هي ڪتاب سنڌ جي اهم شخصيتن تي لکيل ڪالمن يا تاثرات تي شامل آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ محترم مير نادر علي ابڙو صاحب جن آهن. پاڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکن ٿا.
اسين ٿورائتا آهيون مير نادر علي ابڙو جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.
1999ع ڌاران منهنجي پوسٽنگ پهريون دفعو بطور ايڊيشنل سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن شڪارپور ٿي. اتان جي سينيئر وڪيل عطا محمد سومرو جن سان جڏهن ڪچهري ڪرڻ ويس ته مون کي چيائين، هلو ته هلون رحيم بخش سومري سان ملاقات ڪرڻ. منهنجي چاچي رحيم بخش سومرو سان اها پهرين ملاقات هئي، عطا محمد سومري منهنجو چاچي رحيم بخش سومري سان تعارف ڪرائيندي چيو ته هي تاج محمد ابڙو جو فرزند آهي ۽ هتي پوسٽنگ ٿي اٿس. چاچو رحيم بخش سومرو انتهائي ضعيف هو ۽ ان ڏينهن ته اتفاق سان طبيعت به صحيح ڪونه هئس پر تنهن هوندي به وڏي محبت ۽ گرم جوشيءَ منجهان مون کي ڀاڪر پائي مليو ۽ چيائين ته تون ته منهنجو ڀائيٽيو آهين. تنهنجو بابا منهنجو پراڻو سنگتي هو. پهرين ملاقات ۾ ئي چاچي رحيم بخش مون کي پنهنجو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ مان جيترا ڏينهن به شڪارپور ۾ رهيس چاچي رحيم بخش سان شام جو ڪچهري ڪرڻ سندس اوطاق تي ويندو هوس. هو ننڍن سان ننڍو ۽ وڏن سان وڏو، مطلب ته هر عمر واري سان رلي ملي ويندو هو. قدرت واري هن کي محبت ۽ پيار واري زبان ڏني هئي، انهيءَ ڪري هر عمر، هر طبقي ۽ مختلف سوچن جا ماڻهو هن وٽ محبت ۾ ڇڪجي ايندا هئا. هو پراڻي دؤر جي سياست جي لاهن چاڙهن جي تاريخ اهڙي نموني ٻڌائيندو هو جو کيس ڇڏڻ تي دل ئي ڪانه چوندي هئي. پر مان جلدي ٿورن ڏينهن ۾ ئي شڪارپور کان بدلي ٿي لاڙڪاڻي هليو ويس ۽ اهو مختصر ملاقاتن وارو سلسلو به بند ٿي ويو، سنڌ صوبي تي نظر ڦيرائبي ته سياست جي حوالي سان ڪجهه خاندانن جون تمام گهڻيون ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ لاءِ خدمتون رهيون آهن. انهن منجهان ئي هڪ شڪارپور جو سومرو خاندان به آهي ۽ انهيءَ خاندان جو هڪ فرد رحيم بخش سومرو به آهي، جنهن کي سنڌ ۾ ننڍا توڙي وڏا چاچو رحيم بخش ڪري سڏين ٿا. چاچو رحيم بخش سومرو 1918ع ۾ ڄائو، علي ڳڙهه مان تعليم حاصل ڪيائين. سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت دوران پهريون ڀيرو وزير بڻيو. جنهن بعد عبدالستار پيرزادي جي ڪابينا ۾ پڻ وزير ٿيو. گورنر يوسف هارون ۽ گورنر جنرل رحيم الدين جي دؤر ۾ پڻ وزير رهيو. اختر علي جي قاضي وزير اعليٰ سنڌ جي حڪومت ۾ پڻ وزير رهيو. چاچي رحيم بخش سومري سياست جي شروعات لوڪل بورڊ جيڪب آباد مان ڪئي. 1945ع ۾شهيد الله بخش سومرو جي شهادت کان پوءِ مڪمل طرح سياست جو آغاز ڪيائين. رٽائرڊ ايئر مارشل اصغر خان جو ويجهو دوست هو. تنهن ڪري تحريڪ استقلال ۾ پڻ رهيو. اڪثر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون آزاد اميدوار طور لڙيو. آخري اليڪشن وزيراعليٰ سنڌ ڄام صادق علي جي دؤر ۾ ٽنڊوباگو ضلعي بدين مان صوبائي اليڪشن ۾ حصو ورتو، مرحوم جيڪب آباد مان درياهه خان کوسو شڪارپور مان ميجر عطا محمد پٺاڻ سان پڻ اليڪشن ۾ مقابلو ڪيو. چاچو رحيم بخش سومرو وفاقي وزير حفيظ شيخ ۽ سينيٽ جي چيئرمين محمد ميان سومرو جو مامو هو. جڏهن ته اڳوڻي دفاعي وزير آفتاب شعبان ميراڻي جو سالو هو ۽ اڳوڻي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر الاهي بخش سومرو، احمد ميان، افتخار احمد سومرو جو سئوٽ ۽ جنيد احمد سومرو جو وڏو چاچو هو. چاچو رحيم بخش سومرو سومرا برادري جو سردار پڻ هو. چاچي رحيم بخش جي تربيت جيئن ته سياسي گهراڻي ۾ ٿيڻ ڪري هو غريب، مسڪين بي پهچ ۽ سنڌ جي پيرين اگهاڙي ماڻهن جي ويجهو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو مسڪين طبقي جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ سبب کيس ڪافي دفعا وزير ڪيو ويو. هن ۾ ڪنهن به قسم جي وڏائي يا غرور نه هو ۽ هن کي خدا جي طرفان سياست جي ڏات مليل هئي. سنڌ ۾ سياسي جوڙ توڙ جي حوالي سان به هو مشهور رهيو. هو نه فقط راڄوڻن فيصلن جو ماهر هو پر سومرو خاندان جي ننڍي وڏي مسئلي کي حل ڪرائڻ ۾ پڻ وڏي رهنمائي ڪئي. شال سندس اولاد به چاچي رحيم بخش جي ڏنل راهه تي هلي پنهنجي امر والد جو سياسي ۽ سماجي حوالي سان نالو روشن رکندي اچي.