شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ جا املهه هيرا (مضمون)

هي ڪتاب سنڌ جي اهم شخصيتن تي لکيل ڪالمن يا تاثرات تي شامل آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ محترم مير نادر علي ابڙو صاحب جن آهن. پاڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکن ٿا.
اسين ٿورائتا آهيون مير نادر علي ابڙو جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.
Title Cover of book سنڌ جا املهه هيرا (مضمون)

ايم ايڇ پنهور سنڌ جي تحقيقدان جو وڇوڙو!

اڄ آئون سنڌ جي هڪ اهڙي محقق ڪردار تي لکڻ ويٺو آهيان، جيڪو ڪالهه اسان سان هو پر اڄ هن جون يادون اسان ساڻ آهن، هن جيڪا جاکوڙ سنڌي قوم لاءِ ڪئي، تنهن کي زمانن تائين ياد رکيو ويندو. ايم ايڇ پنهور جو نالو وٺڻ سان ئي ذهن جي چؤگرد سندس جدوجهد وارا پل گهمڻ ٿا لڳن. پاڻ هميشه اصولن سان نڀاءُ ڪندي جيڪو ڪردار هن ڌرتي لاءِ ادا ڪيو، تنهن کي زمانن بعد به شايد اسان وساري سگهون.
ايم ايڇ پنهور جي لاڏاڻي تي هر دل دکي آهي، هڪ اهڙو انمول هيرو سنڌ کان وڇڙي چڪو، جنهن هر وقت علم جي واڌاري خاطر پنهنجو نور نچوڙيو. اڄ جڏهن هو ناهي رهيو ته هڪ وڏو خال پيدا ٿي چڪو آهي. زرعي شعبي کان ويندي هر ڏس ۾ هن تحقيق ڪئي ۽ پنهنجي ڏاهپ وسيلي پاڻ مڃرايو. سنڌ جي ناليواري محقق آرڪيالاجسٽ، زرعي سائنسدان ۽ برک ڏاهي ايم ايڇ پنهور جو پورو نالو محمد حسين پنهور هو . هن 25 ڊسمبر 1925ع تي دادو ضلعي ۾ ڦلجي ويجهو ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ جنم ورتو. 1949ع ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي مان مڪينيڪل ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ بي اِي ڪئي. جنهن کان پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا روانو ٿيو. جتي هن آمريڪن يونيورسٽي مان ايم ايس سي ڪئي. جنهن بعد زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ڪافي عرصي تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ 1952ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيو. جنهن بعد کيس ڊائريڪٽر ايگريڪلچر اينڊ ريسرچ مقرر ڪيو ويو. جنهن عهدي تان هو رٽائرڊ ٿيو. ايم ايڇ پنهور 1945ع ۾ مسلم عورت جي نالي تي انگريزي ۾ پهريون ڪتاب تحرير ڪيو. انهيءَ کان علاوه هن ڪيتريون ئي نيون زرعي جنسون متعارف ڪرايون. جن ۾ صوف، ڪيلا، انب، انگور، زيتون، ليمان، مالٽا ۽ چانورن جون مختلف جنسون پڻ شامل آهن، تنهن کان علاوه پاڻ سنڌ ۾ زير زمين پاڻي، آبهوا ۽ زرعي جنسن تي 30 کان مٿي ڪتاب لکيا.
ايم ايڇ پنهور ’’سومرا دؤر - سنڌ جي تاريخ ۾‘‘ هڪ ڪتاب پڻ لکيو ۽ پاڻ سنڌ جي آرڪيالاجي تي پڻ وڏو ڪم ڪيو ۽ هڪ ماهر طور سموري دنيا ۾ مڃتا ماڻي ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيائين. هن ڪوئيٽا ۽ قلات ڊويزن جي زير زمينن تي پڻ ڪتاب لکيو. ايم ايڇ پنهور زرعي سائنسدان سان گڏ هڪ وڏو محقق، تاريخدان ۽ برک ڏاهو هو. هن دنيا جي تبديل ٿيندڙ آبهوا ۽ ڏڪار واري صورتحال تي پڻ تحقيق ڪئي. ايم ايڇ پنهور کي سندن خدمتن جي مڃتا عيوض ستارا امتياز سميت ڏيهي توڙي پرڏيهي ايوارڊ ڏنا ويا. هن دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪيترن ئي قيمتي پٿرن ۽ نوادرات کي گڏ ڪري انهن کي پنهنجي گهر جي زينت بڻايو ۽ سوين ڪتابن سان گڏ ڪيتريون ئي ناياب شيون پڻ سندن گهر ۾ محفوظ پيل آهن. سندن لطيف آباد يونٽ 2 وارو گهر ميوزم جي حيثيت رکي ٿو.
ايم ايڇ پنهور سان بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا دلي رشتا هئا، هو هڪ ٻئي تي ساهه ڏيندا هئا. ڪجهه وقت اڳ ۾ هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو دوران ايم ايڇ پنهور بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو تذڪرو ڪندي چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ جو روح هو ۽ اهڙن ڪردارن کي اسان ماڻهو فراموش نه ٿا ڪري سگهون. ڏکي دؤر مان نڪرڻ لاءِ اسان کي اهڙن ماڻهن جي راهه تي هلڻو پوندو.
هاڻي ضرورت ان شيءَ جي آهي ته ايم ايڇ پنهور جي ڇڏيل تحقيق جي ڪم کي اڳتي وڌائجي ۽ هن جي نالي پويان سنڌ ۾ هڪ وڏو تحقيقي ادارو قائم ڪري اتي تحقيق جي حوالي سان ايندڙ نسل کي تعليم ڏني وڃي، ٻئي صورت ۾ اهو ڪم ۽ تحقيقي سلسلو اتي ئي دم ٽوڙي ويهندو. اڄ سموري سنڌ سوڳوار آهي. هر نيڻ آلو آهي، ڇو جو هڪ مهان تحقيقدان سنڌ ڌرتي کان الڳ ٿيو آهي، پر تنهن باوجود به جيسين هي دنيا آهي اوستائين ايم ايڇ پنهور جو نالو هن ڌرتي تي قائم ۽ دائم رهندو ۽ سنڌي ماڻهو هن کي تا دم ياد ڪندا رهندا. منهنجي اها دعا آهي ته شل رب ڪريم سنڌ جي هن مهان ڏاهي کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي ۽ سندن ونيءَ ۽ خاندان کي صبر عطا فرمائي.