لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس، سڪار، ڏڪار بابت اڳڪٿيون ، پهاڪا ۽ چوڻيون .
مجموعي طور هي ڪتاب انتهائي ڀلوڙ معلومات پيش ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي يا ته نئين معلومات ڏئي ٿو يا وري ڄاڻ کي نئين روپ ۾ پيش ڪري ٿو. جنهن سان تحقيق جي انداز جا نوان گس پڻ کليا آهن . ٿر تي لکڻ جو شوق ڏيارڻ لاءِ نون موضوعن کي پڻ ڇيڙيو ويو آهي . ڪتاب پڙهي هِن موضوع بابت انيڪ ليکڪن کي لکڻ جو ريچڪ پئدا ٿيندو، .جيڪا به ڪتاب جي هڪ خوبي آهي.
Title Cover of book ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

• پنهنجي پاران

سنڌ جو ٿرپاڪر وارو ڀاڱو مرڪن ، لڙڪن ،اوسيئڙن ، آسن ، وڇوڙن ، ميلاپن ، وطن سان پيار ، انسان دوستي، سچائي ، عشق، سهپ ، سخا ،سورهيائي ۽ همتن سميت سڀني انساني جذبن جو آئينو آهي . هي خطو دنيا جي انهن ڀاڱن مان هڪ آهي ، جتي اڃان تائين تاريخ جو شروعاتي چراگاهي دور پنهنجن سڀني حرارتن سان نه صرف زنده آهي . پر هو پنهنجي سمورن انساني قدرن سان سگهاري صورت ۾ موجود آهي. سموري جديد سماجي لاڙن ۽ سهوليتن کان ڪوهين ڏورهتان جو سنڌي سماج اڄ به قديم سنڌ جي ويد ڪ د ور جي آخري نشاني آهي . خاص ڪري تاريخ جي شاگردن جي مطالعي لاءِ ٿر قديم سنڌي سماج جونه صرف عڪس آهي، پر هتي موهن جي دڙي جو ساٿاري قديم سنڌي سماج پنهنجي سموري سگهه سان ساهه کڻي پيو. ٿر جي مشاهدي سان معلوم ٿيندو ته جڏهن قديم زماني ۾ سائنسي مشاهدن جو سفر شروع ٿيو هو، ۽ اڃان سموريون ايجادون سماجي تجربن مان گذري رهيون هيون . ماڻهو سج ، چنڊ ، تارن ، نکٽن ، جانورن ، پکين ، جيتن زمين ۽ آسمان جي رنگن جي ڦير گهير جو مطالعو ڪري رهيا هئا . ان وقت سنڌ ي سماج انهي مشاهدن ، تجربن مان نه صرف نتيجا حاصل ڪري ورتا هئا . پر هنن پنهنجي زندگي جي سموري ڪار وهنوار کي به سائنسي ڄاڻ جي روشني ۾ هلائڻ شروع ڪيو هو .
اڄ لکين سالن جي انساني ارتقا جو سفر الائجي ڪٿي وڃي پهتو آهي. اڄ جڏهن انسان ارتقائي سفر ۾ اڳتي هلندي ترقي جي اوچن مينارن تي بيهي پويان نهاري ٿو ته ، کيس پنهنجي انهي ترقي تي ناز ڪرڻ بجاءِ پنهنجن وڃايل انساني قدرن جي وڇوڙي تي ماتم ڪرڻو ٿو پوي ، انسان ايٽم بم کان به اڳتي ليزر شعاعن،اسٽار وار ۽ ٻي جنگي ٽيڪنالاجي ۾ ڌرتي جي گولي کي سيڪنڊن ۾ تباه ڪرڻ جو سامان ته ٺاهي چڪو آهي . پر معصوم ٻار جي مرڪ جو بقاءَ، ماءُ جي لوليءَ جي سلامتي ، پوڙهي جو سهارو، بکئي جي پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻه داڻا ۽ سيءَ ۾ ڏڪندڙ ڌنار لاءِ گرم ڪپڙا مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي . هن وقت دنيا ۾ امن جو سوال اهڙي شدت سان اڀريو آهي ، جو انهي جي صحيح جواب ڏيڻ لاءَ اقوام متحده جون بين الاقوامي امن ڪانفرنسون به ڪو صحيح جواب ڏيڻ کان قاصر آهن . ڏينهان ڏينهن ڌرتي جو گولو دوزخ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي . موسمياتي ڦير گهير سبب انسان جي جياپي جا سمورا قدرتي وسيلا تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن . جنهن سبب انساني وجود ڌرتي جي گولي تي هڪ سوال بڻجي ويو آهي . جنهن سوال جو جواب اڃان تائين ڪنهن وٽ به ناهي.

پر دنيا جي ارتقائي ترقي کان پري ٿر جي ڀٽ تي بئنسري وڄائيندڙ ڌنار ، ٽي سئو فوٽن جي اونهائي وارن کوهن تان پاڻي ڀريندڙ پاڻياريءَ ، اڌرات جو جهاڙولا پائي، زهريلا نانگ ۽ بلائون لتاڙي ، مال جي پرگهور لهندڙ ڀاڳئي ، ٽوه جي داڻن جي رٻ پيئندڙ ٻار ۽ ٻني جي بٽئي تان ٻنيءَ جو سمورو لٿل ان کري منجهه ئي ورهائي خالي موٽندڙ هاري ، ان جي چوٿائي به ورهائي کائيندڙ گهر ڌياڻيءَ ۽ هڪٻئي جي بنا اجوري پٽڙي رٻ جي ڍڪ تي، مدد لاءِ آبٿ تي کلندي ڪڏندي همرچا ڳائيندي ، مدد ڪندڙ ڳوٺاڻا ، اڄ به پر امن سماج ۾ ساهه کڻن ٿا ، جتي جهنگ ۾ پهرايل ڍورن کي چوري ڪندڙ ڪو چور ناهي.جتي انڌي غيرت جي نالي ۾ ڪنهن نياڻي جو ڪنڌ ڪهاڙي جي وار کان حفاظت ۾ آهي . جتي ڪوبه دين ڌرم جو جهيڙو ناهي ، هڪ هندو ٺڪر جي نياڻي جي شاديءَ تي رخصتي هڪ مسلمان کان ڪرائي وڃي ٿي . جتي سنت نيڻوءَرام جي قائم ڪيل آشرم تي ، پکين ، جانورن ، نانگن بلائن جي پرگهور لڌي وڃي ٿي ، جتي سڀ انسان گڏجي ماني کائن ٿا . جتي کوهه تان پاڻي ڀريندڙ ماڻهو پنهنجي اڃ کي مسافر جي اڃ تي قربان ڪن ٿا . جتي لپ ان جي به ڪو لڪائي نٿو رکي، جتي ڏڪار سٽيل ماڻهو به پنهنجي ٻچن جي ماني ڳڀي مان مورن ۽ ٻين پکين کي چوڳو ڏين ٿا . جتي ائين لڳندو آهي ته انساني سماجي قدر ڄڻ دنيا جي ترقي يافته معاشري تي چٿرون ڪندا هجن . ٿر جتي لکين سالن کان سماجي ترقي جمود جو شڪار آهي . جتي جديد سائنسي ايجادن جو پاڇو به نه پهتو آهي. جتي جي ماڻهن کي ڏسي ائين لڳندو آهي ، ڄڻ هو گجگاهه ميلي مان انساني ترقي کان وڇڙيل معصوم ٻار هجن . انهي هوندي به ٿر جا ماڻهو جيئن پيا جاڳن پيا . جديد سائنسي ترقي کان وڃائجي ويل هي ماڻهو ايندڙڏڪار ۽ سڪارکان کان بيخبر ناهن . هنن کي سال جي شروعات ۾ ئي خبر هوندي آهي ته ايندڙ سال ڏڪار جي ڏنجهن کي منهن ڏيڻو آهي يا سڪار جي سونهن ڏسڻي آهي، ڇو ته فطرت سان گڏ هن ڪائنات جو هر منظر کين ايندڙ گهڙين کان واقف ڪندو رهي ٿو . اهوئي سبب آهي جو ٿرجو سماج موتمار ڏڪارن جو مقابلو ڪندي به زنده آهي. ٿر جا ماڻهو آزاريندڙ قحط ڏڪارن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهن . موسمي اثرن جي ايندڙ حالتن کان هتان جو ٻڍو ٻار واقف آهي ، هو اڄ به تارن ، سج ، چنڊ ،نکٽن ، وڻن ، پکين ، جيتن ، جانورن ، آسمان جو رنگ ۽ هوائن جون سرگوشيون ٻڌي موسم جون پوري سال جون اڳواٽ اڳڪٿيون ڪن ٿا . سندن اهي اڳڪٿيون لکين سالن کان کين نتيجا ڏينديون رهن ٿيون .دنيا انهن کي وهم وسوسا ڀل سمجهي پر سندن صدين کان سنڀالي رکيل لوڪ ڏاهپ کين ڪڏهن به دوکو نه ڏنو آهي. اها تجربن مان گذريل سائنس آهي .
اها ٻيءَ ڳالهه آهي ته ٿر جي انهي لوڪ ڏاهپ جي سائنسي ڇنڊڇاڻ هن کان اڳ ۾ ڪنهن به نه ڪئي آهي . ٿر تي لکيل سمورا ڪتاب ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي سائنسي ڇنڊڇاڻ بابت ڪو به مواد فراهم نه ٿا ڪن . انهي لاءِ ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ ڏسيل ڏڪار ۽ سڪار جي اهڃاڻن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ اڳيان اچڻ ضروري آهي . انهي ڳالهه جي اهميت بابت منهنجي پياري دوست ۽ ايل ايڇ ڊي پي جي جاکوڙي آفيسر قيصراعظم سومرو جي مون سان اڳ ۾ ڪچهري دوران گفتگو ٿي چڪي هئي . اسان ٻنهي اهڙي قسم جي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو .

مٿان وري انهي ضرورت کي محسوس ڪندي ٿر ۾ قدرتي آفتن کان بچاءَ جي تياري لاءِ ڪم ڪندڙ اداري لاڙهيومينٽيرين اينڊ ڊولپمينٽ پروگرام(ايل ايڇ ڊي پي) جي ايگزيڪيٽو ڊئريڪٽر اقبال حيدر ، ۽ ايل ، ايڇ ، ڊي ،پي . جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي مئنيجر فدا سومري ، جيڪي ڪافي وقت کان سماجي خدمتن ڪندي گهڻو ڪري سماج ۾ بنيادي تبديلي آڻڻ واري سوچ سان ڪم ڪندا رهيا آهن . اقبال حيدر بنيادي طور غربت ۾ اک کولي ۽ غربت جي عذابن جي آويءَ مان پچي راس ٿيو. هن سماجي خدمتن جي دنيا ۾ پنهنجي انهن ڏکن کي طاقت ۾ تبديل ڪري قدم رکيو ۽ پنهنجي وس آهر هو سماجي تبديلي لاءِ جاکوڙي رهيو آهي . هن وٽ ملڪ مان غربت جي راڪاس ۽ قدرتي آفتن کي ڀڄائڻ لاءِ هڪ جامع رٿابندي آهي . انهي ڪري هن ايل ،ايڇ ، ڊي ، پي . کي پاڪستان جي هڪ وڏي سٿ ، انڊس ڪنسور شيم سان ڳنڍي رکيو آهي ۽ هو ڪجهه سالن کان انهي سٿ جو باني چيئرمين پڻ آهي . جڏهن ته محترم فدا سومرو هڪ باصلاحيت نوجوان آهي . هي ڪيترن سالن کان ملڪ جي غربت سٽيل علائقن کان سواءِ ٿر جي علائقي جي غربت جي سببن ۽ سماجي حالتن تي گهري نظر رکندو پئي آيو آهي . انهي ڪري هن وٽ ملڪ جي پسمانده علائقن کان سواءِ ٿر جي ڏکن کي گهٽائڻ جي لاءِ هڪ جامع رٿابندي جو تصور پڻ آهي . هن دردمند نوجوان جي سماجي خدمتن واري جذبي کيس عاليشان سرڪاري نوڪري به ڇڏائي ، ۽ هو پڻ اچي محترم اقبال حيدر سان ٻانهن ٻيلي ٿيو . هنن ٻنهي ماڻهن جي نيڪ نيتي ۽ سماجي خدمتن جي عشق کي ڏسندي منهنجي دل ۾ سندن لاءِ وڏي عزت آهي . انهي ڪري جڏهن هنن ٻنهي گڏجي مون فقير کي انهي ڪم لاءِ اهل سمجهي رابطو ڪيو ۽ منهنجي حوالي اهو سمورو تحقيقي ڪم ڪيو . ته آئون هن ڪم جي اهميت کي محسوس ڪندي ، کين جواب نه ڏيئي سگهيس .سو نچڻ ته پوءِ گهونگهٽ ڪهڙا؟ . سو مون سندن انهي ڪم ۾ بغير ڪنهن لالچ جي هٿ وڌو. ايل ايڇ ڊي پي به هن ڪم جي اهميت کي ڏسندي تحقيق دوران منهنجي هر ممڪن مدد ڪرڻ ۾ هر قسم جو تعاون ڪيو ، ايل ايڇ ڊي پي جي ذميوارانه ڪردار ۽ منهنجي عشق گڏجي هڪ ڪتابچي جي جاءِ تي هن ڪتاب کي جنم ڏنو.
مون پنهنجي تحقيق جي ڪم جي طريقه ڪار کي ٽن حصن ۾ ورهايو، پهريائين مون سڄي ٿر جي سڀني طبعي ڀاڱن جو جائزو ورتو ۽ ٿر جي هر حصي جي نمائنده سگهڙن ، اديبن ، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين سان ڪچهريون ڪري ٿر بابت معلومات حاصل ڪئي . ڏڪار ۽ سڪار بابت اڳڪٿيون ، پهاڪا ۽ چوڻيون گڏ ڪيون . مون کي حيرت ٿي ته تمام مختصر نوٽيس تي مون سان هن ڏس ۾ ڀرپور تعاون ڪيو ويو. ٿر جي خمير مان جنم ورتل انهن سگهڙن ، اديبن ، شاعرن، فنڪارن ، صحافين ۽ سماجي ڪارڪنن مون سان دل کولي ويچار ونڊيا . ۽ پنهنجي ٿر سان عشق ڪندڙ انهن ڏات ڌڻين ٿر جي سچائي جي ساک کي لانجهو نه ڪيو. آئون سندن انهي عشق سان ڀرپور جذبي کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس.
ٻئي مرحلي ۾ مون تعلقي ڏيپلي جي ٻن يونين ڪائونسلن ڊاڀڙو ۽ ٻولهاڙي جي ويهن ڳوٺن، جيڪي ايل ايڇ ڊي پي جي فوڪس ايريا جا ڳوٺ هئا . انهن جو تفصيلي دورو ڪيو، ۽ حالتن جي جائزي وٺڻ سان گڏ مون اتي عوامي سطح تي عام ڪچهريون ڪري . پهرئين مرحلي ۾ مليل ڄاڻ جي تصديق ڪئي ۽ انهن ڪچهرين ۾ مون کي نه صرف اڳ مليل مواد جي سچائي جي شاهدي ملي، پر وڌيڪ به نهايت قيمتي معلومات حاصل ٿي . ڇو ته ٿر سنڌ جو اهو ڀاڱو آهي، جتي اڃان خوراڪ ۾ زهريلن مادن جي شموليت نه ٿي آهي . هتي جيڪا به اڀري سڀري کاڌ خوراڪ واپرائڻ ۾ اچي ٿي سا نج آهي انهي ڪري باوجود بکئي ۽ ڏکئي هئڻ جي به هتي سراسري عمر ستر کان اسي سالن تائين عام آهي ، پر مون کي انهن ڳوٺن ۾ سئو سال کان به وڏي عمر جا ماڻهو مڪمل چست ۽ ڦڙت مليا. سندن حافظو به حيرت ۾ وجهندڙ هو. انهن عام ماڻهن ۾ ٿر سان عشق جو جذبو ڏسي ڏندين آڱريون اچي ويون . جنم ڀوميءَ سان ايڏو عشق شايد ئي ڪٿي ٻئي هنڌ ڏسڻ ۾ اچي. مون کي انهن ڪچهرين مان بي انداز ڄاڻ جوخزانو هٿ آيو. جن مان ڪيئي ڪتاب جڙي سگهن ٿا. پر جيئن ته مون کي هن ڪتاب ۾ صرف ڏڪار ۽ سڪار جي اهڃاڻن ۽ ڏڪار ۽ سڪار ۾ استعمال ٿيندڙ پهاڪن ۽ چوڻين بابت ڄاڻ ڏيڻي آهي. ان لاءِ انهن سوين ٿرواسين کان مليل اها ڄاڻ مون وٽ سندن پيل امانت آهي. جي موقعو مليوته ٿر بابت ڪيئي ڪتاب لکي سگهبا.
ڪتاب جي مواد جي تحقيق جي دوران هڪ سوال سامهون آيو ته ، ٿر جي سڃاڻپ ڪارونجهر جبل ڪيترين جابلو ٽڪرين تي مشتمل آهي ، ۽ انهي سلسلي جا ٿر ۾ ٻيا ڪيترا جابلو ٽڪر يا ٽڪريون آهن . انهي سلسلي ۾ ٿر تي لکيل سڀ ڪتاب خاموش هئا . ڪنهن به سگهڙ يا ٿر جي اديب وٽ انهن جو مڪمل تفصيل موجود نه هو ، انهي لاءِ انهي اهم معلومات کي گڏ ڪري پڙهندڙن لاءِ پيش ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو . انهي سلسلي ۾ مون جڏهن ٿر جي سماجي ڪارڪن ۽ ڀلوڙ شاعر محترم امام علي جنجهي صاحب کي معلومات گڏ ڪرڻ جي گذارش ڪئي ، ته هن منهنجو ساٿ ڏيندي مسلسل هڪ هفتو پنهنجا سمورا ڪم هڪ پاسي رکي ، ڪارونجهر ۾ سالن کان مال چاريندڙ ڌنارن ، ماکيءَ لاهيندڙ پورهيتن ، ۽ جڙي ٻوٽين جي ڳولا لاءِ ڪارونجهر ۾ گهمندڙ سناسين سان ۽ ڀرپاسي جي عام ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ڪري مڪمل معلومات گڏ ڪرڻ ۾مدد ڪئي . ان کان علاوه ڪارونجهر جي جابلو سلسلي جي ٽڙيل پکڙيل ٻين ٽڪرين جو تفصيل گڏ ڪرڻ لاءِ ٿر جي ڊرائيورن ۽ سڄاڻ استادن کان مڪمل تفصيل حاصل ڪرڻ ۾ ساٿ ڏنو . ائين هي اهم معلومات هن ڪتاب جي زينت بڻي . سندس ساٿ ڏيڻ کانسواءِ آئون هي معلومات پڻ اڳين ليکڪن جيان پيش نه ڪري سگهان ها . ان لاءِ آئون محترم امام علي جنجهي صاحب لاءِ شاه جي هي سٽ دهرائيندس ته : ٿورا م ٿورا ، مونتي ماروئڙن جا .
ٿر ۾ لوڻ جا سن ۽ انهن جو تفصيل هٿ ڪرڻ کان سواءِ ٻين به ڪيترن جاگرافي جي منجهيل سوالن حل ڪرڻ ۾ ايل ايڇ ڊي پي جي جاکوڙي ڪارڪن محترم مصري سرواڻي جو ساٿ به ساراهڻ جوڳو آهي . جنهن ٿر جي تحقيقي سفر دوران منهنجو هر قدم تي ساٿ ڏنو.

ايل ايڇ ڊي پي جي فوڪس ايريا طور تعلقي ڏيپلي جي چونڊ کي به ساراهيندس ، ڇو ته تعلقو ڏيپلو ٿر جو سڀ کان وڌيڪ متاثر ڀاڱو آهي. هتي برسات به ٿر جي ٻين حصن کان گهٽ پوي ٿي. موسمي ۽ زميني تبديليون به هتي وڌيڪ آيون آهن. هتي جي زرعي زمين لوڻ جي سنن ۾ تبديل ٿي رهي آهي. هتي وڻن ۽ گاهن جا ڪيترا قسم ناياب ٿي رهيا آهن. ان ڪري ڏڪار جي شدت به ٿر جي هن تعلقي ۾ وڌيڪ رهندي آئي آهي.هتي جا ماڻهو ڏڪار جي عذابن ۾ جنهن همت سان جي رهيا آهن ، اها به هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي . سندن انهي جياپي جي لاءِ همت ۽ بهادري کي ڏسي انساني عظمتن کي سلام ڪرڻو پوي ٿو .
مون پنهنجي ڪتاب جي پڇاڙي ۾ ٿر جي انهن سڀني عاشقن جا نالا ڏنا آهن. جن جي ساٿ ۽ دل کولي حال ٻڌائڻ کان سواءِ مون جهڙو ڏڏ ماڻهو هي ڪتاب نه لکي سگهي ها . انهي ڪري آئون هن ڪتاب جي سرجڻهارن ۾ انهن سڀني ماڻهن کي شامل ٿو ڪريان. ۽ انهن سڀني ماڻهن جي درياءَ دلي، محبت ، شعور، ساڃاه ۽ وطن جي عشق کي سئو سلام .
ٽئين مرحلي ۾ مون انهي سموري مليل ڄاڻ مان ڏڪار ۽ سڪار جي اهڃاڻن کي ڌار ڪيو ، ۽ انهن اهڃاڻن جي اصل حقيقت جي سچائي ڄاڻڻ لاءِ ، مختلف شعبن ۾ مهارت رکندڙ جديد سائنس جي ماهرن سان رابطو ڪري هڪ سائنسي تحقيقاتي ڪميٽي جوڙي ، انهن سائنسدانن جي مطالعي ۽ غور فڪر لاءِ مون ۽ ڪلتارگل ٿر مان هٿ ڪيل ڏڪار ۽ سڪار جي باري ۾ سمورن اهڃاڻن جو دستاويز انهن جي حوالي ڪيو . جن جي هڪ مهيني جي انفرادي غور ويچارڪرڻ کان پوءِ مون ، اقبال حيدر ، فدا سومري ۽ ڪلتار گل ، سائنسي تحقيقاتي ڪميٽي جي سائنسدانن سان گڏجاڻيون ڪري مسلسل گڏيل ويهڪن ۾ هرهڪ اهڃاڻ جي جديد سائنس جي روشني ۾ڇنڊڇاڻ ڪئي ، انهي بعد هر لحاظ کان مطمئن ٿي هنن اهڃاڻن بابت غلط يا صحيح هئڻ بابت تصديق ڪئي . جنهن بعد انهن اهڃاڻن کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي . اهڙي ريت هن ڪتاب جا ٽيئي تحقيقي مرحلا مڪمل ٿيا . انهن سائنسدانن جا نالا پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهن . سائنسي ڇنڊڇاڻ دوران پابندي سان وقت ڏيڻ ۽ دلچسپي وٺي کليل بحث ڪري سائنسي نتيجا اخذ ڪرڻ جي محنت جي جذبي ، هن ڪم جي اهميت کي سمجهندي ذميوارانه ڪردار ادا ڪرڻ تي آئون سائنسي ڪميٽي جي سڀني سائنسدانن جي وطن سان عشق ۾ گذاريل گهڙين کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس .
انهن قابل فخر سائنسدانن ٿر جي لوڪ ڏاهپ کي سائنسي روشني ۾ جيڪا زندگي ڏني آهي ، سا سڄي قوم لاءِ قابل فخر ڳالهه آهي ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ کي جديد سائنس جي روشني دنيا جي اڳيان اهو ثابت ڪندي ته ، سنڌ جتي پنهنجي بزرگن جي انسان دوست فڪر سان ، پر امن بقاءِ باهم ، ترقي بني آدم ، اتحاد انساني ۽ امن عالم ، جهڙن زرين اصولن سان دنيا کي اڄ به ارتقائي ترقي جي راهه ڏسي سگهي ٿي ، اتي سائنس جي علم ۾ به سنڌ جي لوڪ ڏاهپ ۾ لڪل ڪيئي ڳجها راز آهن ، جيڪي هن ڪائنات جي لڪل گوشن کي به نروار ڪري سگهن ٿا . آئون سنڌ جي انهن وطن دوست سائنسدانن جو پڻ دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان ، جن صاحبن مون فقير جي عرض کي اگهايو ۽ پنهنجي سائنسي پورهئي کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪري ، هن ڪتاب کي سونو نڪ وڌو. آئون پروفيسر مٺل جسڪاڻي صاحب جي بي لوث ساٿ نڀائڻ لاءِ پڻ سندس ٿورا مڃان ٿو. ان سان گڏ آئون سنڌ جي تجربيڪارسائنسي علم جي ماهر محترم پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين سومري صاحب جو پڻ ٿورائتو آهيان ، جنهن هن ڏکئي ڪم دوران سائنسي تحقيق ۾ منهنجي وک وک تي رهنمائي ڪئي . ان بعد مسودي جي سائنسي نقطه نگاه کان نظرثاني ڪئي ۽ پنهنجو ڀرپور رايو به لکيو .سندس رهنمائي کان سواءِ هي ڪتاب شايد اڌورو رهجي وڃي ها . آئون محترم پروفيسر شمس الدين تنيي صاحب جو پڻ ٿورائتو آهيان . جنهن هن ڪتاب جي سائنسي معلومات جي ٻيهر نظرثاني ڪئي ۽ پنهنجو عالمانه رايو لکيو . آئون ٿر جي محقق محترم پروفيسر نوراحمد جنجهي صاحب جو پڻ شڪرگذار آهيان جنهن هن ڪتاب جي باري ۾نه صرف عالمانه مهاڳ لکيوپر هن ڪتاب جي ٿر بابت معلوماتي ۽ لوڪ ادب جي مواد جي پڻ نظرثاني ڪئي. جيئن ڪنهن غلطي جي گنجائش نه رهي .
ٿر تي هن کان اڳ ۾ به ڪجهه ننڍا وڏا ڪتاب لکيا ويا آهن. جن ۾ انهن ڪتابن جي ليکڪن ٿر جي معلومات ڏيڻ ۾ وسانءَ نه گهٽايو آهي . ٿر جي معلومات جا اهي ڪتاب هڪ طرف لوڪ ادب ۽ تاريخ ته ٻئي طرف لوڪ ڏاهپ جو سرمايو آهن . پر ڏڪار سڪار جي تفصيلي اهڃاڻن ۽ انهن جي سچائي جي جديد سائنسي ڇنڊ ڇاڻ ۽ خالص ٿر جي ڏڪار ۽ سڪار بابت پهاڪن ۽ چوڻين تي لکيل هي پهريون ڪتاب آهي. منهنجي هن ڪتاب لکڻ وقت اها به ڪوشش رهي ته هن ڪتاب ۾ اڳ ڇپيل ڪتابن مان مواد جي تصديق کان سواءِ ڪا مدد نه ورتي وڃي . سمورو مواد جانچي جونچي تسلي ڪرڻ کان پوءِ شامل ڪيو وڃي . ڪتابن مان حوالا هو بهو جيئن جو تيئن نه لکيا وڃن . پر خود وڃي تصديق ڪجي ۽ مڪمل پڪ ڪرڻ کان پوءِ انهي مواد کي شامل ڪيو وڃي . ڇو ته منهنجي هن ڪتاب لکڻ جو اهو به مقصد آهي ته ، تحقيق جي دنيا ۾ هڪ گڏيل ڇنڊڇاڻ جي رجحان جو بنياد وڌو وڃي . جنهن تي اڳتي هلي مستقبل جا محقق عمل ڪندي ، سنڌي ٻولي ۾ جديد تحقيقاتي لاڙن جي روشني ۾ ڪتاب لکن . ڇو ته موجوده ترقي جي بين الاقوامي ڊوڙ ۾ خالي ڳالهين ۽ ڏند ڪٿائن جي اهميت هاڻي نه رهي آهي . اسان کي پنهنجي ٻولي جي بقاءَ لاءِ نوان رجحان ۽ لاڙا پيدا ڪرڻا پوندا ، جنهن ڏس ۾ عشق جي جذبي جي ضرورت آهي .
مون فقير جو هي پيار جو پورهيوڪيئن آهي . انهي بابت ڪجهه چوڻ پاڻي کان اڳي ڪپڙا لاهڻ جي برابر ٿيندو. شال منهنجو هي پورهيو پڙهندڙن وٽ قبول پوي .

- مشڪورڦلڪارو