ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي انسان جي روپ ۾ فرشتو
ڊاڪٽر صاحب جي منهنجي والد سان ڏاڍي محبت هئي. حالانڪه ڊاڪٽر صاحب جو لاڙو مذهب طرف هئو ته وري بابا سائين آزاد خيال هئو. پر ڊاڪٽر صاحب سندس سان دوستي آخري وقت تائين نڀائي.
ڊاڪٽر صاحب سان منهنجيون تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون اڪثر انيس انصاري وٽ ٿينديون هيون. ڊاڪٽر صاحب مون کي زندگي جي لاهن چاڙهن بابت اڪثر پنهنجا تجربا ٻڌائيندو رهندو هئو. ڊاڪٽر صاحب کي مون انسان جي روپ ۾ فرشتو ڄاتو. هر گناهه کان دور، بي ضرر انسان، منهن تي مڻيا، اکين ۾ حياءُ ۽ شرم، سندس چهرو هميشه گلاب جي گل جيان ٽڙندو هيو. وڏڙن لاءِ عزت ۽ ننڍن لاءِ هميشه پيار هيس.
1991ع ۾ مون جڏهن بي اي پاس ڪئي ته اهو ڊاڪٽر صاحب ئي هيو، جنهن مون کي چيو ته نادر ايم اي ضرور ڪجانءِ. مون کيس چيو ته هاڻي مون کان محنت ڪرڻ ڪونه ٿي پڄي، هاڻي ڪوشش ڪري نوڪري وٺبي. ڊاڪٽر صاحب مون کي آماده ڪيو ته ايم اي ضرور ڪرڻي اٿئي، مان تنهنجي هر لحاظ کان رهنمائي ڪندس. مون ننڍي جي حيثيت ۾ حڪم جي بجا آوري ڪئي، اهو ڊاڪٽر صاحب ئي هئو جنهن مون کي پنهنجا ڪتاب وغيره ڏنا ۽ منهنجي اخلاقي مدد ڪئي.
ڊاڪٽر صاحب منهنجي والد مرحوم سان دوستي نڀائيندي سندس زندگي تي هڪ تفصيلي مضمون لکي سنڌ جي سڀني اخبارن ۾ شايع ڪرايو، جيڪو هڪ يادگار تاريخي مضمون آهي. انهي کان علاوه ڊاڪٽر صاحب ئي شوق سان بابا سائين جي حوالي سان تاج محمد ابڙو يادگار ڪميٽي جو بنياد وڌو، جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، اياز قادري، انيس انصاري، امان شيخ، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، هدايت الله منگي ۽ ڊاڪٽر صاحب پاڻ انهي يادگار ڪميٽي جا ميمبر هئا. جڏهن به يادگار ڪميٽي جي ميٽنگ ٿيندي هئي ته ڊاڪٽر صاحب انهي ۾ ضرور شرڪت ڪندو هيو.
ڊاڪٽر صاحب جو ادب سان بي پناهه چاهه هئو. جڏهن به سندس اوطاق تي وڃبو هئو ته ڪتابن جي دنيا ۾ مگن هوندو هئو. سندس ادب سان چاهه سبب ئي هن سنڌ کي ڪافي تحقيقي ڪتاب لکي ڏنا، جيڪي سنڌي ادب ۾ هڪ اهم اضافو آهن. انهيءَ مڃتا ۾ صدر پاڪستان کيس ايوارڊ سان به نوازيو هئو.
ڊاڪٽر صاحب جي انتهائي حساس طبيعت هوندي هئي. مون کي ياد ڪو نه ٿو اچي ته مون کيس ڪو ڪاوڙ ۾ ڏٺو هجي. هميشه برف جيان ٿڌو، ڳالهائيندو ته اهڙو فهميدو جو محفل ويهي خاموشيءَ سان ٻڌندي هئس. گهٽ ڳالهائڻو، لهجو بنهه نرم، سندس زبان تي هميشه الله رسول جون ڳالهيون، انسانيت سان پيار، سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان محبت انتها درجي جي هئس.
مون وٽ هڪ ڪتابي سيريز هئي جا روس کان پاڪستان ۾ تمام ٿورين اهم شخصيتن کي ڏني وئي هئي جيڪا 48 جلدن تي مشتمل هئي. انهي متعلق چيائين ته نادر پٽ تنهنجو بابا اسان جو ڀائرن جهڙو پيارو دوست هئو ۽ مون کي ڏاڍو پيارو هئو. اسان سندس سان ڪڏهن به مذهبي ڇيڙ ڇاڙ ڪونه ڪئي. هو مذهبي ڪٽرپڻي کان بلڪل پاڪ هئو. انهي جو انسان ذات سان ايڏو ته پيار هئو جو مان اهڙا انسان پنهنجي زندگي ۾ تمام ئي گهٽ ڏٺا آهن. مون کي الله پاڪ جي ذات ۾ پوري اميد آهي ته هو جنت ۾ هوندو. پر توکي مان اهائي صلاح ڏيندس ته تون اها سيريز تحفي ۾ پنهنجي والد جي دوست ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کي ڏئي ڇڏ ته بهتر آهي. ڇو جو اهي ڪتاب تنهنجي عمر کان وزن ۾ مٿانهان آهن. مون سندس ڳالهه کي اڳتي ڪندي، اها سيريز جيڪا 48 جلدن تي مشتمل هئي، جيڪا پوري هڪ ڪار ۾ به ڪونه پئي ماپي، سا ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کي تحفي ۾ ڏنم، انهي سان ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به خوش ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب به خوش ٿيو.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جهڙا انسان سنڌي قوم جو عظيم سرمايو آهن، سندن ۾ سنڌ جون سڀئي روايتون، مهمان نوازي، محبت، پيار، ڀائپي، برادري موجود هيون، افسوس اهو آهي ته اهڙن ماڻهن جي سنڌ ۾ تيزي سان کوٽ ٿيندي پئي وڃي، بزرگ شخصيتن جي جتي ۾ پير وجهڻ لاءِ نوجوان نسل ۾ شوق گهٽ ٿيندو پيو وڃي.
شال اسان جو ايندڙ نسل انهن بزرگن کي ياد رکي انهن جي نقش قدم تي هلي. ڇو جو اهي جهونا بزرگ ئي سنڌ جي روايتن جا امين هئا.
خبرون، عوامي آواز، تعمير سنڌ، مهراڻ، سوڀ، عبرت، سنڌ، هلال پاڪستان، سنڌو، هلچل، سڪار