ليکڪ پاران:
منهنجو هي ڪتاب ’’سنڌ جا املهه هيرا‘‘ جڏهن پڙهندڙ پڙهڻ شروع ڪندا ته يقينن اهو ضرور سوچيندا ته ليکڪ سنڌ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن يعني هڪ ٻئي سان زمين آسمان جيڏا شديد نظرياتي اختلاف رکندڙ هڪ تسبحي ۾ پوئيا آهن. مون گھڻو ڪري ڪتاب ۾ انهن شخصيات تي قلم کنيو آهي، جيڪي منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا دوست ساٿي آهن يا سندس واسطيدار آهن. حقيقت ۾ منهنجو ننڍپڻ ملڪ جي تمام وڏين شخصيتن جي ملاقاتن سان ٽمٽار رهيو آهي. انهيءَ جو وڏو سبب منهنجي والد مرحوم جي اوطاق ئي آهي، جتي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ منجھان سياستدان، اديب، شاعر، ليکڪ، ليڊر، صحافي، سردار ۽ ڪامريڊ ايندڙ ويندڙ هئا ۽ مون کي بابا سائين مرحوم هميشه پنهنجي ڀرسان ويهاريندڙ هيو. اهڙي طرح انهن ڪچهرين ۾ مان به ملڪ جي بيشمار چوٽيءَ جي نامور هستين سان ننڍپڻ ۾ شامل رهيس. هتي سندن نالا لکندس ته پنا کُٽي ويندا پوءِ به انصاف ڪري ڪونه سگھندس. جيڪي به اتي ڪچهري ۾ اديب شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندا هئا، اُهي اڪثر پنهنجا ڇپيل ڪتاب ضرور بابا سائين کي تحفي طور ڏيندا هئا. پير حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد شاهه راشدي جڏهن بابا سائين وٽ ايندا هئا يا وري بابا سائين به انهن وٽ ويندو هو، انهن ٻنهي ڀائرن جا لکيل ڪتاب ’’اُهي ڏينهن اُهي شينهن،‘‘ ’’هُو ڏوٿي، هو ڏينهن‘‘ مون ننڍپڻ ۾ پڙهيا ۽ ڪچي ذهن تي مون کي شخصيتن تي لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. لکڻ جي شروعات ته مون 1981ع ڌاران شروع ڪري ڇڏي هئي، ان وقت اسان وٽ سرڪاري طرح سنڌي اخبارون چار اينديون هيون، جن ۾ روزانه آفتاب، مهراڻ، عبرت ۽ هلال پاڪستان. مان انهن چئني اخبارن ۾ ٻارن جي صفحن ۾ لکڻ شروع ڪيو. انهي کان علاوه گل ڦل توڙي اردو ٻارن جا رسالا نونهال وغيره ايندا هئا. شروع ۾ مون مذهب تي لکيو، بعد ۾ نفسيات تي لکيم. آخرڪار منهنجو قلم وڃي شخصيتن تي راضي ٿيو. انهيءَ جو وڏو سبب اهو هيو ته 10 مارچ 1986ع تي بابا سائين وفات ڪئي. جيڪو منهنجو زندگيءَ جو ڪارو ڏينهن هيو. بابا سائين جي وفات کان پوءِ منهنجو ڪو به دنيا ۾ وڏو ڪونه هيو، نه چاچا نه ماما. اتي بابا سائين جا دوست ئي هيا، جيڪي منهنجا ڇپر ڇانوَ هئا. انهن ۾ پٽيوالي کان وزيراعظم، چيف جسٽس، چيف منسٽر، ميمبر صوبائي/ قومي اسيمبلي، سفير، وزير مطلب ته انهن ۾ هر طبقي جون شخصيتون شامل هيون، جن ۾ شاعر، اديب، صحافي، وڪيل، واپاري، زميندار، سردار، هاري ۽ ناري. جڏهن بابا سائين جي اکين ٻوٽڻ کان پوءِ انهن جو به آهسته آهسته هي فاني جھان ڇڏڻ جو سلسلوشروع ٿيو ته مون انهن محسنن، منهنجي وڏڙن جا احسان لاهڻ لاءِ، سندن زندگيءَ ۾ مون کي ڏنل پيار جو قرض لاهڻ لاءِ مٿن قلم کنيو. ڇو ته انهن شخصيات جون اهي شامون جيڪي والد مرحوم جي اوطاق تي گذريون هيون، مون تي انهن جي ڪچهرين ۽ ڳالهين ڪافي گھرو اثر ڇڏيو هيو. سندن هي جھان ڇڏڻ بعد سندن چهرا منهنجا سامهون ڦرندا رهندا هئا، سندن قول ۽ ڪلام منهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين جو هڪ اڻ وسرندڙ حصو رهيا، ڇو ته ڪجهه شخصيتون اهڙيون هونديون آهن، جن جا تصور احساس ۽ عمل وسارڻ جوڳا نه هوندا آهن. اهو ئي سبب هيو جو مون والد مرحوم جي انهن دوستن کي هميشه لاءِ تاريخ جو هڪ باب بڻائي ڇڏيو. ۽ سندن زندگيءَ تي مضمون لکي اخبارن ۾ شايع ڪرايم ۽ پڻ ڪوشش ڪري سندن ورسيون به انهي ڏينهن ملهائڻ لڳس ته ڄڻ روح کي سڪون ملڻ لڳو.
هتي مان هڪ ڳالهه واضح ڪندو هلان ته جڏهن مون پهريون مضمون هڪ شخصيت تي لکيو هيو ته اهو پنهنجي استاد ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ کي وڃي پڙهايم. ڪامريڊ پڙهي ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ هڪ خط اخبار جي ايڊيٽر کي لکي ڏنو ته هي مضمون اخبار ۾ ضرور شايع ڪندا ۽ پوءِ انهي مضمون شايع ٿيڻ کانپوءِ ئي مون باقاعده اخبارن ۾ شخصيات جي حوالي سان لکڻ شروع ڪيو ۽ مون کي سڄي سنڌ مان شاباسي ملي ته ويتر روح کي اتساهه مليو.
اڳتي هلي ڪافي دوستن چيو ته هاڻي تمام گھڻا مضمون شايع ٿي چڪا آهن، هاڻي انهن کي ڪتابي صورت ۾ آڻيو ته ڏاڍو چڱو ٿي پوي. دوستن جي بيحد اصرار تي آخرڪار هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي. جئين ته ڪتاب سهيڙڻ وقت اصل مضمونن جي نه لڀجڻ جي ڪري، هي سڀ مضمون سنڌ جي مختلف اخبارن تان کنيا ويا آهن، اخبارن ۾ هميشه گھڻو ڪري ليکڪن جا مضمون گھٽائي ڇاپيا ويندا آهن ۽ سندن ڪاٽ ڪوٽ ڪئي ويندي آهي. ان لاءِ اگر ڪنهن به مضمون ۾ ڪنهن قسم جي ڪا ڳالهه رهجي ويل آهي ته اها منهنجي پاران نه بلڪه اخبارن جي غلطي سمجھي وڃي. پوءِ به انهيءَ ڪمي پيشي لاءِ مان معذرت خواه آهيان.
مون بغير ڪنهن مذهبي، سياسي ۽ قومي تفريق جي، دل جي گھراين سان هي مضمون لکيا اٿم. فهرست ۾ نالا به الفابيٽيڪلي يعني الف، ب موجب رکيا اٿم، جو مون لاءِ هن ڪتاب ۾ ڏنل سڀ شخصيات محترم ۽ قابل احترام آهن، تنهن ڪري مون آڏو ڪنهن کي مٿي، ڪنهن کي هيٺ رکڻ ڏاڍو ڏکيو هيو. بهرحال شخصيات جي حوالي سان مان سمجھان ٿو ته هي ڪتاب سنڌ ۾ اڳ شايع ٿيل ڪتابن کان منفرد ۽ خاص حيثيت رکندو. انشاءالله.
مير نادر علي ابڙو
Cell: 0333-26-18748