو/ راھ ڏني.
    انهن ۾ پيارو دوست اظھر امر جنهن جي ڪتاب کي ڏسي منهنجي به دل ڪتاب آڻڻ ٿي گھريو ۽ ان ڏس ۾ اظھر جي محبت ۽ سپورٽ ڪڏهن به نه وسرندي جنهن ڪتاب تي تاثر لکي پنهنجي بي لوث محبت ۽ عشق جو عظيم تاثر پيش ڪيو آهي. آئون سندس تھ دل سان احسان مند آھيان. ڪتاب جي ڪمپوزنگ کان وٺي سيٽنگ/ سرورق/ نالي ۽ خوبصورتي جي ڀاڇي ۾ جنهن سمايو ان دلربا دوست جو نالو يوسف جميل لغاري آهي. يوسف جميل کي گھڻي عرصي کان مان پڙھندواچان ٿو. جنهن جي لکڻين جو ديوانو آھيان ۽ ان جي لکڻين ۾ مون غريب جي ڪتاب ۾ ان جو مھاڳ شامل ٿيڻ ڪنهن غنيمت کان گھٽ ڪين آهي.
    سنڌ ۾ اھڙا ماڻھو تمام گھٽ آهن. جن لالچ کان ھٽي ڪري بي لوٽ عشق سان ڪم ڪيو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ادب کي ٽيڪنيڪل ۽ ويب پورٽل ذريعي پي ڊي ايف فارميٽ ۾ ڪتابن کي دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ پھچايو آهي. ان ڏس ۾ محمد سليمان وساڻ (چيف ايڊيٽر اعزازي، سنڌ سلامت ڪتاب گھر) جو نالو به تاريخ جي سنھري ورقن ۾ لکيو ويندو. سليمان وساڻ جي بي حد محبت به ياد رھندي جنهن منهنجو ھي ڪتاب ”اڃايل خواب“ کي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ شامل ڪيو. ادب جي وسيع وادي جو آئون ھڪ کوٽو سڪو آھيان. پڙھندڙن جي اڳيان ھي مجموعو پيش ڪيان ٿو، ان زاويي سان ته پنهنجي قيمتي رايي سان نوازيندا.

    انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي
    شھدادڪوٽ
    033-22016227


    گڏيل قومن جي اداري جي ڪارڪردگي

    گڏيل قومن جي اداري جي ڪارڪردگي

    جنگ جي تباھين کان ڪير واقف ناھي، ٻي مھاڀاري جنگ (1939-45)جي وچ واري عرصي ۾ وڙھي وئي هئي، انھي جنگ جي لنڱ ڪانڊاريندڙ نتيجن کي ڏسندي ئي آمريڪا، برطانيا روس، فرانس ۽ ٻين ڪيترن ملڪن آئينده جنگ نه ڪرڻ ۽ امن قائم رکڻ لاءِ صلاحون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون، انھن ڳالھين ٻولھين جو نتيجو اھو نڪتو جو اتفاق راءِ سان 24 آڪٽوبر 1945ع تي گڏيل قومن جي نالي سان ھڪ عالمي ادارو قائم ٿيو اھو ادارو يونائيٽيڊ نيشنس يو، اين (United Nations U-N )جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
    گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ جو مقصد ئي انسان ذات جي خدمت ڪرڻ آهي ھن اداري عالمي انسانيت کي ھڪ اھڙو پليٽ فارم مھيا ڪيو جنهن جي وسيلي ھر ننڍو وڏو، امير غريب ،ترقي يافتہ ۽ ترقي پذير ملڪ بين الاقوامي مسئلن تي آزاد ماحول ۾ برابري جي بنياد تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگھن ٿا ۽ پنهنجي موقف جو اظھار پڻ ڪري سگھن ٿا. ان ۾ مادي وسيلن ۽ فوجي طاقت جي ڪا حيثيت ناھي، جڏھن سڄي دنيا جي حالتن جي پس منظر ۾ اسان گڏيل قومن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺون ٿا ته ان جي ڪردار ۾ ھڪ واضع فرق نظر اچي ٿو ھڪ طرف ته گڏيل قومون غير مسلم ملڪن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ انهن جي استحڪام لاءِ ڏاڍي فعال نظر اچي ٿي پر ٻي طرف مسلم ملڪن جا مسئلا حل ۾ مخلص نظر نه ٿي اچي. جيڪڏھن معاملو روانڊا جھڙي ننڍڙي ملڪ ۾ گھرو ويڙھ جو آهي ته اتي گڏيل قومون بنا ڪنهن دير جي امن فوج موڪلي ڇڏي ٿي پر ڪشمير جي مسلمانن جي قتل عام تي نٽائڻ کان ڪم ورتو پيو وڃي. ان طرح اسرائيل اٽڪل 40 سالن تائين پنهنجي پاڙيسري مسلم ملڪن شام، مصر ،اردن ۽ فلسطين جي علائقي تي خود قبضو ڪري رکيو آهي. ھن مھل تائين گڏيل قومن ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آهي. ھوڏانھن عراق ڪويت جي سرزمين تي قدم رکيو ته ان جي خلاف ترت فوجي ڪاروائي عمل ۾ آندي وئي. فقط اھو ئي نه پر قبرص جي مسلمانن ۽ افغانستان جي سلسلي ۾ گڏيل قومن جي عملي ڪاروائي ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ اسان سڀن جي سامھون آهي.

    بوسنيا ھرزيگووينا ان سلسلي جا سڀ کان اھم مثال آهن اھو ملڪ يورپ جي دل ۾ واقع آهي رڳو مسلمان اڪثريت جي ڪري گڏيل قومن جي جوڳي ڌيان کان وانجھيل ھو ان ملڪ جي مسلمانن کي وڏي پيماني تي قتل ڪيو ويو انھن جي علائقن تي قبضا ڪيا ويا لڄالٽ ڦرمار ۽ ھر قسم جا ظلم ڪيا ويا. ان جي باوجود گڏيل قومن ڪابه فوجي ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار نه ھيون. ان کي ڏسندي مسلمانن جي باري ۾ گڏيل قومن جي ڪردار جي باري ۾ ڪابه راءِ پيش ڪرڻ ۾ ڏکيائي نه ٿي اچي. اھا ڳالهه چٽي ۽ واضع آهي ته گڏيل قومن جي اداري جو مقصد مسلمان قومن کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ آهي. ڇاڪاڻ ته ھن وقت مجموعي طور تي مڪمل طاقت غير مسلمانن جي ھٿن ۾ آهي ۽ ھو ان جو غلط فائدو وٺڻ لاء اتاولا آهن. ائين لڳي ٿو ته مغرب ۾ اسلام جي وڌندڙ لاڙن ۽ تازو ئي آزاد ٿيندڙ مسلم رياستن کي يورپ ۽ مغرب جي غير مسلم ملڪن خاص ڪري آمريڪا ۽ برطانيه کلي دل سان قبول نه ڪيو آهي انهن مسلمانن جي وڌندڙ طاقت کي ختم ڪرڻ لاء گڏيل قومن کي مسلم دنيا جي معاملن ۾ بي وس بڻائي ڇڏيو آهي .
    پاڪستان ۽ ھندستان کي1947ع ۾ برطانوي سرڪار کان آزادي ملي ڪشمير ۾ گھڻائي مسلمانن جي هئي پر اتان جو راجا ڊوگرا ھو. ھندو راجا ڀارت ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ته ڪشميري عوام انھي فيصلي خلاف اٿي کڙو ٿيو. سوا سال تائين جنگ جاري رھي گڏيل قومن جي اداري 1949ع ۾ جنگ بندي ڪرائي ۽ پنهنجي فوج اتي موڪلي ته جئين جنگ بندي قائم رھي سگھي. گڏيل قومن جي اداري فيصلو ڏنو ته ڪشميري عوام پنهنجي راءِ ڏين ته اھي ڀارت سان شامل ٿيڻ گھرن ٿا يا پاڪستان سان گڏجڻ گھرن ٿا. پاڪستان انھي فيصلي کي خوشي سان قبوليو پر ڀارت جي ھوڏ سبب ڪشميري مسلمانن کي اڃا تائين اھو موقعو نه ڏنو ويو آهي. تازو ئي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ڪشمير جي جنت جھڙي وادي کي وھ جو واس ڏئي اتان جي رنگين ۽ روشن سسٽم کي ڪرفيو جي روپ ۾ قبرستان بڻائي ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي اداري جي مول ۽ متن ۾ اھا ڳالهه واضع آهي ته دنيا جي ملڪن جي وچ ۾ امن قائم ڪرڻ اولين ترجيح آهي پر ھن معاملي تي خاموش ھجڻ جو پڪو ثبوت آهي ته ھي مسلم قوم جي ڀلائي لاء ماٺ ھجڻ ڳالهه سمجھ کان ٻاھر آهي. جيتوڻيڪ مختلف وقتن تي خون جون نديون وھي چڪيون آهن. ڪشميرين جي آواز کي دٻائڻ لاءِ مسلسل ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي پر امن جلوس ۽ جلسن کي روڪڻ لاء آسون گيس ۽ گولين جو استعمال عام آهي. موجوده تحريڪ سان گڏ گذريل تحريڪن ۾ اٽڪل ھزار کان مٿي شھيد ٿي چڪا آهن. پنج ھزار جي لڳ ڀڳ زخمي آهن ۽ اٽڪل 200 جي لڳ ڀڳ عورتن جي بي حرمتي ڪئي وئي آهي. ڪشمير جا مسلمان انھي ڏينهن جي اوسيڙي ۾ آهن جنهن ڏينهن اھي پنهنجي مرضي موجب آزاد حڪومت قائم ڪندا. مسلمان هئڻ جي ناتي پاڪستان کي ڪشميري عوام سان ھمدردي آهي ۽ انهن جي سياسي اخلاقي ۽ سفارتي سطح تي ھر قسم جي مدد ڪري رھيو آهي.


    ٽوپي ڊرامو

    ٽوپي ڊرامو

    هي زندگي مختلف ماڻهن کي مختلف موڙ تي وڃي بيهاري ٿي يا اڃا جيڪي نه پهتا آهن جلد اهي به ڪنهن عجيب موڙ تي رڪجي ويندا ۽ حالات جي غلامن ۽ ان ۾ پيرن تائين جڪڙيل ماڻھن ۾ شمار ٿيندا ۽ ھر انسان پنهنجي پنهنجي سوچن مطابق عمل ۾ ھڪ ٽوپي ڊرامي جو ڪردار ادا ڪري ٿو. انسان ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين فخر ۽ هٺ ڌرمي جي ان گھري ڊارمي ۾ رهي ٿو. جتي پاڻ مختلف هنڌن تي هڪ هڪ ڊرامي جي الڳ ٽوپي پائي پنهنجي پاڻ کي عقل مند ۽ داناءَ ٿو سمجھڻ لڳي. حقيقت ۾ ائين نه هوندو آهي پر هو هر حققيت جي خبر هجڻ جي باوجود پنهنجي ٽوپي ڊرامي کي ڪامياب ڪرڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي. انسان جا الائي ڪيترا ڪردار زندگي جي مختلف هنڌن تي ملن ۽ گهمن ٿا هر انسان جي پنهنجي پنهنجي سوچ جي ڪري هي هڪ رخ قائم نه ٿو ٿي سگهي اگر اهو رخ قائم ٿي وڃي ته انسان بدلجندو نه رهي اهڙا ڪيترا ئي ڪردار منهنجي نظر اڳيان پنهنجي پاڻ کي منهنجي اڳيان وائکو ڪري بيهاريندا رهيا جنهن مون کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو.
    جيڪي حيرت هن کي ٿيڻ گهرجي ها هر انسان سوچيندو مختلف ۽ چوندو مختلف آهي ۽ روزانه زندگي ۾ ڪندو مختلف آهي. مون کي منهنجي زندگي ۾ اهڙن ماڻهن سان ملڻ ٿيو جيڪي ٽوپي ڊارمي ڪرڻ جا ماهر هيا. زندگي گهڻو ڪجهه انهن فضول ڪردارن مان سيکاريو انسان جڏهن ذهني بيماري ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ته ان جو ڪوئي حل نه ملندو آهي اگر حل ملندو آهي ته ڏاڍي تڪليفن سان. اھو ساڳي ڪيفيت ۾ واپس موٽندو آهي. اگر جسماني مرض لڳي ته ان جو حل موجود آهي. پر ائين ئي مختلف برائين جي جڙ ذهنن ۾ ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين انسان ان کي پاليندو رهي ٿو. جنهن جو وجود ئي نٿو ملي ڪڏهن ڪڏهن زندگي ان موڙ تي بيهاري سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي. جنهن جي ڪري عجيب قسمن جا سوال ذهن ۾ اچڻ شروع ڪندا آهن. انهن مان هڪ اهو سوال ذهن ۾ گردش ڪندو آهي ڇا برائي جو وجود ٿيندو آهي؟ ان کان اڳ خدا جي ان ٻن نعمتن تي سوچڻ مجبور ڪيو تي ذھن ۾ هڪ ئي وقت ٿد ۽ گرمي جو وجود هجڻ ته اهو آهي يا نه ان مان نچوڙ ڪڍون ته حرارت جي هڪ ئي وقت دستيابي نه هجڻ ڪري گرمي وجود ۾ اچي ٿي. اچانڪ ان سان گڏوگڏ هڪڙو سوال اهو به ذهن ۾ آيو ته اونڌه جو وجود آهي يا نه؟ ائين ان جو جواب مليو ته روشني جو غير حاضر هجڻ جو سبب اونڌه بڻجي ٿي. اگر اسان سائنسي لحاظ کان روشني ۽ حرارت جو مطالعو ڪري سگهون ٿا پر ٿڌ ۽ اونده جو نه ٿا ڪري سگهون. آخر جڏهن نچوڙ ڪڍي تت تي پهتس ته سمجهه ۾ ڳالهه آئي ته برائي جو ڪوئي وجود ناهي پر اهو انسان جي ذهين ۾ کٽل شي جي ڪري جڳهه ولاري ٿي. جنهن جي ڪري انسان برائي سان ٽٻٽار نظر اچي ٿو. اگر اسان محبتن جي وڻ کي پاڻي ڏيڻ شروع ڪيون ته برائي ان پاڙ وانگر تا حيات ائين ڍڪيل رهندي.
    جنهن جو اسان به ڪڏهن تصور نٿا ڪري سگهون. چور جڏهن چوري ڪندو آهي ته مختلف شڪليون اختيار ڪندو آهي. اگر چور کي ٽوپي پاتل هجي ۽ ننڍي مقدار ۾ ڪوئي به سامان چوري ڪري ۽ اهي ٽوپي ۾ لڪائي ته ڪنهن کي به خبر ڪونه پوندي. ائين ئي هن معاشري ۾ مختلف قسمن جا ماڻهو پنهنجي وجود ۾ مختلف شيون لڪائي زندگي کي زهر بڻائي ڇڏين ٿا ۽ جڏهن اها چوري پڪڙجي ويندي آهي ته مڃڻ جي باوجود ان تي من گهڙت ڳالهيون ڪري پاڻ تان الزام هٽائي ٻين جي جهولي ۾ اڇلائي ڇڏين. مطلب ته هن زندگي ۾ اچڻ اسان جو هڪڙو موقعو آهي ٻيو موقعو ملڻو ئي ناهي. ان موقعي مان مڪمل فائدو حاصل ڪري هن رنگين زندگي کي صرف هڪڙي رنگ نفرت سان وڃائي پنهنجي وجود جي پاڪ سفر کي ذليل ۽ خوار ڪرڻ کان بچائڻ گھرجي. ڇو نه هن زندگي کي هڪڙي رخ تي بيهاري اتان شروع ٿيون جتان هر برائي کي پوئتي ڌڪڻ ۾ مدد ملي.


    تُنهنجي ياد جي گُھلندڙ ھيِر

    تُنهنجي ياد جي گُھلندڙ ھيِر

    دنيا ۾ رھندڙ ماڻھو ڪنهن نه ڪنهن عشق ۾ محو رھي ٿو ڪي ماڻھو پاڻ ۾ محبت جو مچ ٻاري عشق کي آتش مان گذرندي ڏسندا آهن، ڪي ماڻھو نفرتن جي ناسور کي جنم ڏيندا آهن، ڪي ماڻھو چاھ جي چسڪين جو مزو وٺندا آهن، ڪي ماڻھو راھ جا رھبر ٿي امر ٿي ويندا آهن، ڪي ماڻھو روح کي رڃ مان آزاد ڪرائيندا آهن، ڪي ماڻھو ساھ کي سوگھو ڪري من جي ماڳ کي معطر ڪندا آهن، ڪي ماڻھو ماڻھن جي خدمت ڪري کاھوڙي ڪردار ادا ڪندا آهن، ته ڪي وري دنيا سموري کي دل ۾ رکي خود عشق بڻجي، ازل جي پاڪيزگي جو ڪلمو پڙھي سموري ڪائنات کي پنهنجي ڪردار /اخلاق/ نرم مزاجيت سان ماڻھن جون دليون فتح ڪندا آهن.
    انهن فاتح ڪردارن مان معتبر مزاج رکندڙ، املھ موتي، ناپيد/ ناياب ھيرو محترم عطا راڄڙ به ھڪ ھو، عطا راڄڙ سنڌ جي مختلف ميڊيا ادارن سان منسلق ھو، جتي ھن ھر ويل آھ زاري ۽ واويلا ڪندڙ مجبور عوام جو آواز اٿاريو. ان جي اندر ۾ دکندڙ درد ھن کي ھڪ گھڙي به سک سان ويھڻ نه ڏنو. ھُن مسلسل حق ۽ سچ جي راھ تي ھلندو رھيو، مھڪندو رھيو، چھڪندو رھيو. عطا راڄڙ ان خوش قسمت انسانن مان ھو جنهن جي وڇوڙي جو واءُ سنڌ جي ھر رنگ کي لڳو/ انگ کي لڳو/ راھ کي لڳو / آھ کي لڳو / ساھ کي لڳو /چاھ کي لڳو/ روپ کي لڳو /عڪس کي لڳو / رقص کي لڳو / گُل کي لڳو / باغ کي لڳو /ذري کي لڳو / اميد کي لڳو / آس کي لڳو / امنگ کي لڳو / ديس کي لڳو /ڊھنگ کي لڳو ۽ ھر ويس کي لڳو. عطا راڄڙ سنڌ جو اھو بي باڪ ۽ بھادر صحافي ھو جنهن ھر وقت ظالم جي ظلم کي ۽ زنگ لڳل سوچن کي پنهنجي سچ جي سونهن سان سنواريو. ھر ظلم کي وائکو ڪيو. بنا ڪنهن رات ۽ ڏينهن ھن مسلسل جفاڪشن ۽ محنتن جي ماڳ ۾ محو رھيو، مست رھيو، چُست رھيو اَست رھيو اَلست رھيو ۽ ھر مسڪين /غريب ۽ سندھ جي ھر معاملي جو بي انت نڪرندڙ قالو بلا جي آواز کي الست چئي ان ڀلائي واري ڪم جو ڀرجھلو ٿيو/ راھگير ٿيو. عطا راڄڙ سنڌ جي سونھن ھو، ھر انسان جي دل جي ڌڙڪن ھو. عطا راڄڙ اڄ به ياد جي گھلندڙ ھوا ۾ ڪو به ڪو آهي، رو به رو آهي، دو به دو آهي، ھو به ھو آهي، مو به مو آهي ۽ فطرت جي ھر ذري ۾ رسي چڪو آهي، رچي چڪو آهي، ملي چڪو آهي. عطا راڄڙ شاھ سچل، سامي، بيڪس ۽ بيدل جو عڪس بڻجي چڪو آهي. عطا راڄڙ ھر دلگير ماءُ جو پٽ ۽ جان/ جند ٿي چڪو آهي، رند ٿي چڪو آهي. سنڌ ۾ وڌندڙ ھر ظلم ۽ انيائن تي عُقابي اک رکي ان معاملي ۽ ان ۾ جڪڙيل وجودن جي پرگھور لھندو ھو. اڄ ان جي موجودگي ان جي پياري ڀاءُ ڪليم راڄڙ جي روپ ۾ سنڌ جي ھر اوکي ۽ سوکي ويل جو رھنما بڻيل ھوندو آهي. ھر نوجوان کي اتساھ سان گڏ ھر ممڪن مدد ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪندو آهي. عطا راڄڙ پنهنجي زندگي ۾ سج جيان روشن رھيو جنهن جي روشني مان ڪيترن ماڻھن فائدو حاصل ڪيو. اڄ به سنڌ جي ھر ماڻھو جي زبان تي ان جي رحمدلي/ سخاوت ۽ سچائي جو ورد جاري آهي. عطا راڄڙ جو اسان کان ايترو جلدي الوداع ڪرڻ خليل جبران جي ھن سرمست خيال سان جا ملي ٿو.
    ”ائين ڄڻ ڪو روح عڪس ھجي، جيڪو واھڙ جي چمڪندڙ پاڻيء تي ٺھندو ھجي،
    ۽ جڏهن به واھڙ جو پاڻي ميرو ٿي وڃي، ته ان تي ٺھندڙ عڪس به گم ٿيو وڃي.“
    جبران خليل جبران
    يقينن جڏهن دنيا ۾ ماڻھن جي دلين ۾ ميراڻ ۽ سوچن کي زنگ لڳي وڃي ٿو ته اتي صاف ۽ شفاف عڪس به اولڙي جي نظر ٿي ويندا آهن. ڪيڏو نه سھڻو بيان ڪيو آهي خليل جبران ته ان پاڪ روح کي جيڪو ناپاڪي ۾ رھڻ ناپسند ٿو ڪري. پروردگار عطا راڄڙ جي وجود کي ھن زنگ لڳل دنيا ۾ ائين اوجھل ڪري ڇڏيو جو اڄ صاف آئيني جي دل رکندڙ ماڻھن جي دلين ۾ يادن جي عڪس سان زنده و جاويد آهي ۽ خدا جي ان سان ايتري محبت ھئي جو ھن کي ھڪ خاص خوشي عطا ڪئي جيڪا ھر مومن کي ملندي آهي.
    موت عظيم ترين خوشي آهي، جيڪا مومن کي نصيب ٿيندي آهي .
    (حضرت امام حسنؑ )
    ھن دنيا جي ازل کان وٺي اھا رسم رھي آهي جيڪو وجود به جنم وٺي ٿو اصل ۾ اھو واپس وڃڻ لاءِ اچي ٿو بس زنده اھو رھجي ويندو آهي جنهن ماڻھن جي خدمت جو انوکو مزو ورتو ھوندو. عطا راڄڙ به مصري شاھ چواڻي موجب سھڻي نموني عمل ڪري ماڻھن جي دلين ۾ ھميشه جي لاءِ زنده ۽ امر ٿي ويو آهي. صوفي مصري شاهه چواڻي موجب ته : جز مان ڪل ۾ اھو داخل ٿيندو آهي جيڪو ٻين لاءِ جيئندو آهي.

    عطا راڄڙ زندگي جي تيز ھندڙ وھڪري ۾ ھر وک وک تي انسانن لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو رھندو ھو. سنڌ جا انيڪ بنيادي معاملا سندس زير بحث رھندا ھا. ھر فورم تي سنڌ جي ڳالهه ڪئي، ھر چوڪ ۽ چوراھي تي غريب ھارين ۽ مجبور انسان پڪار کي ورنائيندو ھو. ھو ھن ڌرتي تي انسان جي روپ ۾ انسانيت جو معراج ھو، سرتاج ھو، سرويچ ھو، سرواڻ ھو، آلاپ ھو، انداز ھو، ڪلياڻ ھو، قيچ ھو ۽ ھر درديلي دل جو ويڄ ھو. عطا راڄڙ ھن پٿر دلين جي ديس ۾ عشق جو ديپ جلايو ھو.

    پٿر دلين جي ديس ۾
    جلايو ديپ تو عشق جو

    عطا راڄڙ جي وجود ۾ وڏائي جو مون ڪڏهن به ذري برابر عنصر ڪونه ڏٺو. سچو ۽ کرو انسان خاموش ۽ ميٺاج جي رچ رس سان سندس وجود ھو اتم ۽ اعليٰ سوچن سان سلھاڙيل ھو. تڏهن ته شيخ اياز چيو ھو.

    يا رب!
    مون کي دارا ۽ سڪندر جي قد و قامت نه گهرجي، مون کي حافظ جو ترنم ۽ خيام جي سرمستي عطا ڪر، مون کي شمس تبريز ۽ روميءَ واري حيرت ڏي ۽ ان ۾ قلندري شان پيدا ڪر، مان پاڻ سان حقارت به نه ڪيان ۽ پاڻ کي حقير به نه سمجهان.
    (شيخ اياز)
    عطا راڄڙ جي مالڪ حقيقي سان ملاقات ۾ ھن يقينن خدا جو شڪر ادا ڪيو ھوندو ته منهنجي زندگي جي ھر گھڙي ٻين جي ڪم آئي ۽ مون کان اھڙو پاڪ ڪم ورتو ويو. جيڪو تاريخ جي ورقن ۾ سنھري لفظن سان لکيو ويندو. عطا راڄڙ اڄ به اسان جي دلين ۾ ياد جي عڪس سان واپس وريو آهي. جنهن جي ياد ۾ ھر ورسي جي روپ ۾ ان جي حسن/ فن ۽ فڪر جا ڳيچ جھونگاريا ويندا. منهنجي ھن نثري نظم سان آءُ سندس ڀيٽا طور ڪجهه سٽون ارپيان ٿو.

    ھا ويل جڏھن ورندي واپس
    سا مور نه مِٽڻي آ آخر
    ٿي ھنج ۾ حاضر ھڪڙي ڏينھن
    سا ساڀيان ٿيندا پور اَمر
    ماڻي ساڳي رت ساڳيو جنم
    ٿي جلوا نما ھتڙي ٻيھر
    سا سپنا ٿيندا سچ آخر
    ميلا منهنجا مچندا مچ آخر
    جھونگاريا ويندا ڳيچ آخر
    سا صورت ٿيندي سج آخر
    ھا جڏھن ٿيندس نروار حفيظ
    ھا وقت جڏھن ورندو واپس
    ھا ويل جڏھن ورندي واپس

    خداءِ بزرگ و برتر کان دعا آهي ته عطا راڄڙ جي بلندين ۽ درجات ۾ اضافو عطا ڪري. عطا راڄڙ به پنهنجي زندگي ۾ ماڻھن کي ماڻھپي ۽ محبت حق ۽ سچ جي درس سان عطا ڪيو ۽ نوازيو. الله الحق کان دعا آهي ته ھن جي قبر کي نور سان منور ڪري ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ درجي تي جڳهه عنايت ڪري.


    سنڌ جي بھادر ڪردار شھناز شيخ

    سنڌ جي بھادر ڪردار شھناز شيخ

    سنڌ جيڪا ڇھ ھزار سال پراڻي، ھن ڌرتي جي وايو منڊل تي ھڪ عظيم ڌرتي جي حيثيت رکي ٿي. اھا سنڌ جيڪا ان آڳاٽي زماني ۾ سونهن ۽ سندرتا جي پوتر نگري ڪوٺي ويندي هئي. اھا سنڌ جيڪا قديم ھوندي به ان قديم وقت يا زماني ۾ شھنشاھ ۽ اعليٰ نسل جا انسان ان پاڪ ڌرتي تي رھندا ھئا. ان وقت جي سنڌ ۾ اھي املھ موتي جھڙا ماڻھو پنهنجي بدن تي قيمتي ۽ پڪي، پختي پوشاڪ اوڍيندا ھا. ان وقت جي سنڌ ۾ ماڻھو پنهنجي پاڙيسري جي سٺي طرح سان خدمت ڪري مان ۽ مرتبو ڏيندا ھئا. ان دور جي سنڌ ۾ لٽي، اٽي ۽ گھر جي ھجڻ جي ايتري ڪمي ڪونه ھوندي ھئي. ان سنڌ جي قديم دور ۾ به سنڌ جي ماڻھن ۾ شعور ۽ غيرت جھجھي مقدار ۾ سندن روح ۽ دل ٽٻٽار ھوندا ھيا. ان سنڌ کي ازل کان وٺي ابد تائين آباد ۽ شاد تخليق ڪيو ويو اتان جا ماڻهو پنهنجي فن ۽ فڪر ۾ اڳي کان اڳڀرا ھئا.
    قديم سنڌ ۾ به جديديت وارو ميلو متل ھو جنهن ۾ ايتريون ته ايجادون ٿيون جيڪي اڄ تائين تاريخ جون زينت بڻيل آهن. سنڌ جيڪا سھڻي سونھن رکندڙ آهي ۽ جيڪا وڻن، جبلن، روڊن، رستن کي منفرد خوبصورتي سان ھمڪنار ڪري ٿي۔ سنڌ ۾ رھندڙ ھر ماڻهو سنڌ سان بي انتھا پيار ڪري ٿو. جڏھن به غيرن ميري اک سان ڏٺو آهي ته سندن ان اک کي سنڌ جي جوڌن ڪڍيو به آهي. سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ ھر شئي ٻاھرين ملڪن تائين وڏي مقدار ۾ پھچائي وڃي ٿي. اسان جي سنڌ سونهن جو سينگار به آهي ته جھر جھنگ جو جيون به آهي ته وارياسي وڙ وڪڙن جو واس به آهي. ڪٿي وري سنڌ سسئي جو ساھ آهي ته ڪٿي وري سنڌ ھير جي عشق جو ھڳاءُ به آھي ته ڪٿي وري سھڻي جو سندر روپ به آھي ته ڪٿي وري ميھار جي ماڳ جي مورت به آھي.
    اڳاٽي سنڌ جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گھٽ آهي ۽ ھن جديد دور واري سنڌ جو جڏھن ذڪر ٿو اچي ته روح ڪنهن گم ٿيل راھ ۾ وانجھي ٿو ۽ ذھن ۾ سوچون ڪنهن پراڻي سور جيان اٿلي پون ٿيون، جديد دور جي سنڌ ۾ به قديم دور واري سونهن ليڙون ليڙون ڪئي وئي. سنڌ کي اڃان وڌيڪ ترقي ڏيڻ بدران ڪنھن بدبودار بوھر ۾ اڇلايو ويو آهي. جديد دور جي سنڌ کي ائين لٽيو ۽ ڪٽيو ويو جيئن ڪنهن يتيم جي وجود سان ظالم ماڻهو ڪندو آهي. جديد دور جي سنڌ ۾ نئين ايجادون ته ٺھيون پر پراڻين تخليق شده اوزارن کي به نوجوانن لاءِ ڪارائتو نه بڻايو ويو. ھتان جي خانگي ۽ سرڪاري ادارن کي به حرام ماس وانگر رھڙيو ويو جئين مريل ڊونڊ کي ڪتو چڪن سان کائيندو آهي.
    صدين جي تھذيب جو پڙاڏو جڏهن پڙلاءُ ۽ واڪا ڪري ڪنھن جوڌي جوان کي جوءُ ۾ ڏات بخشيندو آهي تڏھن سورھيه مرد سپوت موھن کي جنم ڏئي اتان جي قديم دڙي جو روح روان ڪردار بڻجي ٿو ته ايڪويھين صدي ۾ به سسئي جھڙي سورن سان ٽٻٽار دل رکندڙ ۽ مارئي جي عشق جھڙي اڏام رکندڙ ڌرتي جي دلير نياڻي سنڌ جي دشمنن سان اڪيلي سر مھاڏو اٽڪائي منهن ڏئي رهي آهي. ان سنڌ ڄائي سچي سپوت جو جنم به سنڌ جي ڌرتي تي ٿي سگهي ٿو.
    سنڌ جي دلير نياڻي شھناز شيخ ڪنهن به تعارف جي محتاج ڪونهي. ڇو ته انھن جو تعارف خود تاريخ پاڻ ڪرائيندي آهي. جنهن جون سوچون سنڌ جي روح کي وري جيون دان بخشڻ جي سگھاري ڪوششن سان لاڳاپيل رھن ٿيون. ميڊم شھناز جو خيرپور جي فيض آباد ڪالوني سان لڳ ننڍي ڳوٺ بيبائي ڍڪ نالي ڳوٺ ۾ سندن جنم ورتو. بنيادي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ مڊل ۽ مئٽرڪ شھر جي اسڪول مان ڪئي ۽ وومين ڪاليج مان بي-اي جو امتحان پاس ڪيو.
    سنڌ جي ھن نياڻي جا حوصلا جبلن کان اوچا ۽ سوچون سمنڊ کان وڌيڪ گھريون آهن. ھن جي زبان تي مسلسل ھڪ ئي ورد آهي ته منهنجي سنڌ جي سونهن ۽ سينگار کي ڪنهن لتاڙيو آهي. سنڌ ۽ سنڌ ۾ رھندڙ ماڻهن جي درد، ڏک ۽ پيڙاھ جي پانڌ جي رستي تي نڪتل ھن نياڻي جا حوصلا ايترا ته بلند آھن جو کيس سنڌ جي مستقبل کي بھتر بڻائڻ ۾ کين ڪو به شڪست نه ٿو ڏئي سگهي. ھن جي سوچن ۾ غريبن جي آھ جا آڙاھ دکل نظر اچن ٿا ھن جي دل مان نڪرندر آواز ھن جو پنهنجو آواز ڪونهي ڪنهن مظلوم جي انصاف لاءِ وانجھائيندڙ ڪوڪ آهي. شھناز شيخ جي روح کي غريبن جي ۽ سنڌ جي ليڙون ٿيل پوشاڪ جيان لڳل چتيون روح کي بي قرار ڪري ڇڏيو آهي. ھن پنهنجي وجود کي سنڌ ۽ غريبن لاءِ ارپي ڇڏيو آهي. ھن جي محنت ۽ جستجو به سنڌ جي ڏتڙيل خاندانن ۽ شھرن لاءِ آهي. سنڌ جي ھن بھادر نياڻي جي وجود کي ڪيترن ئي درندن ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ھن جا اٽل اراده ھنن جي ڪڌي عملن کي نست ۽ نابود ڪري ڇڏيو. ھن جي اندر ۾ سنڌ جي پيڙاھ ۽ مسڪينن جي آھ ھن جي وجود کي پختگي ڏني ته جيئن خدمت ۾ اڳي کان اڳڀري ٿئي.
    ميڊم شھناز مسلسل محنت ۽ جاکوڙ ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت ھڪ احساس وومين ۽ ڊيولپمينٽ نالي آرگنائيزيشن کولي جيڪا 2010 ۾ رجسٽرڊ ڪرائي. جتان ھر مسڪين جي وس آھر مدد ڪري ٿي. ھن جو اھو عمل جس لھڻو ڇو ته ھن نفسا نفسي واري ماحول ۾ ھر ڪوئي پنهنجي پيٽ ۾ پورو آهي ۽ ڪير ٿو اڄڪلهه ايترو وقت ۽ خرچ ڪري. ھن جي ھن عظيم عمل جي محنتن جي باب ايندڙ نسلن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا. جيتوڻيڪ جديد سنڌ ۾ عورتن جي محنتن کي ايترو ساراھيو نه ٿو وڃي تنهن ھوندي به سماج ۾ رھندڙ عورتون اڳي کان اڳڀريون آهن. پوءِ ڇو نه اھي صحت کاتي ۾ ھجن يا تعليم کاتي ۾ يا خانگي طوري سرڪاري ادارن ۾ ھجن تنهن ھوندي به مٿانهين درجن تي ڪم سرانجام ڏئي رھيون آھن. سنڌ جي عورت ڪنهن حد تائين اڄ به مظلوم آهي ڇو ته ڪٿي ڪٿي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ کي ذھني يا جسماني طور حيسايو به وڃي ٿو ته مٿي وري مٿن تشدد به ڪيو وڃي ٿو. ان معاملن تي آواز اٿاريندر شھناز شيخ ڌرتي ڌڻين جو آواز بڻجڻ جي فرض ۾ ڪڏهن پوئتي نه ھٽي آهي. ھن روزاني زندگي ۾ ٿيندڙ ھان ڏاريندڙ واقعن جو آواز اٿارڻ سان گڏ کين ممڪن مدد پڻ ڪئي آهي. ھن ڪيترن ئي انساني جانن بچائڻ جي تنظيمن سان رابطو ڪري بروقت ساٿ به ڏنو آهي. ھن غريب خاندانن سان ڏک ۽ سک ۾ ھمدردي به ڪئي آھي. ھن سنڌ ۾ وڌندڙ بک، بدحالي، ڏڪار، پاڻي جي کوٽ جا ڳمڀير مسئلن کي به وائکو ڪيو آهي. ھن مسڪين ماڻھن جي ڳوٺن ۾ وڃي ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي جا ھٿ جا نلڪا به وظيفي طور لڳرايا آهن. ھن سنڌ جي اڻٿڪ محنتن کي لفظن جي محور ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. ڌرتي جي نياڻي تڪليف ۾ گھاريندڙ ماڻهن وٽ وڃي عيادت به ڪئي ۽ ھنن سان ٿيندڙ ظلم ۽ جبر جو جواب به ڀرپور انداز سان ڏنو آهي. ادارن ۾ ٿيندڙ ناانصافيون ۽ عورتن سان ٿيندڙ بي حرمتون سندن جيءُ جھوري وجھنديون آهن. تنهن ھوندي به سچائي سان انھن جي انصاف لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ جي ھن عظيم سوچ رکندڙ عورت ۽ بلند حوصلا، ھن جي ڪم ۾ اڃان به وڌيڪ خوبصورتي جو ڏيک ڏين ٿا. شھناز جھڙا انمول ھيرا دنيا ۾ پنهنجي محنت جا روشن ڪرڻا ھر داناءُ ۽ پڙھيل لکيل ماڻھن لاءِ لاٽ جيان اثر رکن ٿا. جيڪي تاريخ جي سنھري ورقن ۾ رقم ٿيندا. ھن دور ۾ شاھ لطيف سرڪار ھجي ھا ته پنهنجي شاعري جي اڻ مڻيا موتي جي لاڙ ۾ ھن جي درد کي به بيان ڪري ھا، ھن جي دل جي آواز کي به ٻڌي سگهي ھا. اھي ماڻهو عظيم آهن جن ٻين جي لاءِ سوچيو ۽ پنهنجي زندگي کي ٻين جي خوشي خاطر ارپي ڇڏيو. ميڊم سدائين ٻين جي ڀلي لاء پاڻ پتوڙيو آهي. سدائين غريبن جي گهرن تائين وڃي ڪري بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ سان مالي مدد ڪئي آھي. مون جڏهن به سائنڻ سان ڳالھايو آهي ته سندن سنڌ جو الڪو کين آرام نه ٿو ڪرڻ ڏي ھن پنهنجي چيل لفظن سان دانھيندي چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به شئي جي ڪمي ڪونه آهي. ھر شئي سان مالال سنڌ پوءِ به سورن ۾ آهي. ھن وڌيڪ اھو چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي گھرجي ته ووٽ جو حق صحيح استعمال ڪن. آخر ۾ ان دعا سان ته الله تعالىٰ سدائين کيس نيڪ ارادن ۾ ڪامياب ڪري ۽ سنڌ ۽ غريبن جي ڀلي لاء ڪيل ڪوششون اڃان به وڌيڪ ڪامياب ٿين. پنهنجي پاڪ مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪري.


    ايِڪويھين صَدي ۾ ڇَھ ھزار سال پُراڻي سِنڌ

    ايِڪويھين صَدي ۾ ڇَھ ھزار سال پُراڻي سِنڌ

    دنيا جي وايو منڊل تي سنڌ واحد خطو آهي. جيڪو آڳاٽي زماني کان وٺي ايڪويھين صدي ۾ به اوائلي ۽ ڇڙواڳ منظر جو ڏيک ڏئي ٿو. سنڌ جو نصيب به ڇڙواڳ ۽ نڌڻڪي لفظن جي محور ۾ گھمي ٿو. اڄ جي ٽيڪنالاجيڪل دور ۾ جتي چائنا ۽ جاپان جي اندر مزدورن جي جڳهه تي روبوٽس کان ڪم ورتو وڃي ٿو. اتي سنڌ ۾ ساڳي حالت ھيٺ سالن کان رھڻ جو بنيادي پيش نامو يا سبب ملڻ کان قاصر آهي آخر اھي نالا ۽ گٽر کليل، غريبن جون ھر طرف آھون، دانهون، سڏ، اڌما ،قيچ، ڪشالا، ڪيھاٽ ۽ سرڪاري سطح تي سڀني ادارن ۾ ميرٽ جي لتاڙ، ڏسندي ان ڳالهه جو اندازو ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ به سنڌ جي حالت ساڳي ھوندي ڇو ته سٺي مستقبل لاءِ ھلندڙ وقت (حال) ۾ سٺي ڪارڪردگي سان گڏ سٺي پلاننگ جو به ھجڻ ضروري آهي. جيڪا اسان جي مسلسل ايندڙ حڪومتن ته ڇا پر سنڌ جي ادارن مٿان قابض بالا آفيسرن وٽ به ڪونهي. ووٽ ڏيندڙ پاڻ انھي بک ۽ بدحالي جي ور چڙھيل آهن پر جنهن کي ووٽ ملي ٿو اھو لينڊ ڪروزر ۾ ويھڻ کان پوءِ ان تقدس کي به پامال ڪري ٿو. سنڌ جي ھر ننڍي ضلعي ۾ ھٿرادو پاڻي جي لوڊشيڊنگ کان وٺي گيس ۽ بجلي ۽ نوڪرين جو نه ھجڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سڀن قدرتي معدنياتس (Natural minerals) ۽ ترقي پسندانا سوچن (Advancement towards Better Conditions) ۽ ٻين ڪيترن ذريعن جي موجودگي سندس ڀانءِ نه ٿي پوي، ھر ڪو پنهنجي طاقت آھر ٻي کي برداشت ۽ ڀلائي جي ڪمن کان پاسو ڪرڻ جي تلقين ٿو ڪري. نتيجي ۾ غريبن جا سور گھٽ ٿيڻ ته پري جي ڳالهه پر انهن جون بنيادي ضرورتون به کائنس کسيون وڃن ٿيون. گذريل سالن کان ساڳي حڪومت وٽ ھر سال جيان سڀ ذريعا ھجڻ جي باوجود ھڪ ٻئي تي نزلو اڇلائڻ سمجھ کان ٻاھر آهي، تعليمي ڪورس ۾ اھو ئي پراڻو سليبس، پراڻا نظم ۽ پراڻيون وايون، گيت پڙھايا وڃن ٿا. جنهن سان ٻارن جي ذھني واڌ ويجھ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪا رٿا ڪو نه ٿي ملي. جديد ادب ۾ ڇا نت نوان اصلاحي ۽ ترقي پسند سوچن طرف گامزن لفظن جو مجموعو نه ٿو ملي؟ يا سنڌ جي اديبن ۾ لکڻ جي حوالي سان کوٽ ٿي وئي آهي. ايڪويھين صدي ۾ پلين ۽ بلڊنگس کي وڏو ڪري بيھارڻ سان ذھنن ۾ پلجندڙ بيمارين ڏي به ته ڪير توجھ ڏي. اسپتالن جي دوائن جو ٿيندڙ ڪاروبار تي به ته ڪير توجھ ڏي يا سڀ جو سڀ ائين ئي ھلندو رھندو. خدارا سنڌ جي زبون حالي سان گڏ ذھنن جي زبون حالت تي به ھڪ سرسري نظر وجھو ۽ ڇو ته تبديلي پاڻ کان شروع ڪبي آهي. ٻين ڏي اميد رکڻ سان ڪجهه به نه ورندو، گورنمنٽ جيڪا پاڻ ڪيترن ئي مختلف ڪيسن ۾ ڦاٿل آهي اھا مجموعي طور تي ڪيترو اثر ويھاري سگهي ٿي. ھاڻي انهن کان ڪجهه به نه ٿيندو ۽ اھڙا ڪردار ڪھڙي نواڻ آڻيندا جيڪي نه حالات حاضره کان واقف ھجن ۽ نه ئي وري وڌندڙ ٽيڪنالاجي کان واقف آهن. ھاڻ ھر محنتي آفيسر پنهنجي محڪمي جي اندر محنت ۽ سچائي سان ڪم ڪندو ته ايندڙ وقت ۾ اسان جي سنڌ اندر ٻين ملڪن جيان پڻ سندرتا جو اھڃاڻ ملندو.


    تاريخ جي عُقب مان تَر ٿيل تاريخ ساز ڪِردار

    تاريخ جي عُقب مان تَر ٿيل تاريخ ساز ڪِردار

    انسان انس جي الفت سان گڏ عالمگيريت جي صفتن سان ڌرتي تي لاٿو ويو. ھر انسان ۾ مزاج الڳ الڳ پر حقيقت ۾ ساڳيو رکي ٿو. سڀ انسان رحمدلي/ ميٺاج/ ماڻھپو ۽ اخلاق جي املھ موتين سان مَحوِ ۽ مَسَّت ھجن ٿا. ته ڪي انسان مختلف براين جھڙوڪ: ٻيائي، ساڙ، درجا بندي سان به ٿورو گھڻو وابسته ملن ٿا ته اتي وري پاڪ ۽ مقدس ڌرتي تي جڏهن معطر سوچون ۽ لوچون پنهنجي چوڏس انهن انساني مزاجن جي مورت من ۾ سمائي بي بھا ڀلائين ۽ برڪتن سان ڀرپور وجود جو عڪس جڏهن نظري ٿو ته ان جي خوشبو سڄي ماحول کي معطر ڪري ڇڏي ٿي۔ انھن وجودن جي اکين ۾ فطرت جو سرمو سَر ٿيل ھوندو آهي. جنهن سان ماحول مگن ٿي ٻھڪندو آهي ۽ انهن جو ذھن خدا جي ذات سان ظاھري پردي ۾ ظھوريت جي زم زم سان ڌوتو/ صاف ڪيو ويندو آهي. پوءِ انهن وجودن کي فطرت ۾ خدا جي مخلوق مٿان علم/ عقل/ فھم/ بصيرت/ عشق/ دلنوازي جھڙي دلچسپ راھ جو خالق بڻايو ويندو آهي.
    انهن پاڪ/ نيڪ وجودن مان سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلو سان تعلق رکندڙ سائنڻ ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ به ھڪ آهي. ڊاڪٽر پروين جو سنڌ ۾ موجود ھجڻ ڪنهن عالم/ بزرگوار/ ديوتا کان گھٽ ڪين آهي. ڊاڪٽر جي سڄي علمي/ ادبي/ سماجي/ ڪم تي جڏهن منهنجي گھري نظر پئي ته ھاءِ اوڙڪ! جي دانهن جو ڌڌڪو دم/ ساھ سان سرويچ ٿي پرواز ڪرڻ لڳو. ڊاڪٽر صاحبه جون سموريون محنتون/ جفاڪشون/ قربانيون سنڌ جي مڙني شاگردن/ استادن/ عالمن/ ڊاڪٽرن/ تاريخدانن لاءِ تانگھ ۾ تاساريون ملنديون. ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي فن/ فڪر ۽ خيالن سان عشق ڪري سماج جي اصلاح / ڀلائي لاءِ ھڪ مڪمل دين/ راھ/ رستو ڏنو آهي جنهن ۾ سڀني انسانن جي ڀلائي جي وِرد جو واس وٺي سگھجي ٿو.
    ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ جو جنم ڀومي شھر ٿرپارڪر آھي. ڊاڪٽر پروين ان اڃايل شھر سان واسطو رکي ٿي جتي مختلف خواھشون گُھپ انڌيري ۾ گم ٿي وڃن ٿيون۔ جتي سڀ جسم بک/ بدحالي/ اڃ ۾ اڃارا ٿي ڪومائجي وڃن ٿا۔ ميڊم پروين جو من به ماحول ۾ رھندڙ انسانن لاءِ ڀلائي/ اصلاح جي اڃ/ آس/ اميد جو چراغ روشن ڪيو آهي ته من ڪو سندس جي فڪري ڪم مان ڪو ڀرپور فائدو وٺي. ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي بنيادي تعليم مٺي، ڏيپلو، عمرڪوٽ، ٺٺي شھر جي اسڪولن مان ماڻي ۽ سيڪنڊري تعليم سانگھڙ ضلعي مان حاصل ڪئي ۽ ڪاليج جي سند ميرپورخاص مان حاصل ڪئي ان سان گڏوگڏ بيچلر/ ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي جون سنَد سنڌ يونيورسٽي مان ماڻي ورتيون. گورنمنٽ نذرٿ گرلس ڪاليج حيدرآباد مان 28 سال درس و تدريس جي پيغمبري پيشي سان وابسطه رهي، ھاڻي تازو ئي ريٽائير ٿي آهي. ڊاڪٽر پروين جو ادبي/ علمي ڪم مختلف زاويي نظر (Perscpective)تي ٿيل آهي. جن ۾ تحقيقي/ تنقيدي/ مضمون/ مقالا/ تاريخ/ سوانح/ سفرناما/ لطيفيات/ تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ميڊم جي لفظن ۾ اتھاھ گھرائي، خيالن جي پختگي، عشق کي سموئڻ جي اميد سان سلھاڙيل ملن ٿا. سائنڻ مٽي جي مھانتا مان گھڙگھت شناخت رکي ٿي، لفظن ۾ اڪيچار معاملا زير قلم ملن ٿا۔ سھڻي سڀاءُ سان سندر سپنا اوتيل آهن. جن جي پورائو لاءِ مسلسل ادب جي اتم جھنگ جھاڳيندي وتي ٿي. خيالي گھاريٽن جو عام/ خاص انسان آساني سان واس وٺي سگھن ٿا. ڊاڪٽر صاحبه سنڌي ادب جي کيتر ۾ جن ڪتابن سان لاٽ جي مست مَئي جو اوتارو قائم رکيو آهي تن ۾" سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات "، سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس، آديسين ادب آهي اکرين ۾، سون ورنيون سوڍيون (ڪھاڻيون)، اخلاقي قدر( ٻاراڻو ادب )، وکر سو وھاءُ (مضمون ۽ مقالا )، سنڌي ادب ( تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو)، عالم سڀ آباد ڪرين، پلئه پايو سچ، سنڌي ادب (ايم، سي، ڪيوز MCQs)) ۽ تازو ئي سنڌي ادب تحقيق ۽ تنقيدي مطالعو (ادبي تاريخ فار سي ايس ايس ۽ پي، سي، ايس) جو واڌايل ۽ سنواريل ڇاپو شايع ٿي. تيرهن ڪتابن جي صاحب ڪتاب/ صاحب بصيرت، معلم انسان طور پنهنجو پاڻ ملھايو آهي. جنهن جي قرباني/ محنتن/ جفاڪشن/ ولھورائپ جي جيتري تعريف ڪجي سا گھٽ ھوندي. سنڌي ادب ۾ اھڙن ڪتابن جو مجموعي طور ڇپجڻ سان بيش بھا قيمتي ۽ ناپيد ھيرن سان ھڪ تاريخ رقم ٿي آهي. اھا حقيقت آهي ته ادب سوچ ۽ فڪر جي گھرائي جو ڪارائتو سرمايو آهي. بلڪ اھو عوام الناس جي سماجي، معاشي، مذھبي، ثقافتي، تاريخي، سياسي، اجتماعي، ضروريات ۽ جمالياتي اثرات جو ذريعو پڻ آهي. مطلب ته ادب انساني جذبات، احساسات، جدوجھد، مشاھدي ۽ حسنڪارانا ڪردار جو نتيجو ۽ بيان آهي. ڊاڪٽر صاحبه به پنهنجي بي باڪ ڪردار ۽ سچائي ۽ وفاداري جي وکر ۾ اعليٰ رتبي تي فائز آهي. سائنڻ طبعيتن نھايت ئي شفيق، فقير منش، کل مک، خوش اخلاق ۽ خوبصورت شخصيت جي مالڪا آهي. سائنڻ پروين موسي انسان دوست، ھمدرد، انسانيت جي ڀلائي جي علمبردار محبت جي متوالي ۽ سچ جي ساٿاري آهي. پنهنجي بصيرت جي نگاھن ۾ پنهنجي سڀاءُ ۽ طبعيت ۾ سچي ۽ کري مانجھي مڻيادار، قربدار ۽ وينجھار انسان آهي.
    ڊاڪٽر صاحبه جھڙو جاکوڙي ڪردار ريتن/ رسمن/ رواجن کي زنده و جاويد ڪرڻ ۾ قدرتي ڏات جي ديوي طور آبھوا ۾ ڀرجھلو آهي. ميڊم پروين موسي سنڌ جي شاگرد طبقي جي عقلي/ علمي صلاحيتن کي ڀرپور عِلم جي عَلم سان اتم ۽ اعليٰ رکڻ لاءِ ساڻس ھر محاذ تي گڏ آهي. منهنجي ڊاڪٽر صاحبه سان اڪثر ادبي حوالي سان گفتگو ٿيندي رھندي آهي. سندس جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاھر رھندڙ سنڌين لاءِ زندگي ھڪ محنت ۽ جدوجھد جو نالو آهي. پنهنجي وجود کي محنتن جي ماڳ ۾ مست رکو ته جئين حقيقي ڪاميابي توهان جا پير چمي. ڊاڪٽر صاحبه سنڌ جي اھا مھان شخصيت آهن جن وٽ فن ۽ فڪر جو بي بھا اھڃاڻ ملي ٿو. جيڪو اھڃاڻ تاريخ جي عقب ۾ تر ٿيل تاريخ ساز ڪردارن مان پسي سگھجي ٿو. ڊاڪٽر پروين ان تاريخ ساز ڪردارن جي سھڻي ۽ سيبتي سرجڻھار طور سُندرتا سان سُپرين آهي. ڪُل ڪائنات جي تَخليقڪار مالڪ ٻاجھاري کان دعا آهي ته اھڙا فقير منش ڪردار سنڌ ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ تاحيات قائم رکي ۽ سندس وجود جي خوشبو ماحول کي معطر ڪرڻ ۾اتاولي آھي. پروردگار مخفي خزاني مان صحتن جي اڻ کٽ خزاني سان مالامال ڪري ۽ ائين ئي سنڌي ادب ۽ شاگرد طبقي جي دل ۽ دماغ کي منور ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.


    ھڪ انسان جو قتل ڪرڻ پوري انسانيت جو قتلام آهي

    ھڪ انسان جو قتل ڪرڻ پوري انسانيت جو قتلام آهي

    سنڌ جي تاريخ کي جڏھن به اٿلائي پسيو اٿم ته ھر دور ۾ ظلم، جبر، ڏاڍ مڙسي، ناانصافيون جي عروج جو عڪس نظري ٿو. ھر مھل دردن جي دانهن جا پڙاڏا سڏ، غمگينن جي غنيمتن تي ڌاڙا ۽ مجبوري جي ماس سان ٺھيل آلودا مھل ئي سنڌ جي ماڻھن جي دامن ۾ مليو اٿم. سنڌ ڇھ ھزار سال پراڻي اڄ به ساڳيو ئي ڏيک ڏئي ٿي. ھن ايڪويھين صدي ۾ جتي چين جھڙي شھر ۾ مزدورن جي جڳهه تي روبوٽس جو ساڳي نوعيت جيان ڪم ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سچائي ۽ محنتن سان ھر ھڪ شي تبديل ڪري سگھجي ٿي.
    چين جنهن وقت مڪمل نشي واپرائڻ جي فھرست ۾ پھريون نمبر ملڪ ھو. اڄ اتي نوان نوان رنگ ڏسڻ کان ملن ٿا. سنڌ گورنمنٽ پاران گذريل سالن کان وٺي ھن سال به بجيٽ پيش ڪئي وئي. مختلف فنڊس ته اسان جي پريس ريليز ۾ پڙھڻ کان ئي ملن ٿا پر حقيقي انداز ۾ ان مٿان ڪم ڪرڻ اسان جي وس جي ڳالهه ڪونهي. ھا اسان جا ڪرتا ڌرتا، پير، وڏيرا، ڀوتار، ايم اين اي، ايم پي ايز مال ھڙپائڻ ۾ سٺي مھارت رکن ٿا. جيڪڏهن غريبن ماروئڙن جي خدمت ڪندڙن ادارن کي اڳ ۾ ئي ڪنهن لکت تحت ھڪ ئي سيٽ اپ جي وال ۾ جوڙيو وڃي ھا ته اڄ سنڌ جا لکين غريب ۽ بي سھارا خدا جي سھڻي مخلوق ائين در بدر نه فري ھا. ڳالهه سنڌ جي ٽن مکيه ادارن جي ھلي ٿي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيووسڪيلور ڊزيزس (National Institute of Cardiovascular Diseases(NICVD)) نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ (National Institute of Child Health (NICH))۽ جناح پوسٽ گرجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچي (Jinnah Post Graduate Center Karachi ) جن ۾ ھر روز لکين تعداد ۾ مريضن جي مفت چڪاس ۽ مختلف بيمارين جو علاج ڪيو وڃي ٿو. تازو ئي وفاق گورنمنٽ پنهنجي زميداري تحت ھلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ وفاق جي بجيٽ ۾ ان لاءِ ڪو خاص پيڪيج نه رکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ گورنمنٽ بجيٽ ۾ ڪجهه حصو ھنن ادارن لاءِ رکي وري ڳڙڪائڻ جو گڏجي فيصلو ڪيو آهي.
    ھن وقت ملڪ جي اھڙي ته نازڪ صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. جنهن جو اثر ھيٺين طبقي جي مٿان ئي پوي ٿو ھر دور ۾ غريب مسڪين ماڻھن سان ئي ڪاغذي ڪاروائين ۽ پريس ريليز تائين عملي ڪمن کي محدود رکيو ويو آهي. پاڪستان جي اين جي اوز يا پنهنجي مدد پاڻ تحت مدد ڪندڙ ڪيترائي ادارا ھن مريضن سان عيد جو خوشيون، اويرنيس پروگرام صفائي پروگرام ۽ مختلف پروجيڪٽس تحت انهن جي مدد ڪري رھيا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي گورنمنٽ، ھجي يا پي ٽي آء يا نون ليگ جي اسپتالن سان گڏ سڀن ادارن ۾ مھا ڪرپشن جا اسڪينڊل مليا آهن ۽ ادارن جي اھا ئي زبون حالت سان تباھ ۽ برباد ٿي رھيا آهن.
    پاڪستان جيتوڻيڪ نيچرل منرلس (Natural Minerals)سان مالامال آهي ان جي باوجود به ڪم صرف ڪاغذي ڪاروائين تائين ئي ڇو محدود رکيو ويو آهي؟ جنهن به اداري ۾ وڃو ته ناانصافي ميرٽ جي لتاڙ عروج تي آهي. ڪنهن به انساني وجود ۾ سچائي جو ساھ نه ٿو ملي سڀني جي اندر ۾ دجالي صفتون قائم ۽ دائم آهن. جنهن سنڌ جا اھي غريب خاندان جيڪي ھڪ ماني جو ويلو کائن ٿا ته ٻيو ٽارين ٿا. انهن جو ڇا ٿيندو؟ سنڌ اندڙ مختلف بيمارين جو وڌندڙ سلسلي کي روڪڻ لاءِ ڪنهن به اداري طرفان/ مقامي/ وفاقي گورنمنٽ طرفان ڪا به احتياطي تدبيرون نه ورتيون ويو آهن. NICVD، NICH ۽ JPGM۾ اھڙيون بچاءَ لاءِ تدبيرون جاري و ساري ھيون جيتوڻيڪ انهن کي به مالي ڌڪ رسائي ساڻس مريضن جي زندگين کي اجيرڻ بڻايو ويو آهي. ھتان جي ماڻھن کي به برابر جا حق ڏنا وڃن ۽ بجيٽ ھجي يا ٻيا پروجيڪٽ يا اين ايف سي ايوارڊ سندن برابر حق ڏئي ڪري انسانيت جو سرعام قتل ڪرڻ بند ڪيو وڃي. اسپتالن ۾ مريضن جي مڪمل علاج نه ٿيڻ، ڪرڻ جيڪڏهن ھنن جي زندگي جا رنگ بي رنگ ٿين ٿا ته اھو الزام به توهان جي دامن ۾ لٽڪندو ۽ اھو سبب آهي جو سرعام انسانيت جو قتل ڪرڻ باوجود به ادارن ۾ رھي ڪم ڪرڻ ته انهن ماڻھن کي جڳائي ڪونه ٿو.
    اڳ ۾ وفاق طرفان سنڌ جي ڪھڙي اداري کي مڪمل بجيٽ يا ان تي نظرثاني ڪئي وئي آهي جو بچيل حق به ادارن کي وفاقي بڻائي کسيو ويو آهي. ڇا ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي ترقي لاء ڪا خاص بجيٽ يا پروجيڪٽس رکيا ويا آهن؟ گڏيل معاملن تي حڪومت کان اڳ ته واعدا وفا ڪرڻ جا اعلان ڪيا ويندا آهن پوءِ حڪومت ۾ وڃڻ کان پوءِ ڪھڙو نانگ ٿو سنگھي وڃي. خدارا جيتري زميداري پنهنجي سر مٿان کڻو ٿا ان کي نڀائڻ جي ڪوشش ته ڪيو ان وقت ڪراچي جي اسپتالن ۾ ڪيترا ئي مريض بي سھارا بڻيا انهن جي روح جون اکيون توهان طرف واجھائي رھيون آهن جيڪر انهن جي روح کي وري توهان زنده رکڻ جو فيصلو ڪيو ٿا ته ويل اينڊ گڊ نه ته ٻي صورت ۾ انهن جي زندگي مان الوداع ڪرڻ جو آواز توهان جي معصوم ٻچن جي ڪنن تائين پھچي يا نه پر خدا جي بي آواز احساس تي ضرور رسندو ھوندو ۽ ان جي سزا نسل تباھ ڪري ڇڏيندي آهي.
    ھن وقت سڀن پارٽين کي گڏجي ھڪ مڪمل رٿا بندي تي ڪم ڪرڻو پوندو جنهن جو مقصد صرف ۽ صرف انسانيت جي بچاءُ جي جنگ ئي ھجي جنهن جو لاڀ اسان جي غريب مسڪين ماڻھن جي لاءِ ساڀيان جيان ثابت ٿئي. سنڌ اڳي ئي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ھر معاملي ۾ پٺ تي پيل آهي. سنڌ گورنمنٽ جيتوڻيڪ ڪم جي نوعيت مان واقف ناھي ته وفاقي گورنمنٽ ئي ترقي جي علم کي بلند ڪري ۽ بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ فرق جي جستجو ۽ جذبي سان گڏ ھن خطي پاڪستان کي ڪاميابين طرف گڏجي وٺي ھلڻ جو وچن ورنائڻ گھرجي ۽ پنهنجي مسڪين ماڻھن جو روح بڻجون، ساھ بڻجون، ساٿي بڻجون.


    نا انصافين جو باب ڪڏهن بند ٿيندو؟

    نا انصافين جو باب ڪڏهن بند ٿيندو؟

    سنڌ سونهن آهي، سنڌ ساھ آهي، سنڌ عشق ۽ آس آهي، سنڌ سچائي ۽ سڀيتا جو اھڃاڻ آهي. سنڌ صدين کان قائم آهي. سنڌ ڀٽائي جي ۽ سچل، سامي ۽ مخدوم جي آهي، سنڌ ۾ رھندڙ سنڌ جا مارو جسم ۽ روح منجھ آهن يا اڃا ٻيا مرگ جي بستر تي ڍير پيل جملا ھر روز ڪنهن نه ڪنهن سڻڀي محفلن ۾گونجندا رھن ٿا. انهن جي حقيقت جو به سبق/ درس ڪنهن وٽ عملن آهي به يا نه؟ يا ھي سڀ پير، وڏيرا، ڀوتار، شاعر، اديب، ليکڪ، عوامي نمائيندا، سرڪاري سطح تي عملدار، وڪيل ۽ ٻيا سڀ جو سڀ صرف خام خيالي ۽ مفاد پرستي واري دنيا ۾ رھن ٿا يا ڪجهه حقيقت تي مبني رٿا بندي جو ڪاغذي ڪاروائي کان ھٽي ڪري ميدان ۾ عمل ڪرڻ جو به سوچيندا. ھميشہ سنڌ ۾ ھر معاملي جو پاڻي مٿي کان گذري وڃڻ جو ئي ڇو انتظار ڪندا آهن؟ اڳ ۾ئي اھڙا انيڪ اپاءَ وٺڻ لاء ڪا حڪمت عملي ڇو ڪونه جوڙي وڃي ٿي؟ ايڪويھين صدي ۾ ٿيندڙ شرمناڪ واقعن جو باب ڪڏهن بند ٿيندو؟ آڳاٽي سنڌ ۾ ھر انسان وڏي شوق ۽ چاھ سان رھڻ پسندا ڪندا ھا ۽ ھندو برادري اڄ ڏينهن تائين امن پرست قوم رھي آهي. ھنن سان ٿيندڙ ايترا ھاڃا آخر ڪھڙي تاريخ رقم ڪرڻ جو سوچيو وڃي ٿو. اھا سنڌ ياد ٿي اچي جڏهن مچ ڪچھريون، چاھ، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جون عملي وکون سرعام کڻبيون ھيون ۽ انهن جو اثر نوجوان نسلن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو ھو. اڄوڪي سنڌ ۾ ھر روز سوين تعداد ۾ ٿيندڙ واقعا آخر ڪنهن جي نظر مان جي گذرن به ٿا ته سوشل ميڊيا يا ميسج ذريعي ۽ مھم به صرف سوشل ميڊيا تائين ئي ھلي ٿي. صرف شيئرنگ جي حد تائين. ان مان اھو نظر ٿو اچي ته انسانيت وڃي اھا بچي آهي جنهن سان اسان ترقي ڪندڙ قوم بڻجڻ جو خواب ڏسي رھيا آهيون. ھر ڪنهن کي ھر ڳالهه جو پتو ھوندي به صحيح معنا ۾ عملي سرگرمين ۾ پري رھڻ به عين شيطاني ڪم آهي.
    تازو ئي سنڌ جي مختلف شھرن مان ھندو ڀائرن جون نياڻيون زوري اغوا ڪري کين اسلام قبول ڪرايو ٿو وڃي. جيتوڻيڪ اسلام ۾ ڪا زبردستي ڪونهي. تنهن باوجود به اھي ڪھڙا نام نھاد مسلمان آهن جنهن وٽ سواءِ ھندو نياڻين کي اغوا ڪري اسلام قبول ڪرڻ جي ذميداري سونپي وئي آهي. حقيقي پس منظر عوام آڏو پيش ڪري ھر معاملي جي چڱي ريت جاچ پڙتال ڪري کين انصاف فراھم ڪيو وڃي ۽ اسلام قبول ڪرڻ جو اھو طريقو عين اسلامي ناھي ۽ نه ئي اھي اسلامي ٿي سگھن ٿا. جيڪي حوس جي آڙ ۾ اسلام کي غلط استعمال ڪري امن پرست قوم ھندو برادري جي احساسن ۽ شعور جي ائين بي رحمانا طور تذليل ڪري ھڪ ظالم معاشري کي جنم ڏيڻ ۾ پيش رفت آهي. شاھ لطيف ته الله ۽ قرآن جي عشق سان اتم ۽ اعليٰ جذبن سان جڙيل ھو.

    جي تون بيت ڀانئين سي آيتون آهن .

    انهن جي محنتن يا عبادتن جو محور ڪنهن کي اغوا ڪري مسلمان ڪرڻ ته ھو ئي ڪونه. سڄي شاھ جي رسالي يا سچل جي شاعري مخدوم طالب مولا جي عشق يا جيڪي به پير فقير اولياء الله جي فنون/ فڪر مان اسان کي اھڙي قسم جي تلقين ڪانه ٿي ملي ۽ نه وري اسلام ۾ اھڙي عمل جي ڪا رٿا يا ڳالهه ملي ٿي. اسلام امن پرست دين آهي. جنهن جو خاص متن نبي حضرت محمد صلعم جن جي حديث مان لڳائي سگهجي ٿو ته ”مسلمان اھو آهي جنهن جي ھٿ ۽ زبان مان ٻي ڪنهن مسلمان کي تڪليف نه پھچي“. ان مان درس اھو ٿو ملي ته واقعي اھا سختي سان تلقين آهي جنهن جي نه ڪرڻ سان اسان جي عبادتن يا ذڪر تي ڪو خاص اثر ڪونه ٿيندو. صرف ھندن جي ئي نياڻين کي اغوا ڪرڻ سان مسلمان پنهنجو فرض ٿو سمجھي ته اھو نه ئي مسلمان آهي ۽ نه وري فرض ٿو ادا ڪري بلڪ اھو ھڪ ظالم ۽ جاھل آهي جنهن سان خد خدا نفرت ٿو ڪري، عقل ۽ علم واري جي خدا وٽ خاص انعام ۽ عزت آهي. مون کي حيرت ٿيندي آهي ته اھڙا ماڻھو نياڻين کي اغوا ڪن ٿا جيڪي ڪنهن به طريقي سان مسلمان ته نظر اچن ئي ڪونه ٿا انهن کي تي نماز جا فرض يا غسل/ وضو جا فرض به ياد نه ھوندا. ھي اھي درندا صفت انسان آهن جنهن جو وجود صرف جانور جي برابر ته ڇا جانور کان به بدتر آهي. جنهن جي سوچن ۾ سنگين مايوسي آهي جنهن وٽ سواءِ ڏوھ ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪجهه ملي ئي نه ٿو.
    اھڙن ماڻھن کي سرعام ڦاسي چاڙھي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن آئنده اھڙو ڪير عمل ڪرڻ ته ٺھيو سوچي به نه سگھي. اسان جي سڪل سنڌ ۾ سڀ عھدا يا محڪما به ان سڪل وڻ جيان ٿي ويا آهن جتان ڪنهن کي تڪليف ۾ ڇانو جي به اميد ڪونهي جيڪي سالن کان پينڊنگ (Pending)۾ پيل ڪيس حل ناھن ڪرائي سگھيا اھي ڪھڙي ريت تازا جرم ڪندڙ ناپاڪ وجودن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪندا. انهن مان ڪھڙي اميد رکي سگھجي ٿي. جڏھن سنڌ ۾ ٿرپارڪر ضلعي، مٺي، ڇاڇرو ۾ جانيون خطرناڪ بيمارين جي وڙ چڙھي موت سان وڃي مليا ھا ڇا اھي منظر سڀني کان وسري ويا آهن؟
    سنڌ ۾ ھر روز نئون معاملو ٻڌڻ/ ڏسڻ کان ملي ٿو ھي سڀ اعليٰ عملدار حقيقي فرض ادا ڪرڻ ۾ مڪمل طاقت ڏيکارڻ کان ڇو ڪيٻائن ٿا؟ انهن جي سچائي ڪيترن گھرن ۾ خوشي جي لھر ۽ سنڌ مٿان اداسي ۽ ڏکن جا پاڇا ھٽائي سگھي ٿي. ھر روز جا ھٿرادو پيدا ڪيل معاملا جنهن ۾ پاڻي جي کوٽ/ تعليمي ادارن کي بلڊنگس/ فرنيچر نه ملڻ ۽ روڊن رستن کي ٻيھر تيار ڪرڻ سان ڪيتريون ئي جانيون بچائڻ ۾ مدد ڏئي سگھن ٿا. پاڻي سان غريب ھاري کي مزدوري نه ملڻ ڪري خودڪشي جي انگن ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو، تعليم صحيح سان نه ملڻ ڪري نوجوانن کي انسانيت جي راھ کان پري ڪري اھي کين غلط ڪمن ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا، روڊن ۽ رستن تي ھڪ ئي وقت وزني ٽرڪن ۽ ڪارن جو پاڻ ۾ ٽڪرجڻ سان ڪيترن خوشين کي تباھ ٿيون ڪري ڇڏين. مقامي گورنمنٽ کي گھرجي ته علم ۽ عقل جي نعمتن کي صحيح سان استعمال ڪندي ھر معاملي کي زير بحث سان گڏ ان تي حڪمت عملي جوڙي سندن عمل ڪرڻ گھرجي. سنڌ ۾ رھندڙ ھر شخص بي حس ٿي چڪو آهي جنهن وٽ سواءِ وائي حوالن جي ٻيو ڪجهه ملي ئي ڪونه ٿو. نوجوانن کي گھرجي ته پڙھڻ/ پرجھڻ سان گڏ امن جي تنظيمن جا سفير ٿي ڪري ان سھڻي ۽ ساھ ڏيندڙ سنڌ کي واپس آڻجي جيڪا اسان کان ھميشه لاء ناراض ٿي ڪنهن گار ۾ غمگينن جا آلاپ اچاري ٿي.


    مارئي ۽ ماروي

    مارئي ۽ ماروي

    سنڌ جي وجود ۾ جيڪا خوشبو رچيل آهي سا ڪنهن ڪنهن منجھ ئي پسي سگھجي ٿي. سنڌ ۾ رھندڙ سڀ سنڌي سنڌ آهن. سڀني جي من ۾ سنڌ جي مٽي جي خوشبو ٻھڪي ٿي. ان خوشبو جو واس ايترو ته رنڱيل آهي جو سنڌ ۾ رھندڙ ماروئڙن جي سوچن ۽ عملن ۾ ڏسي سگھجي ٿو. سنڌ ۾ ھر قسم جا ماڻھو رھن ٿا جيڪي نيڪ ۽ بد جي مجموعي سانچي ۾سانڍيل ملندا. مارئي جي اوائلي زماني ۾ به عمر جھڙا بدبودار وجود ھوندا ھا ته ھن زماني ۾ به سندس جا پوئلڳ موجود آهن. پر جنهن به وجود ۾ مارن جو ڏک، سک، محبت، پيڙاھ جون اندر مانڊاڻ مچيل رھي ٿو سا ئي مارئي جي ٻي روپ ۾ پسڻ ڪاڻ ملي سگهي ٿو. سنڌ جي ئي سچي، سپوت، سندر سوچن جي سون سان سلھاريل ڊاڪٽر ماروي پليجو به مارئي جھڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ھر وقت ڪوشان آهي. سنڌ صدين کان مختلف معاملن جي وڙ چڙھيل آهي سنڌ سھڻي جو نصيب به ان غريب عورت جيان آهي. جنهن جي شادي ٿيڻ کان پوءِ گھروارن سان گڏ چاچا ۽ ماما به حق جتلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سنڌ جي سينڌ کي ميرو ڪرڻ انھن جي اولين ترجيح ھوندي آهي. ڊاڪٽر ماروي ان بدڪردان ۽ بدگمانن وجودن لاء تلوار کان به تکي ثابت ٿيندي پئي اچي جيڪي غريب ۽ مسڪينن جي حقن تي ڌاڙي ھڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا.
    ڊاڪٽر ماروي پليجو سماجي ڪارڪن ھجڻ سان گڏ سياسي ڪمن ۾ به اڳڀري رھي ٿي. ماروي پليجي جي سوچن ۾ سنڌ جي ھڪ ھڪ فرد جي اصلاح لاء من ۾ ھلچل متل آهي. پنهنجي ھڙان وڙان ڪري سماجي ڪمن ۽ غريبن جي ڀلائي خاطر وت وس آهر ھر ڪم خلوصيت ۽ ڪمال/ جمال سان نڀائيندي ٿي اچي. مارئي جي روح ۾ غريبن مسڪينن جو پيار ۽ خيال سانڍيل ھوندو ھو اھڙي طرح ڊاڪٽر ماوري پليجو جي سيني ۾ به غريبن مسڪينن جو سور سانڍيل آهي. انهن سان ٿيل ازلي ناانصافيون جن ۾ ڳوٺن ۾ بنيادي تعليم ۽ اسپتالون يا ٻيا سکيا جا مرڪز جيڪي ڪاغذن ۾ ته ملن ٿا پر حقيقت ۾ ڳوٺن جي سونهن بڻجڻ کان رھجي ويا. ان ئي سلسلي ۾ ٿر، ڪاڇو، ننگر، پارڪر، رتيديري ۽ سنڌ جي وستي وستي ۽ واھڻ واھڻ پنڌ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. ھن سنڌ جي سينڌ کي ميرو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ھر وقت عمل ۾ رھي ٿي. ڊاڪٽر ماروي پليجو جي شخصيت اڄ ان ملير جي مارئي جي سڪ لاھي ٿي جنهن وٽ ھر انسان لاء من ۾ محبت سانڍيل ھوندي ھئي.
    جيتوڻيڪ ماروي پليجو پيشي طور ڊاڪٽر آهي ۽ پنهنجي زندگي ۾ مختلف خوشين ۽ آرام جي رنگن سان رنگين زندگي بسر ڪرڻ جي باوجود به ان ملير جي مارئي جيان عطر، عنبر پلاون ۽ شربتن، پٽ پٽيھرن ۽ بخمل بافتن کان پري ٿي ڪري مالڪ حقيقي جي فرض کي اولين ترجيح ڏئي انسانن جي خدمت ڪرڻ جي پاڪ ڪم ۾ جستجو ۽ جنگ جوٽيندي رھي ٿي. تازو ئي ايڊز (AIDs Acquired Immune Deficiency Syndrome) جي خطرناڪ ۽ موتمار بيمارين جي جاڳرتا مھم (awareness ) ۾ مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ننڍي پيماني تي پروگرام رکي کين بيماري بابت آگاھي ڏني. اھڙن انسانن لاءِ ئي شاھ لطيف جي ھي سٽ پنهنجي خوشبو سان ٻھڪندڙ ملي ٿي.

    ملير ماڻيائون، حڪم ساڻ حبيب جي

    سنڌ ۾ جيتوڻيڪ عورتن سان ھر ويساھ گھاتيون، انهن جي حقن کي لتاڙڻ جي ڪوشش ۽ حراسان ڪرڻ سان گڏ ڪارو ڪاري/ جبري زنا/ ننڍي عمر ۾ شادين جو ھڪ عام رواج بڻجي چڪو آهي. ان باوجود به پنهنجي مصروف زندگي مان ڊاڪٽر ماروي ماڻھن جي وچ ۾ انهن جي معصوم پڻي تي پنهنجي تجربن ۽ مشاھدن ذريعي طبعي يا وري ذھني جوش ۽ ولولي کي سھڻو بنائڻ ۾ ھر وقت مدد ڪندي رھي ٿي. اسان جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾اڄ ڏينهن تائين تعليم بھتر ناھي ٿي سگھي ڊاڪٽر ماروي انهن خاندانن سان تعليمي ھم آھنگي/ ڏيتي ليتي بطور ڊاڪٽر انهن جا ننڍي پيماني تي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ محنتون ۽ جفاڪشون ڪندي رھي ٿي. ڊاڪٽر ماروي جو ڪم ۽ مقصد نيڪ آهي. جنهن جي انتھا ان جي ابدي زندگي کي جنم ڏيڻ آهي سنڌ ھن وقت مجموعي مسئلن جي ور چڙھيل آهي ماروي پنهنجي ساٿين سميت " تتي ٿڌي ڪاھ ڪانھي ويل ويھڻ جي " لطيف جي ھن سٽ سان نڀائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. اسان جي سنڌ صدين کان نڌڻڪي ۽ سڪل رھي آهي. ماروي جي جمود ڀريل حوصلن ۽ بي باڪ ڪردار سنڌ کي نئون جنم ڏنو آهي.

    ڊاڪٽر ماروي پليجو ھر وقت جھر/ جھنگ/ ٿر/ ڪاڇي ۽ ان وستي ۾ جتي منهنجا ماروئڙا شھزور رھن ٿا سا انهن کي حقيقتن کان واقف ڪرڻ جي عمل ۾ ڪوشان آهي. ڊاڪٽر ماروي پليجو حق ۽ سچ جي راھ تي جاکوڙي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ ھڪ بھتر انسان پڻ آهي. جنهن وٽ اخلاق ۽ سھڻي ڪردار جي سڀيتا جو اھڃاڻ ملي ٿو. شخصيت ۾ شاھ ۽ عملن ۾ مڪمل درسگاه جو وجود رکي ٿي. جنهن پنهنجن سنڌ جي ماڻھن سان بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي انهن جي خدمت ۾ مشغول آهي. جيڪا نه آنڌي نه مانڌي مان واقف آهي نه ئي رستي ۾ فٽي ڪيل رڪاوٽن جي ڪنڊن کان. ڊاڪٽر ماروي پليجو صرف ۽ صرف ان عشق مان واقف آهي جيڪو مخلوق خدا جي خدمتن ڪرڻ کان پوءِ حقيقي مالڪ جي ديدار لاءِ وانجھيل ھوندو آهي. اھڙا ڪردار ڪجهه صدين جي گذرڻ کان پوءِ ئي ملندا آهي. اڄ سنڌ سر سبز ۽ ان ۾ ساھ سمايل آهي جيستائين اھڙيون مارويون زنده آهن. پنهنجي سنڌ کي ترقي ڏيارڻ ۾ ھر وقت ڪوشان رھن ٿيون. ماروي جو ڪيل ڪم تاريخ جي سنھري ورقن ۾ لکيو ويندو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ عملي زندگي ۾ ڪيل ڪم ساڀ پوندو.


    ادب ۾ بي ادب اديب

    ادب ۾ بي ادب اديب

    حضرت محمد صلي الله عليه وآلہ وسلم جن جو فرمان آهي ته بھترين اخلاق گناھن کي ائين ڳاري ڇڏيندا آهن جئيڻ پاڻي برف کي ڳاري ڇڏيندو آهي ۽ برو اخلاق انسان جي عملن کي ائين بگاڙي ڇڏيندو آهي جئين سرڪو ماکي کي بگاڙي ڇڏيندو آهي.
    (طبراني)

    ادب لفظ جي پٺيان ھڪ وسيع معنىٰ جو ڍڳ / ميڙ ملي ٿو. ادب صرف تخليقڪار جيڪو سرجي ٿو ان کان علاوه به ھڪ الڳ اثر ۽ معنويت رکي ٿو ادب سماجي لچڪ سان گڏ روين ۾ ڪردار جي ادا ڪرڻ کي به ادب چئجي ٿو. ادب معاشري جي ھر عملي جدوجھد ۽ علمي بيھڪ جي ڪري ڪچن، پڪن ذھنن تي به نمايان نظر اچي ٿو ادب انساني وجود جو ازل کان اڳ ۽ ابد کان بعد به خوشگوار زندگي گذارڻ جو ضامن ھجي ٿو ادب تعليم، تمدن، ريتون ،رسمون، سياست، سياحت، فصاحت ۽ بلاغت جو ھڪ انمول ميڙ آهي۔ ادب اصلاحي يا مثبت سوچن جي مدد سان لکڻ/ سرجڻ سان گڏ عملي ڪمن ۾ به ڏسي سگھجي ٿو ادب زندگي جو اھم حصو آهي جتي اھو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايندڙ گذريل، ھلندڙ زندگي ڪھڙي نوعيت جي ٿي سگهي ٿي. حضرت شيخ سعديؒ جن جو قول آھي ته جيڪو ماڻھو ننڍي ھوندي بي ادب ھوندو آهي اھو وڏي ھوندي به بي ادب ئي رھندو.
    جيڪو ادب لکجي ٿو ان جو متن/ مقصد عمل ڪرڻ ئي ته آهي لکڻ جو اھم/ خاص ٻيو وري مقصد ڪھڙو آهي؟ ادب لکيو ته بي حد وڃي ٿو پر عملي نظام ۾ گھٽ ئي نظر اچي ٿو سامھون/ روبرو ۽ پويان جيڪي نتيجا نڪرن ٿا انهن جي اصطلاحي لچڪ ۾ جيڪر فرق ملندو ته اھو منافق چئبو. قول ۽ فعل ۾ تضاد اڄڪلھ جي انسانن ۾ عام رواج بڻجي چڪو آهي. ھر انسان اديب آهي ڀلي اھو صاحب ڪتاب ھجي يا نه ڇو ته آڳاٽي زماني ۾ ادب ھر معاملي ۾ مک ڪردار ادا ڪندو ھو. مثال طور پاڻ جنهن کي تجريدي نظم/ نثراڻا نظم/ ون لائين/ ھڪ سٽي نظم جيڪي آزاد نظمن جي صنف ۾ اچن ٿا اھي زير عمل ۽ قلم تاريخ جي ورقن ۾ نمايان نظر اچن ٿا. موهن جي دڙي مان مليل تختين تي لکيل ٻولي به آزاد ۽ ھڪ سٽي نظم ئي سمجھيو وڃي ٿو. ادب صرف انهن لاءِ ڪين آهي جيڪي علم عروض جي رڳ مان واقف ھجن ادب ته سھڻي اخلاقن/ سھڻي خيالن/ سھڻي عملن جي وجود جو سندر ۽ سپرين روپ آهي.
    جيڪي ماڻھو ادب جي صنفن/ ڪم/ گھاريٽن تي مڪمل طبع آزمائي ڪري چڪا آهن/ ڪري رھيا آهن. اھي ئي جيڪڏھن عملي اخلاق کان آجا ھجن ته پوءِ انهن جو لکڻ معاشري ۾ ڪيتري حد تائين پکيڙ ڪري سگهي ٿو؟ يقينن ان جو ڪو به اثر نه ٿيندو. لکڻيون جيڪي ڪتاب ۾ شامل ھجن ٿيون سا مرگ جي بستر تي ساھ ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿو ٿي سگھي. عالمي ليول تي اسان جي معاشري کي ايتري محنتن ۽ جفاڪشن کان پوءِ به اھا پذيرائي ڇو نه ٿي ملي؟ سنڌ اندر ادبي تنظيمون الڳ الڳ بيٺڪون، طبقاتي سسٽم، معاشري ۾ ڪھڙو اثر ڏيڻ وڃي رھيا آهن؟ ڇو ته اديب جڏهن به لکي ٿو ته معاشري جي ئي پھلوئن تي لکي ٿو پر ان کان پوءِ معاشرتي معاملن ۾ بدڪردار/ ھٺيلو/ تڪبر سان سلھاڙيل ۽ بداخلاق ھوندو ته ان جو اثر پڙھندڙن تي قطعن نه ٿيندو جيڪو ڪجهه اسان لکون ٿا ڇا ان ڪيفيت مان پاڻ ڪڏھن گذريا آهيون. ھتي ڪيفيت پيار ۽ عشق مان مراد ڪونهي ھتي صرف ڳالهه ان مجموعي عملن جي آهي جيڪا اسان ذميداري (معاشري کي بھتر بڻائڻ جي) سر تي کنئي آهي. ان جو ذڪر ڪجي ٿو. ادب لکڻ جي برعڪس سوچڻ کان پوءِ ٻيا اھم جزا زبان، اٿڻي، ويھڻي، ڳالهه ٻولھ، سڀ جو سڀ اوترا ئي خاص آهن جيترو اسان پاڪ خيالن جو ذڪر ڪندا آھيون. ڇا مجموعي معاملن ۾ اسان جي زبان يا ھٿ ڪڏهن پاڪ رھيا آهن يا وري پاڻ ۾ ننڍن ننڍن معاملن کي وڌائي وڻ ڪري ان جو شيطاني شيوي سان ميوو کائڻ پسند ڪندا آهيون. ڇو ته شيطان جو عمل به بي ادب جي ئي خاني ۾ اچي ٿو سالن جي ڪمائڻ صرف بي ادب جي باھ جي ھڪ جھلڪ تار تار ڪري ڇڏيو. بھگود گيتا جي باب چوٿون ۽ ٻيا ڪيترائي باب سٺن، عملن، روين ۽ ان مان ملندڙ نتيجن جو بيان ٿيل آهي ۽ ان سان گڏ عيسائين جي پاڪ ڪتاب انجيل ۾ پڻ مختلف ھنڌن تي ان اخلاق ۽ ادب جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. جيڪا معاشري کي حقيقي ساھ ڦوڪي ٿو قرآن ڪريم ۾ صاف ۽ چٽي اکرن سان بيان ٿيل آهي ته توهان جا اعمال توهان جي نيتن تي منحصر ڪن ٿا يا ٻئي ھنڌ ته توهان مان ڀلي ۾ ڀلو انسان اھو آهي جنهن جا اخلاق ڀلا ھجن.
    ھاڻي ڳالهه جيڪا وڃي بچي ٿي سا اھا ته اسان جي وجود ۾ سوچڻ جي حد تائين پاڻ وڏا اڳواڻ ۽ مفتي ھجون ٿا پر جڏهن ڏيتي/ ليتي ۽ روين ۾ ان جي برعڪس ھجون ته اسان پاڪ ڪتابن ۽ فرمانن کي پٺي ڏني سين ۽ منافق بڻجنداسين ۽ ان جو ٺڪاڻو جھنم/ نرگ آهي ۽ اھو ئي خاص پھلو آهي جيڪو اسان جي انبار پبلش ٿيل ڪتابن ۾ عشق، پيار، ڏک، درد، اڌما، سور ته ملن ٿا پر وجودن جي اصلاح روين جي آسودگي، ميٺاج، گھٽ ئي نظر اچن ٿا ۽ وري ادبي محفلن ۾ علم ادب ۽ اخلاق تي ليڪچرار طور ويهي حوال ڪري گھر ڀيڙو ٿيون ٿا.
    جيترو ادب ھن صدي ۾ لکجي ٿو اوترو شايد ئي گذريل وقت ۾ لکيو ويو ھجي پر ڪتابن جي انبار اٿلائڻ سان ذھني سوچن ۽ زباني ڳالهه ٻولھ ۾ ڪو خاص فرق نظر ڪو نه ٿو اچي وڏا وڏا ڪتاب گھرن جي ڪٻٽن/ لائبريرين ۾ ڀريا پيا آهن پر انهن ۾ جيڪي شيون سرجيون ويون آهن انهن جو انسان جي عملي ميدان/ زندگي ۾ رتي برابر به پسي ڪين سگهجي ٿو اھا ڳالهه معاشري جي سڀني انسانن کي ڀلي ڀت خبر آهي ته ھر ڪو پنهنجي معيار مطابق ٻي کي بي ادب ڪوٺي ٿو. جيڪو ڪوٺي/ پڪاري ٿو اھو به ان وانگر ئي بڻجي وڃي ٿو شايد ان کي خبر ڪونھي ته ظرف جو دائرو ڪيترو وسيع رکڻ گھرجي. وڏن وڏن ادارن ۾ ڇپجڻ ۽ ميلن، ملاکڙن، مشاعرن ۾ وڃڻ کان پوءِ بطور سينيئر ليکڪ يا شاعر طور ڪنهن سبب تحت ڪنهن به اديب سان رابطي جي ڪوشش ڪجي ٿي ته رويو منفي ڏسڻ کان ئي ملي ٿو مطلب پوءِ عام ماڻھو کي ڇو معيار ڏجي؟ جڏهن ته پاڻ کي تخليقڪار سمجھڻ وارا ان عمل کان آجا آهن. ادب صرف لکڻ تائين محدود ناھي موٽ ۾ عام ماڻھن کي ڇا ٿو ملي. لکڻ کان وڌيڪ حساب ڪتاب/ لھ وچڙ ۽ روين مان ئي اندازو لڳي وڃي ٿو ته فرق/ طبقاتي سسٽم جي اوسر کي ھٿي ڏيڻ اڄڪلهه جي معاشري ۾ نظر اچي ٿو ۽ جيڪو لکندڙ بي ادب آهي ۽ منافق جو پاٽ پڙھي ادب جي ڳالهه ڪندو ته معاشرو اتي جو اتي بيٺو ھوندو ۽ ان ۾ ڪا مثبت تبديلي ڪو نه نظر ايندي. جيترا ڪتاب ھن وقت ڇپجي چڪا آهن جيڪر انهن کي پنهنجي زندگي ۾ عمل جي انس سان نڀائجي نه ٿو ته لکڻ ۽ وائي حوالن سان ته سڀني ماڻھن جا ذھن ڀريا پيا آهن. اسان جي ھن معاشري ۾ ھر ڪو پاڻ کي صحيح سمجهي ٿو ۽ ٻين کي غلط اھا ھڪ ذھني بيماري آهي جڏهن ته انسانيت اھا ئي آهي ته ھن ڪمزور وجود وٽ سواءِ تنقيد جي ٻيو ڪجهه به ڪونهي، معاملو اگر دليلن سان نه ٿو ڏئي سگھجي ته لفاظي اصلاحي بيان ڏيڻ سان بي ادبي ۽ بغض ۾ ويتر معاملو وڌي وڃي ٿو. ادب لکندڙن کي مون پنهنجي زندگي ۾ بي ادب ئي ڏٺو منهنجي زندگي اديبن کان سواءِ به عام وجودن سان ملاقات ٿيندي آهي. پر جنهن وٽ ذميداري ھجي ۽ اھو ئي معمولي ڪمن ۾ وقت وڃائي ته پوءِ ھن نسل جو ڇا ٿيندو؟
    ھن وقت معاشرو مھان ۽ حد کان وڌيڪ بي ادبي من گھڙت ڳالھين جو ھر جڳهه تي پنهنجو ميلو مچائي بيٺيون آهن جنهن ملڪ ۾ سياسي يا ڪنهن به ذميدار شخص جا خاڪا ۽ گاريون ڏنيون وڃن ته اتي فقيري ۽ درويشي ڪٿان ملندي ۽ عشق ۽ عقل جي جوڙ جا جادو ڪيئن ملندي ڏسنداسين. گذريل ولي يا بزرگن جھڙا ماڻھو اڄڪلهه ڇو اڻ لڀ ملن ٿا ان جو ڪارڻ ڪڏهن ويھي ڪنهن سوچيو آهي ڪنهن به نه؟ ھن نازڪ صورتحال کي جيڪي به اديب دانشور آهن اھي بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ فرق جي ھڪ ئي پليٽ فارم تي محبت ۽ عزت جي فضا جي فڪر کي بلند ڪن ته جيئن ھن دور کان بعد ۾ اچڻ وارن مٿان امن ۽ محبت جي فضا برقرار ھجي. خدا ذوالجلال ھن خطي پاڪستان جو حامي و ناصر ٿئي.


    تعليمي تَخيل جي تَنَّد تنَواريندڙ ڪِردار خَالد حُسيَّن چَنا

    تعليمي تَخيل جي تَنَّد تنَواريندڙ ڪِردار خَالد حُسيَّن چَنا

    خُدا جي ڪائنات ۾ سڀ کان پھريان عقَل تخليق ٿيو، مطلب شعور تخليق ٿي، ان شعور/ عقل کي سوچن جي شاھڪار ڇيھي سان سرگرم رکيو ويو ته جئين انسان محنتن ۽ جفاڪشن جي ڀنور ۾ شعور جي ڏنل خاص نعمت کي زنده و جاويد رکندو اچي عين ممڪن آهي ته مثبت سوچن کان ھٽي ڪري منفي سوچن ۾ اھو ئي شعور بي راھ روي جي واڳ کي جھلي ان تي پڻ عمل ڪرڻ جي به طاقت رکي ٿو. پر شعور جي مثبت سوچن ھميشه پالنا ڪئي آهي ۽ ڀرڀانڪ بلندين تائين پھچائڻ ۾ مدد ڪئي آهي. اھو ئي شعور آهي جنهن جي ڪري نيڪ ۽ بد جي ڄاڻ ملي ٿي. سچي ۽ ڪوڙي جي سڃاڻ ملي ٿي. اعليٰ ۽ پست جي پھچان ملي ٿي. مطلب ته شعور اھو علم آهي جنهن ھن دنيا ۽ بعد واري دنيا جي مڪمل ضابطا اخلاق ۽ عمل جو درس ڏنو آهي. ھاڻي اھو درس انسانن جي صورت ۾ ٻين انسانن تائين پھچائڻ جو ھڪ عام ذريعو ٿي گذريو آهي.
    شعور جي شھ رڳ کان اصل ۾ جيڪو انسان واقف آهي ان مسلسل نسلن کي اصلاح جي مڪمل طور تي ذميداري نڀائيندي آهي. انهن ذميدار وجودن ۾ جتي تا ازل نبين، ولين، قطبن، صحابائن، ابدالن، محققن، تاريخدانن، علمائن، مفتين، اڪابر ۽ استادن جي روپ ۾ اسان جي سامھون يا وري خيالن/ ڪتابن جي ورقن ۽ سوچن ۾ انهن جي ڪم فن ۽ علم جا ٻرندڙ روشن ڏيئا اڄ ڏينهن تائين دنيا کي نت نون زاوين ۽ پيمانن جي پاند ۾ ڪامياب در ڪامياب ڪندا اچن ٿا. اھي ڪامياب وجود جيڪي علم جي امنگ سان ماحول جي رنگ ۽ ڊھنگ کي بدلائي ڪيترين بلندين تائين پھچايو اھو سڄو ڪمال شعور جو ھو/ آهي/ ھوندو. جن ۾ خد خدا کان وٺي حضرت محمد صلعم جنهن کي علم/ شعور جو شھر ۽ ان جي پياري سئوٽ حضرت علي ڪرم الله وجھ کي علم جو دروازو سڏيو ويو. حضرت علي جن جي شخصيت ۽ ڪردار مان چڳي ريت واقف آھيون ته ھو فاتحِ خيبر ۽ بھادر ۽ وفادار شخصيت باڪردار ھجڻ سان گڏ با اخلاق پڻ ھيا پر شعور ۽ علم جي سکڻ واري مرحلي ۾ غلامي جي حد تائي وڃڻ اڄڪلهه جي معاشري لاءِ ھڪ انوکو سوال پڻ آهي. جڏھن پاڻ جن ڪنهن کان ھڪ اکر به سکن ٿا ته سندن اھو چوڻ ان انسان ڄڻ ته مون کي غلام بڻائي ڇڏيو.

    "Whosoever teaches me a single word subjugated or made me slave."
    (Hazrat Ali R.A)

    ان ڳالهه تي اگر غور ڪجي ته جواب ملي ويندو. شعور ئي انسان کي اصل رتبو/ شان ۽ شوڪت مان واقف ڪرائي ٿو يا وري ھي حديث ڏسو:

    جيڪو استاد (Teacher) سان گڏ اٿندو ۽ ويھندو اھو باوقار ٿي ويندو آهي.
    ) حضرت علي رضي الله تعاليٰ (
    (حوالو: تعجيليات حڪمت پيج 340, چوڻي نمبر 36)

    ان کان علاوہ کوڙ سارا ڪردار اسان جي سامھون آهن جن ۾ حضرت علامہ اقبالؒ، حضرت قائد اعظم محمد علي جناح ؒ،شيخ سعدي ؒ، افلاطون، ارسطو، نيلسن منڊيلا، شاھ، سچل، سامي، بيدل ۽ بيڪس جيڪي اصل شعور جي شھ رڳ کان واقف ھيا جن جي سڄي زندگي علم جي ميدان ۾ پاڻ کي جستجو جي جھان ۾ محو رکيو. انهن پاڪ وجودن جنهن جي عمل ۾ مسلسل نيڪ مقصد لاءِ جدوجھد ۽ جفاڪشن سان پاڻ کي جاندار رکيو تن ۾ محترم استاد (Teacher)خالد حسين چنا پڻ شامل آهي. سر خالد حسين چنا 18 جنوري 1977 ۾ شھدادڪوٽ شھر ۾ محترم حاجي عبدالڪريم چنا جي گھر ۾ اک کولي. ھِن جي اک کلڻ سان ڪيترن کي بند پيل بي علم اکين کي آسرو مليو، اميد ملي، انگ مليو، چاھ مليو، رنگ مليو، راھ ملي، رقص مليو، عڪس مليو، آھ ملي، ڊھنگ مليو، سنگ مليو، ساھ مليو، روپ مليو ۽ درس مليو سر خالد حسين بنيادي تعليم شھداد ڪوٽ جي ئي مقامي اسڪول گورنمنٽ مھراڻ پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ مقامي ڪاليج مان انٽرميڊيٽ ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان 1999 ۾ انگريزي ادب جي سند پڻ حاصل ڪئي.
    اھو تعليم حاصل ڪرڻ جو سفر اسان جي اڳيان ھڪ شاھڪار مثال بڻيل آهي ۽ شھدادڪوٽ شھر جي نوجوانن لاءِ ھڪ بي مثال درس جيان اثر رکي ٿو جتي اڄ به تعليمي ادارن يا تعليمي سرگرمين ۾ سر خالد حسين چنا جي محنتن ۽ جستجو جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. سر خالد حسين چنا مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄام شورو 2016 ۾ انگريزي لسانيات ۾ ماسٽرM.S in English Linguistics) ) جي سند پڻ حاصل ڪئي. سر خالد تعليمي سرگرمين سان گڏوگڏ سماجي ڪمن ۾ پڻ اڳي کان اڳڀرا رھيا آهن. جنهن ذاتي تعليم پڙھن سان گڏ سماجي شعور ۽ سور کي به سيني ۾ سانڍي رکيو آهي.

    “These Pains You feel are Messengers listen to Them”


    جنهن وٽ معاشري جو سور آهي، سوچ آهي، لوچ آهي، عشق آهي، ”سو ئي پسيو جنين پاڻ سين“ واري پاند ۾ پالڻھار جيان عمل پيڙا ھجي ٿو يا وري ھي ڏسو جم روحن جي چواڻي مطابق:
    “Formal Education Will Make You Living Self Education Will Make you a Fortune”
    سر خالد حسين چنا انسانيت روپ ۾ فرشتا صفت انسان آهي جنهن جي دل ۾ انسانن جي ڀلائي جو ورد جاري و ساري آهي. سر خالد حسين چنا زندگي جي ڏکين مرحلن کي پوئتي ڇڏيندي ڪيترن ئي نوجوان نسلن جي زندگي کي ڪامياب بڻايو آهي. سر خالد تعليمي ميدان ۾ استادن جو استاد ۽ سماجي ميدان ۾ رھبرن جو رھبر طور پنهنجي شخصيت کي علم ۽ عمل سان برقرار رکيو آهي. ھن ماڻڪ موتي مثل انسان جي شخصيت ۽ ڪم تي ڳالھائڻ لاءِ ھي ھڪ ڪالم ته سمنڊ ۾ قطري مثل آهي. علم اھو واحد ھٿيار آهي جنهن سان دنيا /ديس/ رنگ ۽ جبلت کي به تبديل ڪري سگھجي ٿو. نيلسن منڊيلا چوڻي مطابق علم اھو واحد طاقت ور ھٿيار آهي جنهن سان توهان دنيا کي تبديل ڪري سگھو ٿا سر خالد حسين چنا جي فن/ فڪر/ ۽ ادبي/ تعليمي ڪم تي پاڻ نظر وجھون ته سنڌ جي گھڻ رخي شخصيتن جي نالن ۾ سر فھرست ملندو. ڪيترا ئي تعليم بابت مضمون سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ ميگزينن ۾ پڻ شايع ٿي چڪا آهن. پنج عدد کان وڌيڪ ريسرچ پيپر بين الاقوامي جنرل(International Genral ) ۾ پڻ ڇپجي چڪا آهن. سنڌ جي مختلف سرگرمين ۾ ھميشه پنهنجي تجربن جي ذريعي ھڪ نواڻ آندي آهي. ھن وقت سنڌ جي ادارن ۽ تعليمي عمل زبون ۽ سڪرات واري حالت ۾ سڏڪن، اڌمن، آھُن, دانھن، سان مَرگ جي بستر تي پيل آهي. سنڌ گورنمنٽ کي گھرجي ته ” تعليمي تخيل جي تند سان تنواريندڙ ڪردار خالد حسين چنا“ جي انيڪ ڪاوشن کي مد نظر رکي ڪري فڪر /فن/ عمل کان ڀرپور فائدو ورتو وڃي جيڪو ايندڙ نسلن کي بقا واري ڀاڳ سان برجھلو ڪنديون. سر خالد حسين چنا جي شخصيت سنڌ لاءِ ھڪ ناپيد ۽ ناياب نگيني جيان آهي. جنهن جي چمڪ مان نڪرندڙ روشني صدين تائين جي سفر کي ساھ بخشي سگھي ٿي.
    سر خالد ھن وقت سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (SGA) سنڌ جو سيڪريٽري جنرل طور خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي. 2013 ۾ سگا طرفان تعليمي خدمتن جي حوالي سان ايوارڊ سان نوازيو ويو. شھداد ڪوٽ شھر ۾ قائم ٿيل ٻه وڏا ادارا/ درسگاھون جيڪي اڄ به پنهنجي جاھ و جلال سان تعليم کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ سرگرم عمل آهن. جن ۾ سچل سارو سچ (Sachal Saro Sach )جو 1994 ۾ بنياد وڌو ۽ دريا خان ھاءِ اسڪول جنهن جو بنياد 2001 ۾ پنهنجن شفقت ڀريل ھٿن سان رکيو. سر خالد حسين چنا طبعيتن نھايت ئي نرم مزاج شفيق ۽ فقير منش موتين جي مالا سان مخمور آهي. جنهن جي سوچن ۾ ھر وقت سنڌ جي نوجوانن کي ڪامياب ڏسڻ جي ولوڙ جو ولولو وائيکو نظر ايندو آهي. سر سان اڪثر ملاقات ۾ گھڻو ڪجهه سکڻ کان ملندو آهي. سر خالد حسين چنا سنڌ واسين جي لاءِ اڪثر پيغام ۾ سندن چوڻ ھوندو آهي ته پنهنجي ٻارن کي بھتر تعليم ڏيڻ سنڌ جي مستقبل کي روشن ڪيون ھن جديد دور ۾ پنهنجي وطن جي حفاظت صرف تعليم ذريعي ئي ڪري سگھون ٿا ۽ پنهنجي دشمن کي مات صرف تعليم ذريعي ڏئي سگھون ٿا. سنڌ جي جھر جھنگ ۽ آس پاس جي اسڪولن جي مالڪي ڪريون ۽ تعليم سڌارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون.
    سر خالد حسين سنڌ جو ارڏو ۽ دلير/ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. جنهن ھميشه تعليم سان عشق جي ڳالهه ڪري دنيا جي خاص نقطي تي غور ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي جنهن سان دنيا کي بدلائي سگھجي ٿي ۽ اھو نقطو تعليم آهي جنهن اسان جي روح کي سچي راھ جو راھگير ڪري حقيقتن کان آشنا ڪرائي ھن فاني دنيا مان بقا واري زندگي کي زنده ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي. خداءِ ذوالجلال کان دعا آهي ته روحاني پي جھڙي معطر وجود سر خالد حسين چنا کي زندگي ۾ وک وک تي ڪامياب ڪري ۽ وستي وستي ۽ واھڻ واھڻ تعليم جي درس پھچائڻ ۾ مدد ڪري ته جئين ايندڙن نسلن جي زندگي بھتر ٿي سگھي. سر خالد حسين چنا جن جو فن/ فڪر/ عمل ۽ نالي کي تاريخ جي سنھري ورقن ۾ لکيو ويندو ۽ جنهن جو درس معاشري ۾ رھندڙ انساني جانن کي ان مان ساب حاصل ٿيندو.


    گلشن لغاري جي ڪتاب وڇڙي ويل زندگي تي تنقيدي نظر

    گلشن لغاري جي ڪتاب وڇڙي ويل زندگي تي تنقيدي نظر

    انگريزي ادب ۾ تنقيد جو عمل ريڙھ جي ھڏي جو اثر رکي ٿي پر بدقسمتي سان سنڌي ادب ۾ تنقيد تي طعنا زني سنڌي ادب جي اصلاحي عمل کي روڪڻ ۾ نام نھاد اديبن جو وڏو ھٿ آهي. جنهن سان گذريل سالن کان وٺي ايندڙ ڪيترن سالن تائين ادب ۾ ڪا نواڻ ۽ (Varieties)ڏسڻ کان ناھي ملي جيڪا بين الاقوامي ادب جي مقابلي کان ڪوھ سون پري آهي. تنقيد ادب ۾ ائين آهي جئين لفظ ادب مان جيڪڏهن الف ڪڍيو وڃي ته دب مفھوم نڪري ٿو ان جيان ئي تنقيد اگر ادب مان ڪڍي وئي ته ادب وڃي دب بچندو جنهن جي معنا مختلف نڪري ٿي زور يا ڇڪڻ آهي. سنڌي استعاري طور اسان استعمال ڪندا آھيون چانورن کي دٻ تي رکو. جڏهن تنقيد صرف ادب ئي ۾ نه بلڪ ڪنهن به عمل ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪندي ته ھر اھا شي گھمراھي کان بچي ويندي.
    گلشن لغاري جو ھي ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد مان سال 2009 ۾ شايع ٿيو ھو جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي ۽ 168 صفحن تي ھي ڪتاب مشتمل آهي. ڪتاب جو سرورق کان وٺي نالي ۾ وڏو فرق آهي. وڇڙي ويل زندگي نالي جو مفھوم پاڻ ڪڍون ته زندگي الوداع ڪري وئي مطلب موت جي عمل ۾ داخل ٿي وئي پر ھتي شاعره حال حيات ۽ زندگي سان گڏ رھي ٿي ۽ وڇڙڻ کان اڳ به زندگي آهي ۽ بعد ۾ به ھڪ مستقل عمل جاري آهي. آسان فھم ۾ ته خوشي کان بعد به زندگي آهي ۽ اڳ ۾ به روئڻ جي دوران به زندگي آهي ته ڏکن کان بعد ۾ به، ھاڻي ھتي شاعره ڪھڙي زندگي جي ڳالهه ڪئي آهي اھو فھم سمجھ کان ٻاھر آهي. مون کي ته زوري مڙھيل خيال ٿو لڳي. جنهن نالي جي سونهن وڃائي ڇڏي آهي. جڏھن زندگي وڇڙي/ ختم ٿي وڃي ٿي ته ان کي صرف وڻن جي سڪل پنن سان مشابھت ڏيڻ به عجيب لڳو وڻن جي پنن مان زندگي کي مشابھت ڏيڻ به مونجھارو آهي اتي ائين ٿي سگھي پيو” پن ڇڻ ۾“. ھن ڪتاب جو مھاڳ اقبال رند لکيو آهي ۽ امر سنڌو، پشپا ولڀ ۽ آدرش اياز تاثرن جي تند تنواري آهي. بيڪ ٽائيٽل مرحوم حسن درس لکيو آهي. اقبال رند جو مھاڳ ڀرپرو لکيل آهي جنهن ۾ ھن مختلف زاوين کي زير بحث آندو آهي جن ۾ ھن زندگي ۽ زندگي سان لاڳاپيل معاملا، اندروني لوڇ، مستقبل جي اونداھي، نااميدي، فرار، ويڳاڻپ، ڪٽنب جي ٽوڙ فوڙ، قومي معاملا، گُھٽ، ٻوسٽ، عدم تحفظ ۽ ٻيائي وغيره تي سٺي نظر سان پنهنجو فرض نڀايو آهي۔ اڳتي جڏهن ٻين ليکڪن جي تاثر تي نظر وجھجي ٿو ته ليکڪن صرف ساراھ ئي ڪئي آهي جيڪا مون کي اساراھ لڳي. ڇو ته اھي صرف تجزيا نگار آهن تنقيد جي تند مان واقف نه ھجڻ ڪري ڪتاب مڪمل طور تي تنقيد ڏانهن وانجھائي رھيو ھو/ آهي. اقبال رند تنقيد کان ھٽي چند بندن تي تعريفي ليک لکيو آهي ڳالهه سمجھ کان ٻاھر آهي. ھن ڪتاب سان شاعره کي گذرندڙ ڪيفيت مٿان ھمدري جو زيور پارايو ويو آهي جيڪو ادب جي واڌ ويجھ ۾ ڪو اضافو ڪرڻ کان قاصر رھيو آهي.
    گلشن لغاري جي ھن ڪتاب ۾ غزل، نظم، وايون، چوسٽا، اٺ سٽو ۽ بيت شامل آهن. جيڪي مجموعي طور تي تمام سهڻا ۽ سنجيدگي سان اوتيا ويا آهن. پر انسان آهي ڪجهه ڪميون ۽ پيشيون رھجي وڃڻ جو خدشو ھميشه رھندو آهي.

    "نعت رسول مقبول صلعم ”ڏاڍو سادي ۽ سلوڻي فھم سان خوبصورت سرجيل آهي پر پھرين بند ۾ لفظي مفھوم جي مونجھاري سموري بند جي معني تي سواليه نشان اڀاريو آهي.

    سچا سائين صه! اوھان جي ئي سھاري ٿا تڳون ورنا
    جئيڻ جھڙا ڪٿي آھيون رحم جي ڪا نظر ڪريو
    (صفحو: نمبر 25 )

    اتي لفظ تڳون انسان جي اقدار ۾ فرق جو ڏيک ڏئي ٿو تڳڻ اصل ۾ پکي پکڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. گرامر ۾، پر اتي ان لفظ جي استمال بدران ” سھاري ئي رھون ورنا“ يا اھڙي طرح سھاري ئي زنده آھيون جو جوڙ لڳي ھا ته انسان ۽ جانور جي معنا ۾ فرق به ختم ٿي وڃي ھا ۽ مفھوم به سمجھ اچي وڃي ھا. باقي نعت ۾ دعائون آهن. اميدون آهن آسون ۽ باسون آهن.

    دل ٿي دڙڪي ته درد ڀي ٿيندو
    ماڻھو پٿر يا لوھ ڪونھي ڪو
    (صفحو نمبر : 29 )

    ھاڻي مٿين سموري سٽ جي ڪري ھيٺين سٽ تي به اثر پيو آهي دل عام طور تي ھر وقت دڙڪندي آهي. خوشي ھجي يا غم سڪون ھجي يا پريشاني دل جو ڪم ئي دڙڪڻ آهي. اتي صرف درد سان تشبيھ ڏيڻ عجيب لڳو. اتي لفظ ڪڙڪي/ سرڪي/ تڙپي پوي ھا ته سھڻو لڳي ھا. ھن ڪتاب ۾ ڪجهه اھڙا بند به آهن جن مون کي حيرت ۾ وڌو ۽ اتساھ پڻ ڏنو. سموري ڪتاب ۾ مجموعي طور تي مايوسي ئي ڇانيل آهي غم ۽ شڪايتن جا انبار ملن ٿا رسمي شاعري ئي ڪئي وئي آهي. پر ڪجهه اھڙا خيال آهن جيڪي وزن دار ۽ خوبصورت پڻ آهي اچو ته ان خوبصورت پڻي جي پڪار ٻڌون.

    دل جو ديپ اجھامڻ تي
    ڪين اجھاڻي آهي آس

    يقينن حقيقت تي مبني ۽ خيال جي پختگي بند مان ڇڻي ٿي. ڪمال جون سٽون آهن آس ته کٽڻي ئي ناھي بيان ڪرڻ جو انداز سھڻو لڳو.
    ذلتن جو زھر پياري ھر ھر
    جبرن ڇو جياريا وياسين
    (صفحو: 35)
    مٿين بند ۾ مونجھارو آهي اشارتن بيان ڪيو ويو آهي پر ان ۾ مايوسي جي اٿاھ گھرائي جي رچنا بيان ٿيل آهي. اسرندڙ نوجوانن اديبن کي جيڪڏهن اھڙي طرح جا غزل مليا ته انهن جي پڙھڻ سان خاص نواڻ جي ڪمي محسوس ٿيندي. سنڌي ادب ۾ وڃي رڳو مايوسي ۽ غم بچيو آهي ان ڪيفتن کي بيان ڪرڻ کان علاوه اصلاحي/ انقلابي/ تعليمي گھاريٽا تخليق ڪيا وڃن ته سنڌ ادب ۽ عمل ۾ نواڻ پيدا ٿي سگھي ٿي.

    زور سارا ھوا لڳايا پر
    گل کان خوشبو ڪڏهن کساڻي آ
    (صفحو : 39)

    گل ۾ خوشبو اندر سمايل ھوندي آهي گل مڇي ته ڪونھي جو پاڻي نه مليس ته مري وڃي. گل اندر خوشبو رکيل ته ڪونھي جو ڪير اچي کسي وڃي يا ھوا جي زور تي ڪري يا ڊھي پوي. اتي خيال زوري مڙھيل ٿو لڳي. جيڪو مڪمل مونجھاري ۽ حقيقتن کان ھٽي ڪري اوتيو ويو آهي . اتي لفظ اماڻي آ ۽ مٿين سٽ ۾” ھوا جو زور جو وڌي آيو “ چٽجي ھا ته اڃا سھڻو لڳي سگھي پيو.

    شڪل شيطان جي ۾ ھر طرف انسان آ مليو
    فرشتو پاڻ ڪوٺيندي ھتي شيطان آ مليو
    (صفحو : 42)

    ھن سموري غزل ۾ انسان جي قدرن کي پامال ڪيو ويو آهي شاعره جي ڪاوڙ ڪنهن ھڪ انسان تي ٿي سگھي پئي پر فرشتن ته ڪڏهن اعلان ناھي ڪيو ته اسان شيطان بڻجي ويا آھيون ۽ سڀن کي ھڪ جھڙو سمجھڻ ميچوئرٽي ناھي ۽ ھڪ مڪمل بنا دليل جي الزام آهي. ھر طرف شيطان ۽ ھر انسان جي استعاري ۾ عجيب نفرتن جو ٻج پوکيو ويو آهي. بدبو زدا مروج ٿيل ڪڌي رسم کي جديد ادب جو حصو نه ٿا چئي سگھون. شاعره پاڻ ھڪ انسان آهي ۽ اتي ھر انسان ۾ شاعرا به شامل آهي. ان سموري غزل کي ڪنهن ھڪ انسان طرف اشارتن نڀاءُ ڪجي ھا ته خوب نکري پوي ھا ۽ غزل وڌيڪ مزو ڏي ھا. ھن ڪتاب ۾ اھڙيون کوڙ ساتريون نظمن ۾ به مونجھارا ۽ چڪون آهن. جن تي اڃان اصلاحي تنقيد ڪري سگھجي ٿي. خالي نيڻ پڃرا نظم جو نالو آهي نالو خوبصورت رکيل آهي ان سموري نظم جي مين ٿيم سندر جڙيل آهي پر ھڪ سٽ ۾ زوري مڙھيل خيال جنهن جي ڪا معني يا مفھوم نه ٿي نڪري.

    جن منهنجي نيڻن منجھ رھي
    ٿي ننڊ جا موتي چڳيا
    (صفحو : 73)

    ننڊ ھڪ ازلي ڪيفيت آهي نه ڪي مادي يا جسم جو موتي چڳي يا کڻي يا وٺي سگھي. ننڊ پاڻي جا قطرا به ڪونهن جو موتين سان مشابھت ڏجي. اتي اھڙي طرح سٽ سھڻي لڳي سگھي پئي ” سپنا خوب پئي سانڍيا “ . اڃان به وڌيڪ ڪجهه شيون رھجي ويو آهن جن تي مڪمل اصلاحي تنقيد ڪري سگھجي ٿي.


    عبدالواحد سومرو جون ڪھاڻيون

    عبدالواحد سومرو جون ڪھاڻيون

    ڪھاڻي ھڪ ڊگھي اميد جي ڪسجڻ جو نالو آهي. اميد جيڪا وڇوڙن جا ولر ڪري ڪردارن کي وھ جا ڍڪ پئيڻ تي مجبور ٿي ڪري، اميد جيڪا سونهن جي خاموش انتظار ۾گذاريل پلن کي محراب جي معطر وجود جي اچڻ جو اعلان ٿي ڪري، اميد جيڪا انيڪ احساسن کي لالچ جي پئيراڊائييز ۾ پير پائڻ کان پوءِ ھڪ سچي ۽ انوکي احساس کي الوپ ٿي ڪري، انهن احساسن/ خيالن/ اميدن جو پاش پاش ٿيڻ. عبدالواحد سومري جو ھي ڪھاڻين جو ڪتاب ” ڌرتي جو پٽ “ ان ماحول کي وائکو ڪيو آهي، جيڪو اسان سڀني جي نظرن مان ۽ ذڪر مان ته گذريو ھوندو پر ڪنهن اھڙي ريت لفظن ۾ بيان نه ڪيو ھوندو.
    واحد سومرو جو ھي ڪتاب گھٽ ۽ احساسن جي ھڪ مڪمل ۽ اڻ کٽندڙ درسگاھ آهي، جنهن جي قيمت ھڪڙي ڪتاب ۾ نه ٿي چڪائي سگهجي، عبدالواحد سومرو جيتوڻيڪ صاحب ڪتاب ھجڻ سان گڏ صاحب نظر ليکڪ به آهي جنهن ڪراچي جھڙي ڀرڀانڪ ۽ اجگر شھر ۾ ويھي ڀانت ڀانت جي ڪردارن کي چڱي ريت پسي ۽ ان کي ڪھاڻين ۾ پروڙي ان حقيقتن کان خبردار ڪيو آهي، جنهن ماحول کي گھڻي ڀاڱي برائين/ ظلم/ وحشت جي طرف وٺي وڃي رھيا آهن. ڪھاڻيون ڪَلجُڳ جو ٻيو روپ آهن. جنهن سان ماحول کي معطر ڪري سگهجي ٿو. عبدالواحد جي ھن ڪتاب ۾ اھي ڪھاڻيون اوتيل آهن جيڪي منهنجي دل تي ھڪ گھري اثر ڇڏڻ سان گڏ پڙھندرن کي پڻ حيران ڪيو ھوندو. جنهن سنڌ ۾ اسان رھون ٿا ان سنڌ ۽ آڳاٽي سنڌ ۾ ڏينهن ۽ رات جو فرق آهي، ذات ۽ پات جو فرق آهي، اوچ ۽ نيچ جو فرق آهي، وڏي ۽ ننڍي ھجڻ جو فرق آهي، محبت ۽ پيار ۾ فرق آهي، سوچ ۽ ويچار ۾ فرق آهي. مطلب ته ھر ھڪ راز و نياز ۾ فرق آهي ۽ اھو ئي فرق آهي جو اڄوڪي سنڌ ڌوڙ ۽ ڌڪاءُ جي وڙ چڙھي وئي آهي. جنهن ۾ نه پنهنجي ۽ پرائن جي خبر ٿي پوي نه ئي پوڙھي ۽ پڪي جي. سرعام ظلم/ بربريت چاپلوسي/ چغلخوري طعنا زني/ ٺٺوليون ۽ لالچن جي لالي ھر چھري ۾ چھڪاٽ ڪندي نظر اچي ٿي.
    مون کي اھا سنڌ ياد ٿي اچي جتي ھڪڙي ويس ۽ ديس جي ڳالهه ٿيندي ھئي، جتي پيار ۽ صرف پيار ھوندو ھو، جتي ماڻھپي جي ماٺار سان لالچ ۽ لوڀ کي لت لڳل ھوندي ھئي، جتي ساھ ۽ ويساھ جي سڪ ۾ صدين جو پنڌ به سرس ۽ سھڻو لڳندو ھو. عبدالواحد سومرو ان سنڌ جي ڳالهه ڪندي ٿڪجي نه ٿو. واحد جي احساسن جي ولوڙ ان کي سچ ۽ حق جي راھ جو رھبر ھجڻ جو سنديسو آڻن ٿا. واحد ” ڌرتي جو پٽ“ ڪتاب ۾ اھي ڪھاڻيون سرجيون آهن جيڪي روز مرھ جي زندگي ۾ اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل آلاپ آهن، جيڪي غمگين دلين جو درمان آهن جيڪي غريب ۽ مسڪين جو آواز آهن جيڪي پيار ۽ محبت جي واس جو وھ خوف منجھ پئيڻ تي مجبور آهن. واحد جي ڪتاب جي ڪھاڻين جو ڪجهه حصو توهان جي آڏو پيش ڪيان جنهن منهنجي لڱن کي سيسڙاٽ جي سڌ سان سروڪار ڪيو.
    منهنجا ماءُ پي جيڪي ڪارپوريٽڊ سوچ جا مالڪ، صرف نفعي جا متلاشي، جن وٽ اھي احساس ڪٿي؟ ھو ته رڳو ڪار بنگلي جا مشتاق ھئا. پارٽين کائڻ ۽ کارائڻ جا شوقين ھئا. انهن کي ڪنهن جي دلي ڀاونائن سان ڪھڙو سروڪار؟ ۽ مان ھڪ اھڙي ماڻهو سان ٻڌي ويم جنهن کي ڊرنڪنگ کان سواءِ ڪنهن به شي جو شوق ڪو نه ھو. جڏهن پلنگ گھر آيو ته ماءُ چيو:
    تنهنجي گھوٽ تولاءِ مھانگو پلنگ ورتو آهي اھو تو وارو مجنون تو کي ڇا ڏين ھا؟
    ان جملي سان منهنجي دل سان گڏ اکيون به پٽجي ويون. امان کي اھو مھانگو پلنگ ته نظر آيو، پر ڌي جي ڪرت وھي پيو اھو ان کي ڪير ڏيکاري؟
    مٿيون سٽون ڪھاڻي”نئون پلنگ“ مان ورتل آهن. ھي صرف سٽون ناھن ھن ۾ حسين احساسن کي مَرگ جي بستر تي سينگارجڻ جو سنيھو آڻن ٿيون. اسان جو معاشري ھر ھڪ شي ۾ خلوص کان خالي ملي ٿي، الائي جا ڪھڙي نظر لڳي وين يا ڪو نانگ سراپي ويو آهي. جنهن به دل ۾ پير رک ته رڃ ئي رڃ ۽ سڃ ئي سڃ، آخر ڪيستائين ججھي علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ به احساس کان اڙهانگا رھنداسين. ماڻھن جي احساسن جو قدر اسان کان ڪوھ پري ٿي رھيو آهي ۽ اسان جون دليون دز ۽ ڌوڙ ۾ دٻجي رھيو آهن. واحد سومري جي ڪتاب جو سموريون ئي ڪھاڻيون بيش بھا موتي جيان آهي جن ۾ مھاڳ، ڌرتي جو پٽ، سرنج، ڇنڊڻي، نئون پلنگ، پيڇو، ڪباب، پئيرڊائيز تي ورتل آخري چمي، بيروزگار ماءُ ۽ آرڊر، ڪلارڪ، پاڻي، ڌرتي جو پٽ ۽ ٻيون شامل آهن. سنڌ سونهن آهي، سنڌ ساھ آهي، سنڌ عشق ۽ آس آهي، سنڌ سچائي ۽ سڀيتا جو اھڃاڻ آهي. سنڌ صدين کان قائم آهي، سنڌ ڀٽائي جي ۽ سچل، سامي ۽ مخدوم جي آهي. سنڌ ۾ رھندڙ سنڌ جا مارو جسم ۽ روح منجھ آهن. يا اڃا ٻيا مرگھ جي بستر تي ڍير پيل جملا ھر روز ڪنهن نه ڪنهن سڻڀي محفلن ۾ گونجندا رھن ٿا. اسان جا وڏا وڏا اديب ۽ شاعر صرف لفاظي تقريرون ڪري ماحول کي جنت بڻائڻ جو ڳالهيون ڇو ڪندا آهن؟ عملن جستجو ڪرڻ کان ڇو لنوائين ٿا؟ ننڍي کان ننڍي پيماني جو ڪم ھجي يا وڏي پيماني جو ڪم جڏهن ڪنهن جي مدد ڪرڻ يا ادبي ڪم يا محفلن ۾ اچڻ يا وڃڻ ۽ ليتي ڏيتي جي ڳالهه ٿي ڪجي ته يزيد جا يار ۽ رھزنن جا راھگير ئي ملن ٿا. اھڙو لکڻ ڪھڙي ڪم جو جنهن وٽ عمل ئي نه ھجي.
    واحد سومري ”مھاڳ“ ڪھاڻي ۾ کين اصلاحي تنقيد جي تح سان تلخ حقيقت تي مبني ڪھاڻي سرجي کين انهن جي ڪڌن عملن کان چڱي ريت وائکو ڪرڻ تي جس ھجي. جيڪا بذات خود منهنجي بلڪ ھر ان سچي ۽ کري انسان جي دل جي ڳالهه آهي. اسان جي ادبي لڏي ۾ اھڙا لالچي ۽ لاغرض اديب تنظيمن جي آڙ ۾ پنهنجي ذات ۽ ايندڙ نسلن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن ۽ ان ڳالهه کان غافل آهن ته اسان تاريخ ۾ ڪھڙن لفظن سان سڃاتا وينداسين. تاريخ ڪنهن کي به معاف ناھي ڪندي. مھاڳ لکڻ واري عمل کان مان پاڻ ڀلي ڀت خبر رکان ٿو ته نام نھاد/ وڏا وڏا اديب ڪھڙي ريت غريب اديبن سان جٺون ڪندا آهن. خدار پنهنجي مفاد خاطر اھڙي دوکيبازي کان بچو جنهن سان توهان جي شخصيت صرف خالي ڏيکاءُ ۾ دُکي دُکي دٻجي نه وڃي. واحد سومرو ايڪويھين صدي جو نھايت ئي سھڻو ۽ سگھارو ڪھاڻيڪار/ ليکڪ آهي واحد ۽ ڪھاڻين جو رشتو ائين آهي جئين عاشق ۽ معشوق جو ھوندو آهي. جئين ھير ۽ رانجھي جو، جئين ليلا جو مجنون سان ۽ مڇي جو پاڻي سان. واحد پاڻ ھڪ اگھم ڪھاڻي آهي ڪنهن شاعر چيو آهي ته:
    انت بحر دي خبر نه ڪائي رنگي رنگ بڻايم الا آدمي بڻايم
    ان انت ۽ بحر جو چمڪندڙ موتي آهي جنهن کي ھر ڪو پڙھڻ ۽ پڙجهڻ چاھيندو آهي. واحد جو ھي ڪتاب ”ڌرتي جو پٽ“ مرڪ پبليڪيشن ڪراچي جي سرواڻ مرتضي لغاري جي محنتن سان پڙھن ڪاڻ مليو. جيڪو 128 صفحن تي مشتمل آهي ھن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي. واحد سومرو ھن دور جو دلبر ڪھاڻيڪار آهي جنهن جي دل ان سنڌ جي انتظار ۾ اڃا زنده آهي جيڪا سڀن سنڌين لاءِ قرار ۽ چين جو سبب بڻجي نه ڪي ظلم ۽ دوکيبازي جي آلودگي جي آس ۾ مست سنڌ .


    پسيو جنين پاڻ سين

    پسيو جنين پاڻ سين

    عشق ۽ عقل جي ميلي ۾ مات عقل کي ئي ملي آهي. عشق محبت جي متل آڙاھ ۾ اکيون بند ڪري ٽپو ڏيندو آهي ۽ مھراڻ جي مھا موج ۾”مَنم مَحوِ خَيال اُو نَمي دانَم ڪُجا رَفتم“ جي مَست ڀنَور ۾ ڀَسم ٿي ويندو آهي. اتي وري عقل ڇَنڊي ڦُوڪي قدم کڻڻ تي تلقين ڪري ٿو ۽ سنجيدگي سان ساھ کڻڻ جو سپنو ڏيکاري ٿو ھن ماحول ۾ به ڪي اھڙا ڪردر آهن. جيڪي پاڻ کي پسڻ کان پوءِ انسانن جو درد سيني ۾ سانڍي انهن جو اظھار مختلف طريقن سان ڪن ٿا ۽ اھي ئي مالڪ جي مخلوق جي دردن جي درديلي دانهن سان گڏ دانھين ٿا. خالده منير به انهن ڀرڀانڪ ۽ ڀلوڙ ڪردارن مان ھڪ آهي خالده پنهنجي نثري نظمن ۾ بي نظير/ بي مثال نثر سرجي ٿي مختلف زاوين تي طبع آزمائي ڪري ٿي ماحول ۾ وڌندڙ ناانصافي، ٻيائين، ظلم، ۽ درد ڪٿائن جي درمانن جو داستان سندس جي نثري نظمن ۾ پڙھي سگھون ٿا. پاڻ کي پروڙي پاڪ ۽ پوتر من مان نڪرندڙ لفظن جي روپ ۾ سفيد ۽ سچي موتين سان ماحول کي معطر ڪري ٿي.
    نثري نظمن جي اوسر ويھين صدي کان اڄ تائين پنهنجي سھڻي بيھڪ سان بيٺل آهي جديد نظمن جيڪا ترقي ڪئي آهي سا ٻي ڪنهن صنف شايد ئي ڪئي ھجي جديد نظم جا ڪي ئي روپ سامھون آيا آھن جن مان نثري نظم (Prose Poem )به جديد نظم جي اصناف سخن مان ھڪ آهي. جديد نظم ۾ نثري نظم به چڱو خاصو اڀري آيو آهي. نثري نظم چار قسمن جي ڪمان ۾ ڪارگر ملن ٿا.

    (1)ادب لطيف ( 2) شاعراڻو نثر /نظمي نثر
    (3)نثري نظم (4 ) تجريدي نظم

    عالمي ادب کان وٺي سنڌي ادب ۾ نثري نظمن جو مختصر تاريخي پس منظر ڪجهه ھن ريت آهي. ادبي تاريخن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته نثري نظم جو وجود تمام پراڻو آهي. جنهن جا نقش ۽ عڪس آڳاٽي زماني جي لکڻين مان نمايان نظر اچن ٿا. سنڌ ۽ ھند کان علاوه انگريزي ادب جي لکڻين ۾ به اھڙو اظھار ملي ٿو. مصر جي قديم ادب ۾ پئپرس (Papyrus) مان تيار ٿيل ڪاغذ تي چٽيل ملي ٿو ۽ ان کان علاوه موھن جي دڙي مان لڌل تختين ۽ ديوارن تي لکيل تحريرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ان تي لکيل ٻولي نثر ۽ نظم جو گڏيل سنگم ٿي سگهي ٿو ڇو ته قديم زماني ۾ انسان جو اظھارڻ به نظماڻي/ نثراڻي انداز ۾ ھوندو ھو ۽ اڄ به اسان غير عروضي شاعري جي اظھارڻ کي آزاد صنفن جي ضمري ۾ آڻي سگھون ٿا. روز مرھ جي گفتگو ۾ ڪٿي آزاد نثري نظم ملي ٿو ته ڪٿي نثر جي نظر سان نمايان ملي ٿو ڇو ته ھڪ لائن (One line) به جديد نظمن جي صنفن مان ھڪ صنف آهي.
    خالده منير سنڌ جي ٺٺي ضلعي ڳوٺ راڄو نظاماڻي جھرڪ ۾ محمد عمر سمون جي گھر ۾ اک کولي، پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ گرلس پرائمري نظاماڻي مان حاصل ڪئي ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمنٽ ھاءِ اسڪول جھرڪ ۽ ھائير سيڪنڊري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٺٺو مان ماڻي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان ماسٽر جي سند حاصل ڪئي. خالده نھايت ئي شفيق ۽ فقير منش طبعيت جي مالڪا آهي. اندر جا احساس ملوڪ موتين جي مالھا سان مھڪيل ملن ٿا۔ خالده پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي رضاڪارڻي طور ڳوٺ جي نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ مختلف اين جي اوز (NGOs) جھڙوڪ ھينڊز (Hands) رورل ايريا ڊويلپمينٽ آرگنائيزيشن (RADO) سي ايس ايس پي (CSSP) ۾ پڻ صدارتي عھدي تي ڪم ڪري چڪي/ رھي آهي. ان سان گڏوگڏ عورتن جي عالمي تنظيم سرتيون جي رڪن پڻ آهي. ھڪ ئي وقت مختلف سماجي تمظيمن سان وابسته ھجڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مسلسل محنتي/ جاکوڙي خالده معاشري جي ڀلائي خاطر پاڻ پتوڙي رھي آهي. جنهن وٽ ماروئڙن سان ٿيل ويساھ گھاتي ۽ انهن جي بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ ڪم ڪرڻ جي اڻ تڻ ۾ مگن ملي ٿي. خالده حالات حاضره جا معاملا جھڙوڪ: پاڻي جي کوٽ، بدامني، ڦرلٽ، نياڻين سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين ۽ ٻيا ڪيترائي معاملا نظمن ۾ زير قلم ملن ٿا. پاڻ اچو ته سندس جي سيني ۾ متل آڙاھ جو ڪربلائي ڪاڪ/ مقتل پسون.
    اسين اچون ٿا،
    سجائي ڇڏ مقتل ڀلا،
    ڇو ڪئي اٿئي،
    سنڌ سموري ڪربلا،
    تڙپن ٿا ٻچا اسان جا،
    پاڻي جي ھڪ ھڪ ڦڙي لاءِ،
    بدين ٺٽو جهول ۽ جوھي،
    ڪاڇي ۽ سڄي سنڌ جا،
    اسين اچون ٿا،
    سجائي ڇڏ مقتل ڀلا،
    ڏس تون تاريخ جا،
    ورق سڀ ورائي وري،
    ڪلھ به بلاول گهوٽ هو،
    اوهان گهاڻي ۾ جو پيڙهيو،
    مُڙي ڏس ميدان ڏي،
    جوان اڄ به تيار آھن،
    اسين اچون ٿا،
    سجائي ڇڏ مقتل ڀلا،
    ڪيستائين هي ٻيڙيون،
    هٿڪريون ۽ زندان هي،
    آھن تحفا اسان لاءِ،
    اسين اچون ٿا،
    سجائي ڇڏ مقتل ڀلا،
    اسان اڄ به آھيون،
    حسيني دور ۾،
    ۽ يزيد جي چنبي ۾،
    زينب جي چادر جيان،
    نياڻين اسانجين جا،
    لٽا روڊن تي ليڙون ٿيا،
    اسين اچون ٿا،
    سجائي ڇڏ مقتل ڀلا.

    مٿين سموري آزاد نثري نظم ۾ مختلف زاوين جي پيشڪش ملي. ٿي جيتوڻيڪ سنڌ اندر ڏينهن رات روڄ/ راڙو ۽ بربريت جي باھ ڀڙڪي ٿي. جنهن جي کٽڻ جو انت ملي ئي نه ٿو پر اتي پنهنجي وت/ وس آھر خالده پنهنجي لکڻين سان پروڙ ٿيل سينن ۽ زخمي ٿيل دلين جو نظمن ذريعي ڀرجھلو بڻيل ھجي ٿي. اڄوڪو دور واقعي يزيدي دور جيان آهي. جتي ڪيترن ئي زينبن جي عزت ۽ آبرو کي پائمال ڪيو ٿو وڃي. اتي ھن پنهنجي فن/ فڪر سان عشق ڪري محنتن/ جفاڪشن سان نظمن ذريعي سحر انگيز رُت جو مزو وٺرايو آهي. خالده پنهنجي پاڻ کي محبت ۽ نماڻائپ جي آئيني ۾ پسي چڪي آهي تڏهن ته ماڻھن جي دردن/ سورن/ اڌمن/ لڙڪن جي ڳالهه ٿي ڪري ۽ اھا ئي انسانيت آهي. جنھن جي انسيت مختلف روپن/ رنگن ۾ ملي ٿي ۽ خالده جي سندر احساسن ۾ پڻ خالده سنڌ جي نياڻين سان ٿيندڙ انيائن جا آلاپ ھن ريت آلاپي ٿي.

    ڪلھ جا ٿي قبر ڪشائي،
    ڳاڙهي ڪنوار جي ٿي پڌرائي،
    هٿن تي مهيندي،
    ٻانهن ۾ ڳانا،
    سونهن سارو سنسار سمايل،
    پر انگ انگ گهايل گهايل،
    هن پيار ڪيو هو،
    راڪاسي هن راڄ ۾،
    ڪنهن خوني بگهڙ خار ڪري،
    هن لئه قبر جي سيج سجائي،
    هن جا خواب قتلام ٿيا،
    رشتا سارا بي نام ٿيا،
    هي ٽرڙا ماڻھو،
    هي ننڍڙا ماڻھو،
    ڪيسين ڪندا رهندا،
    پريت تي مارا ماڻھو،
    پيار تي ڀي ڪوٺيندا،
    ڪاري ۽ ڪارا ماڻھو،
    جنهن نگري ۾ ڄائين،
    تنهن نگري ۾ پيار ڪرڻ،
    آ پاپ بنيل ڌي راڻي،
    ڇو نه ٻڌائي آ توکي،
    اها ڳالھ امان بابا پياري.

    خالده منير جي نظمن/ احساسن مان خلد/ جنت جي سڳداسي ھڳاءُ جي ھمدردي ملي ٿي ھن دجالي دور ۾ اھڙين بي باڪ بھادر تخليقڪارن کي سلام پيش ڪجي ٿو. خالده جو روح برابري جي بانسري سان سُر آلاپي ٿو. مون سان خالده جي ٿيل گفتگو ۾ سندس جو چوڻ آهي ته نياڻين کي بنا ڪنهن فرق جي تعليم ڏني وڃي ۽ معاشري جي ڀلائي خاطر عورت/ مرد جي فرق کي ختم ڪري سماجي بھتري ۾ مڪمل حصو وٺڻ گھرجي. آخر ۾ دعا آهي مالڪ دو جھان خالده منير کي سنڌي ادب ۾ ائين ئي مختلف صنفن ۾ ترقي ڏي ۽ سنڌ سان عشق جي انسيت برقرار رکي. ان عشق ئي خالده جھڙين حساس شاعرن کي ماحول ۾ رھندڙ مانگر مڇن سان مھاڏو اٽڪائڻ تي مست/ محو ڪيو آهي ۽ پنهنجي لکڻين وسيلي معاشري جي دشمنن جي منهن تي موچڙو آهي. خالده سماج جي ريزا ريزا ڪيل روح کي نظمن ذريعي ڳتي ستي ڳاھ ڪيو آهي ۽ ان جو لاڀ ايندڙ نسلن جي زندگي کي تربيتي تند سان تن/ من معطر ڪرڻ جو اثر رکن ٿا. شال سڄي زندگي شاد و آباد رھي.


    سڪندر ھاڙھو جي ڪتاب مينهن ڪڻيون تي تبصرو

    سڪندر ھاڙھو جي ڪتاب مينهن ڪڻيون تي تبصرو

    ھن ڪائنات جو وجود ھر عام ماڻهن لاءِ اثاثو رهي آهي. ھتان جا رھـندڙ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن ضرورت جي وقت ڪائنات ۾پيدا ٿيندڙ شيءِ کان وقتن به وقتن فائدو حاصل ڪيو آھي. ھن ڪائنات ۾ محنت اثاثن جي مجموعي شڪل تي مشتمل آهي. ھنن اثاثن مان ھڪ اسان جو محبوب سڄڻ پر جوش محنتي تڪليفن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکـندڙ باهمٿ يارن جو يار ھڏ ڏوکي ھمدرد ڀاءَ سڪـندر ھاڙھو آهي. سڪـندر سان منهنجي ملاقات کي ٿورو ئي وقت ٿيو آهي، پوءِ رابطا دوستي ۾ تبديل ٿي ويا. پر عرصي کي محبتـن جي مقابلي ۾ ڀيٽ نه ٿي ڏئي سگهجي. ھن جڏهن به پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو ته ھن جي زبان تي انمول لفظن موتي جي صورت اختيار ڪئي. خيال جي بلندي، سگهاري سوچ ۽ فڪر جي ثابتي ڏئي ٿي. گذريل وقت ھڪ اھڙو سچائي ۽ حوصلا افزائي جو رھيو جنهن ھميشه مايوسي جا دروازا بند ڪري نئين راھن جو روشن ڏيئو پيدا ڪيو. تازو سڪـندر هاڙهي جو نئون ڇپيل ڪتاب ”مينهن ڪڻيون“ شايع ٿيو آهي.
    سڪندر جو ڪتاب اونداهي سماج ۾ روشني جو ڪرڻو آهي، سڪندر جي سرگرمي جمود ۾ ماڻهن جا ذهن کڙڪائڻ جو ڪردار ادا ڪري ٿي، شهداد ڪوٽ ادبي حوالي سان ڪيتري ئي عرصي کان ماٺار جو شڪار رهيو آهي، سڪندر شاعري جو ڪتاب شايع ڪرائي پنهنجي سجاڳي جو ثبوت ڏنو آهي. سندس ڪتاب هٿن ۾ ڏسي اتساهه پيدا ٿئي ٿو. من ۾ هلچل مچي ٿه ته پاڻ به ڪجهه ڪري ڏيکارجي، سڪـندرجي لکڻي ۾ رس چس آهي. سندس ڪتاب تي لکڻ لاءِ وقت جي ضرورت آهي. مون هڪ نظر پڙهي مختصر لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.


    احمد سولنگي جو نظم تنقيد جي تارازي ۾

    احمد سولنگي جو نظم تنقيد جي تارازي ۾

    نظم فني ۽ فڪري حوالي سان پابند به ٿي سگھي ٿو ۽ آزاد به، آزاد نظم جي ڪا حد مقرر نه ھوندي آهي. آزاد کي پاڻ آزاد فضا ۾ گھڻ رخي ويس پارائي عقاب جيان اڏام ڏئي سگھون ٿا. قديم زماني ۾ عربن کان وٺي ايران ۽ فرانس جي ادب ۾ نظم ون لائين ( One Line ) ھڪ سٽ جو به تخليق ٿيو يا موئن جي دڙي جي زماني ۾ جيڪا ڳالهه ٻولھ ٿيندي ھئي ان کي به ڪجهه ليکڪن آزاد نظم جي ضمري ۾ آڻن ٿا. ان کان علاوه قرآن جي آيتن کي به ھڪ سٽي نظم چئي سگھون ٿا. احمد سولنگي ھڪ سٺو غزل گو شاعر ۽ نثر نويس آهي. پنهنجي شاعري ۾ مختلف ورائيٽيون(Varieties) سان گھاريٽا تخليق ڪرڻ جو ڏانو ۽ ڏات به آهي. پر جڏھن سنڌي لفظن جو مفھوم ان معني سان نه ٿو ٺھڪي ته خيال سان گڏ جمالياتي حسناڪين جو سينو پڙوڻ ٿو ٿي پوي جنهن سان بند جي پاڻ ۾ جوڙجڪ متاثر ٿئي ٿي. مون مطالعي دوران ھڪ ميگزين جي پيج تي نظم پڙھيو جيڪو ھن ريت آهي.

    ڀُڳل مُن، آئينا، موتي،
    سوين شيشا گريون آهن.

    ڀُڳل مُن ھڪ چانورن جو به قسم آهي يا اڌ ڀَڳ دال مڱن جي يا چڻن جي ٿيندي آهي پر جڏھن ڪاما نشاني سان گڏ آئينه موتي به ڀُڳل جي اثر ھيٺ اچن ٿا جنهن جي ڪا معني ڪونه ٿي ٺھڪي آئينه ۽ موتي ڪھڙي حوالي سان ڀُڳل ٿي سگھن ٿا. ھتي زوري مڙھيل خيال ٿو لڳي جنهن سان بنياد کي ڪچو ڪري ڇڏي ٿو. ڀُڳل مُن جي جڳهه تي ٽٽل دل يا من لکجي ھا ته شروعات سھڻي نموني ٿي سگھي پئي. يا وري ھي ڏسو :
    محبت جو مناسب ڪي
    ڪٿي چاره گريون آهن
    محبت ھڪ جذبات ۽ احساس جو نالو آهي ان کي ميلاپ جي ارڪان ۾ ساڳيو ئي لفظ يا جذبات جي مد ۾ آڻبو ته سھڻو ٿي پوندو چارا لفظ جانورن کي گاھ کارائڻ جي مشابھت رکي ٿو. ھتي لفظ وارا معني وار يا ڏينهن کي چئجي ٿو مناسب وقت يا ڏينهن ٿي سگھي ٿو. باقي چارا/ گاھ ڏيڻ جي اسلوب سان ٺھڪي ٿو. ھيٺين بندن ۾ اٿاهه گھرائي آهي ۽ پيماني ۾ ڀرپور وزن رکي ٿو.

    سوا پاڻي ھلي جيڪا
    اھا ٻيڙي ڪـٿي آهي

    پٻڻ ۽ ڍنڍ جـــو ناتـــو
    مھاڻن کان مٿي آهي

    کليل ميدان تـــي پيرا
    ھوا جا ڪنهن ڏٺا آهن

    ندي تي پير پنڇي جا
    ڪڏهن ڪنهن به ڪڇيا آهن

    مٿين خيالن جي سطح گري سرجيل آهي. جيڪا احمد سولنگي جي خاص خوبين منجھان ھڪ خوبصورت خوبين مان ھڪ آهي. پٻڻ ۽ ڍنڍ جو ناتو اتي ٻئي لفظ مونث جي مشھابت ڏيکارن ٿا پاڻ اڪثر سنڌي ٻولي ۾ ڍنڍ کي مادي/ فيمينائين جي نظر ۾ پرکيون ٿا. ھن نظم ۾ ٻنھن جو پاڻ ۾ محبت جو ڪيڏو نه سندر احساس اوتيل آهي. جيڪو من کي موھي ٿو ۽ رومانوي احساس ۾ منفرد بيھڪ جي پايا تڪميل ڪري ٿو. پٻڻ به مادي اشڪال جي منجھندار جو من موھيندڙ عڪس آهي. احمد سولنگي ھن سٽ ۾ به جمالياتي جوھر کي نت نئين جوت بخشي آهي. يقينن ندي جي پاڻي تي مختلف قسمن جا پکي پانڌيئرا ٿي اچي پر ھڻن ٿا. ان ڏس ۾ اتي اسان کان کن پل ۾ اوجھل ٿي وڃن ٿا پر روح کي جھرجھري وجھي وڃن ٿا جئين پاڻي ۾ جيڪي تڪڙو عڪس/ جھرمڙ/ ويوز (Vibratory Waves)جا تجلا ڏسڻ کان ملندا آهن. جيڪي اڻ کٽ پاڻي جي بھاءُ سان پاڻ کان اوجھل ٿي ويندا آهن. يقينن انهن جو ڪَڇڻ يا تورڻ پنهنجي بساط کان مٿانھون آهي. احمد سولنگي جو مختلف زاوين ۾ شاعري جي صنفن تي ڪم ڪرڻ سندس جو ساراھ جوڳو عمل آهي. اسان کي ٻولي ۽ ادب جي بقا لاءِ گڏجي وک کڻڻي پوندي. ٽي ايس ايلٽ جو ھڪ جملو آهي ته تنقيد ادب لاءِ ائين ضروري آهي جئين انسان لاءِ آڪسيجن، آڪسيجن نه ڏيڻ سان جسم جي ڇا حالت ٿيندي اھو اسان پاڻ اندازو ڪري سگھون ٿا. تنقيد جو وجود ادب سان پلئه پاند رھيو آهي. ڪرڪيٽ جي راند ھڪ گول سرڪل پاڻ جنهن کي انگلش ۾ بائونڊري (Boundary) چوندا آهيون. ان ئي گول سرڪل جي اندر ئي ڪرڪيٽ جو کيڏڻ خوبصورت لڳندو آهي. ان کان ٻاھر ڪرڪيٽ اصولن نه کيڏي ويندي. ڇو ته گول سرڪل ان کي جان ۽ روح ٿو وجھي ۽ تڏهن وڃي اسڪور ۽ ٻيا مرحلا طئي ٿين ٿا. اھڙي ريت بين الاقوامي ادب جو دنيا ۾ اثر رھجي وڃڻ ۾ تنقيد جو وڏو ھٿ آهي. اسان وٽ سنڌي ادب ۾ تنقيد براءِ اصلاح جي کوٽ ڪڏهن پوري ٿيندي ان جو فلحال نه ٿو چئي سگھجي. ھيٺين بند ۾ به ڪجهه فني ڪچائي محسوس ٿي اچو ته ان جي بيھڪ جا به ڀرجھلا ٿيون.

    ڇڻن ٿـــــا کنــڀ وڻ وڻ مان
    وڻن ۾ ڪوڪ گھائي وئي

    ھڪ بھترين ٿر جيان تشنگي سان ڀرپور احساس آهي. خيالن جي سٺي پختگي آهي پر لفظي معنويت جي ڦير ڦار ۾ احساس جي ته ڪمي پوري ٿئي ٿي پر جڏھن لفظن جو پاڻ ۾ ٺھڪڻ وارو عمل رڪجي وڃي ٿو. ته اھو گھرو اثر وڃائي ويھي ٿو. اسان بنيادي مشابھت وڻ کي پن سان ڏيندا آھيون. ڇو ته وڻ پنن سان سڃاتو ويندو آهي نه ڪي کنڀن سان شتر مرغ کي کنڀن سا ھتي تشبيھ آڻي سگهجي ٿي پئي ڇو ته ان پکي جو قد به اڌ وڻ تائين آساني سان ٿي سگھي ٿو ۽ ھيٺين بند ۾ ڪوڪ به پکي يا جانور ڪندو آهي وڻن جي ڪوڪ مون ڪڏهن ناھي ٻڌي.
    ھوا سان جيڪر پيماني ۾ آڻيون ته ھوا جي ڪوڪ ٿي سگھي ٿي جنهن جا ھم معني سور، ڦوڪ، آلاپ، سڏ ان ڍانچي ۾ آڻي سگھجن ٿا. يا وري ھي ڏسو

    وڻن جئين رات کي ڌوڏيو
    حصي جو ڏينهن کائي ويا

    بند ۾ رچاءُ ڪمال جو آهي، خيال به اتم آهي، پر لفظ ڌوڏيو بدران چوريو/ چرپر/ وڌڻ / وڌاءُ رکجي ھا ته بھتر ھو ڌوڏڻ سان رات يا ڪا به شي اتي جو اتي ئي رھي ٿي Static)) حالت ۾ (Dyanamic) حالت چر پر يا چورڻ جي ضمري ۾ اچي ٿي. جيڪا اڳتي پڻ وڌي ٿي جڳھ به مٽائي ٿي. ڌوڏن ھڪ حد اندر مجبور آهي. ھيٺين بند ۾ به فني/ فڪري بيھڪ ڪمال جي آهي. پر حقيقت تي مبني خيال بيھارڻ ۾ سر احمد سولنگي ٿورو ھٽي ويو آهي. سج وسعتي جي واءُ سان وري/ لڙي/ حرڪت ڪري ٿو. فارورڊ (Forword) ٿئي ٿو. ان جي ڪا حد ناھي حقيقت کي حد اندر بيان نه ٿو ڪري سگھجي.
    لڪائي سج کاري ۾
    نڪي منھن مير سان ملبو
    زمانو جيڪڏهن پيري
    ته ابتي پير سان ھلبو
    مٿينون گھاريٽو خيالن/ فني/ فڪري آزاداڻي انداز ۾ چڱي ريت سرجيل آهي ۽ زماني جي ڳالهه چند سٽن جي اندر بيھارڻ جو ڪارج به ڪمال لڳو. احمد سولنگي جي سموري شاعري گھاريٽا نواڻ آڻڻ جي نويد آهن. سندس جي خيالن ۾ انيڪ منفرد نت نوان پيمانا ملن ٿا. جيڪي نوجوانن لاءِ ادب ۾ طبع آزمائي لاءِ نوان گس کوليا آهن. ارڪان ته ساڳيا ئي ھوندا پر ان فارميٽ ۾ ڪا نئين تخليق جو وجود ۾ اچڻ سنڌي ادب لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو.


    ادبي آلاپ آلاپيندڙ اظھر امر

    ادبي آلاپ آلاپيندڙ اظھر امر

    دنيا جو دنگل ازل کان وٺي ھر محور ۾ محو آهي. انيڪ زندگيون جنم وٺن ٿيون ۽ ختم ٿين ٿيون. مقصد حيات کان ڪير به واقف ناھي جيڪر آهين ته خاموشي جي خمار ۾ مست آهه. سڄي دنيا جو ھڪ ئي مضمون آهي. جنهن تي پوري دنيا جو ذرو ذرو ڀاڙي ٿو. اھو مضمون امن/ سک/ شانتي جو مضمون آهي. جنهن جي نچوڙ تي ھي دنيا وجود ۾ آئي، امن جي گھرائي ۾ وينداسين ته ته اھو ھڪ آئين/ دستور آهي جنهن ۾ ھر ھڪ ذري جي تقدس کي پائما ٿيڻ کان بچاءُ جا نڪتا/ شقون/ آرٽيڪلز آهن. انهن نڪتن تي عمل ڪري دنيا ۾ امن جي فضا برقرار رکي سگھجي ٿو. امن ادب ۽ اخلاق جي دائري ۾ دلاور بڻجي عمل ڪندو آهي. ابليس دنيا جو واحد فرد ھو جنهن امن جي دستور کي گستاخي جي ھوا سان لوڏي ڇڏيو ۽ دنيا ۾ پھريون مردود ۽ جاھل بڻجي ويو.
    ان کان اڄ ڏينهن تائين امن جي مضمون ۾ گستاخي جي لھر نظر اچي ٿي جنهن سان مقصد حيات کان پيدا ٿيل وجود پاسيرو ٿي ويا آهن. پر اھي وجود جنهن وٽ شعور جي شھ رڳ ۾ ساھ آهي ۽ امن جي پرچار ڪن ٿا ته اھي انسانيت سان چاھ جو نعرو بلند ڪن ٿا جن سان امن جي مضمون جي آتما سڪون ۾ رھي ٿي. دنيا ۾ مختلف مضمون سوچن ۾ اچڻ کان بعد لکجن ٿا لکڻ کان بعد ان کي عملي صورت ۾ آڻڻ جو پڻ تذڪرو اچي ٿو پنهنجي زندگي کي خوبصورت بڻائڻ لاء ڪنهن نه مضمون تي عمل ڪري سک جو ساھ کڻي سگھجي ٿو. اھي لکندڙ عام ماڻھو کان سوچن ۽ عمل ۾ ٿورو مٿانھون درجو رکن ٿا ان ماڻھن ۾ اظھر امر جو نالو به سر فھرست آهي جنهن پنهنجي اڌ ڄمار امن جي مضمون ۾ اڻ ٿڪندڙ جاکوڙ ڪئي آهي.
    اظھر امر جي ادبي ڪالمن ۾ محبت ۽ امن جي ڳالهه ملي ٿي سنڌ ۾ نوجوانن لکڻ کي پنهنجو ايمان سمجھي لکيو آهي. سچائي سان لکيو آهي ڀرپور عشق کي فضا قائم ڪري لکيو آهي. انهن نوجوانن ۾ اظھر امر پاڻ کي خوب مڃرايو آهي آهي اظھر زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو شاگرد آهي. پر مون کان ھڪ ڳالهه حيرت وجھندي آهيان به قائد عوام يونيورسٽي جو شاگرد آھيان مون ڪڏهن به يونيورسٽي ۾ پڙھڻ دوران ادب ڏانهن راغب نه ھيس لکڻ ته ٺھيو پر ڪڏهن اھڙي ادبي سوچون به نه اينديون ھيون. جنهن کي شاعري يا نثر جو رنگ ڏئي سگھجي. پاس آئوٽ کا بعد وڃي ڪجهه لکيو سين. پر اظھر امر پڙھن جي دوران پنهنجي ادبي عشق کي زنده رکيو ۽ سنڌي ادب ۾ ھن وقت تائين مجموعي تعداد ۾ ڪالم مختلف اخبارن ۾ ڇپجڻ کان بعد ھڪ ڪتاب جڏهن خيالن جاڳن ٿا جي نالي سان پڻ ڏئي چڪو آهي.
    اظھر امر مسلسل درد جي دروازي ۾ گذري ٿو درد جو دروازو دل جو درمان ھوندو آهي جيڪو ٻه رخ پسيندو آهي. انهن ٻن رخن کي قائم رکڻ اظھر امر جي مھارت آهي. اظھر امر جي ھن ڪتاب ۾ 20 کن مضمون شامل آهن. جيڪي مختلف سنڌ جي شاعرن ليکڪن جي آيل ڪتابن تي تبصرن ۽ مقالن جي شڪل ۾ آهن. ھن ڪالمن ۾ ڀرپور نڀاء ڪيو آهي. مسلدل لکڻ جي سور کان آءُ چڱي ريت واقف آھيان ۽ پنهنجو پاڻ لکڻ ۽ سمجھڻ ۽ سنڌي گرامر سان گڏ بيھڪ کي سھڻو ڪري پيش ڪرڻ جو اظھر ڄاڻو گر آهي. جيتوڻيڪ ھڪ ڏک جي ڳالهه اھا آهي ته نوجوانن وڏن اديبن جو الائي ڪھڙو ڏوھ ڪيو آهي جو ادبي جوھر ھجڻ جي باوجود ادبي گفتگو ڪرڻ ڪيٻائيندا آهن. اڃان به ويتر مايوس ڪن گفتگو ڪري سکن واري عمل کي تنقيد جي تيرن سان دل مان نڪتل اڌ گاڀرن اچارن کي چيري چاڪ ڪري ڇڏين ٿا سيکارڻ ته پري رھيو. ھن گذريل ڏھن سالن ۾ نوجوان ليکڪ پنهنجي وت وس آھر پاڻ علم جي سج کي جوت بخشي آهي. باقي اميد ڪنهن مان به نه ٿي رکجي سگھي.
    اظھر امر جي ھن تازي آيل ڪتاب جي مطالعو ڪندي مون کي مضمونن ۾ مستقبل جي ادبي رت کي قائم ڪري ان تي عمل جو وظيفو پڻ شامل آهي جنهن تي ايندڙ نوجوان ڪتاب کي ھان سان سانڍي گھڻو ڪجهه سکي سگھن ٿا. ادب ۾ ڪم ڪرڻ سان ۽ مواد کي شايع ڪرڻ سان ٻين کي سکڻ جو موقعو ملي ٿو اظھر امر جي ھن ڪتاب ۾ اھو موقعو موجود آهي جنهن مان ھر شوق رکندڙ کي مضمون لکڻ جي چڱي ريت شناسائي حاصل ٿي سگھي ٿي. جن اديبن تي ھن لکيو آهي اسان ھنن کي پڙھي ڪري ئي لکڻ شروع ڪيو ھو. اڄ الله جي فضل سان ھن وسيع سمنڊ ۾ قطري جيان شامل آھيون. اظھر امر به ھن وسيع سمنڊ جو مطالعو رکي ٿو. جنهن پنهنجي ڪتاب ۾ ادب جي گلدستي کي کولي بيان ڪيو آهي. ان جي خوشبو وستي وستي واھڻ واھڻ مضمونن جي صورت ۾ پھچائي آهي. اظھر امر جي ڪتاب اچڻ جي مون کي بي حد خوشي ان ڪري به آهي ته اظھر سان گھٽ وقت ۾ صدين جو ناتو قائم ٿي ويو ھو ۽ دوست ڀاءُ جيان ھوندا آهن. ان جي محنت جو رنگ ۾ مان به رڱجي ويو آھيان.
    دوستن جي ڪاميابي حقيقت ۾ پنهنجي ڪاميابي ھوندي آهي. خدا کان دعا آهي ته اظھر امر پنهنجي ادبي عشق جي آتش کي لفظن جي ھڳاءُ سان درد سان ڀريل آلاپ آلاپيندو. جنهن سان سنڌي ادب ۾ پنهنجي وس آھر تاريخ جي سنھري لفظن ۾ نالو سرجيندو.


    ٻاٽ مان لاٽ ٻاريندڙ شاعره خالده سحر

    ٻاٽ مان لاٽ ٻاريندڙ شاعره خالده سحر

    شاعري جي گُوناگون سمنڊ جون ڇُوليون مَن جي مَڌھم ماڳ کي مَست ڪن ٿيون. شاعري روح جي رمز کي سڃاڻي ٿي. تڏهن ئي ته شاعر/ شاعره مان نڪرندڙ ازلي خيال پاڻ سان گڏ روح جي غذا آڻي ان روڄ ۽ رمل جي اٿل پٿل ۽ ٻرندڙ جوالا مکي جي مٿان جڏهن پوي ٿي ته من مخمور ٿي پوي ٿو. شاعري جي گُوناگون سمنڊ جي ڇولين مان محسوس ٿيندڙ ھڳاءُ جو ھٺيلو عڪس لاڙڪاڻي جي ڀلوڙ ۽ نڪور شاعري اوتيندڙ وڪيل خالده سحر جي دل تي به ڇاپ ڇڏي آهي. خالده سنڌ جي اترانھين پٽي ۾ واقع لاڙڪاڻي شھر سان تعلق رکڻ جو ٻيو سبب اھو به آهي ته ڇھ ھزار سالن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين موھن جي وادي جو واس ۽ سندرتا به من ۾ خم پيل نظري ٿي.
    خالده سحر سونھن جي سھڻي، ستابي نوجوان شاعره لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي پيءُ شير علي سومري جي گھر ۾ اک کولي، پنهنجي بنيادي ۽ ھائير سيڪنڊري تعليم مقامي اسڪول ۽ ڪاليج مان حاصل ڪئي ۽ ان سان گڏ وڪالت جي سنَد لاڙڪاڻي جي لاڪاليج مان ماڻي ورتي۔ خيرپور يونيورسٽي مان ايم اي جي سند پڻ حاصل ڪئي. اڄ جي دجالي دور ۾ جتي ناانصافيون ته ھر صبح جو ڪاريھر جي روپ ۾ وڏي سانت سان ڏنگين ٿيون جو اھو ڏينهن خالي ڪونهي جا غريبن سان ڌاڍ مڙسي جي زور تي سندن احساسن کي مروڙيو وڃي ٿو.
    وڪالت سان خالده جو پيچ لڳڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته روز روز جي واقعن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ به خالده جي احساسن کي سرمست ڪري شاعري ڪرڻ تي مجبور ٿو ڪري ڇڏي. عورتن جو ھر فيلڊ ۾ اڳتي اڀرڻ سنڌ جو مستقبل سنوارڻ جي خوبصورت نويد ڏئي ٿو. خالده به انهن بي باڪ عورتن جيان مختلف اين جو اوز ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ خدمت ڪري چڪي آهي. جن ۾ پرڀات وومين ڊولپمينٽ سوسائٽي، اين ڊي ايس، ايڪٽيڊ آڪسفيم، او پي ايم، ايڇ آر ڊي ايس ۽ آءِ سيپ وغيره شامل آهن. گذريل زماني ۾ عورتن کي صرف گھر جي بورچيخاني تائين محدود رکيو ويندو ھو ۽ عورت گھر ۾ ٻارن جي تربيت ڪرڻ ۽ گھر جي ماحول کي صاف سٿرو ڪرڻ ۾ مھارت رکي ٿي ۽ اھا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جڏھن مردن جي معاشري ۾ ڪنهن به محڪمي ۾ ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ مختلف جوھر ڏيکاري ان جي سونهن ۽ سينگار کي پڻ سندرتا بخشي ڇڏين ٿيون.
    خالده ھن وقت لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ڪورٽ ۾ وڪالت جي خدمت سرانجام ڏئي رھي آهي. خالده پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ڪامياب عورتن جي سرفھرست رھي آهي ۽ ان سان گڏ شاعري جي شاخ جو شاھڪار اولرو پڻ. پنهنجي احساسن کي قلمبند پنهنجي 2009 ۾ شايع ٿيل ڪتاب ” آجپو گھرجي “ ۾ ڪيو آهي. خالده جي ھن ڪتاب ۾ اھڙا ته منفرد خيال اوتيل ملن ٿا جيڪي واقعي آجپي لاءِ اڻ تڻ ۾ آهن. آزاد خيالن ۽ زندگي ۾ رھڻ واري ھن شاعره وٽ سنڌ کي سونهن سان سلھاڙيل فن ۽ فڪر آهي. جنهن نوجوان نسلن جي بھتري جي ذميداري جو سانگو سر سان لائي ڇڏيو آهي. خالده سھڻي سرجڻھار ته آهي ئي پر ان سان گڏ ھڪ ٻاجھاري طبعيت جي مالڪ پڻ آهي. من ملوڪيت ۽ مُشڪ امبر سان مھڪيل اٿس. گھنگھور غمن ۽ سڪ جي ساگر سان اندر جرڪيل اٿس. شاعري ۾ سونهن جو سڀيتا اھڃاڻ ملي ٿو. غمن جي غار ۾ غم ٿيل گھوگھٽ ٻڌي سگھجي ٿو، اچو ته دانهن کي دل جي دروازي مان گذاري روح کي جاڳايون ۽ ان دانهن کي سريلي ساز جي سڪ سان ورنايون.

    گيت کي مِليو نئون آ ساز ٻيهر
    نازُ پنهنجو، شوخ سو انداز ٻيهر

    قيد مان دل جو پکي آزاد ٿي اڄ
    ٿو ڪري آڪاش ۾ پرواز ٻيهر

    ها بنا پازيب جي ئي مون ٻڌو آ
    پير مان ڇم ڇم سندو آواز ٻيهر
    راز شايد سڀ عيان ڪرڻا اٿس جو
    دل گهري ٿي ڪو نئون همراز ٻيهر

    ظلمتن جي رات ڪاري گڏ کٽايون
    اٿ امن جو ٿا ڪيون آغاز ٻيهر

    مٿين سٽن ۾ نماڻان راز به پاڻ کي ڳولھن ٿا ته ڪٿ وري ظلمتن جي ڪاري رات جو آغاز ٿو ٿئي. سموري غزل ۾ خيالن جي منفرد عڪس بندي ڪرڻ مان پتو ٿو پوي ته شاعره وٽ معاشري ۾ ڪرڻ لاءِ گھڻو ڪجهه سيني ۾ سانڍيل آهي. خالده جي غزل جي ھن سٽ ”قيد مان دل جو پکي آزاد ٿي ٿو ڪري آڪاش ۾ پرواز ٻيھر“ مون کي ننڊ مان جاڳ ڏني آهي. دل ڪيترن ئي مورتن سان مھڪيل ملندي. ڪٿي دل آزاد ته ڪٿي قيد، دل ازلي ته جسم جي پڃري ۾ قيد ئي آهي پر خيالن جي اڻ تڻ ان کي آزاد اڌما/ سپنا/ ڏنا آهن يا وري ھي ڏسو” ھا بنا پازيب جي ئي مون ٻڌو آ پير مان ڇم ڇم جو آواز ٻيھر “ ڪيڏو نه گھرائي جي زخم سان گھايل خيال اٿس. جيڪو سوچن جي سرچشمي سان سرٻاٽ ڪندو ٿو وتي. يقينن پختي دل رکندڙ شاعره پنهنجي پختي خيالن سان به ادب ۾ پختي بيھڪ جي ڀت بيھاري ڇڏي آهي. خالده پنهنجي فن ۽ فڪر جي زيور سان مڪمل آراستا آهي. ھن پنهنجي فن سان اڙانگو عشق ڪيو آهي. جيڪو خواب جي پايا تڪميل تي پھچائڻ لاءِ بي وس بڻيل آهي.

    هاءِ اوڙڪُ ! سوا تام سڀ خواب هن
    خاص چِيدَه ڪٿي عام سڀ خواب هن

    تيج تعبير جو پوءِ پسبو رڌل
    هاڻ تعميل ۾ ٺام سڀ خواب هن

    ٿي نه ڀر ڀر الا سي ته وکري وڃن
    آرسي نيڻ ۾ خام سڀ خواب هن

    اڳڀرو ٿي ڇڏي نيٺ هرڪو ويو
    مارڳي ساڻ هر گام سڀ خواب هن

    تون نه بيدار تِن کي وري ڪر سحر
    مس ته ٿڪجي سُتا شام سڀ خواب هن

    ڪيتري نه پياسي دانهن آهي ” ھاءِ اوڙڪ“ ! ھڪ اڌوري خواب جو آخري پل جڏهن ته خواب اڃا پنڌ ۾ ئي آهي ۽ ان جي آخري پل جي ڀاونا مان پھريان پار ٿيڻ ايترو سولو ڪين آهي. سموري غزل ۾ ھن نوجوان ۽ خوبصورت شاعره نڪور منظر بيان ڪيو آهي. ھڪ منجمند منظر جنهن جي بيساکي ڀڀوت بڻيل آهي. جنهن وٽ نج سپنا آهن ۽ جيڪر اھي سپنا ساڀيان ماڻين ته ماڳ معطر ٿي پوي. ماڳ مور ٿي دل جي ويران رڻ تي خوشي ۾ نچي/ ڪُڏي ساھ جو انت آڻي ڇڏي. مورڻي جھڙي شاعره من ۾ معاشري جي ڀلئي، پيار ۽ محبت جو ٻور ٻکي ويٺي آهي. جا مھل اچڻ جي انتظار ۾ آهي ته جلد ئي پيار جا پکي ديس ۾ ويڳاڻن ٿيڻ کان بچي پون اھي پيار جو پوپريون پر ھڻندي ڪڏهن گم نه ٿين.

    ڀَرِپاسي
    غوغاءُ جو گِردباد!
    جنهن جي،
    گردش جي،
    ور چڙهي،
    مون منجهه رهندڙ،
    سُخُن رَسُ ڇوڪري،
    سانت نگر ۾،
    گم ٿي وئي ....!

    مالڪ ٻاجھاري کان دعا آهي ته خالده جھڙي پاڪ ۽ پوتر سوچن جي سلڇڻي شاعره جنهن جو اندر ان پيغام سان پروڙ رکي ٿو ته پنهنجي نياڻين کي تعليمي زيور سان آراسته ڪيو ۽ پنهنجي پٽن جيان انهن کي معاشري ۾ برابري جا حقوق ڏيو.شال اھي سندر سپنا ساڀيان ٿي معاشري جي اک ۾ خوبصورتي جو ڪجل بڻجن ۽ ان دعا سان گڏ مالڪ قربدار ھن شاعره جي قلم ۽ خيال ۾ اونھائي جو عڪس چٽي جنهن سان ادب جي کيتر ۾ اڃا به اسرڻ جي عمل ۾ سگھارو مواد شامل ٿي سگھي.


    ڪھاڻين جو ڪاريگر ھوش محمد ڀٽي

    ڪھاڻين جو ڪاريگر ھوش محمد ڀٽي

    جڏھن اسان لفظ ڪھاڻي يا افسانو استعمال ڪندا آھيون ته ان مان اسان جو مقصد مختصر افسانو يا مختصر ڪھاڻي ھوندو آهي. جنهن کي انگريزي ۾ شارٽ اسٽوري(Short Story) چيو ويندو آهي. افسانو يا ڪھاڻي انساني مسئلن(Problems) جذباتن (Emotions ), محبتن (Love), نفرتن (Odiousness),خواھشن(Desires) وغيره جي ترجمان ھوندي آهي. ارڙھين صدي عيسوي ۾ افساني لکڻ جو رواج پئجي چڪو ھو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ھن صنف ايتري ته ترقي ڪئي جو دنيا جي ادب تي ڇانئجي وئي ـ ” آمريڪي افسانه نگار ايڊ گرايلن مطابق افسانو اھا ڪھاڻي آهي جيڪا اڌ ڪلاڪ کان وٺي ٻن ڪلاڪن اندر پڙھي سگھجي“. مطلب ته ڪھاڻي ماحول ۾ ٿيندر ھر روز جا واقعا جيڪو ڪھاڻيڪار پنهنجي عقابي اک سان پسي ٿو سا سرجڻ جي سھڻي پيماني مان گذاري ڪري من جي ماڳ کي معطر ڪري، سا ئي ڪھاڻي سٺي پذيرائي ماڻي سگھندي. انسان جي زندگي ڪيترن ئي تجربن ۽ واقعن جو مجموعو آهي.
    افسانا نگار انهن مان ڪو ھڪ واقعو يا مسئلو کڻي ٿو ۽ ان کي ڀرپور تاثر سان پڙھندڙن تائين پھچائي ٿو. ان مکيه مسئلي جي ارد گرد ٻيا به مسئلا افساني يا ڪھاڻي ۾ زير قلم ايندا آهن. ليڪن اھي سڀ ان مکيه واقعي کي نکارڻ ۽ اجاگر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن. سنڌ لفظ اچارڻ ۽ سوچڻ سان من ٻھڪي پوي ٿو پر جڏھن ان سنڌ ۾ وڌندڙ مسئلا جيڪي سنڌ جي سونهن کي ميرو ڪن ٿا پيا ۽ ان جي پويان جيڪي ھٿ ھجن ٿا اھي به سرداري ۽ وڏيرڪي نظام ھجڻ ڪري لڪيو وڃن ته روح روئندو آهي ۽ ان اٿل پٿل کي محسوس ڪري پنهنجو مسئلو سمجھي جڏھن ڪھاڻيڪار صاف ۽ شفاف من سان سرجي ٿو ته ڪنهن حد تائين ان آھ زاري جو آواز ڪھاڻين وسيلن حل لاءِ آلاپن ۽ سڏڪن جو سُور ڦوڪڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. ائين ئي سنڌ جي اترانھين پٽي تي واقع باڊھ شھر سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪھاڻيڪار ”هوش محمد ڀٽي“ به سنڌ جي پيتل سُرڪ جو مان رکندي ساڻس قلم ذريعي ساٿي رھيو آهي ۔ ھوش ڀٽي سھڻو شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ تنقيد نگار آهي. جنهن جو قلم سان عشق ھجڻ ڪري ھر وقت سچائي جي ٻڪ مان حق جا ڍڪ ڀري لکي ٿو، حق ۽ سچ جو علمبردار نھايت ئي سادي ۽ سلوڻي اسلوب سان ڪھاڻيون چٽي ٿو، جيڪي پڙھندڙن جي دل جا تاڪ کولي ڇڏين ٿا. افسانا يا ڪھاڻين جو لکڻ بي حد فائدي مند ثابت ٿيو آهي ڇو ته ٽيڪنالاجيڪل زماني ۽ تيز رفتاري واري زماني ۾ ڪجهه شيون پڙھڻ کان قاصر ھجن ٿيون سا ڪتابي شڪل ۾ ھجڻ ڪري من جا موتي ڪھاڻين جي شڪل ۾ ھميشه چمڪندا رھن ٿا سي ڪڏھن به ڪھڙي وقت به پڙھي سگھجن ٿا.
    ھوش ڀٽي جو ڪھاڻين جو ڪتاب ”ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ“ به انهن مڙني ڪتابن مان آهي جنهن جي سنھري ورقن تي لکيل ڪھاڻيون آئيندي جو آئينو ھجڻ جو ثبوت آهن. ھوش ڀٽي جو ڪتاب ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ سترنھن ڪھاڻين تي آڌاريل مرڪ پبليڪيشن ڪراچي مان 2018 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جو ملھ 200 روپيه آهي. ان ڪتاب ۾ ڪھاڻيڪار جون چٽيل سموريون ڪھاڻيون پڙھن وٽان آهن ڇو ته تخليقڪار مسلسل لکندو رھي ٿو ۽ ذھن مان اڀرندڙ ھر خيال پاڪ ھجي ٿو جنهن جو اثر دير يا سوير پڙھندڙن کي موھي سگھي ٿو. ھوش ڀٽي جي ڪتاب ۾ ڪجهه ڪھاڻيون معاشري جي حقيقي پس منظر جو ڏيک ڏين ٿيون.
    جن ۾ ٽائيٽل ڪھاڻي ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ ۽ امن جو خواب، ڪامريڊ 11، ڪامريڊ 111، افطاري، شوق ۽ گاريون شامل آهن. ” امن جي خواب “ ڪھاڻي ڪتاب جي پيج نمبر 35 کان 39 جي وچ ۾ ان سوچ جو سنيھو آهي جيڪا اميدن تي قائم آهي. جنهن جي مستقبل ۾ نويد ملڻ ڏاڍي ڏکي آهي. امن جو خواب ڪھاڻي امن جو واقعي خواب آهي جيڪو پورو ٿيڻ ناممڪن ئي آهي ۽ اھو خواب صدين جو گھايل خواب آهي. اچو ته اڻ پوري خواب جي ساڀيان ٿيڻ جو سپنو ڏسون. ”ليفٽننٽ پرڀات سوچن ۾ غرق ھڪ ٽڪريءَ تي ڪنهن سامان جيان پيل ھو ۽ پکين کي پنهنجي گھرڙن ڏانهن ويندو ڏسي پنهنجي گھر ۽ ٻارن جي ياد اچڻ تي انهن جي باري ۾ سوچي رھيو ھو. پکين جي لاءِ سرحدون ڇو نه آهن؟ ۽ ھي ھوا؟ ھي ھوا به ته سرحد پار دشمن ڏانهن ھتي آئي ھوندي، ھن ھوا کي سرحد تي ڇو نه روڪيو ويو؟ ۽ کيس چيو وڃي ھا ته تون اسان جي سرحد نه ٿي ٽپي سگھين، ڇو جو تون دشمن ملڪ جي آهين، ھي بادل اھي به ڀٽڪندا ڀڄندا سرحد اورانگھي ايندا ھوندا. يا وري اھا معصوم ياد جيڪا معصوميت جي ڪري موت جي وادي ۾ مسمار ٿي وڃي ٿي.
    پرڀات کي ياد ٿي اچي پنهنجي معصوم ننڍڙي ڌي دُعا جيڪا سندس جي حياتي ۽ سلامتي سان گڏ سڄي جھان جي سک شانتي ۽ سلامتي جو دعائون گھرندي رھندي آهي. ھن کي ياد ٿو اچي ته گذريل ڀيري سرحد تي ايندي دعا کائنس سوال ڪيو ھو،

    بابا دشمن ڪيئن ھوندا آهن؟
    ليفٽننٽ پرڀات ايڏو وڏو آفيسر ھوندي ان ننڍڙي سوال تي منجهي سوچ ۾ پئجي ويو ھو
    پٽ دشمن اسان جھڙو انسان ئي ھوندو آهي. پر لباس رڳو ٻيو پائيندو آهي ۽ سرحد جي ٻي پار ھوندو آهي.

    امن جو خواب ڪھاڻي جو ھي حصو معصومانا فلسفي تي مشتمل آهي جنهن جو ڳچ حصو پاڪيزگي سان پاند ۾ امن لاءِ ڪھاڻيڪار پاڻ پتوڙي ٿو۔ ڪھاڻيڪار ھوش روح ۾ سندر ۽ سچي خيالن جا موتي سانڍي ويٺو آهي ۽ ان آبھوا جي انتظار ۾ آهي جتي بنا ڪنهن سرحد جي ميلا ملاکڙا قائم ھجن گھرجن. ڪاش ته اھڙو جھان جتي اديبن، شاعرن، ڪھاڻيڪارن ۽ دانشورن جي پيار ۽ محبت جي ھٿي وٺرايل ادب ۾ ڪيل محنت رنگ لائي ۽ بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل جو انسان ٿي ڪري ھڪ ٻي جو ڀرجھلو بڻجون. ھوش ڀٽي جو ھي ڪھاڻين جو ڪتاب مقدس سوچن تي گھڙيل صحيفو آهي. ڪتاب جي دل اندر امن جا آلاپ سڏجن ٿا ۽ اھي آلاپ معاشري جي بنيادي ضرورت آهي. ھوش ڀٽي جو ھي ڪتاب ”ڪوءِ ڳنڍيندڙ ھوءِ“ سنڌي ادب ۾ پنهنجي جاءِ مضبوطي سان جوڙي چڪو آهي. جيڪو مستقبل جي معمارن جي خيالي اوسر ۾ مثبت اثر ڪندو مالڪ ٻاجھاري کان دعا آهي ته ھوش ڀٽي جي قلم کي عشق جي لَوءُ لڳائي ۽ ائين ئي معاشري جي مورت ڪھاڻين جي شڪل ۾ ھر عمر جي ساڃانھ وندن تائين پھچائيندو رھي.


    سنڌ جي سرھاڻ صنم چانڊيو

    سنڌ جي سرھاڻ صنم چانڊيو

    ھي ڪائنات (Universe)جڏهن پنهنجي ھجڻ جو ھجائتو ويس اوڍي رھي ھئي ته تنهن مھل به ان ويس جو واس وٺڻ لاءِ انساني اک جو اوچو واءُ درڪار ھو۔ سموري گونا گون ڪائنات جي ڪُوڪ ٻڌڻ لاءِ اڄ به انسانن جو ڪَن ڪاڪ ۾ ڪڏندو نظر ايندو آهي. اگھم ڪائنات جي مورت مختلف عڪسن جو مجموعو آهي ذرو ذرو پنهنجي محور ۾ رقصان آهي تڏهن ته صوفي مصري شاهه چواڻي موجب ته:”جز مان ڪل ۾ اھو داخل ٿيندو آهي جيڪو ٻين لاءِ جيئندو آهي“. جز ۽ ڪل جو پاڻ ۾ گھرو ۽ حقيقت تي مبني ڳانڍاپو آهي جز آهي ته ڪل کي به ڪُڏڻ جو حق ملندو ڇو ته انساني جان به پاڻي جي قطرن جو ميلاپ آهي.
    ڪائنات (Universe )۾ سڀ وجود حقيقتون، عشق، محبتون، پرچڻ، رسڻ، ميلا، اڪيلايون، رُڃ، سُڃ، راز و نياز سڀ جو سڀ ھڪ ٻي جي ٻڪ ۾ رھڻ جا عادي آهن. ان سڀنن ڪيفيتن مان خدا جو خلقيل انسان ئي گذرندو. جنهن کي شعور جي شھ رڳ جو شاھڪار بڻايو ويو. اھي سڀ جز انسان جي دامن ۾ مستقل مزاج جي ماپي ۾ تورڻ لاءِ رکيا ويا آهن. ھاڻ ڳالهه وڃي جيڪا باقي بچي ٿي سا اھا ته ان کي عملي جامو ڪيتري حد تائين پارايو وڃي ٿو. اڄ تائين خدا جي خلقيل گھمڀير گپُا (Universe)۾ ڪھڙا انسان پنهنجي عملي روشني سان نروار رھندا يا وري انهيَ غار ۾ پنهنجي سستي سان اڻ ڄاڻ مدي تائين گم ۽ غرق ٿي ويندا رھن ٿا.
    سنڌ ڌرتي ڪائنات جي چمڪندڙ موتين مان دُر ناياب موتي جي مِثل آهي. جنهن جو ھڪ ھڪ جُز جو جادو ڪل ۾ فنا ٿيڻ لاءِ اٻُھرو آهي. ان دنياوي جز کي سوچڻ، لوچڻ ۽ عملي پيڙاھجڻ جو پاڪ پيش نامو انسانن جي حرڪت سان ھموار ڪيو ويو. سنڌ جي سونهن جو سچو اھڃاڻ ۽ ان جي بي مثل خوبصورتي کي خاڪ ۾ ملڻ کان بچائڻ لاءِ ڪجهه خاڪسار به جنميا ويا جن سنڌ جي سينڌ کي سرھو ڪرڻ ۾ ھميشه ڪوشان رھيا. انهن پاڪ وجودن منجھان صنم چانڊيو به پنهنجي ذھني آنڌ مانڌ کي لوچي ۽ سوچي عملي عشق ۾ عالمگير ھجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. صنم چانڊيو سنڌ جي ان ڪردارن مان آهي جن ڏينهن رات جي فرق بنھ سنڌ جي سينڌ کي سرھو ڪرڻ جي سرھاڻ سموئي آهي. صنم چانڊيو سنڌ جي ضلعي دادو جي ننڍي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ حسين خان چانڊيو جي گھر ۾ اک کولي. پنهنجي بنيادي تعليم ڪي اين شاھ (K-N-Shah)جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ اتان جي ئي گرلس ھاءِ اسڪول مان ڏھون (Matriculation) جو درجو پاس ڪري ساڳي ئي شھر مان ڪاليج مان ٻارھون درجو (Intermediation) جي سند ماڻي وڌيڪ پڙھائي لاءِ سنڌ جي ھوائن جي شھر ڄامشوري مان سنڌ يونيورسٽي مان بيچلر (Bachelor)۽ ماسٽر (Master) جي سند حاصل ڪئي.
    صنم چانڊيو طبعيتن نھايت ئي شفيق ۽ ادب جي مالا سان جڙيل در ثمين موتي، ناپيد موتي جيان روشن ڪردار سان ڪوشان ھجي ٿي. صنم چانڊيو ھڪ ئي وقت شاعر ، ڪالم نگار، نثر نويس ۽ عورتن سان سنڌ ۾ ٿيندڙ انيائن جي اُسرڻ کي روڪٿام لاءِ عُقابي اک رکي ٿي. شاعري ۾ ھن مختلف صنفن جھڙوڪ نظم ۽ واين تي عبور حاصل اٿم. نظمن ۾ عورتن جي عڪاسي ڪندڙ ملي ٿي. صنم عورت ھجڻ ناتي عورتن جي گم ٿيل ساک جو سور سيني ۾ سانڍن جي ڪري اندر جو سڪون وڃائي ڇڏيو اٿم اچو ته ان سور کي پاڻ به سيني ۾ سمايون.

    مان لوڪ کان لڪڻ ٿي چاھيان،
    ڪائنات جي ڪنهن ڪنڊ ۾،
    وحشي ماڻھن جي دنيا کان پري،
    جتي عورت مرد جي متڀيد بنا،
    مان انسان ٿي جي سگھان،
    جانورن جو جھنگ به بھتر آ،
    جيڪي رڳو انسان سمجهي،
    منهنجو ماس پٽيندا،
    پر ھتي ته مون کي صرف،
    عورت ئي سمجهيو وڃي ٿو.
    مٿين نثراڻي نظم ۾ ڀرپور حقيقت جو عڪس ملي ٿو. جتي سنڌ ۾ خاص ڪري روز مرھ ٿيندڙ مظالم ۽ ان جو دائرائي مرڪز عورت ئي ھجڻ ڪري ھن سماج جون اھي عورتون جيڪو پنهنجي ھڻا وڻان ڪري مظلوم عورتن جو آواز بڻجن ٿيون اھي پنهنجي لکڻين جي لاکيڻي عشق ۾ اٻوجھ، مسڪين ۽ لاچار عورتن جو ڀرجھلو ٿين ٿيون. صنم جي لکڻين ۾ خيال سنڌ جي ھر عورت جو خاموش فضا ۾ کٽل آواز کي پورو ڪري معاشري کي جنجھوڙڻ جو اثر سمويل ملي ٿو. اسان جي معاشري ۾ عورتن کي صرف ماس پٽڻ جي ملڪيت سمجھيو وڃي ٿو. جيڪا سراسر ناانصافي آهي ڇو ته عورت پنهنجي ھڪ مڪمل ۽ الڳ ڪائنات جوڙڻ جو ھنر رکي ٿي. مردن جي وجود کي جنم ڏيڻ کان وٺي تربيتن جي بيت جو رسالو به سندن جي ئي وجود مان پڙھن ڪاڻ ملي ٿو.
    عورتن کي صرف ڪارو ڪري مارڻ جو مثال سنڌ ۾ ئي جھجي تعداد ۾ ملي ٿو ھن معاشري ۾ وڏي تعداد ۾ مرد ڪيترن ئي معاشقن ۾ محو ملندا پر ھنن جو ڏاڍ ۽ جبر جي جھنگ مان عورتن کي جانورن جيان شڪار ڪندي ملندا. عورت کي ڪمزوري جي قيچ جو بيڪار مسافر سمجهي سندن خوابن ۾ خلل وڌو وڃي ٿو. ڇا عورت صرف گھر جي چار ديواري تائين قيد ٿيل ھوندي؟ عورت ئي ھڪ انمول خزانو آهي جنهن جي چمڪ سان ئي ھڪ مڪمل انسان پنهنجي زندگي ۾ روشن ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.

    صنم چانڊيو پنهنجي زندگي ۾ تڪليفن جي آوي مان پچي ڪري سنڌ جي حاضر حالتن کي پنهنجي دل ۾ جڳهه ڏئي ان جي سڌاري لاء ڳچي ۾ تعويز پاتو آهي پنهنجي معصوم ۽ خوبصورت عورتن جي سينڌ کي سرھو ڪرڻ لاءِ اڳي کان اڳڀري رھي ٿي خاص ڪري ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ لاء ھن پنهنجي لکڻين جھڙوڪ نظمن ۾ غمگين آلاپ ورجايا آهن اچو ته ان آلاپن جي اولڙي جي اوچائي جو منظر ڏسون.
    جي ڪڇان ٿي تہ ڪاري ٿيندس،
    ۽ ريتن رسمن تي واري ويندس،
    مان ڀوري اڇي ڪاري ناھيان!
    ھن ڌرتيءَ جي مان ناري آھيان،
    توڙي چپن کي سبي ھو ڇڏيو!
    پر پوءِ بہ موت پئي لامارا ڏنا،
    ھر گس ھر واٽ نھاري مون!
    رب کان دعا گھرڻ لئہ دل ڏس ڏنو،
    پر پوءِ بہ ڪو مسيحا نظر نہ آيو!
    رت جا ڳوڙها روئندڙ جيجل ماءُ،
    سڏي پنھنجي ھنج ۾ سمھاريو،
    صورتون پڙھي پئي شوڪاريائين.
    ھر ھر رب کي پئي پڪاريائين.
    ستر ڀيرا مونکان وڌ توکي پياري،
    منھنجي نياڻي ناھي ڪاري،
    ھي جيڪو آھي ماري،
    سوچ انھيءَ جي آھي ڪاري!
    پرعزرائيل ڪنھنجي ڪانہ ٻڌي!
    مون چيومانس ڏوھاري آھيان
    پر مان ڪاري ناھيان،
    پر پوءِ بہ ڪاريءَ جو داغ لڳائي،
    ڌرتيءَ ماءُ کي ويو آڳ لڳائي!

    مٿين نظم ۾ گھٽيل ۽ گھايل گھنگھور گھٽائن جي ديوي جو ذھن ۾ سمايل خوف جي خلوت جو رڃ پيل اڳڻ جو منظر اکين آڏو ماتم ڪندي نظر اچي ٿو. اڄ تائين صرف عورتن سان ئي ڏاڍ مڙسي ڪئي وڃي ٿي. گوٺاڻي نظام ۾ وڏيرا شاھي ھلچل ھڪ يھودي ھنگامو ھجي ٿو جنهن جو وجود سچائي جي ثمر سان نبيرجي سگھجي ٿو. سنڌ سموري سڄي زندگي ڇا ائين سورن سان سرتاج رھندي؟ مان جڏھن کان شعور جي رستي تي نڪتل آھيان تڏهن کان عملي وک جو ولر ته ٺھيو پر اڃا وڌيڪ ڳالهين ۽ خالي نوٽيسن ۾ معاملن کي ننديو وڃي ٿو. جتي ڪيترا ئي معاملا رولڙي جو شڪار آهن. جن ۾ جبري زنا ھجي يا ننڍي عمر ۾ شادي جي ٻنڌجڻ ۾ باندي بڻايو وڃڻ جو معاملو ھجي يا بنيادي ضرورتن جو آڻ لڀ سر فھرست ملندو۔ تازو ئي بدين ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ کي پيدا ڪري سنڌ کي وڌيڪ معاملن ۾ ڌڪيو وڃي ٿو ۽ وري تعليم سان گڏ صحت جي ٻيڙي به ٻڏڻ جي مرحلي ۾ آهي. سنڌ جا سڀ معاملا صنم چانڊيو پنهنجي ڪالمن ۽ نظمن ۾ اوڇنگارون ڏئي معاشري جي مظلوم انسانن جا ڏک پنهنجي پلئي پاند ۾ پروڙيا آھن.

    مان ڪير آهيان، مان ڇا آهيان ،سوال سٺو آ پر جواب جو محتاج ڪونهي!
    گهر گهر وڃي مان عورتن ۽ حالاتن سان ملي آئي آهيان!
    مان ڪير آهيان، مان ڇا آهيان، بس اهو ٻڌايان ٿي،
    مان ڪجهه نه سٺو اها ئي آڳ آهيان،
    پراڻين بوتلن ۾ نئون مان شراب آهيان،
    عمر جي ڪجهه ننڍي آهيان،
    پر ننڍي ٻار ناهيان مان،
    ڏٺو آ مون رمشا ۽ زينب کي،
    هاڻي گهڻي مان چڱي ناهيان،
    مان ڪير آهيان،
    مان اها ناهيان جيڪا ڏسو ٿا،
    مان ذهنن تي ڦٽل آواز آهيان جو ٻڌو ٿا،
    هتي اڄ ڪجهه مان چئي وجهان ته،
    مونکي ڏوهه نه ڏجو،
    مان ملڪ جو مان آهيان،
    مان ڪشمير جي دلربا وادي ئي ناهيان،
    مان ٿر جو ريگستان به آهيان،
    مان اها ناهيان جيڪا پاڻ ۾ شرمنده آهيان،
    مان کلندڙ ڪڏندڙ آزاد ڪو پکي آهيان،
    هي سڀ مولوي، پنڊت ڪوڙ آهن، ڊوهه آهن،
    هي مذهب سڀ مون ۾ ئي جذب ٿيڻا آهن،
    پنهنجي خوابن جي مان اول اڏام آهيان،
    مان ڪير آهيان،
    مان پايل جو من موهيندڙ ساز ئي ناهيان،
    مان انهن راتين جي رڙ آهيان،
    جن جي هٿن ۾ پلي آهيان، جن جي نيڻن جو نئون خواب آهيان،
    مان لٽن مان لڏندڙ جسم ئي ناهيان،
    مان پنهنجي آرام جو لباس به آهيان،
    مان پراڻي روايتن جي سانجهه ناهيان،
    هڪ نئين نڪور سوچ جو آغاز آهيان،
    مان سڀني ناجائز ارادن جو جائز پڙلاءُ آهيان،
    مونکي محسوس ڪر ،مان هڪ جذبو ۽ جذبات آهيان،

    صنم جي ھن نظم ۾ ملوڪ انداز ۾ معاشري سان ھمڪلام آهي” مان انهن راتين جي رڙ آھيان “ لفظن جي جوڙجڪ سھڻي ۽ سلوڻي انداز سان پنهنجي نظمن ۾ سرجي ٿي ڪمال جو خيال جيڪو جمود کي جھاد ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو ڇڏي ۽ ھن سٽ ته منهنجي من کي مروڙي موت جو واس ڏنو :

    ”مان سڀني ناجائز ارادن جو جائز پڙلاءُ آهيان،
    مونکي محسوس ڪر، مان هڪ جذبو ۽ جذبات آهيان،“.
    عورت ھڪ تعليم ۽ تربيت جي مڪمل درسگاھ آهي ۽ گڏوگڏ املھ انسان به، ھن ايڪويھين صدي ۾ جتي ٽيڪنالاجي جو اثر بي بھا ملي ٿو. اتي ان ڪڌي سوچ کي ختم ڪرڻو پوندو، ڪجھ ڀلو ڪرڻ لاءِ ڀلي سوچ کي خوش آمديد ڪرڻو پوندو ته جئين ايندڙ نسلن کي ساڳي ريت تحريڪن جي عمل کان بچڻو پوي نه ته ٻي صورت ۾ ساڳي ريت سڀ معاملا ڳچي جي ڳاٽ ۾ اوچا ڏسڻ کان ملندا.

    صنم چانڊيو ادبي کيتر ۾ پنهنجو نالو سنھري لفظن سان لکڻ جي دڳ تي دلاوراڻي جوش سان ڪوشان آهي ۽ سندن سماجي ڪم به معاشري جي ڀلائي جي ڀئنور ۾ لاڀائتو ثابت ٿيندو. صنم پنهنجي نظمن ۾ اتاھ گھرائي رکي ٿي جنهن جو اثر ايندڙ نسل کي بنيادي وک کڻڻ ۾ مدد ڏيندا ڌڻي در دعا آهي ته سدا سنڌ سان عشق ۽ ماروئڙن جا ڏک پنهنجي دل ۾ سانڍي انهن کي لفظن جو گيڙو ويس پارائڻ جي منزل جي ساڀيان ماڻي. مالڪ سائين آباد ۽ شاد ڪري.


    ماڻھو مَسّت قَلندرسيما عباسي

    ماڻھو مَسّت قَلندرسيما عباسي

    سنڌ جو وجود ڌرتي تي ڪنهن انمول نگيني کان گھٽ ڪونهي، سنڌ جون ريتون ۽ رسمون پنهنجي اسلوب اندر سھڻيون ۽ ساديون سرس ھجن ٿيون جنهن جو واس لڳڻ کان پوءِ من ٻھڪي ۽ روح رقص ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. اندر جي مستي ۽ ماحول ۾ مچندڙ ميلن ۾ فرق ھجڻ ڪري حقيقتن کان پاسيرو ڪري ٿو پيو جيڪڏهن ماڻھو ماڻھو رند ٿي اندر ۾ پيار جو ميخانو ھڻي ان سان برداشت جي مي جا ڍڪ ڀري ته ماڻھو مست قلندر ٿي پوي. سميا عباسي ھن زمين جي خطي تي قلندري ريتن جو خوبصورت بيت آهي. جنهن کي پڙھڻ سان روح جي رڃ تي ٿڌاڻ پوي ٿي ۽ من موھجي پوي ٿو. سيما عباسي 18 اپريل 1973 تي لعل مُحَّمد عباسي جي گھر دنيا ۾ پير پاتو ابتدائي تعليم اتان جي مقامي اسڪول ۽ ڪاليج مان حاصل ڪئي، ۽ بي ايB-A ۽ ايم اي M-A پرائيويٽ جيڪا شاھ عبداللطيف يونيورسٽي سان لاڳاپيل گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1995 ۾ ماڻي ورتي. ھن وقت ايم- فل M-Phill ھلندڙ آهي. سيما عباسي لکڻ جي شروعات 1982 ۾ ڪئي پھرين ڪھاڻي اردو ڊائجسٽ سچي ڪھانيان ۾ ڇپي ۽ ائين ئي ٻين مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون.
    جن ۾ نئين آس ميگزين ڪراچي، ھزار داستان، آداب عرض، عوامي آواز، سورمي، سنڌ راڻي، نوائي وقت ۾ ڇپجنديون رھيون آهن. سيما عباسي بحيثيت شاعره پنهنجي فن ۽ فڪر جي فضا کي برقرار رکيو آهي پر ان سان گڏ پنهنجي نثراڻي بيھڪ جتان ھن ادب جي شروعات بطور ڪھاڻيڪار ڪئي ھئي سا به ساڳي ريت جاري و ساري آهي. سندس شاعري ۾ سڏڪن جا آلاپيل سَڏ ۽ اُڌمن جا گُم ٿيل اولڙا ڳوليندي نظر ايندي اٿم، مون پنهنجي زندگي ۾ اھڙا اديب جيڪي ھڪ ئي وقت سڀني صنفن تي آڙيڪاپ يا ماحول سان لاڳاپيل (Ecological) دسترس جا حامل ھجن ٿا سان انهن مان ھڪ سيما عباسي به آهي. جنهن مسلسل جدوجهد ڪري پنهنجي اندر جي جُوالا مُکي سندس جي ڪھاڻين ۽ شاعري ۾ پسي سگھجي ٿي. معاشري ۾ ٿيندڙ انيڪ برايون، اڻ برابري، تعليمي ادارن اندر ڪرپشن (Corruption) جي گُھٽ ۽ ٻُوسٽ ۽ گڏوگڏ صحت جي مرڪزن کان وٺي سنڌ جي ھر معاملي تي پنهنجي قلم کي ھٿيار جيان استعمال ڪيو آهي. حالانڪ سيما جنهن محور ۾ پاڻ پنهنجي محنتن سان ماڳ ماڻيو آهي جنهن ڪجھ ماڻھن کي بد ھاضمو ڏنو آهي. سنڌ اندر عورتن لاءِ اڄ ڏينهن تائين صاف شفاف ڪم ڪرڻ جو ذريعو نه ھوندي به سيما عباسي پنهنجي ھڻان وڻان ڪري پنهنجي الڳ دنيا قائم ڪئي آهي. ھن جون ڪھاڻيون جن ۾ وقت جو وهڪرو، قرباني جو ڪانڌپو، شادي ۽ آزادي، آئيڊيل جو موت، ارمانن جي ارٿي جن سٺي پذيرائي ماڻي ۽ اھڙا کوڙ مضمون/ ڪھاڻيون جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻيا سي به پنهنجي سھڻي/ سلوڻي انداز سان ٺھڪيل ملنديون.
    مون جڏهن به سيما عباسي جي نثر کي من سان لاتو آهي ته منهنجي من جو مور آئيندي جي نويد جا آلاپ اچاريندو آهي نثر ۾ اگھم علم جي ديوي پنهنجي معاشري کي ھميشه سک جو ساھ کڻڻ جي اميد سان لکندي لوچيندي رھي ٿي. سيما ھن گھٽيل معاشري جو سور سيني ۾ سانڍي به انهن جي ڀلائي جي ڳالهه ڪندي نظر ايندي اٿم عورتن سان جتي ڪلور ڪيا وڃن ۽ علم ۽ فھم جي دليلن کي ڇڏي ذاتيات تي حملو ڪن تڏھن به صبر جي سپني تي عمل پيڙاھجي، انھن کي محنتن سان مات ڏني آهي. سيما سنڌ جي ماڻھن سان پيار ڪندي آهي ھن جو سنڌ ۾ امن ۽ چاھ برقرار رکڻ سندس جو ورد اول آهي.
    ھن ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجي فن ۽ فڪر جو فيڻو ماڻھن جي دل تي وظيفي جيان ورد ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. چوندا آهن ته محنت ڪڏھن رائيگان ناھي ويندي سيما شاعري سان گڏ ھن دور جي ھڪ گھڻ رخي ڪھاڻيڪار ھجڻ جو پڻ ثبوت ڏنو آهي. سيما عباسي جو ڪالم ڀٽائي ڪي ڪلام ۾ خواتين ڪا مرتبا اور آج ڪي سندھي عورت نوائي وقت ۾ شايع ٿيل ڪالم عورتن جي جي مان ۾ لٿل صحيفي کان گھٽ ڪين آهي. سيما ھر دائري محور ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي. طبعيتن صاف ۽ شفاف روح رکندڙ آهي جنهن وٽ ٻيائي جو ٻور نه ٿو ملي سچي ۽ کڙي لکڻين مان چٽو ظاھر آهي ته وجود به پاڪ ۽ پوتر نرم مزاجي پوشاڪ سان اوڍيل آهي. درويش صفت ھن سيما سنڌ جي ھر ڏک ۾ گھايل فرد جي دانهن بڻجندي رھي آهي سندس جو وجود ۽ موجودگي من کي مرڪائي ۽ خيالن جي خوشبو دل اندر ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي عورتن جي سرواڻ ليکڪا ماڻھن جي پيدا ڪيل دلدل ۽ روڪٿام لاءِ ڪنڊا پنهنجي خوش اخلاقي سان پاسي ڪرڻ جو فن ڄاڻي ٿي ۽ ان جي برعڪس انھن لاء دل ۾ دعا ڪرڻ جو ڪلام پڻ آلاپي ٿي.
    سيما عباسي جو ھڪ ڇپيل ڪالم ڇوڪريون آپگھات ڇو ٿيون ڪن؟ ۾ ھن سنڌ جي مظلوم نياڻين جي انصاف لاءِ حڪومتي ادارن لاء وانجھائي رھي آهي ھر معاملي کي خوب ھمدردي سان نڀايو آهي. جيڪر سيما جي ھٿ ۾ انصاف جون واڳون ڏجن ته ھي عورت ادبي جدوجھد جيان سنڌ جي ھر معاملي کي عملي جامو پارائي ٿي سگھي. سيما پنهنجي لکڻين ذريعي معاشري جي ظلم خلاف مھاڏو اٽڪائي ڪيترن ئي غريب گھرن جي ڏکن جو ڀرجھلو بڻي آهي. سيما وقت جي رھزنن کي مٽائڻ جي مھم جو مھراجا بڻجڻ پسند ڪري ٿي معاشري جي طنز ۽ طعنا زني ھن جي احساسن کي چاق ۽ چور ڪيو پر ھن جي مستقل مزاج ۽ ذرا نوازي نمايان ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا.
    سيما عباسي جي ادبي سفر تي جيترو لکجي سو گھٽ ھوندو ڇو ته ڪائنات جا ھيرا پنهنجي خاموش چمڪ سان بقائيت جو جھان جوڙي چڪا ھوندا آهن ۽ ايندڙ نسلن جي لاء رھنمائي جي راھ بڻجي چڪي ھوندي آهي. سيما عباسي جو لکڻيون معاشري جي مٿان الھامي احسان آهي جا وقت جي واٽ تي ھلندڙ زندگين کي خوبصورت زندگي گذارڻ جو سر چشمو ثابت ٿينديون. ڌڻي در دعا آهي ته سيما جي وجود جي مٽي مان احساسن جي خوشبو کي برقرار رکي ۽ خيالن جو خمير جديديت ۾ انقلاب برپا ڪري، پرودگار ازلي خوشيون نصيب ڪري ۽ قلم کي معاشري جي ناسور کي بي سور ڪرڻ ۾ مدد ڏئي. شال سدائين سچن جي صحبت ۾ رھي. شاد و آباد رھي.


    مٽي ماٿي لايان فرزانا شاھين

    مٽي ماٿي لايان فرزانا شاھين

    زندگي ۾ جنم وٺندڙ ھر شي ڪھاڻي جو محرڪ ھجن ٿا ھر ڪھاڻي گھڻ رخي ۽ منفرد محور ۾ مانڊاڻ مچائڻ جو سنيھو آڻي ٿي سينن ۾ ڪيئي ڪھاڻين جا سر بستا راز دفن ھجن ٿا. اھي راز ماحول ۾ لکڻين ذريعي نروار ٿيندا آھن يا وري ڪي گمنامين جي گھپ انڌھيري ۾ غرق ٿي ويندا آھن. دنيا جي ذري ذري ۾ ۽ انساني روح ۾ ڪھاڻي سمويل ملي ٿي, افسانو يا ڪھاڻي جي بيھڪ ھوندي اٿم ڪي طويل ڪھاڻي ته ڪي وري شارٽ اسٽوري سڏجن ٿيون افسانو يا شارٽ اسٽوري (ڪھاڻي) نثر جي اھا صنف آهي جيڪا ھڪ ئي نشست ۾ ختم ڪري سگهجي. ڪھاڻيون مختلف قصن تي آڌاريل ھونديون آهن سنڌي افسانو سنڌي قصن جي ارتقائي شڪل آهي يا ٻين ٻولين تان ترجمي کان پوءِ ان جي اوسر ٿي سگهي.
    جڏهن سنڌي الف، ب جڙي راس ٿي 1915ع کان 1940ع دوران تمام گھڻا افسانا ترجما ڪيا ويا اھي شارٽ اسٽوري گھڻو ڪري مقامي ٻولين يعني اردو ھندي ۽ گجراتي وغيره تان ترجمو ٿيل ھئا ھن دور ۾ گوبند مالھي، ھيرا نند عيدناڻي وغيره وارن ترجمي جو صحيح حق ادا ڪيو. ان کان علاوه چيخوف، گورڪي ۽ ٽالسٽاء وغيره جھڙن بين الاقوامي اديبن جا افسانا به سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا 1940ع کان 1947ع جي دوران آزادي جي موضوع تي افسانا يا شارٽ اسٽوري لکيون ويون. جيڪي باغيانا خيالن سان ڀرپور ھيون، ان کان علاوه اسانجي تاريخ لکندڙن خاص طور تي ادبي تاريخ لکندڙن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور کي ھميشه ھڪ دور ڪري پيش ڪيو آهي. جنهن جي ڪري ھنن دورن ۾ واقع ٿيندڙ واقعن کي الڳ ڪرڻ وڏو مسئلو رھيو آهي. ان سلسلي ۾ ھڪ واقعو موکي ۽ متارن جو آهي جنهن جو ذڪر شاهه لطيف جي شاعري ۾ جابجا ملي ٿو ان ڪھاڻي جو سڀ کان پھريون ذڪر شاهه ڪريم جي شاعري ۾ ملي ٿو ھي داستان ھن دور ۾ گھڻو مشھور ٿيو شاھ ڪريم چوي ٿو ته :
    متارڪا ڳڀرو گرٿ نه ٻڌن گوڏ
    آيا اڳڻ ھوڏ سر ڏئو سرو پين

    اھڙي طرح بڊاماڻي پنري جو قصو به ھنن دورن سان تعلق رکي ٿو بڊاماڻي پنرو ڪاڇي جو ھڪ سورھيه سردار ھو سندس ڪوٽ تي ڪنهن حڪمراني فوج چڙهائي ڪئي جنهن مان اھو گمان ٿئي ٿو ته اھا چڙهائي ارغون ترخان يا مغلن واري دور ۾ ٿي سگهي ٿي بھرحال اھو قصو به ھن دور ۾ مشھور ٿيو مثال طور:

    بڊاماڻي پنرا اڄ گھرجين آء
    ماٽيجي ۽ ماء ٻئي وڃن ٻان ۾

    پنري جواب ڏنو ته :

    نڪي پنرو تو ڄائو نڪو تو وٽ ھوء
    پوء ماٽيجي ميھڻو ڇي لاء ڏنوء

    اھڙي طرح ھن دور جا شاعر سنڌ جي پراڻن لوڪ قصن کي سنڌي شاعري ۾ ڳائيندا آيا ۽ سندن عڪاسي ساڳي نموني تمثيلي انداز ۾ ڪئي آهي مثال طور شاهه ڪريم "سسئي " جي اوٽ ۾ سمجهايو آهي ته فقير اھي عاشق آهن جن خدا کي دنياوي وھنوار کان الڳ رکن ٿا :


    ڀنڀوارن ٻه ٿوڪ ڪنهن نه نيا پاڻ سين
    سڪڻ سپرين سين ٻيو لاڳاپا سين لوڪ

    مٿين لوڪ قصن/ ڪھاڻين جو عڪس ڏيڻ به سندر روپ آهي ماحول ۾ ٿيندڙ ھر روز ڪيترا واقعا اڪثر ڪھاڻيون آهن انهن کي پروڙي, پرکي, لوچي ۽ سوچي ۽ گھڙڻ ھڪ سھڻي ڪھاڻيڪار جو ڪم آهي. انهن ڪھاڻيڪارن مان سنڌ جي خوبصورت شاعره سائنڻ "فرزانا شاهين " به سگھاري ليکڪا طور ادبي کيتر ۾ پنهنجي فن ۽ فڪر سان ڏات جي ملوڪڙي مومل طور ڄاتي ۽ سڃاتي وڃي ٿي فرزانا ھڪ ئي وقت شاعرا ليکڪا تحقيق نگار ۽ ڪھاڻيڪار جي فنونيت سان وابستا آهي. معاشري ۾ وڌندڙ انيڪ نيائن جا نينهن ڏاڍ مڙسي جا موت جبر جا جبل تشدد جا تپيل لاوا ڏکن جي انبارن کي شارٽ اسٽوري يا افساني جو گيڙو ويس اوڍائي سڀني جو برجھلو بڻيل ھجي ٿي پنهنجي تازي آيل ڪتاب "مٽي ماٿي لايان" جيڪو مرڪ پبليڪيشن ڪراچي مان ڇپجي پڌرو ٿيو ۾ اتم ۽ اعليٰ اونھائي سان جڙيل ڪھاڻيون ملن ٿيون.
    جن جي پرھڻ سان معاشرتي لچڪ جو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو جتي رت پاڻي کان به سستي ھجي ٿي ۽ احساسن جي اولري کي سنگين ڏوھدار سمجهيو وڃي ٿو اتي ميڊم جي ڪھاڻين ڪيترن ئي اٻوجھ ارڏن جي دل جي ڳالهه ڪئي آھي سندن ڪھاڻين جي ڏنل ڀيٽا ظالم جي منهن تي موچري جو اثر رکن ٿيون. مرداڻي سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ ويساھ گھاتين جو ولر سندن سوچن کي ولوڙي ناڪارا بڻائي سگھن ٿيون اتي وري مٽي ماٿي لايان ڪھاڻين جو ڪتاب سندن نئون ساھ ڦوڪي ٿو. ھي ڪتاب 22 ڪھاڻين تي آڌاريل رس چس سان ڀريل مجموعو آهي جنهن ھر اڻ برابري، ظلم جي زنجير ۾ جڪڙيل غريب مرد/عورت ۽ انھن سان ٿيندڙ نا انصافين جي اور اوتيل ملي ٿي.
    ڪجهه ڪھاڻيون منهنجي من جي گھنگھور ۽ وچڙيل اداسي جي انڀارن جي سانجھ کي بيان ٿيل ملن ٿيون من کي ڇھندڙ ۽ ننڊ کان جاڳ ڏيندڙ ڪھاڻيون اٿم جا منهنجي سوچن جي گمنام وادي جي ديوارن تي لکيل لفظ آھن. جن ۾ مت، سوال نظرياتي ماڻھو لبرل سوچ ڀرم ڀور ڀور ٿيا ھڪ ازلي حقيقت کي اجاگر ڪن ٿيون مت ڪھاڻي ۾ زينت مفلسي جي موت جي سڪرات سان سڪڙجڻ جي عمل پيڙاھجي ٿي اتي وري مرشد پنهنجي ڏاڍ مڙسي سان زينت جي عصمت پڻي کي مروڙي مستي ۾ مست ھجي ٿو مت ڪھاڻي ۾ ذڪر کان علاوه به اھڙا الائي ڪيترا ھاڃا ھرورز پنهنجي دونهين دکائي مليو وڃن. زينت مرشد جي ھر حڪم جي ھٿوري سان پنهنجي عزت جو فالودو ڪري رھڙجي وڃي ٿي.
    " سائين حڪم، ٻانھي حاضر آهي زينت معصوم لھجي ۾ چئي سڌي ادب ۾ بيٺي رھي.
    زينت ويجھي ٿي ويھ بيڊ تي مون سان سمھ !
    اچ توکي جيء ڀري ڏسان جاويد تيز سھڪن سان... اھو چئي زينت ڏي وڌڻ لڳي ٿو زينت تون مون کي ڏاڍي وڻندي آهي ... تنهنجا چپ ڄڻ ته ھنداڻي جون ڦارون آهن تنهنجي چيلھ صفا سنھڙي سندري تنهنجي ڇاتي ناريل جا ٻه داڻا آهن.

    مرشد جيڪو غريبن جي آخري اميد ۽ آسرو ھجي ٿو جتان جو فيض دل کي سڪون رسائي ٿو اتي وري جاويد جھڙا معاشري ۾ مرشد حق جي حقيقت کي گندو ڪري خدا جي خوبصورتي سان دوکو ڪري ٿو. ڪھاڻيون حقيقتن جو حقير نامو اوتين ٿيون زينت پنهنجي بيمار پٽ جي تعويز ۽ ڦيڻي جي چڪر ۾ پنهنجي عزت سان گڏ پنهنجي جگر جي ٽڪري کي به وڃائي ويھي ٿي اھڙا ڪڌا ڪردار دنيا جي نگري کي ڪاراڻ سان رڱي ڇڏين ٿا.
    جتي زينت جي مجبوري جي ماڪ سان ڌوتل مرشد جي اندر جي ميراڻ ته ختم ٿئي ٿي پر تاريخ اھڙن دلالن کي ڌوڙ جي دونهي سان مسمار ڪري ڇڏيندي اٿم. سموري مجموعي جو آکاڻيون پنهنجي پنهنجي فني ارتقا ۾ گلابي ويس اوڍيل نظر اچن ٿيون جن ۾ مٺيون ڳالهيون، يادن جا وکريل پنا، عشق پڇي نه ذات، سسئي ۽ سور، روح جا زخم پڻ سھڻي انداز سان سلھاڙيل آهن. سسئي ۽ سور گھاريٽي ۾ گھنگھور پيار جي پيچرن تي اماڻيل اداسي سان اوريل روح به پنهنجي پرين جي وجود کي سڏ جي آلاپن سان لوچي ٿو :

    سسئي جا سڏ !
    ٿڪيا ڪون آهن نيٺ پل جو پھي سسئي جو پنھل ڏورانھين ڏيھ نئي ٿو
    ۽ ان کان علاوا روح جا زخم ڪھاڻي ۾ روح جي سرد پيل جذبن جو آند ماند جي مورت باھ جي مچ ۾ موعطر نظري ٿي.

    ھاڻي اسان جي وچ ۾ عجيب اوپرائپ ھئي آھستي آھستي ھن جو اتاولو پن ۽ ديوانگي ختم ٿي وئي ھن جا جذبا برف جيان ٿڌا ٿي ويا روح جو رشتو جسم جي بک جو کاڄ بڻجي ويو پھريان ھو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندو ھو. پوءِ ڳالهه ھفتن ۽ پوءِ مھينن تي پھتي پوءِ ائين لڳو ڄڻ رشتو زبردستي گھلجي رھيا آهيون ۽ پنڌ ڪري روح جا پير زخمي ٿي پيا آهن ۽ ھاڻي اسان اجنبي آھيون ڄڻ ڪڏهن به مليا ئي ناھيون!
    ميڊم جي ڪھاڻين ۾ ڪلائميڪس ڀرپور ملي ٿو جيڪو مڪمل ھڪ سٽ ۾ الڳ خيال ھجي ٿو جا ڪنهن غار مان نڪرندڙ اونھي آواز جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو پڙھڻ کان پوءِ پنهنجي من جو آواز لڳي ٿو. ھي ڪتاب ادبي کيتر ۾ پنهنجي نمايان جاءِ والاري چڪو آهي ۽ ايندڙ ڪھاڻين جي ڪوي ليکڪن جي حوصلا افزائي سان گڏ لاڀائتو فيض پڻ دامن سان ڀري سگهجي ٿو. ڌڻي در دعا آهي ته ميڊم فرزانا جو ھي پنجون ڪتاب سندن ڪاميابي جي سامونڊي ڪپ تي بيھي جلد سمونڊ اندر سمائجڻ جي سرڪ سان ھمڪنار نظر ايندي مولا پنهنجي حضور آباد ۽ شاد رکي.


    رنگين روحن جو رھبر ڪلاڪار آصف نظاماڻي

    رنگين روحن جو رھبر ڪلاڪار آصف نظاماڻي

    ھي دنيا جڏھن وجود ۾ اچي رهي هئي ته پالڻھار جي پاڪ فرمان جي انتظار ۾ ھر ھڪ شيءِ سر بسجود هُئي ڪُن جي ڪَوي ڪاڄَ ۾ ھر ذرو زير کان زبر ٿيڻ جي خوشي ۾ ماپي ڪو نه پئي سگھيو، ھر رنگ پنهنجي ڊھنگ سان اچڻ لاء اتاولو ھو، ھر خوشي پنهنجي غم جي ڍال ڍڪڻ جي سکيا وٺي رهي هئي، ھر مسڪراھٽ پنهنجي مسڪين ماءُ کي مايوس ڪرڻ کان ڊڄي رهي هئي. پيار پنهنجي پاپوھ کي دل مان پار ڪرائڻ لاءِ پئي ۽ لالچ جي زيورن کي ڦٽي ڪري رهيو ھو، محبت پنهنجي محبوب کي سيني ۾ سانڍي رکڻ جو ڪارگر نسخو دريافت ڪري رهي هئي، عشق پنهنجي عاشق کي باھ جي ڀڙڪيل آڙاھ مان برداشت ڪرڻ جو ھنر سيکاري رهيو ھو، ڪوڙ پنهنجي ڪاڪ مان وڏا واڪا ڪري وس مان نڪري رهيو ھو، سچ پنهنجي سچائي جي سونهن ۾ سمائجڻ لاءِ سپنا ڏسي رهيو ھو.
    زندگي پنهنجي زنده رھڻ جو بندوبست ڪري رهي هُئي، موت پنهنجي پاڻ کي مات ڏيڻ ۾ مشغولي جو مچ ٻاري رهيو ھو، مطلب ته ھر تخليق ٿيندڙ شي مالڪ جي حڪم سان عمل ڪرڻ لاء عملي ميدان جو مزو ماڻڻ لاء مسرور ھو. اھي سڀ دنيا ۾ پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ رچيل چادر جي چار ديواري ۾ موجودگي جي مڃتا ماڻڻ لاءِ موتين جي مالا ڳچي ۾ پائڻ پوپٽ وانگر پساھ پسڻ لاءِ پاند ۾ اڳي کان اڳڀرا ٿي رهيا هُئا ته زندگي ڪيتري نه انمول آهي جنهن ۾ ھر رنگ پنهنجي سونهن جو روشن سج جنهن جي چوڌاري ٻين منفرد چنڊن جي چانڊوڪي جي چاھ جي چڪور جيان چھڪاٽن جو چھچٽو لڳيل نظر اچي رهيو آهي.
    زندگي ھر زنده دل لاءِ منفرد رنگن جو مجموعي محفل لڳائي رهي آهي. جتي ھر ڏيک پنهنجي ڏيکاءُ جي خاطر ڏُڪار ۾ ڏَڪي رهيو آهي. ھر ڪم پنهنجي جُڙيل جھوپري ۾ ھڪ اڻ کُٽ وقت گذارڻ لاء ڪوشان آهي. زندگي ۾ ٿيندڙ ھر محنت جي مزدوري جي قيمت جي ڪنهن کي به سُڌ ڪونهي ته اتي وري دنيا جي نقشي ۾ نقش ٿيل سنڌ به صدين تائين پنهنجي اُتاھ سمنڊ ۾ رقص جو من اندر مانڊاڻ مچايو ويٺي آهي سنڌ جي من ۾ ھيرن جھڙا کاھوڙي پٽ به پنهنجي منفرد جڳهه والاري ويٺا آهن جنهن پنهنجي دنيا کي انڊلٺ جي رنگن جيان رقص ڪرائي راز جا ھم راز بڻيا بيٺا آهن. انهن ڪائنات جي رنگن ۾ رنگيل روحن جو رھبر به فنا واري زندگي کي بقا واري رنگن سان رنگي رهيو آهي خدا جي پاڪ نالن مان ھڪ نالو مصور به آهي ۽ ان صفت جي ٿوري سانت آصف نظاماڻي جي سوچن کي ساڪن سان سرھاڻ ڪيو آهي، ساڪن اھڙو ڪيو ويو جو خاموشي جي خيمي ۾ ان اُڌمن کي رَنگي ٿو جنهن جو شُور شَعور جي شَھ رَڳ کي حيرت جي حُسناڪين جو حَبيب بڻائي ٿو ڇڏي۔
    آصف نظاماڻي سان منهنجي ملاقات سندس شاهڪار ڪَمَ وسيلي ٿي، ھي طبعيت ۾ طُور سِينا جبل جيتري چاھ رکي ٿو، اخلاق ۾ اعليٰ درجي جي سندَ رکي ٿو مزاج سندن مھڪندڙ مُور جي مُورت سان مُوھي ٿو. ھن جو تعلق سنڌ جي ضلعي خيرپور سان آهي جتان ھن پنهنجي بنيادي تعليم سان گڏ شاهه عبداللطيف درسگاھ مان سَند حاصل ڪيائين. ھن حاضر زماني جي ٽيڪنيڪي دور ۾ مُصوري سان گڏ گرافڪس، پنجن ٻولين (سنڌي اردو، انگريزي، عربي، فارسي) ۾ تيز ترين ٽائيپنگ جو ورلڊ رڪارڊ ٺاهڻ ۽ گنيز بُڪ آف دي ورلڊ رڪارڊس ۾ پنهنجو نالو لکرائڻ، فوٽوگرافي، السٽريشن ۽ ويب سائيٽ ٺاهڻ جو ڄاڻوگر روح آهي. ھن جو ذھن تخليقي تَند کي تَنبُورِي سان ترقي ڏيڻ لاء تاسارو آهي.
    ھن منفرد پينٽنگس منفرد ماڻھن کي اَرپيون آهن. ھن جو پنهنجي فن سان فني سفر ته فنا ٿيڻ جي وادي مان گذري ڪري بقا جي باک ۾ برف وانگر مضبوط ٿي چڪو آهي، جنهن جي تخليق ٿيل فن زندگي ۾ زنده رهڻ لاءِ جڳهه والاري چڪو آهي. آصف نظاماڻي هن وقتَ تائين حامي، بيدل، ايم يحيٰ ۽ ٻيا ڪيترائي يادگار ايوارڊَ پڻ ماڻي چُڪو آهي. ساڳي ئي وقت آصف نظاماڻي سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جو آفيشل گرافڪ ڊزائنر رهيو آهي جڏهن ته سچل سرمست يادگار ڪاميٽي، حامي يادگار ڪاميٽي، بيدل يادگار ڪاميٽي ۽ ٻين ڪيترين ئي قومي توڙي بين الاقوامي ادارن سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي چُڪو آهي.
    پاڻ ھڪ سٺي شاعر سان گڏ سھڻو ليکڪ به آهي. زندگي جي رونقن کي فوٽوگرافي جي اک ۾ به سانڍي رکڻ جو سليقو اٿم. سونهن ۽ خوبصورتي کي خوبرو بڻائڻ جي خواب کي حقيقت جو به ھنر اٿم. پنهنجي چوڌاري زندگي ۾ سامهون ايندڙ وجود جي روحن کي پنهنجي مُصوري سان مَست بڻائي ٿو ڇڏي. آصف ھر تخليق دل سان چٽي ٿو، سا رابيل جي گل جيان خوشبو وکيڙڻ جو اثر رکي ٿي. آصف پنهنجي زندگي کي مسلسل جدوجهد جي جاري جنگ ۾ جوڀن کي جُوت ڏياريندو رھي ٿو، جنهن ھن جي باقي زندگي کي تاريخ جي سنھري ورقن ۾ چٽي چڪو آهي. آصف کي مالڪ اھڙي فن سان نوازيو آهي جنهن جو ڪو به انت ڪونهي جنهن جي ڪا موسم ناهي ھر موسم ۾ ھر رنگ پنهنجي پنهنجي چٽاڻ ڇڏيندو آهي.
    آصف ھن وقت سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ پنهنجي فني مھارت جا جوھر ڏيکاري رهيو آهي جڏهن ته آصف نظاماڻي هن وقتَ تائين 1009 ((هڪ هزار نَوَ) ڪِتابَ ڪمپوز ڪرڻَ سان گڏوگڏ ڪيترين ئي ڪتابن جا آرٽسٽڪ ٽائيٽل به ٺاهي چُڪو آهي ھن پنهنجي روح کي رنگن جي روحاني چوڏس جو عادي بڻائي ڇڏيو آهي. ھن جو ڪم ڪاريگري جو ڪارگر نسخو آهي جنهن ايندڙ نوجوانن لاءِ ان ڪم ۾ مھارت رکڻ لاء بي بھا قيمتي موتين جي مالھا جڙيل آهي ھن مختلف وقتن ۾ نوجوانن لاء مفت سکيا جو سفر شروع ڪري ھڪ بھترين ڪم به ڪيو آهي. جتان نون تخليقڪارن سان تعارف سان گڏ انهن جي تخليق جي به خبر پوندي. مصري شاهه چواڻي: ته جز مان ڪل اھو ٿيندو آهي جيڪو ٻين لاءِ جيئندو آهي. موجب سنڌ جي ھر فرد سان سھڪار ڪندو رهي ٿو.
    آصف نظاماڻي جديد دور جي دانهن کي سيني ۾ سانڍي ان کي سڪون جو ساھ کڻائي رهيو آهي. ھن سنڌ جي سڀن رنگن کي رنگيو آهي ھن رنگن سان عشق ڪيو آهي آصف رنگن جي ميلي جي مورت آهي جنهن جي شخصيت ماڻھن جي ميڙ ۾ مرڪوز رهي آهي. ھن سان سنڌ جا شاعر، اديب، فڪر مند نينهن جو ناتو نڀائيندا آهن. مالڪ در دعا آهي ته رنگن سان عشق ۽ جذبي سان سمايل سوچن کي عروج ملي ۽ ايندڙ وقت ۾ ڪاميابيون ھر وک تي شخصيت کي سرخرو ڪري. مالڪ دو جھان خوش ۽ آباد ڪري.


    روح جي رڻ تي رم جھم گلبدن جاويد مرزا

    روح جي رڻ تي رم جھم گلبدن جاويد مرزا

    بي رنگ رکندڙ مَست، الَست، منَچلي ڪائنات جو قَوي عڪس ھر رنگ ۾ پنهنجي ڍنگ سان مَحوِ نظر ايندو اٿم. رنگن کان پاڪ رَحيم ھن وسيع ميلي ۾ مختلف رنگن جي مئخاني ۾ مست نظر اچي ٿو. روح , رنگ کان پاڪ رت جي ڳاڙهاڻ ۾ ڳتُيل ۽ سُتيل سپنن جي سانجھ ۾ سپرين آهي. روح وسيع ۽ ڍڳ ڪائنات جي مندر کي ڇڏي انساني قيد ۾ رھڻ پسند ڪيو پر جڏھن مِي رقَصم جي رِم جِھم جو واس لڳس ته من اندر ئي ڪائنات وسائي ويٺو. عقابي اڏام رکندڙ روح اڄ به صدمن، اڌمن، جي فُر فُر روح جي رڻ تي پون ٿيون ته روح جو رڻ ٻھڪي پوي ٿو. اھي صدما شعرن جي چڙنگ مان لاٽ ٻاري پنهنجي من کي مچائيندي اٿم. شاعري لفظن جي ماڻڪ موتين جي مالا بڻجي جسم ۾ روح کي رقص ڪرڻ تي مجبور ڪندي آهي.
    اھا شاعري قاضي قادن جي دور کان وٺي ڪري اڄ جي دور جي ڀرڀانڪ ۽ ڀلوڙ شاعره گلبدن مرزا ادبي اوسر ۾ اتم درجي تي فائز آهي. سائنڻ گلبدن مرزا سفيد ۽ سچا موتي اوتڻ جو مھان فن رکي ٿي. شاعري جي ڇِم ڇِم سان روح کي ڇنِڪار ڪري ڇڏيندي اٿم اھا ڇنِڪار مان اسرندڙ سرھاڻ ساھ کي سرويچ بڻائيندي اٿم. ساھ جو سرويچپڻو ڪومايل گلاب جي اسرڻ جي ياد ۾ گم ٿي ڪري قوي ان ياد کي اھڙي ريت ساري ٿو.
    ھن ڌرتي جي ھڪ حصي ۾
    ھن ديس جي ھڪڙي خطي ۾
    ھڪ منهنجو مٺو ڳوٺ به ھو
    جنهن کي ٽالھين سندو ڪوٽ ھيو
    ھن ڳوٺ ۾ گھر ھيو
    جو فڪر و فن جو محور ھيو
    منهنجي گهر ۾ گھاٽو وڻ ھيو
    ھڪ مال جو وڏو ڌڻ ھيو
    ھت سائي سائي ٻني ھئي
    ڄڻ ست رنگي ڪا چُني ھئي
    ھت سُڳداسي سُرھاڻ ھئي
    ۽ ڏيلھن جي لالاڻ ھئي
    ھت ٽِرندا کيت گُلاب ھئا.

    ھن چند سٽن ۾ پوري ياد جو نقشو شفاف چٽيل نظر اچي ٿو ياد ۾ جيون جو فلسفو لڪيل آهي اھي موھيندڙ يادو سائنڻ جي ھن نظم ۾ سُڳداسي سرھاڻ جي سرڪ چکڻ لاء ملي ٿي قديم دور جي اوائلي ادب کان وٺي ڪري جديد ادب ۾ ھن وقت تائين نظمن جو اسرڻ ھڪ معنىٰ خيز مرحلو آهي. گلبدن جاويد جي ھن نظم "ڳوٺ جي ياد" ۾ چوڏس جا رنگ ته ڪٿي وري ڏيلھن جي لالاڻ جو ذڪر ڪري اندر ۾ ھلچل مچائي ڇڏي اٿم انگريزن جي دور ۾ شيڪسپئر ۽ ٽالسٽاءِ جي نظمن جي پس منظر جو ذڪر ڪجي ته اھا پختگي ۽ معيار جيجل جي نظمن ۾ پسي سگهجي ٿي.
    گلبدن جي شاعري جي سڀن صنفن تي گھري فلسفي سان گڏ سھڻا غزل، بيت، وايون، نثري ٽڪرا جن ۾ چوسٽا ٽيرو ۽ نظم سرجيا آهن. جن جي پڙهڻ سان من اندر مانڊاڻ مچيو وڃي ـ پاڻ اچو ته ھڪ نظر غزل جي گھنگھور گھٽائن تي وجھون.

    اڀ تان ستارا آڻي رستا سجائي ڇڏجن
    ھڪوار پرين جي مھمان ٿي پوي.

    ھن شعر جو مڪمل ڍانچو سنڌي ادب جي شروعات ۾ رزميا شاعري جو عڪس پسي سگهجي ٿو " ھڪوار " لفظ اوتي ھن سٽن ۾ آئيندي جي ادبي اولري جو پاڇو ماضي جي ياد سان ٺھڪي ٿو. سسئي جو پنهنجي پرين ۾ نڪتل ڳولا به ان ئي ياد ۽ ان ھڪوار جو ئي تسلسل آهي. جنهن جو پنڌ رستي ۾ ئي کٽي پوي ٿو جيجل گلبدن مرزا جي ٻين سٽن کي ڏسون.
    واري ڇڏيان مان ھن تان پنهنجي زندگاني
    جي ھڪ نگاھ ھن جي مھربان ٿي پوي.

    جيجل طبعيتن نھايت ئي فقير منش ۽ نرم مزاج جي مالڪ آهي ساڳي ريت ھن غزل جي سٽن ۾ خيال جي اوسر ۾ ئي وفا جي واس سان خَم نظر اچن ٿيون خيالن جي سندرتا ۾ گلبدن جي اوتيل ھر صنف منفرد نظر ايندي آهي. جيڪڏهن ٽي سٽا/ ٽيڙو تي نظر وجھون ته اھي بي باڪ ۽ بلندي تي سمايل نظر ايندا.

    بس ھڪڙي نھار ڏي
    تو تائين پھچان
    اھڙي اڏار ڏي

    يا وري

    جي وٺجن ڪجهه پل
    ملڻ جي بھاني
    پريت جا ٽڙن گل.

    لفظ لفظ ماڻڪ موتي جو مرتبو رکن ٿا جيجل جي ٽي سٽي ۾ پريت جي گل ٽڙڻ جي مانڍاڻ جو مچ ٻاري ھڪ تاريخ رقم ڪئي آهي. جتي ٽيڙو جي نزاڪت لفظ لفظ سان گڏ پنهنجي نشيب و فراز پڙھندڙن جي ذوق جي اکين تي منڪشف ٿيو وڃي ملڻ جي بھاني وقت جي ڀنڀور ۾ ڪجهه ساعتن جو گذارڻ کان پوءِ يادن جو مقبرو ٺھيو وڃي. مٿين ٽيڙو ۾ ڪيف ۽ سرور، مستي ۽ شعور، رنگ ۽ رعنائي، حسن ۽ زيب نادر و شاھڪار ٽيڙو اوتيل آهي.
    جيجل گلبدن جي شاعري ۾ انيڪ روپ ملن ٿا اھي سندر روپ ھن ادبي سفر ۾ پنهنجي منزل ماڻي چڪا آهن گلبدن جي شاعري جديد دور سان گڏ قديم دور جي بخيتي ويس جي کٿي اوڍيل آھي. لفظن جي مالا کي اھڙي نموني ڳُتي ۽ سُتي محور ۾ منظم ڪري پيش ڪيو اٿم جو سريلي ساس جو سڀائتو سپرين سندن سونهن ۾ جڙيل نظر ٿو اچي ھن ڄندا پٽ واري ماحول ۾ عورتن جو فن ۽ فڪر ھڪ مڪمل درسگاه جو ڏيک ڏئي ٿي جتي عورتن کي صرف چار ديواري ۾ بند ڪري کين بورچي خاني سنڀالڻ جي ڪمن سان وابسطا ھيون اتي ھن ظالم سماج ۾ گلبدن جھڙيون کوڙ ساتريون عورتون پنهنجي پنهنجي ڪمن ۾ مگن نظر ٿيون اچن جيجل شاعره ۽ ليکڪا سان گڏ سرتيون ميگزين ۾ ايڊيٽر طور ادبي ڪمن کي ھٿي وٺرائڻ ۾ مصروف آهن.
    ھن نظام ۾ عورتن جي مٿان طعنا ٺٺوليون جا تير تار ڪرڻ باوجود به گلبدن مرزا ڪيترن ئي عورتن جي فن کي سرتيون ميگزين ۾ تعارفي مان بخشيو آهي. گلبدن جاويد مرزا جو وجود ويساھ جو انمول نگينو آهي. ويساھ گھاتن سان نفرت ڪندڙ ھن سچي ۽ خوبصورت شاعرا عشق جي چاشني جو مزو ھن ريت پسيو آهي.

    نه ڳولھ مون کي شرابخانن
    مئخانن ۾
    نه ڳولھ مون کي صراحين
    لبريز پيمانن ۾
    جي محسوس ڪرين سگهين
    ته پنهنجي ساھن جي سرھاڻ ۾
    ڪر محسوس مون کي
    جي ڳولھي سگهين ته پنهنجي
    نيڻن جي ڍنڍن ۾ ڳولھ مون کي
    ڇو ته شرابخانا ڇڏي
    صراحيون لبريز پيمانا ٽوڙي
    سمائجي ويو آھيان
    تنهنجي چاھ ۾
    تنهنجي ساھ ۾
    ۽ ويساھ ۾
    مان تون ۾ ئي آھيان
    تون ويساھ رک.

    پوري نظم ۾ ويساھ سان عشق ۽ ويساھ سان وچن جو الڳ باب ملي ٿو مڪمل وجود جي ڳولا من اندر موجن جي طلاطم خيز اڌمن ۾ رنگيل روپ ۾ رڙي ٿي. نيڻن جي ڍنڍن لفظن جو ميلاپ ۽ وسيع خيال جو سرجڻ جي منفرد مھارت سان ملھاريل آهي سوين سچ، سور پلئه پاند پوڻ کان پوءِ به پنهنجي اندر ۾ ڳولڻ جي ويساھ جي وائي ڳاتي اٿم ھن نظم ۾ ساھ سان ويساھ جو سڀيتا اھڃاڻ ملي ٿو. گلبدن جي شاعري جو رقص ايندڙ نسل جي دلين ۾ مستو مست جي پر پياري چڪي آهي. ادبي کيتر ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي جيجل جي محنتن ۽ ڪاوشن جو ڪاٿو ڪون ٿو لڳائي سگهجي.
    جيجل سان منهنجو ناتو ڪجهه عرصي کان سوشل ميڊيا جي ڪري ٿيو پر اھو ناتو ھڪ فيملي ميمبر کان گھٽ ڪونھي جنهن جو بنياد شاھ مراد شيرازي جي ھن دعائيا فقري سان لڳائي سگهجي ٿو.

    "او ڀاتي، ڏيئي وڏي ڄمارا . "
    (اي گھر جا ڀاتي ! الله تو کي وڏي ڄمار ڏي) .


    ڪَلجُڳ جي قَوي شاعره ماھين ھيسباڻي

    ڪَلجُڳ جي قَوي شاعره ماھين ھيسباڻي

    سنڌ ڇھ ھزار سالن کان وٺي ڪري ڌرتي جي وايو منڊل تي سندر سڀيتا جو اھڃاڻ رھي آهي. سنڌ ازلي خوبصورتي سان پنهنجي خاموش مرڪ سان پنهنجي محور ۾ رقص ڪندي نظر ايندي اٿم جتان جو ھر شخص پنهنجي ڪَلجُڳ جو مَھراجا ھجي ٿو ھر شخص پنهنجي عشق جي پڙلاءُ جا سَڏ سُرڪي ٿو اندر جي سونهن سان ٽمٽار وجودَ ماحول ۾ امن جو سنديسو ارپين ٿا اھي امن جا اولڙا روشن مستقبل جي نويد آڻن ٿا، جتي ماڻھون، ماڻھو رند ۽ شاعراڻن خيالن سان سونهن جي سرھاڻ کي پنهنجي سِراٽي رکي ڪري پر سڪون ھُڳاءُ سان مسرور رھن ٿا. اھا مسروريت جي ڪيفيت شاعر جي سڃاڻپ ڪرائن ٿا. جيڪي پنهنجي محنتن سان ۽ جفاڪشن سان سنڌ جي سونهن کي مان بخشن ٿا.
    شاعري سنڌي ادب ۾ بنيادي طور سان عربن جي دور ۾ شروع ٿي پر ان بابت به ڪجهه عالمن جا اختلاف ملن ٿا پر اڪثر عالم ھن راءِ تي به متفق آهن ته سنڌي شاعري جي شروعات سومرن جي دور ۾ ٿي. عربن جي دور وارو مفروضو ھڪ جملي تي ٻڌل آهي جيڪو ابو حاتم مُحمَّد جي ڪتاب "روضة العقلاءَ ونرھه الفضلاءَ " ۾ آيو آهي اھو جملو ھي آهي.

    "اره بره ڪنڪره ڪراڪري مندره "
    يا ڪن روايتن مطابق اھو جملو ھيئن آھي :
    اره اصره ڪڪرا ڪي ڪره مندره ."

    ھن جملي بابت به چيو وڃي ٿو ته ڪو سنڌي ماڻھون بغداد ويو ۽ اتي يحيٰي بن برمڪيءَ جي روبرو اھو جملو پڙھيائين انهيَ جملي جي معنىٰ ھن ريت ٻڌائي وڃي ٿي " جڏھن اسان وٽ نيڪين جو بيان ٿئي ٿو ته ان وقت تنهنجو ئي نالو ورتو ويندو آهي "ھن جملي بابت ڪيترن ئي ماھرن جا تحقيقي مقالا ڇپجي چڪا آهن ۽ اڪثر ماڻھن جي اھا راءِ آهي ته اھو جملو ڪنهن آفريڪي ٻولي جو آهي جيڪو حضرت بلال رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي شان ۾ چيو ھو.
    بھرحال جيڪڏھن ھن جملي کي سنڌي ڪري به مڃجي تڏھن به ھن دور کي سنڏي ادب جو دور قرار نه ٿو ڏئي سگھجي سنڌي ادب جي باقاعده شروعات سومرن جي دور ۾ ٿي جنهن کي "سنڌي ادب جو اوائلي دور" به سڏجي ٿو. سومرن جي دور ۾ رزميه شاعري جي شروعات ٿي ھن دور جي جنگن ۾ اتساھ ڏيارڻ لاء رزميه شاعري جو استعمال ڪيو ويو جنهن جو ھڪ نمونو ھن ريت آهي.

    جَرُ نه کٽَي ڪَنگرِين راؤُ نه ڳنڍڻ ويڻ
    گولي وڃين گُجرين ته چنُدا دودي ڀيڻ.

    رزميه شاعري کان علاوه رومانوي داستان جيڪي اڳتي ھلي تمثيل طور استعمال ٿيڻ لڳا ۽ بيت يا ڳاھ ھندي ڇند وديا جي صنف " دوھا ڇند" ۽ " سورٺا ڇند" به ملن ٿيون بھرحال سومرن جي دور کان وٺي سمن جي آخري دور ۽ ارغونن جي شروعاتي دور ۾ مخدوم احمد ڀٽي، شيخ حماد درويش، نوح ھوٿياڻي، اسحاق آھنگر ۽ قاضي قاضن پنهنجي فن ۾ نمايان ڪردار ڪيو. ھن ايڪويھين صدي ۾ به ماھين ھيسباڻي جي شاعري جو اعليٰ نمونو ملي ٿو.
    سنڌ جي شاعرا ماھين ھيسباڻي به پنهنجي رنگ ۽ ڊھنگ سان پرنور ستارن جيان نروار رھي آهي جنهن جي شاعري جي روشني ايندڙ وقت جي نوجوان ذھنن کي ڪِرڻن سان روشن ڪرڻ جو اثر رکن ٿا. ماھين ھيسباڻي شاعره سان گڏ باڪمال ڪمپيئرر به آهي سڄي سنڌ ۾ اڄ تائين روح جي آواز جي مدد سان ڪنهن به ڪمپيرنگ ناھي ڪئي ماھين پنهنجي آواز ۾ ھڪ اگھم ڪائنات سمويل رکي ٿي، جنهن جو آواز خاموشين کي به واھ واھ ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو ڇڏي. ماھين شاعري جي شروعات 1998ع ۾ ڪئي جنهن ادب جي مختلف صنفن تي ڪم ڪيو آھي ان ۾ غزل، گيت، نظم، وائي ۽ چؤسٽا شامل آھن. پنهنجي شاعري جي ڪتاب" تون "جي مالڪا ھر رنگ ۾ رڳيل نظر ايندي اٿم، ماھين طبعيتن نھايت ئي فقير منش، ھمدرد، نرم مزاجيت جي مالا سان اوتيل ھجي ٿي ۽ اھا مالا شاعري جي ڪَلجُڳ ۾ به اعليٰ ۽ اتم ملندي. اچو ته پنهنجي من کي سندس جي شاعري جو واس وٺرايون.

    ڏياٽيون ڏياٽيون ٻري ٿي پئي
    چَٽيون چاھتن جون, ڀري ٿي پئي

    وساڻا وساڻا ستارا سڀئي
    ٻري ميڻ وانگي ,ڳري ٿي پئي

    ڀڳل انتظارن جي ٻيڙي ۾ ويھي
    سکين کي چئي ٿي تري ٿي پئي.

    ھن ڄنڊا پٽ واري ماحول ۾ جتي عورتن کي گھر جي بورچيخاني تائين محدود رکيو ٿو وڃي ۽ ذھنن کي دوکن جي طوق سان تار تار ڪيو ٿو وڃي ان جي باوجود به اھڙا انيڪ موتي، در ثمين موتي، در ناياب موتي شاعري جي ويس ۾ جڏھن نظرن اڳيان گذرن ٿا ته من موھجي ٿو پوي ڏياٽيون ڏياٽيون ٻري ٿي پئي ھن سموري سٽ ۾ ازل کان وٺي ابد جي اڀ ڏاريندڙ دانهن جو دؤر ٿو ملي جتي ساڙ، بغض ۽ طنز جا طعنا برداشت ڪرڻ کان بعد ۾ چاھتن جو چٽيون ڀرجڻ جو عمل رڪجي نه ٿو ڪيڏا نه نفيس احساس ۽ ڪومل من جي ڪويتا ڪوس قضا جو ڏيک ڏي ٿي ان سان گڏ مسلسل سندر احساس جيڪو مون پڙھڻ کان پوء رقت طاري جي ڪيفيت ۾ نمناڪ ٿيڻ جو سرور ڏنو ته" ڀڳل انتظارن جي ٻيڙي ۾ ويھي"ھن سڄي زندگي ۾ ھڪ ھڪ شي جو انتظار ڪرڻ به اڌ موت ھوندو آھي ۽ وري به "سکين کي چئي ٿي تري ٿي پئي" سائنڻ ماھين جي شاعري ۾ صدما اڌما سڪ چاھ لوچون سوچون وڏي گھرائي سان ملوڪ انداز سان سرجيل ملن ٿيون. سندس سادا سلوڻا استعارا تشبيھون ٺھڪيل ملنديون. جنھن کي پنهنجي من جي غار مان صدين جي گم ٿيل سپنن کي ڄڻ پوري ٿيڻ جي خوشخبري ملندي ھجي. ماھين ھيسباڻي غزل گو شاعرا ھر فن ۾ عقابي اک رکي ٿي جيڪا نيڪ نيتي ۽ سچائي سان ڪم ڪرڻ ڄاڻي ٿي ـ پيار ۽ پاٻوھ جي پري آزاد نظمن جي به سھڻي سرجڻھار آهي اچو ته ڪجهه نظمن جا احساس به من اندر سمايون.

    ھا مان توکان ڏور رھي
    سو سالن جي جدائي ته
    برداشت ڪري سگھان ٿي.
    پر !
    تنهنجي سامھون رھي,
    توکي ڪنهن ٻئي جي
    دسترس ۾ رھندي ڏسڻ
    منهنجي مذھب ۾ ڪفر آهي.

    ۽ ھي ڏسو

    صحيفو ڪو لٿو آهي
    پرين تنهنجي صورت ۾

    ڀلي تون ڀانئين نه ڀانئين
    پر منهنجو ساھ تون آھين

    وائي جو واء ڏسو

    روح پتنگ پروان آ منهنجو
    نينھن ڪيو نروار
    مان تنهنجو ھان سنڌيار
    الا مان تنهنجو ھان سنڌيار.

    ھڪ ھڪ گھاريٽو پنهنجو مٽ پاڻ آھي اھڙو پاڪ ۽ پوتر خيال ۽ ان جي بيھڪ ۽ معيار شاعري کي الڳ ٿلڳ گيڙو ويس پارايو اٿم ماھين شاعري جي سفر ۾ پنهنجو نالو تاريخ جي سنھري ورقن ۾ لکرائي ڇڏيو آهي. شاعري جي معطر خوشبو ڪائنات جي ذري ذري ۾ پسي سگھجي ٿي. مٿين وائي جو واچوڙو من کي جنجھوڙي بنجر زمين کي ترو تازا ڪري ٿو پيو. " روح پتنگ پروان آ منهنجو نينهن ڪيو نروار " پرين کي پڪ ڏيارڻ جو سھڻو نمونو اھڙو اڳ ۾ ڪٿي نه ٿو ملي ـ ۽ وري ڏسو " صحيفو ڪو لٿو آهي پرين تنهنجي صورت ۾ " لفظن جي جوڙ جڪ ۽ خيالن جو خبصورت جمال ۽ ڪمال ۾ مڪمل مھارت رکي ٿي صورت ۽ صحيفو پيار جي آخري سرحد تي ساماري ٿيڻ جي سرڪ جو مزو چکڻ سندن اتم خوبصورتي آهي.
    پاڻ جيڪڏهن نظم تي نظر وجھون ته نظم جي قيمت جو ڪاٿو ئي ڪونه ٿا لڳائي سگھون مذھب سان سھڻي حد اندر پيار جي جمود کي جھٽ ڪرڻ کان بچائي ڪري بقايت واري حال مان گذرڻ به سھڻو ڏيک ڏئي ٿو. ماھين سنڌ جي ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪي آهي ۽ سندن شاعري ايندڙ وقت ۾ شاعري راڻي جي نرار تي تاج جيان ثابت ٿيندي.
    آخر ۾ ڌڻي در دعاگو آھيان ته ماھين جا ڪومل احساس اڃا به وڌيڪ پڙھڻ کان ملندا ۽ ادب جي سفر جي سفير شاعرا امن ۽ پيار جو پيغام شاعري جي صورت ۾ وستي وستي ۽ واھڻ واھڻ پيغام رسائڻ جي فن ۽ فڪر ۾ پالڻھار ھمٿ ۽ حوصلي سان نوازي.


    علي صفدر جو ناول ماڻهو هڪ جهنگل آ تي هڪ نظر

    علي صفدر جو ناول ماڻهو هڪ جهنگل آ تي هڪ نظر

    خلقڻهار جي هي رنگ برنگي دنيا جا عڪس دل مست ڪرڻ جو اثر رکن ٿا، خدا جيتوڻيڪ پاڻ تمام وڏو تخليقڪار آهي. خالقِ ڪائنات ھر منظر کي سندر روپ ڏنو آهي، ۽ انسان کي ان جي مختلف پهلوئن سندس موجودگي جو چٽو ثبوت ڏنو آهي. ھر انسان پنهنجي رخ سان عمل پيڙاھ ھجي ٿو ۽ وري اُھي رخ ھن دنيا ۾ ھر انسان جي لھه وچڙ سان ڄاتا ۽ پرکيا وڃن ٿا.
    علي صفدر جو پھريون ناول ”ماڻھو ھڪ جنگل آ“ به منفرد رخن جي محور ۾ رقصان آهي، ناول انگريزي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنىٰ آهي ڪا “نئين شيءِ” ناول ھڪ کان وڌيڪ رُخن تي لکيل ھوندو آهي، جيڪي سماج جي اڪيچار مسئلن ، انساني جذبن ۽ خيالن جو عڪس ھوندا آهن، سنڌي ناول جي شروعات 1870ع ۾ ترجمي سان ٿي. ديوان اڌارام ۽ ساڌو نولراءِ گڏجي انگريزي ناول ”راسيلاس“ جو ترجمو ڪيو. اصلوڪو ناول مرزا قليچ بيگ 1888ع ۾ “ دُلارام” جي نالي سان لکي ان وقت ھڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو هو.

    1923 ع ۾ ۽ 1947 جي وچ وارو سياسي ڪشمڪش جو دور ھو، جنهن جو اثر ناول تي به پيو، ھن دور ۾ صاحب سنگھه شاھاڻي جو “بلو کوکر” ۽ عبدالرزاق ميمڻ جو “جھان آرا” ناول ڪافي مشھور ٿيا. ان کان علاوه محمد عثمان ڏيپلائي گھڻي کان گھڻا ناول به ھن ئي دور ۾ لکيا. سندس ناولن جو موضوع گھڻو ڪري سماجي ۽ سياسي انقلاب ھو. ان کان علاوه ترجما به ڪافي تعداد ۾ ڪيا ويا، ديوان اڌارامجي دور کان اڄ تائين سنڌي ادب ۾ ناول جي ڪمي محسوس ٿي اٿم، ايئن به ڪونهي ته ڪو سنڌي ۾ ناول نه ڇپيا آهن، هوريان هوريان ڪم ٿي رهيو آهي، پر ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ناول اهڙا به ڇپيا آهن، جن جي پڙهڻ سان ڄڻ ته ماڻهو ڪنهن نئين جو سير ڪري ٿو.
    اهڙن تخليقي ناولن منجهان علي صفدر جو “ماڻهو هڪ جنگل آ” ناول به هڪ آهي، هن ناول ھڪ جاڳرتا مھم جي عڪاسي ڪري وري ھڪ رڪيل تسلسل کي جنم ڏنو آهي، علي صفدر جي ھن ناول ۾ ڪيترائي انيڪ سماجي رخ پسي سگھجن ٿا. علي صفدر جي من ۾ متل مچ سدا سروچ بڻايو اٿم، سندس اندر جي چنتا کيس سڀاڻ ٺاهڻ تي زور ڀري ٿي.

    چنتا ئي چنتا!
    ڪجهه ٿيڻ جي چنتا .
    اڄ ڊھي سڀاڻي ٺھڻ جي چنتا.
    ماڻھپي جي ساک بچائڻ جي چنتا .
    اٻھرا خيال...خيال ئي خيال...رڻ ئي رڻ...ماڻھو ئي ماڻهو.

    علي صفدر ھن ديس جو دلير نوجوان ھڪ ئي وقت شاعر، ڪھاڻيڪار، بھترين ناول نگار، مضمون نگار، نقاد ۽ سگهارو مقرر ته آهي ئي ان سان گڏ سچ جو ساٿ ڏيندڙ الستي انسان آهي، علي صفدر سان گهاريل ساعتون يادگار آهن، مان سنڌي ادب جو ننڍڙو شاگرد آهيان، علي صفدر سان ملڻ بعد محسوس ٿيو ڄڻ ته آئون اديب، اڪابر ۽ ڄاڻوگر وٽ پهتو هجان. موجوده دور جي ادب ۾ جديديت ھڪ سھڻو منظر پيش ڪيو آهي، جنهن ذريعي سنڌي ادب کي عالمي مقام تي سرخرو آهي. علي صفدر ناول جي حقيقي مفھوم جا دڳ ڏسيا آهن، ھن عشق جي نگري کي ناروا سلوڪ ٿيڻ کان بچايو آهي، علي صفدر پنهنجي ڪردارن سان به ھڪ سچي ۽ ڪڙي تنقيد ڪري ٻڌايو آهي ته معاشري جا دشمن ئي توهان آھيو.
    برائي جي جڙ اشرف المخلوق آهي، ان مخلوق جي اندر سمايل جماليات ڏسڻ سان من موھي ته وجهي ٿي پر پاڻ تي بي اعتمادي جي عنصرن کي فھلاءُ ڏئي ٿي.
    اي منهنجا بي ساڪت ڪردارو
    .اوھين ڪير آھيو...مان ڪير آھيان...اوھين جبر جي عنصرن کي فھلاءُ ڏيندڙ فرد آھيو.
    اوھين ڌرتي تي رھي...مٽي جي مھانتا کي به نه ڄاڻي سگھيا آھيو.
    علي صفدر جي ناول سماج جي جنم ڏيندڙ عنصرن کي مجموعي طور تي پسي ان جي عڪاسي ڪئي آهي، 1980ع جي ڏھاڪي وارن ناولن ۾ ڀرپور رومانس جو رچاءُ ملي ٿو، اڄ سماج ۾ انا، حوس پرستي، بت برستي جي باھ ڀڙڪي پئي آهي، علي صفدر اهڙي عمل جي نشاندهي ڪئي آهي، هي نوجوان شاعر ناول ۽ ڪويتا جي اگھم علم کان علاوه شاعري پراثر خيالن سان اوتي مھان انقلاب جي ھاڪار ٿو بلند ڪري، علي صفدر جي ھن ناول جي ٽائيٽل تي جبر ۽ ڏاڍ جو پس منظر آهي، يقينن اھي ماڻھو جيڪي سماج جي سونهن کي بگاڙڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿا. سي سماج کي سک جي ساعت مان ڪڍي ڏک ۽ ڏوجرن ۾ وجهي ڇڏين ٿا.
    علي صفدر ھن ناول ۾ عشق جي داستان کي الڳ ٿلڳ نوعيت جو رخ ڏنو آهي، ليکڪ اندر جي اڃ وسائيندڙ ماڻهو کي ذهني معذور ٿو پيش ڪري ٿو .

    زندگي حيف ٿئي !
    حيف ٿئي زندگي !
    سوچ کان مٿڀري
    سمجهه کان اوپري
    جي نه سمجهي سگھي
    تن لاءِ راحت ڪيئي
    جي سڃاتل ھيئي
    تن کي آڇيئي تتي
    زندگي حيف ٿئي
    حيف ٿئي زندگي.

    علي صفدر 2010 ع واري ٻوڏ جي منظر نگاري ڪري ۽ اُن آهه زاري جي عڪاسي ڪري ٿو. سندس ناول جا سڀ ڪردار ھڪ ئي ديس جا دلگير مجنون آھن، جيڪي ليلا ئي اُن جي لالي ۾ مگن نظر اچن ٿا، ۽ هر وقت رولڙي جو شڪار آهن. اُهي ڪردار لڪي ۽ لڇي وڃي محبوبن جي محبت ۾ ويرانا وسائي مڌ جا مچ ٻارن ٿا، سندن ملڪيت اُها ئي آهي جتي خيما کوڙي ۽ زندگي جي گاڏي کي وري نئون رستو ڏيکارين ٿا، ڪجهه وقت لاءِ هو سڀ ڪجهه وساري ويهن ٿا، هنن کي هستي، مستي، حال ۽ آخر اُهو ئي آهي جتي زندگي بصر ڪن ٿا. ان ناول جا ڪردار انوکي تسلسل کي شروع ٿيڻ ڪرڻ کان اڳ گمنام ديس موڪلي ڇڏين ٿا. سچل چوي ٿو. انت بھر دي خبر نه ڪائي رنگي رنگ بڻايم الا آدمي بڻايم.
    ڪتاب جو مجموعي حصو سماجي برائي تان پردو کڻي ٿو ۽ انسان کي آئيندو سنوارڻ لاءِ هڪ راهه هموار ڪري ٿو، ليکڪ هوئن ئي سماجي عڪاسي ڪندو آهي، علي صفدر سماج جون ٺڪيل ڪوتاهيون ۽ برايون ظاهر ڪري انسان کي پنهنجي زندگي جو مقصد سمجهائي ٿو، ناول “ماڻهو هڪ جهنگل آ” ۾ هڪڙو پيغام پڻ آهي. هي ناول سنڌي ادب منفرد سڃاڻپ رکي ٿو. ن جي باوجود دل سنڌي ادب ۾ نت نوان ناول پڙھڻ لاءِ اتاولي آهي، اميد ته علي صفدر وري جلد هڪ نئون ناول پڙهائيندو.


    خوبصورت احساسن جي شاعره نِشاءَ ڪنول

    خوبصورت احساسن جي شاعره نِشاءَ ڪنول

    ادب جڏھن عربن جي ڌرتي تي اسريو ته ھِن لفظ(Word) کي مختلف معنيٰ جي عڪاسي سان سرجيو ويو. يورپين ادب کي انلائٽن لٽريچر (Enlighten Literature) يا پولائٽلي لٽريچر (Polite Li -Literature ) جي محور ۾ محو بڻايو, جنهن جو مطلب ھو ته اھو علم يا تحرير جيڪا ادب ، لطافت، علمي زيب ۽ زينت ڏانهن اشارو ڪري ۽ انهن جي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري يا اڃا وڌيڪ پس منظر ۾ پاڻ وٽس ائين کڻي چئون ته اھا تحرير يا تخليق جيڪا انساني طبعيت ۾ مزو، سڪون يا سرور پيدا ڪري ان کي ادبي رچاءُ يا ادبي عڪس چئبو آهي. اھا ته اسان کي ادب جي پس منظر جي ڄاڻ ملي جڏهن اسان ان ادب جي ڄاڻوگر جي جمال ۽ ڪمال کان واقف ٿينداسين ته ان جي اندر جي تخيل ۽ جذبي جي رقص مان به لطف ماڻي سگهجي ٿو.
    ادب مختلف عڪسن سان نروار ٿيو آھي وقت جي واٽ تي منفرد منظر پيش ٿيا آھن اھي منظر ۽ جذبا صنفن ۾ پنهنجي بيھڪ ۽ لچڪ سان لامڪان نظر آيا ادب جو سرور گيتن ،غزلن، واين، ٽيڙن، بيتن، نظمن ۽ ٻين ڪيترن ئي رنگن ۾ نمايان نظر آيو آھي. اھا سڄي ڪاريگري جي پسنظر ۾ شاھڪار ڪاريگر جو رَتُ ۽ سَتُ ساڻس سمايل ملي ٿو ادب جو شاھڪار ڪاريگر اديب انهن جذبن جي جلون جو جاندار عڪس ھجي ٿوادب کي ادبي رنگ ڏيڻ وارو ئي اصل عشق جي آس جو اولرو سندس روح ۾ رقصان ھوندو اٿم.
    سنڌ ڌرتي سدا پنهنجي پوتر ۽ پاڪ ڌرتي تي اھڙا ماڻھون جنميا آھن جيڪي پنهنجي صورت توڙي سيرت ۾ پوري دنيا ۾ منفرد آهن. انهن ۾ نشاءَ ڪنول به ھڪ آهي جنهن پنهنجي تخيل ۽ جذبي جي اظھارڻ لاء ادب ۾ پير رکيو. نشاءِ ڪنول جو پورو نالو نصرت شاھين آهي سنڌ جي ضلعي خيرپور تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ خير محمد جيھو ۾ 3 جنوري نصير محمد جي گھر ۾ اک کولي. نشاءَ ھن سماج جي ذري ذري جي عڪاسي جو عڪس کولي بيان ڪرڻ جو ھنر رکي ٿي. وٽس فن جي بيش بھا موتين جو چمڪاٽ شاعري ۽ نثر ۾ پسي سگهجي ٿو ماحول ۾ پيل ماند جي پيڙاھن کي عڪابي اک سان تنقيدي اصلاح جي شاھڪار ڪڙي کي به ملائڻ جي جست رکي ٿي. نشا ڪنول ۾ محقق واريون خوبيون به اتم درجي جون آھن ھن منصوري دان سان پنهنجي جھول کي ڀرجھلو ڪيو اٿم

    عشق جو چولو
    جو پاتو سين
    ھا گيڙو ۾
    رڱجي وياسين
    عشق امام ٿي آيو

    نشاء ڪنول عشق جو گيڙو پلئه پاند ڪرڻ پيار جو درس ڏنو آهي. گيڙو رتل گودڙي کي گود ۾ غش ڪري پاڻ خالي ھٿين قرباني جي قيچ ۾ ڪامياب ٿي آهي.

    خالي ھٿين
    اسان ھياسين
    منصوري دان مليو
    جھولي ڀري ورتوسين
    ھيڪر جو سچوءَ
    سڪ منجھان سڏايو
    ڳيچي ڳارو
    پائي آياسين
    سوين ڦول پاند ۾ پيا
    منصوري راڳ
    جو ڳاتوسين
    مذھب کان
    وڏو آهي انسان
    رمز انهيَ کي
    پوء ڄاتوسين
    الا گيڙو جو پاتوسين.

    مٿين سٽن ۾ انسانيت جي اصل کي ڀرپور عڪاسي ڏني آهي ازلي حقيقيتن کي ھمڪنار ڪيو آهي. سندس زندگي جي حسين پلن مان گذرڻ کي مختلف صنفن ۾ اظھاري ادب جي اوسر ڪئي آهي ايم فل(M-Phill) جي ھن شاگردياڻي پر اثر آواز جو آلاپ به روح ۾ مي رقصم رقصان آهي. ريڊيو اسٽيشن خيرپور تي ھن وقت ڪمپيئرر جا جوھر جلوا نما پنهنجي آواز سان رنڱي ٿي. نشا ڪنول طبعيتن خوبرو، فقير منش ۽ خوش سڀاء مالڪ جي سھڻي تخليق آهي. نشاءِ ڪنول شاعري کان علاوه ڪھاڻيون به لکيون آهن ۽ مقالا پڻ سرجيا آھن. پڙهڻ ۽ پڙجھڻ سان ھٻڪار ھن دلڪش ۽ صاحب ڪتاب شاعره نرم ۽ نفيس جذبن جي مالڪ پڻ آهي. سندس شاعري ۾ رچاءُ ڪمال جو اٿس.

    ھجر جي اس
    صفا ساڙي وجھندي آهي
    وڇوڙي جي ڪاتي
    پئي وڊيندي آهي
    ۽
    ماڻھو جيئري ئي
    مري ويندو آهي.

    سندس نظم کي پڙهڻ سان ساھ ٿو اچي نڙي ۾ ڦاسي محبت جي ماڳ ۾ ۽ من جي مندر ۾ مورتي جي مصور شاعرا حسن جي اسلوب کي سھڻو ويس اوڍايو آهي عشق جي آس کان اتم ھجر جي اس سان عشق کي ترجيح ڏئي ڪري پيڙاھن جي پاتال ۾ پير رکڻ جو حوصلو ڏئي ٿي. وڇوڙي جي ڪات جي معيار موت جي دامن ۾ مس ٿي وڃي ٿي.
    نشاءِ ڪنول ادب جي جدت مان چڱي ريت واقف آهي. وٽس نظمن سان گڏ غزلن جي بہ خوبصورت مالھا آھي شاعري مان محبت حسن زندگي عشق جو اعليٰ نمونو ملي ٿو. اچو ته سندس غزل جي حسناڪي کي ڏسون

    ھيڪلائي جي اس ٿي ساڙي
    رڃ جي سفر ٿڪائي وڌو آ

    ٻري ٿي باھ ڪائي من ۾
    جدائي صفا ٽھڪائي وڌو آ

    غزل جي ھن چار سٽن جو درد دل ۾ لھي وڃي ٿو وٽس عشق ۽ انسانيت جي حقيقي معنىٰ ملي ٿي.

    توکي وسارڻ ممڪن نه ھو
    ناءُ دل تي ھڪ لکيل ھو

    ڄڻ ته ڪو نقش چٽيل ھو
    ھا! اُچارڻ ممڪن نه ھو

    نشاءَ ڪنول شاعري کي پنهنجي مزاج جو کٿو پارايو آهي. نشاءَ ڪنول جي شاعري ايندڙ وقت ۾ شاعري راڻي جي نراڙ تي تاج جيان ثابت ٿيندي. ڌڻي در دعا آهي ته ھن ديس جي دلاري شاعره جيڪا ادب جي اسرڻ جي محنت ۾ مشغول آهي سان ايندڙ نسل لاءِ سرخرو ۽ نروار ثابت ٿئي.


    شبانا نواز عِلم ۽ اِحساس جو اڻ کُٽ سَمنڊ

    شبانا نواز عِلم ۽ اِحساس جو اڻ کُٽ سَمنڊ

    عدم کان وجود جو سفر ڪُن کان شروع ٿيو ان وجود کي ڪائنات(Universe) جي ذري ذري جو علم ڏنو ويو ۽ بيان ڪرڻ لاءِ لفظن جي کاڻ جو بادشاه بڻايو ويو، فطرت جو ازل کان وٺي انسان کي مٿانهين مرتبي تي پھچائڻ لاءِ سبب ٺاهيا ته انسان پنهنجي زندگي کي ڪاگر بنائڻ لاءِ پنهنجي ڏنل سگھ کي ڪاريگري ۾ استعمال ڪري، پنهنجي زندگي کي معيار جي موتين سان روشن ڪري. انسان جي خيال کي وسعت ڏني وئي ۽ وجود کي پاڪ ۽ پوتر قطرن جيان پرنور ڪيو ويو، جيڪي رت جي صورت ۾ شعور ۽ احساس جي خوراڪ جو عمل ڪن ٿا. انسان کي ڪائنات ۾ پنهنجي ڪائنات ٺاهڻ لاءِ رھنما ۽ گس ڏنا ويا ۽ ان جي زندگي کي خوشحالي سان گذارڻ لاء مختلف نعمتن سان نوازيو ويو. نعمتن ۾ وڏي نعمت احساس جي شعور جي شھ رڳ کي شاه بڻايو ويو ۽ ان احساس جي علم کي دنيا ۾ ايندڙ انسانن لاءِ شاھڪار علم جو رتبو مليو جنهن سان انسان حقيقي انسان جي معارفت تي پھچي ٿو.
    جيڪڏهن انسان وٽ احساس ڪونهي ته انسانيت ڪونهي ۽ انسانيت ئي اصل عشق جو داستان آهي. زندگي ۾ ٿيندڙ ڪيترائي عشق عاشقن جي پلئه پاند پيا۔ جن جي داستانن کي به احساسن جي دستار ٻڌل ھئي ۽ اڄ به ان جو عڪس پنهنجي دل ۾ روشن نظر ايندو. سمنڊ ۾ رھندڙ مڇي جڏهن سمنڊ کي ڏسڻ چاھيندي ته ان کي پنهنجي زندگي کي وڃائڻو پوندو ڇو ته پاڻي کان نڪرڻ کان پوء ھو پنهنجي عشق سان فراق ۽ وصال واري ڪيفيت سان سرشار ٿيندي ائين ئي انسان به ھڪ قطري جيان دنيا جي ميدان ۾ مامور ڪيو ويو وصال کان پوءِ قطرو وڃي سمنڊ سان ھڪ ٿيندو جيڪو ھن جو اصل مقدر آھي.
    زندگي ۾ رھڻ لاءِ مالڪ جي طرفان مڪمل تعاون ملندو اچي ٿو ۽ ان جي فضل جو فيرو ھميشه وانگر دنيا جي مڙني ملڪن مان سونهن سان شاھڪار ملڪ پاڪستان جي پاڪيزگي جو سندر پار سنڌ ڌرتي جي مٿان به رهيو آهي جو وجود جي شڪل ۾ خالق جا امر خالق جي حڪم سان پاڻ کي روشن ۽ وري پنهنجي روشني کي صدين جي سج وانگر سرشار ڪيون ٿا اچن. سنڌ صوبو ازل کان وٺي ڪري مڻيا دار ماڻهن جي شڪل ۾ موتي ڏنا آهن جن جي ڪرڻن جو اثر ٻين ماڻهن تي پوڻ ڪري اھي قيمتي گوھر ٿيو وڃن. احساس پاڻ ھڪ آفاقي علم آهي ۽ علم ھڪ پاڪ ڪيفيت آهي جيڪو احساس جي ايشور کي ملندو آهي ۽ علم ان وھندڙ دريا جيان آهي جنهن جو مسلسل وھڪرو اکين ۾ عڪس جي صورت ۾ سمايل ھوندو آهي.
    سنڌ جيڪا ڇھ ھزار سال ڌرتي جي وايو منڊل تي پنهنجائپ جو واس ڏنو آهي ۽ علم جا ڪيترا بي بھا گوھر دامن ۾ پيش ڪيا آهن جن جو ذڪر اسان ڪتابن ۾ پڙھندا آهيون ۽ تاريخ ۾ تنبوري جي تار جيان روح کي رسيلو ڪندا رھن ٿا. ان سونهاري سنڌ ۾ جيڪر سونهن آهي ته انهن موتين جي ڪري آهي جن جو وجود انسانيت لاءِ آقا جي مِثل ھوندو آهي ان علم جي اڪابرن ۾ پنهنجائپ جي پنچائپ ۾ پڳدار جو ڪردار ادا ڪن ٿا انهن ۾ سنڌ جي ضلعي دادو سان تعلق رکندڙ ميڊم شبانا نواز جو نالو به سر فھرست آهي. پاڻ بي باڪ شخصيت، روح جي رھبر علم جي عالم، سيرت ۾ ساگر، صورت ۾ مصوري جي انتھا ۽ ان سان گڏ سنڌ سان عشق جو الستي آلاپ سندس روح ۾ رچيل آهي.
    سنڌ سون جھڙي ۾ جڙيل سونهن جي مالا ۾ شبانا نالي روشن موتي به سنڌ جي سونهن جو حصو آهي. پاڻ ھڪ ئي وقت محقق، شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ انسان دوست پرنور شخصيت آهن جن وٽ انسانيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ھر وک حوصلي سان ھمڪنار رھن ٿيون ميڊم جي اسم مبارڪ جو مطلب رات جو پھر آهي ۽ ان جو اثر ھن جي سنڌ سان عشق ۽ انسانن کي علم جي شعور ڏيڻ واري اڻ ٿڪ محنتن ۾ نظر ايندو، شبانا ان نوجوان عورت مان آهي جيڪا ڀلائي جي ڀنڀور ۾ پنهنجي ماروئڙن جي سسئي جھڙو ڪردار ادا ڪري ٿي جيڪا سھڻي جي روپ ۾ سنڌ جي ميھارن لاءِ ڏکيا پيچرا اورانگھي ٿي جيڪا ھر موسم ۽ ھر وقت بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ سان پنهنجي سنڌ ڌرتي ۽ ماڻھن سان خدمتن جي خلا جي خال کي ڀرڻ ۾ ڪوشان نظر ايندي آهي.
    جيڪا" مصري شاھ چواڻي موجب ته جُز مان ڪُل اھو ٿيندو آهي جيڪو ٻين لاءِ جيئندو آهي " جي چوڻي جي چاڙھ ۾ رنڱيل آهي. سنڌ جو سور سيني ۾ سانڍي ساھ سان نه سمھڻ جو پور پنهنجي اندر ۾ اجاري ويٺل ھن ديس جي دلاور شاعرا به پنهنجي اندر ۾ ٻرندڙ لاوو سندس ھن ريت ترپي ٿو.

    ڳڻتي ڪرڻ آ لازم دلدار ! ديس جي
    گڏجي لھون ٿا سائين ! اٿ سار ديس جي

    مون کي سمھڻ شبانا سک سان نه ٿي ڏيئي
    ڪلھ رات مون ٻڌي جا ٻاڪار ديس جي

    شبانا علم جي سج جي اڀرڻ جي انتظار ۾ ھر وقت اتاولي نظر ايندي آهي. ميڊم ان جلوي جي انتظار ۾ آهي جنهن جو عڪس نوجوانن ۾ سندن تربيت ۽ تھذيب جي اھڃاڻ کي بلند مقام تي طور سينا جي چمڪاٽ وانگر ايندڙ نسلن جي دل تي اثر ڪري جنهن سان ھر طرف احساس ۽ محبتن جو قافلو روان دوان نظر اچي ٿو.

    شبانا نھايت ئي مخلص فقير مَنش ۽ ڪومل جذبن جي مالڪ آهي. سائنڻ سان منهنجي ملاقات ته سوشل سائيٽ جي ڪري ٿي جنهن جي گفتگو مان نڪرندڙ موتي مھان ڪوي جي قول جيان ايندڙ نوجوانن لاءِ ڪنهن بي بھا موتي کان گھٽ ڪين ھوندا. ميڊم علم جي اڪابر ۽ احساس جي ايشور، ان وھندڙ ندي جيان آهي جتان ھر ڪوئي فيضياب ٿئي ٿو. ان گنگا جي جَل جيان آهي جنهن جي سُرڪ چَکڻ سان اندر جي ميڙاڻ ختم ٿيو وڃي.
    تازو ئي شايع ٿيل ڪتاب" وفائون ماٺ ٿي ويون آھن" جيڪو مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. ھن دور ۾ جنهن شي جي ڪمي آهي اھا احساس جي آهي علم جي اڻ کٽ عالم ۾ ھر ھڪ ماڻھون ڏاڍو آهي پر جڏھن ڳالهه احساس جي ايندي ته اھو اڻ لڀ ملندو. شبانا نواز ان ڪمي کي پورو ڪيو آهي پنهنجي ھن ڪتاب جي صورت ۾ ھن ورق ورق تي چٽيل عشق جي احساس کي سنڀالڻ سيکاريو آهي اچو ته سندس خيالن مان لطف ماڻيون.

    موت سولو زندگي اوکي ملي
    سور سوکو پر خوشي اوکي ملي

    پاڻ نڪتاسون سفر سھنجو ھئو
    واٽ ويندي بيوسي اوکي ملي

    اسان لڙڪ آندي چپن تي ڇا ھي
    سچي ڪٿ خوشي ڪانه پاتي شبانا

    ھن ڄُندا پَٽ ماحول ۾ ھر سچي ۽ شعور رکندڙ ماڻهن لاءِ رڪاوٽون در رڪاوٽون پيدا ڪيون وينديون آهن ۽ ميڊم به انهن رڪاوٽن ۽ مشڪل گسن تان علم ۽ احساس جي اعليٰ ظرفي جي مدد سان منهن ڏنو جنهن جو ھن وقت وجود ان جبل جيان مضبوط آهي جو زمين ۾ لڳل ميخن جي صورت ۾ نظر ٿا اچن جي اھي مضبوط روح مايوس ٿي وڃن ته تاريخ ۾ انڌيرنگري جي اوندھ وري ولر ڪري سگهي ٿي. شبانا سندر جذبن جي مالڪ ھئڻ ناتي سندن ھڪ احساسن سان ڀريل " وفائون ماٺ ٿي ويون آھن " نالي ڪتاب ڇپجي ڪري علمي ۽ ادبي پورھيو علمي کيتر ۾ پنهنجي جڳهه ولاري چڪو آهي. ميڊم ان انڊلٺ جي رنگن جيان سدا بھار رنگين روح آهي جنهن کي ڏسڻ سان ئي دل ۾ دعا ڪرڻ لاء خاموش آواز ۾ دعا ڪرڻ لاءِ صدا بلند ٿي ٿئي.
    پاڻ مختلف سوشل ۽ سماجي ڪانفرنسز (Conferences)سان گڏ ميڊيا (Media)سان لاڳاپيل ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شامل ٿي چڪي آهي. ميڊم شبانا ھر وقت سنڌ جي تعليم کان محروم ٿيل نوجوانن جو سور سيني ۾ سانڍي پيڙاھن مان پار ٿيو وڃن ۽ ان وچن سان ان پاتال کي پوتر پورڀ ٿيڻ جي سپني کي سانڀيان ڪرڻ جي حقيقت کي پوري ٿيڻ لاء به اتاولي آهي. ڌڻي در دعا آهي ته ھن سندر روح جيجل شبانا نواز جن کي سدا شاد و آباد رکي ۽ صحت واري مڪمل زندگي عطا ڪري ته جيئن سنڌ جي ڪاميابي لاءِ ھر قدم اڳي کان اڳڀري ٿين جنهن سان علم جي روشن ڏيئن جي فيض سان لاٽ ٻرندي رھي ۽ وجود جي خوشبو ۽ علم سان عشق دنيا جي مڙني ملڪن ۾ مامور نظر اچي مالڪ کان دعا آهي ادب سان لاڳاپيل ادبي عشق شاعري جي صورت ۾ ملندو رھي جنهن ايندڙ نسل لاءَ فائديمند ثابت ٿي.


    ڊاڪٽر انتساب حسين علم ۽ ماڻھپي جي درسگاھ

    ڊاڪٽر انتساب حسين علم ۽ ماڻھپي جي درسگاھ

    علم انسانيت ۽ عشق جو ڏيئو ڪو ڪو ٻاري ٿو ازل کان وٺي ڪري اڄ تائين ڪائنات ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا انقلاب (Revolutions) اچي چڪا آھن۔ جيڪي ثراثر علم تي مبني آھن علم پاڻ ھڪ اٽل حق آھي جنھن به صدي ۾ حقيقتن جي تحقيق ( Research) ٿي آھي ته اتي علم جي تحقيق ڪئي وئي آھي جيڪا اڳتي ھلي ڪري فيصلن کان پوء ان ۾ واڌ ويجھ (Growth) ڪري ڪتابن جي شڪل ۾ معاشري جي اڳيان پيش ڪيو ويو آھي. انھن تحقيقن ۽ انقلابن ۾ اڪثر ڪائنات جي رازن کي ظاهر ڪرڻ يا وري ستارن جي چمڪاٽ ۽ ان تي زندگي ملڻ جي دائري محور ۾ جاکوڙ ڪئي وئي آھي. جنھن جا مختلف آثار ملڻ کان پوء ان کي ڊائڪومينٽري (Documentry)جي شڪل ۾ رڪارڊ (Record) تي رکيو ويو آھي.
    اھي سڀ علم جي ميدان ۾ جاکوڙي ننڍا وڏا انقلاب اچي چڪا آھن ۽ ڪجھ وري اڄ تائين جاري آھن. انھن جاري انقلابن ۾ پاڻ علم سان گڏ انسانيت (Humanity)جو به ذڪر ڪندا ھلون ته انسانيت علم سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي نروار رھي آھي. مختلف صدين جي انقلابن جي پس منظر (Background) ۾ ھميشه انھن ماڻھن ئي تحقيق ڪئي آھي جن وٽ انسانيت کي زندھ رکڻ لاء پاڪ خيال ذھن ۾ سمايل رھي ٿو اھا ئي علم سان گڏ ماڻھپي جي نشاني آھي ته علم ھميشه ادب ۽ اخلاق جي رڳ (Vein) مضبوط ڪئي آھي جيڪا ھر ماڻھون کي معاشري ۾ رھندڙن سان نڀاء ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو، پاڻ جنھن سوسائٽي ( Society) ۾ رھون ٿا اھا ڇھ ھزار سال پراڻي مھذب ثقافت رھي آھي جتان ھميشه تھذيب، تمدن ۽ اخلاق جو بنياد پيو آھي.
    جتان جنھن نڪتي جو بنياد پيو ھجي ته اتي ڪيترا دانشور , علم جا اڪابر عالم ۽ فاضل ٿي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن ۽ اڄ تائين انھن کي ڪتابن ۾ پڙھيو وڃي ٿو سنڌ صوبو ھر دور ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آھي سنڌي نوجوان پنھنجي صلاحيتن جي محور ۾ ڪاميابين سان ھم ڪنار رھيا آھن انھن نوجوانن ۾ اتر سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ استاد انتساب حسين سدھايي جي شخصيت به علم ۽ انسانيت جي اھميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ اڳڀرو رھيو آھي. ھن ھميشه علم ۽ انسانيت کي بلند ڪرڻ لاء ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. ڊاڪٽر انتساب حسين 13 آگسٽ 1980 ۾ فدا حسين سدھايي جي گھر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو شروعاتي تعليم مئٽرڪ علامه اقبال اسڪول ڪراچي ۽ انٽرميڊئيٽ شاھ لطيف ڪاليج قمبر مان حاصل ڪيائين جنھن کان پوء قائد عوام يونيورسٽي نواب شاھ مان ڪمپيوٽر سسٽم انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن جي سند 2003 حاصل ڪيائين. سر ڊاڪٽر انتساب حسين زندگي جا مشڪل پيچرا اورانگھي عِلم جي عَلم کي اڄ به مضبوطي سان مٿانھون ڪري بيٺو رھيو آھي. جنھن ھن جي زندگي کي ڏيئي جيان روشن ڪردار ڪري معاشري جي اڳيان پيش ڪيو آھي ڊاڪٽر انتساب پاڻ ھڪ نھايت ئي شفيق بااخلاق، خوبرو، نرم مزاج، فقيراڻي طبعيت جو مالڪ آھي.
    ھو چمڪندڙ موتي آھي جنھن جا ڪرڻا علم جي اڻ کٽ سمنڊ تي خاموش راز جيان رازدار ھوندا آھن ۽ جنھن جي روشني ۾ سرور ۽ سڪون پلجندو رھي ٿو ۔ سائين سان منھنجي ملاقات 2013 ۾ ٿي جڏھن مان قائد عوام يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر سسٽم جي شعبي جي ٽئين سال ۾ پڙھي رھيو ھئس ۽ سر ان سال جي ٻئي سيمسٽر ۾ پڙھائي رھيو ھو. سر انتساب ان ذھين شاگردن مان آھي جنھن سند حاصل ڪرڻ کان ڪجھ ئي عرصي ۾ ساڳئي يونيورسٽي 2004 ۾ ليڪچرار طور خدمتون سرانجام ڏنيون ڪجھ عرصو پڙھائڻ کان پوء 2006 ۾ ٻاھرين ملڪ فرانس جي شھر پئرس جي ڊسڪارٽس درسگاھ مان ڪميونيڪيشن سيڪزيورٽي ۾ ماسٽر ۽ پي، ايڇ، ڊي ڪئي. پڙھائي جي دوران ان ۾ يونيورسٽي ۾ عارضي طور ارڙنھن مھينا پروفيسر طور فرض نڀايو. سر انتساب پي، ايڇ، ڊي 2013 ۾ مڪمل ڪئي جنھن جي بنسبت اڄ تائين ڪيترائي شاگرد سر جي زيرنگراني ۾ علم جي شعبي مان پاس ٿيا آھن.
    ڊاڪٽر انتساب ساڳئي ريت علمي کيتر ۾ مختلف قومي۽ بين الاقوامي ڪتاب شايع ڪندڙ ادارن سان به وابسطه آھن جن جي نسبت سان سر ھميشه سوانح حيات ۽ تاريخ جي ڪتابن جو به وڏي چاھ سان مطالعو ڪندو رھي ٿو. ان سان گڏوگڏ قائد عوام يونيورسٽي 2011 ۾ ٿيندڙ چٽا ڀيٽي جو مقابلو (Quiz Competition)۽ زراعت يونيورسٽي فيصل آباد ۾سندن فاتح قرار ٿيا. ھن وقت قائد عوام يونيورسٽي نوابشاھ جي تار ۽ ٽيليفون جي شعبي (Department Telecommunication)جا چيئرمين (Chairman)۽ ايسوسيئيٽ پروفيسر (Associate Professor)طور علم جي ڏيئي کي روشن ڪرڻ ۾ ڏينھن رات اجاگر آھن.
    سر انتساب يونيورسٽي جي سالياني (Yearly)ٿيندڙ داخلا ٽيسٽ (Entry Test ) جي ڪميٽي (Committee) جا ميمبر (Member)پڻ آھن. علم سان وابسته رھڻ جي ڪري يونيورسٽي ۾ نوجوانن لاء ڪيترائي ئي مستقبل سڌارڻ جي رھنمائي لاءِ ٽريننگس پڻ ڏنيون آھن. علمي کيتر سان گڏ سنڌ صوبي ۽ قائد عوام يونيورسٽي جي ڪيترين ئي سماجي تنظيمن(Social Organizations ) جو ميمبر(Member) ۽ صلاحڪار(Advisor ) طور پنھنجو فرض ادا ڪيو آھي جنھن سان سنڌ جي نوجوانن ۾ علم کي اجاگر ڪرڻ ۾ حوصلو پيدا ٿيو آھي. سماجي تنظيمن ۾ ميف (MEIF),ايس -ايس- ايف (SSF), يوٿ پارليامينٽ چيپٽر, ( Youth Parliament Chapter)۽ نواب شاھ ٽيسٽنگ سروس جو چيف پئٽرون (Cheif Patron )طور خدمت سرانجام ڏئي رھيو آھي.
    سر انتساب دنيا جي مڙني ملڪن مان ڪيترائي ملڪ پڻ پھنجي اکين جي عڪس ۾ سانڍي رکيا آھن جن ۾ فرانس، جرمني، انگلينڊ، سويڊن، ڊينمار، سوئزرلينڊ، آسٽريا ھالينڊ، بيلجم، اٽلي، ڪينيڊا، سلوواڪيا، زيڪ، ھنگري، بحرين، لگزمبرگ، لچٽينسٽائن ۽ ترقي شامل آھن. ڊاڪٽر انتساب سان جڏھن به منھنجي فون تي يا روبرو گفتگو ٿي آھي ته ھميشه علم ماڻھپي ۽ پھنجائپ جي انڊلٺ جي رنگن جيان ٻھڪندڙ گفتگو ٿيندي آھي جتان مون ھميشه سکڻ لاء ڪجھ نه ڪجھ سوالن ۽ جوابن جو سلسلو جاري ھوندو آھي. ان جي وچ ۾ اڪثر سر سنڌ جي نوجوانن جي بي روزگاري ۽ جھالت جو سيني ۾ سانڍيل سور سليندو آھي جيڪي دل ۽ دماغ ۾ طبعيت بدلائڻ جو اثر رکن ٿا سر انتساب ھميشه سنڌ جي نوجوانن مان تعليم جي انقلاب جي اميد رکي ٿو ۽ سندن چوڻ آھي ته سنڌ جا نوجوان تعليم ڏانھن ڌيان ڏئي ڪري سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو مان مٿانھون ڪن ۽ ھر عمر ۾ ڪامياب رھڻ لاء نوجوانن کي اصول اپنائڻ جي تلقين ڪندو رھي ٿو سندن چوڻ آھي ته پنھنجو ظاھر ۽ باطن ساڳيو رکو ۽ دلين مان حسد جي بدارن محبت جي موتين کي روشن ڪيو ۽ سادگي واري زندگي بسر ڪريو جيڪا ھميشه مون سان گڏ ٻين لاء به ھڪ درس ۽ زندگي کي ڪامياب ڪرڻ جو ڪارگر نسخو آھي. آخر ۾ ڌڻي در دعا آھي ته سنڌ جي اھڙي انمول انسان کي سدا سکيو رکي ۽ زندگي ۾ کوڙ ساڙيون ڪاميابيون سندن قدم چمن ۽ ھر منزل تي سرخرو ٿين.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 901
    ڪتابن جو مشاهدو: 2770555
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 710799
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ