شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جا املهه هيرا (مضمون)

هي ڪتاب سنڌ جي اهم شخصيتن تي لکيل ڪالمن يا تاثرات تي شامل آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ محترم مير نادر علي ابڙو صاحب جن آهن. پاڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکن ٿا.
اسين ٿورائتا آهيون مير نادر علي ابڙو جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.
Title Cover of book سنڌ جا املهه هيرا (مضمون)

ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي ٿر ۽ عمرڪوٽ جو مسيحائي ڪردار

آئون سنڌ جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ شهر ۾ هجان پر هر وقت اُنهيءَ شهر ۾ پلجندڙ تاريخ ساز انسانن جي ڳولا ۾ هوندو آهيان ۽ انهن ساڻ پنهنجي روح جا لاڳاپا جوڙي ڪچهرين کي اوليت ڏيندو رهيو آهيان. انهن انسانن مان هميشه مون ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي انسان اسان جي سنڌ جو لازوال خزانو آهن. جن کي ڳولهي لهڻ انهن جي سهائتا ڪرڻ اسان تي فرض ٿو ٿئي، جڏهن آئون بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن جي شهدادڪوٽ کان بدلي ٿي عمرڪوٽ پهتس ته اتي مون کي اهڙو ئي ٿر ڄائو مسيحائي انسان نظر آيو، جنهن جو نالو عمرڪوٽ سميت سموري ٿر ۾ تمام وڏي احترام سان ورتو ٿو وڃي. اهو پاڻ ۾ هزارين داستان سانڍي ويٺو آهي. پر ڪڏهن ڪنهن پير ۽ مير جي حاضري ناهي ڀريندو. اهو ميسحائي انسان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن آهن، جن جو تعلق سنڌ جي امر ڪردار ماروي جي ديس عمرڪوٽ سان آهي، پاڻ لازوال بي مثال خصوصيتن جا مالڪ آهن. عمرڪوٽ کان ويندي ٿر تائين سندن جو وڏو نانءُ آهي. خاص طور تي هتي جي ريتن رسمن ڪلچر جي حوالي سان تما م وڏي ناليج اٿس. وڏي ڪوشش بعد ساڻس ملاقات ٿي، پاڻ انتهائي حسرت ڀريل نگاهن سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو هئائين. اهو ان لاءِ نه ته ڪو آئون اينٽي ڪرپشن جو سرڪل آفيسر هئس پر ان لاءِ جو آئون ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مرحوم جو فرزند هئس. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي کان پهرين قرب ڀري ڪچهري کان پوءِ نه ڄاڻ ايئن محسوس ٿيو ته هي اهو ئي انسان آهي جنهن جي منهنجي روح کي سالن کان تلاش هئي. دل چاهيو هو ته هن جي احترام ۾ ايترو ڪجهه ڪري وڃان ۽ ماڻهن کي اهو احساس ڏياريان ته پنهنجي وڏن جو احترام ڪيو ۽ انهن کي سڃاڻو. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي سان پهرين ملاقات بعد هن سان منهنجو گهريلو ناتو جڙي ويو. هن مون کي عزت ڏيندي پنهنجي پٽ جي حيثيت ڏني، جيڪا مون لاءِ انتهائي فخر جهڙي ڳالهه آهي. عمرڪوٽ جڏهن به وڃڻ ٿئي ٿو، تڏهن پهريائين حاضري ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن جي ڀربي آهي. تنهن بعد ٻئي سنگت.
ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي عمرڪوٽ جي هر گهر کي پنهنجو سمجهندو آهي ۽ شهر جي هر ماڻهوءَ کي ايئن سڃاڻي جهڙو هو هن جي گهر جو فرد هجي پراڻا شهري سندن کي جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا، پاڻ عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جا چيئرمين به رهيا ۽ انهيءَ زماني جا ڪيل سندن ڪم اڄ به عمرڪوٽ جي عوام جي دلين تي ڇانيل آهن. پاڻ عمرڪوٽ ۾ ٽائون ڪميٽي جا چيئرمين رهڻ دوران سنڌ جي امر ڪردار روحل فقير جي نانءُ پويان جرنل بس اسٽينڊ تعمير ڪرايو ۽ گڏوگڏ شهرين جي تفريح جي ضرورتن کي مدِ نظر رکندي پبلڪ پارڪ عمرڪوٽ به تعمير ڪرايائين ۽ ان دؤر ۾ پاڻ عمر ڪوٽ شهر ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ۽ هر ڪم ۾ اڳ ڀرا نظر آيا. اهو ئي نه پر ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن ٿر جي ثقافت کي ٻاهرين ملڪن ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ هڪ ملڪي سطح جو ميلو به لڳايو، جنهن ۾ ٿر جي هنر کان ويندي هر ڪا تاريخي شيءِ ڏسڻ جهڙي هئي ۽ هن ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سفيرن ۽ سياحن شرڪت ڪئي هئي، انهيءَ کان علاوه پاڻ کي سماجي خدمتن عيوض لاتعداد ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، پر هي ماڻهو ڪڏهن به ٿڪو ناهي هر وقت چست چوبن ۽ ڪم جي لاءِ تيار آهي. سمهندي مهل به هن جو ذهن جاڳندو آهي. هي هر وقت پنهنجي علائقي جي غريب ٿري ماروئڙن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ خاطر سوچي ٿو. سندس گهر ۾ ٿري هنر جا لاتعداد نمونا ۽ ثقافتي رنگ پيل آهن. جيڪي هن کان آرڪيالاجي کاتي عمرڪوٽ وارن به عمرڪوٽ جي قلعي واري ميوزيم ۾ رکڻ لاءِ گهريا هئا پر پاڻ اهو چئي جواب ڏنو هو ته اوهان وٽ انهن شين جي حفاظت ناهي.
پاڻ انسانيت سان تمام وڏي همدردي رکي ٿو ۽ بغير ڊگري هجڻ جي به سنڌ جي چند وڏن ڊاڪٽرن ۾ سندن شمار ڪيو ٿو وڃي. اڄ به جڏهن ڪو مريض لاعلاج ٿيندو آهي ته آخري گهڙين ۾ اهو ئي انسان انهيءَ جي جيون دان جو وسيلو بڻبو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي هيل تائين هي انسان موت جي مُنهن مان ڪڍي چڪو آهي. سندن جي اسپتال مان جيڪا ڪمائي ٿئي ٿي اهو پاڻ رکڻ بجاءِ ٽي بي اسپتال عمرڪوٽ کي ڏيندو آهي، جنهن ۾ عمرڪوٽ ۽ ٿر جي ٽي بي ۾ ورتل مريضن جو مفت ۾ علاج ڪيو ٿو وڃي ۽ پاڻ ٽائيم جا انتهائي پابند آهن. ادبي پروگرام هجي يا سماجي پر ٽائيم تي پهچڻ هن جي ڪمزوري آهي. جڏهن سندن گهر واري لاڏاڻو ڪري وئي، تڏهن به پاڻ مريضن کي ڏسڻ ۾ مشغول هئا ۽ جڏهن مون کيس چيو هو ته ڊاڪٽر صاحب هلي تڏي تي ويهو. تڏهن پاڻ ورندي ۾ چيائين ته ’’مرڻ واري مري وئي پر آئون ڪجهه جيئرن لاءِ ڪرڻ ٿو چاهيان.‘‘
پاڻ واقعي به بي مثال لاجواب امراڻي جا وڏي دل رکندڙ امر انسان آهن. جي عمرڪوٽ مان سياسي حوالي سان سيد مظفر حسين شاهه ۽ سماجي حوالي سان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جو نالو ڪڍيو وڃي ته باقي ڪجهه نه رهندو، بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن سيشن جج اڳوڻي ٿر پارڪر ضلعي جا هئا ته مون کي اڪثر ڪچهرين ۾ چوندا هئا ته سنڌ جي اصل ثقافت جا رنگ ٿر ۾ سمايل آهن، جيڪا ڳالهه اڄ سمجهي چڪو آهيان. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي تي سندن جيون ۾ ڪجهه لکڻ جي تمنا هئي، سا اڄ پوري ٿي آهي ۽ آئون دعاگو آهيان ته شل الله پاڪ ٿر جي هن لاڏلي مهان ماڻهو ۽ ميسحائي انسان کي اڃا به وڏو جيون عطا فرمائي ۽ ايئن ئي هن جي دم سان ٿر ۽ امراڻي جون رونقون تاحيات قائم دائم ۽ زنده رهن.

عوامي آواز، عبرت، سڪار، هلال پاڪستان، خبرون، سنڌو ڊائجسٽ, هلچل، سوڀ