تاج صحرائي ڪتابن، ڀترن ۽ ٺڪرن جو مالڪ!
بابا جي وفات کانپوءِ اسين لڏي وڃي اباڻي ڳوٺ لاڙڪاڻي پهتاسون. تاج صحرائي اڪثر لاڙڪاڻي ايندو هو. شايد ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو ويجهو مائٽ هو. انهي وٽ رهندو هو. پوءِ شام جو اديب دوستن سان ملڻ نڪرندو هو، پهرين ته ويندو هو انيس انصاري وٽ، پوءِ ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي وٽ ۽ پوءِ ٻين اديبن شاعرن وٽ، هو مون وٽ به ايندو رهندو هو ۽ چوندو هو ته تنهنجو بابا منهنجو پراڻو يار هو. انهيءَ جو سڪون تو مان پيو لاهيان. هونئن ته تنهنجو بابا منهنجو نالي ڀائي هو. چوندو هو ته سنڌي ادب ۾ اسان تاج محمد نالي وارا باقاعده حاوي آهيون. تاج صحرائي، تاج ابڙو، تاجل بيوس، تاج جويو، تاج بلوچ، ۽ ٻيا نالا ٻڌائي خوشي محسوس ڪندو هو. حقيقت ۾ صحرائي سان منهنجون باقاعده تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون 1997ع ۾ ٿيڻ شروع ٿيون. جڏهن مان دادو ۾ ايڊيشنل سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ٿيس. هن ۾ اها تمام وڏي ڳالهه هئي ته پاڻ کان ننڍن سان به ايئن ئي ڪچهري ڪندو هو، جو محسوس پيو ٿيندو هو ته ڄڻ اسان به صحرائي صاحب جا گهاٽا دوست ۽ همعصر هجون. دادو پهچڻ تي مون سڀ کان پهريائين فون صحرائي صاحب کي ڪئي. چيائين ته بابا پوءِ جلدي مون وٽ اچ نه، ته ڪچهري به ڪريون ته گڏ ويهي دال روٽي به کائون. سندس گهر وچ شهر جڳت آباد محلي ۾ هو. سندس گهر به ڄڻ سڄي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو محور هو. سندس ڪمري ۾ رڳو ٺڪر ۽ ڀتر رکيل هئا. جيڪي هن سنڌ جي پراڻن ماڳن مڪانن مان تحقيق ۽ گهمڻ دوران هٿ ڪيا هئا. مون کي ڏيکاريندي سندس چهرو ايڏو پئي ٻهڪيو ۽ خوش ايڏو پئي ٿيو جو آئون بيان به نٿو ڪري سگهان. چيائين بابا مون سڄي حياتي سنڌ جي ماڳن مڪانن جي تحقيق ۾ گذاري ڇڏي آهي. سنڌ ڌرتي جو ذرو ذرو جاچي ڏٺو اٿم. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڪو نه ڇڏي اٿم جو حسرت رهجي وڃيم. مون کي سنڌ جي انچ انچ سان پيار آهي. پوءِ وري پنهنجي ڀريل ڪتابن واري ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ ڪتاب پڻ ڏيکاريائين ۽ چيائين ته اسان جي ملڪيت اٿئي اهي ڪتاب ۽ سنڌ جا هي ٺڪر ۽ ڀتر، پوءِ ڪنهن کي وڻن يا نه وڻن. پر مون کي جان کان به وڌيڪ پيارا آهن. صحرائي صاحب کي واقعي به سنڌ ڌرتي سان پيار هو. شايد ئي اهڙو ڪو ٻيو سنڌ جو اديب هجي، جو 80 سالن جي عمر ۾ به پيو سنڌ جي تحقيق ڪري. ادا بدر ابڙو به تاج صحرائي سان اڪثر انهن ماڳن مڪانن تي ويندو هو. جيڪڏهن وري ادب ۽ ماڳن مڪانن کان هٽي ڪري کيس ڏسبو ته تعليمدان به چوٽيءَ جو هو. نوڪري دوران سخت اصول پرستي ۽ تعليم کاتي سان اها سچائي ۽ ايمانداري جو پنهنجي پٽ کي به ريسٽيڪيٽ ڪري ڇڏيائين. هن تاريخ ۽ ادب تي ڪيترائي ناياب ڪتاب پڻ لکيا. قلندر لال شهباز ميلا ڪميٽي جو سيڪريٽري پڻ رهندو آيو هو. هر سال وڏي شوق ۽ محبت منجهان قلندر لال شهباز جي ميلي ۾ ادبي ڪانفرنس جو بندوبست ڪرائيندو هو. صحرائي صاحب کي صدارتي ايوارڊ کان به نوازيو ويو هو. آخرڪار هي سنڌ جو مشهور اديب، دانشور، محقق ۽ آرڪيالاجسٽ 82 سالن جي عمر ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. هن جي وڃڻ کانپوءِ جيڪو سنڌ ۾ خال پئدا ٿيو آهي، اهو شايد ڪو ٻيو ڀري سگهي. صحرائي صاحب جهڙا سپوت ڌرتي روز روز ڪونه پيدا ڪندي آهي. هن جي سنڌ ڌرتيءَ سان محبت نوجوان نسل لاءِ مشعل راهه آهي. سندس نالو سنڌ جي تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو.
_________________________________________________________________________________
شام ، عبرت، هلال پاڪستان، سچ، مهراڻ، عوامي آواز، سنڌو، تعمير سنڌ، هلچل، عبرت مئگزين