شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جا املهه هيرا (مضمون)

هي ڪتاب سنڌ جي اهم شخصيتن تي لکيل ڪالمن يا تاثرات تي شامل آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ محترم مير نادر علي ابڙو صاحب جن آهن. پاڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکن ٿا.
اسين ٿورائتا آهيون مير نادر علي ابڙو جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.
Title Cover of book سنڌ جا املهه هيرا (مضمون)

الله بخش انيس انصاري سنڌ جو ناليوارو افسانا نويس

سائين انيس انصاري سان منهنجي پهرين ملاقات 1986ع ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڪرائي. ڊاڪٽر صاحب منهنجو تعارف ڪرائيندي چيس ته هي مرحوم تاج محمد ابڙو ڊسٽرڪٽ سيشن جج جو فرزند آهي. اهو ٻڌندي ئي سائين انيس مون سان وڏي محبت ۽ پاٻوهه منجهان ڀاڪر پائيندي مليو ۽ چيائين ته ’تون ته منهنجو ڀائيٽو آهين. تنهنجو والد ۽ مان ٻئي پرائمري اسڪول کان هڪٻئي جا پراڻا دوست آهيون.‘ انهي پهرين ملاقات ۾ ئي سائين انيس منهنجي ايترو ته ويجهو ٿي ويو ڄڻ ته ڪو منهنجا ساڻس سالن کان پراڻا واسطا هجن، انهي کان پوءِ سائين انيس سان منهنجيون تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون ٿينديون رهيون. اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ۾ مگن هوندا هئاسون. سائين انيس مون کي پنهنجي سروس دوران آيل تجربن بابت ڄاڻ ڏيندو رهندو هو. سائين انيس 1982ع ڌاران اي ڊي ايم طور رٽائر ڪيو هيو. هو پنهنجي سروس ۾ هڪ ايماندار ۽ روب تاب وارو ڪامورو مشهور رهيو. مون کي تڏهن حيرت لڳي جڏهن سائين انيس مون کي ٻڌايو ته هن پنهنجي سڄي حياتي ۾ باوجود وڏو آفيسر هوندي به پنهنجي رهڻ لاءِ ڪا به جاءِ نه ٺاهي آهي. رٽائرمينٽ کان پوءِ هڪ دوست جي جاءِ ۾ ڪرائي تي رهان پيو. حالانڪه ڪامورا ته وڏا وڏا بنگلا ٺهرائي رهندا آهن. جڏهن به سائين انيس کي ٻاهر ڏسبو هئو ته هو هميشه پنڌ نظر ايندو هو. ٻين ڪامورن کان بلڪل ابتڙ بغير گاڏي جي، ڪپڙو لٽو بنهه سادو، ڳالهائڻ ۾ محبت. مون کي ياد آهن اهي ڏينهن جڏهن مان بيروزگار هئس ۽ سائين انيس مون کي منهنجو هٿ ڏسي اڪثر منهنجي قسمت جو حال ٻڌائيندو هو ته تون عنقريب معتبر آفيسر ٿيڻ وارو آهين ۽ واقعي به ائين ئي مان جڏهن اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر ٿيس ته مون کي سائين انيس واري ڳالهه بلڪل سچي لڳي ۽ مان کيس يڪدم مٺائي وٺي پهچايم. مٺائي ڏسي مون کي چيائين ته منهنجي ڳالهه آخر سچي ثابت ٿي. پر هاڻي ياد رک تو تي الله جي ذات وڏا بار رکيا آهن. هميشه خدا جو خوف دل ۾ رکجانءِ، مسڪينن ۽ يتيمن جي دل سان مدد ڪجاءِ. سائين انيس اديب ۽ ڪاموري هجڻ سان گڏ سٺو دستِ شناس به هئو. جنهن جي عام ماڻهن کي گهٽ خبر آهي، هُن جن به دوستن کي قسمت جو حال ٻڌايو، اهو سچو ثابت ٿيندو هئو. سائين انيس ۾ وڏائي ۽ مغروريت بنهه ڪونه هئي، دوست ۽ يار اڪثر پاڻ ملڻ گهر ايندا هئس. سواءِ غمي ۽ خوشي جي سائين انيس دوستن وٽ ڪو نه ويندو هئو. بلڪه اهو وقت لکڻ ۽ پڙهڻ کي ڏيندو هو. مون سان هن جي انتها درجي جي محبت هوندي هئي. مان 1993ع ڌاران لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي. انهي دوران ڊاڪٽر قمر الدين بوهرا، لاڙڪاڻي ۾ سيشن جج ٿي آيو. جنهن کي ادب سان بي پناهه چاهه هئو. جنهن مون کي گهرائي چيو ته نادر تون سنڌ جي ادبي گهراڻي جو فرد آهين، تنهن ڪري تون منهنجي مدد ڪري سگهين ٿو. مان جنهن مون ضلعي ۾ به جج رهيو آهيان انهي ضلعي تي ڪتاب لکندو آهيان ۽ هاڻي مان لاڙڪاڻي ضلعي تي به ڪتاب لکڻ چاهيان ٿو، تنهن ڪري اگر تون مون کي لاڙڪاڻي جي اديبن سان ملاقات ڪرائين ته مان کانئن لاڙڪاڻي تي مواد وٺان. انهي سلسلي ۾ مون ڪافي اديبن کي چيو مگر سڀني جج صاحب ڏانهن هلڻ کان معذرت ڏيکاري، هڪ سائين انيس انصاري ئي هئو، جنهن چيو ته مان جج ڏانهن هلندس. جج ڏانهن هلڻ ۾ مان لهي ته ڪونه ويندس ۽ پوءِ مون سان گڏجي هليو ۽ ڊاڪٽر قمرالدين بوهرا کي لاڙڪاڻي متعلق مواد ڏنائين پر جج صاحب جي جلدي بدلي ٿيڻ ڪري سندس لاڙڪاڻي تي ڪتاب لکڻ واري خواهش اڌوري رهجي وئي.
سائين انيس منهنجي والد جو پراڻو ۽ ننڍپڻ جو دوست هو، تنهن ڪري هن منهنجي والد جي وفات تي هڪ تفصيلي مضمون لکي سنڌ جي سڀني اخبارن ۾ شايع ڪرايو هو، جيڪو هڪ مڪمل، شاهڪار ۽ يادگار مضمون آهي.
لاڙڪاڻي ۾ سي ايس ايس سينٽر کليو جنهن ۾ سائين انيس اچي ليڪچر وغيره ڏيندو هو. هن کي ڏاڍو چاهه هئو ته مان به سي ايس ايس ڪيان ۽ ڪنهن چڱي پوسٽ تي پهچان. مان سندس اسرار تي سي ايس ايس سينٽر وڃڻ لڳس پر ڪجهه وقت وڃڻ کان پوءِ گهريلو مصروفيت ڪري سلسلو منقطع ٿي ويو.
سائين انيس کي ادب ۽ تعليم سان ڏاڍو چاهه هوندو هئو. جڏهن سندس ڪتاب ’انيس جا افسانا‘ شايع ٿيو ۽ مشهور ٿيو ته سائين انيس ڏاڍو خوش هئو ۽ تحفي ۾ مون کي انهي جي هڪ ڪاپي به ڏنائين. هو چوندو هو ته نادر مان اي ڊي ايم جي پوسٽ تي علم سان شوق ۽ محنت ڪري پهتو آهيان. مون پنهنجي اولاد کي به سٺي تعليم ڏياري آهي، اهو ئي سبب آهي جو منهنجا فرزند ۽ نياڻيون سڀئي آفيسر آهن، اهي به تعليم سان شوق ۽ محنت سبب پنهنجي قابليت تي ئي انهن عهدن تي رسيا آهن.
سائين انيس کي لاڙڪاڻي جي تاريخي ماڳن سان دلچسپي رکڻ تي وقت جي ڊپٽي ڪمشنر کيس لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي جو سيڪريٽري مقر ڪيو ۽ کيس ڊي سي آفيس سان لڳ آفيس به فراهم ڪيائون، جتي سائين انيس ويهي تاريخي ماڳن تي تحقيقات ڪندو هئو. مان انهن ڏينهن ۾ بيروزگاري سبب واندو هئس. سائين انيس مون کي فون ڪري گهرائي پاڻ سان گڏ ويهاريندو هئو، ساڻس ويجهڙائي ڪري منهنجا ادبي لڏي سان تعلقات به وڌيا ۽ وري منهنجي ادبي پرورش به ٿئي.
سائين انيس کي زندگي جي آخري دؤر ۾ صحت وفا نه ڪئي ۽ هو اڪثر بيمار رهڻ لڳو، ٻيو ته سندس ڄنگهه جو هڏو وهنجڻ دوران ترڪي پوڻ سبب ٽٽي پيو، جنهن ڪري به هو ڪافي ڏينهن تڪليف ۾ رهيو. سندس آخري ڏينهن ۾ هڪ وڏو صدمو به رسيس، سو هو سندس گهرواريءَ جي وفات جو، جنهن لاءِ سائين انيس اڪثر چوندو هئو ته ڪامياب مرد جي ڪاميابي پٺيان ڪنهن نه ڪنهن عورت جو هٿ هوندو آهي. منهنجي ڪاميابي پٺيان منهنجي گهر واريءَ جو هٿ رهيو آهي، جنهن مون سان زندگي جي لاهن چاڙهن، خوشي ۽ غمي ۾ مڙس ماڻهو ٿي ساٿ ڏنو.
آخرڪار سنڌ جي هن نامور شخصيت اديب، مارچ 2000ع تي هن فاني دنيا کي خدا حافظ چئي، وڃي پنهنجي خالق حقيقي سان مليو. خدا شال جنت ۾ جايون ڏيس.
______________________________________________________
عوامي آواز، عبرت، هلال پاڪستان، مهراڻ، سچ، سنڌو، شام