شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جا املهه هيرا (مضمون)

هي ڪتاب سنڌ جي اهم شخصيتن تي لکيل ڪالمن يا تاثرات تي شامل آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ محترم مير نادر علي ابڙو صاحب جن آهن. پاڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکن ٿا.
اسين ٿورائتا آهيون مير نادر علي ابڙو جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.
Title Cover of book سنڌ جا املهه هيرا (مضمون)

زاهده تاج ابڙو : جاکوڙي ۽ کاهوڙي ادي

مان پنهنجو پاڻ کي تمام وڏو خوشنصيب سمجهندو آهيان ته خدا پاڪ مون کي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر ۾ پيدا ڪيو. اسان جو والد سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، تعليمدان ۽ بي باڪ صحافي هيو. ان جو اسان سڀني ڀيڻن ۽ ڀائرن تي وڏو اثر رهيو آهي. مون کي چار ڀيڻون ۽ چار ڀائر آهن. ڀائر چارئي ئي مون کان ننڍا ۽ ڀيڻون چارئي مون کان وڏيون آهن. ننڍي ڀاءَ جي حيثيت ۾ چئن ڀينرن جي ڄمڻ کان مان چئني وڏين ڀيڻن جو ڏاڍو دادلو ڀاءُ به آهيان ته ڏاڍو پيارو به آهيان. والد مرحوم کي اولاد ته سموري پياري هئي پر اسان پنجن ئي ڀائرن کان وڌيڪ نياڻين کي پيار ڪجهه وڌيڪ ئي ڪندو هو. ۽ اسان پٽن کان وڌيڪ سندن ڌيان به نياڻين جي پڙهائي تي هوندو هئين. جيڪي هاڻي ماشاءَ الله سڀئي پڙهيل لکيل آهن. سٺن ۽ اهم سرڪاري عهدن تي فائز آهن. اسين پنج ئي ڀائر به سٺن عهدن ۽ رتبن تي آهيون ڀيڻن ڀائرن مان منهنجي وري گهڻي ادي زاهده سان لڳندي هئي.
بابا سائين مرحوم سنڌ جي مختلف ضلعن جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٿي رهيو ۽ اسين مختلف اسڪولن ۾ پڙهياسين. زاهده سان گڏ مان اسڪول ويندو هيس. مان ننڍپڻ ۾ ڏاڍو ويڙهاڪ ۽ انتها درجي جو شرارتي ٻار هيس، اڪثر ٻارن کي اسڪول ۽ پاڙي ۾ پيو ڪٽيندو هيس، اڪثر ٻارن کي ماريندو به مان هيس ته وري مٿان دانهون، رڙيون به روئيندي مان ڪندو هيس تنهن ڪري ئي اڪثر ٻار مون کي راند ۾ شامل ڪو نه ڪندا هئا. تڏهن ئي ادي زاهده وچ ۾ پئي صلح ڪرائيندي هئي.
بابا سائين جي ڪچهري سنڌ ۾ مشهور هوندي هئي، جتي پاڪستان جا مشهور اديب، شاعر، دانشور، ليکڪ، صحافي، جج، بيوروڪريٽ، سياستدان ۽ مختلف پارٽين جا ليڊر شرڪت ڪندا هئا. انهيءَ ڪچهريءَ ۾ اڪثر بابا سائين پنهنجي ڀرسان ڪرسيون رکرائي اسان ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ کي به ڪچهري ۾ شامل رکندو هيو. جيڪي شخصيتون عام پاڪستاني اخبارن يا ٽيليوزن تي ڏسندا هئا، انهن شخصيتن سان اسان ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ ڪچهريون ڪيون. در حقيقت انهن ڪچهرين ۾ ئي اسان ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ جي صحيح معنيٰ ۾ تربيت ٿي.
مان 1980ع کان سنڌي اخبارن، عبرت، مهراڻ، هلال پاڪستان ۽ آفتاب ۾ ٻارن جي صفحي ۾ لکڻ شروع ڪيو پر حقيقت ۾ ادي زاهده مون کان اڳ ئي سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ لکڻ جي شروعات ڪري چڪي هئي. اسان ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ جو سخت مقابلو هوندو هو ته وڌيڪ اخبارن ۾ ڪير ٿو لکي.
اسان بادشاهي ٻار هئاسين ۽ خرچي جيتري به گهربي هئي، سا امان سانئڻ ڏيندي هئي پر فضول خرچ ڪو نه هئاسين، جيڪا خرچي ملي ٿي انهن مان /80 سيڪڙو ٻئي ڀيڻ ڀاءُ ٻارن جا سنڌي ۽ اردو ڪتاب خريد ڪندا هئاسين. اشتياق احمد جا جاسوسي ناول، حڪيم سعيد جو نونهال، گل ڦل ته باقاعده هر مهيني ايندا هئا پر انهي کان علاوه به اسان سوَن جي تعداد ۾ هر مهيني ڪتاب پيا وٺندا هئاسين.
’’وقت چوي مان بادشاهه...‘‘ واقعي به وقت گذرندي دير ئي ڪونه ٿي. آهستي آهستي پهرين، ٻئي، ٽئين ۽ آخر ادي زاهده جي به شادي ٿي وئي. ماشاءَ الله کيس سلڇڻي ۽ صالح اولاد به ٿيئي. ٻارڙن تي به خوب محنت ڪيائين. محنت ڦل لاٿو ۽ ادي زاهده جي سموري اولاد به پڙهي پيئي. سندس وڏو فرزند ته پاڪ آرمي ۾ وڏو آفيسر ٿيو. نياڻيون به ڊاڪٽر ٿيس. ٻارڙن جي تربيت ۾ ادي زاهده ايترو ته مصروف ٿي وئي جو سندس ادب تان ڌيان ئي هٽي ويو. آخرڪار هڪ ڏينهن سندس گهر وڃي سمجهايومانس ته هاڻي اولاد جوان ٿي چڪي اٿئي، ڪوشش ڪري لکڻ جو سلسلو شروع ڪر. منهنجي رڳو چوڻ جي دير هئي. ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ (پنهنجي ورَ) سان وڃي حيدرآباد شهر ۾ ڪتابن جي دڪان تان ادبي ڪتابن جي بنڊلن جا بنڊل خريدي، ڪار جي ڊڪي ۽ سيٽون ڇت تائين ڀرائي اچي ٿي مائي شروع ٿي اخبارن ۾ لکڻ. شاعري ڪاوش اخبار ۾ ته وري سندس ئي مضمون عبرت، سوڀ ۽ ٻين اخبارن رسالن ۾ ، هڻي هنڌ ڪري ڇڏيائين. ڳالهه رُڪي اتي به نه.... ’’جئين ٿڌ تئين وڌ‘‘ وڃي، ٽي وي چينلز جي آفر تي ٽي وي اينڪر به ٿي. مهراڻ ٽي وي تي پنهنجو ٽاڪ شو ’’بنتِ حُوا‘‘ ڪيترن سالن کان ڪاميابيءَ سان هلائي رهي آهي.
مان بطور ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن جي ويس مصروف ٿيندو ۽ مصروفيت ڪري ڪڏهن ڪڏهن لکڻ لڳس پر ادي زاهده ته هاڻي مون کي بنهه ماري وئي اڃان به ٻه قدم اڳتي.
جڏهن ٻڌائين ته منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب عنقريب مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته واقعي به خوشي ٿيم. جڏهن ڪتاب نظر مان گذريو ته اڃان به وڌيڪ خوشي ٿي ته سندس شاعري هر موضوع تي ڪيل آهي. مان سمجهان ٿو ته هي سندس شاعريءَ جو ڪتاب جديد شاعري ۾ هڪ اهم جاءِ والاريندو. ’’سوني تي سهاڳو‘‘ ته وري ديباچو چاچا محمد ابراهيم جويو ۽ ٻه اکر چاچا ڪامريڊ ڄام ساقي لکي ته ڪتاب کي چار چنڊ لڳيون وڃن.
ادي زاهده کي مون زندگيءَ ۾ ٻه دفعا وڌيڪ خوش ٿيندي ڏٺو. هڪ دفعو جڏهن سندس وڏو فرزند آفيسر طور پاڪستان آرمي جوائن ڪئي ۽ ٻيو دفعو جڏهن هي ڪتاب لکي بس ڪيو اٿس. پر مون کي پوري پوري اميد آهي ته ادي زاهده جي هن پهرين ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ هڪ ٻئي جي ڪڍَ سندس ڪتابن پويان ڪتاب ڇپجڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو. ڇو جو مون کي خبر آهي ته ادي کي رات جو تيسين ننڊ ڪونه ايندي آهي، جيسين پنهنجي ڊائري کولي ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي شاعري نه لکي يا ڪنهن موضوع تي ڪو مضمون ضرور لکندي آهي. کيس ايترو ته مواد موجود آهي جو سندس هر سال گھٽ ۾ گهٽ هڪ ڪتاب ضرور اچي سگهي ٿو.
منهنجي ڌڻي در دعا آهي ته منهنجي جاکوڙي ۽ کاهوڙي ادي زاهده گهڻي کان گهڻو لکي ۽ کيس الله پاڪ چنڊ ستارن جيتري زندگي ڏي. (آمين)

زاهده تاج ابڙو جي شعري مجموعي ’’دنيا آکيرو‘‘ ۾ شايع ٿيل.