• اکڻ ٽيج يا آکاٽيءَ جو ڏڻ
هي ڏينهن ٿرجي هارين لاءِ انتهائي اهم ڏينهن آهي. هن ڏينهن تي هاري صبح جو سوير اٿي پنهنجي ٻنين مان مٽي کڻي ايندا آهن، پوءِ سڀ هاري ڳوٺ جي ويجهو ڪنهن ترائي ۾ گڏ ٿيندا آهن .ان مٽي کي ڳوهي ان مان 5 پياليون هڪ جيڏيون چئوماسي جي پنجن مهينن يعني ڄيٺ، آکاڙ، سانوڻ، بڊو، اسوءَ ،جي نالن سان ٺاهي ، نمبر وار رکي انهن ۾ پاڻي ڀريندا آهن. پوءِ جيڪا پيالي اڳ ۾ ٽٽي ،انهي مهيني کان برسات وسڻ شروع ٿيندي. جيڪڏهن پيالي جلد ڳري وئي ته برسات اڳاٽي وسندي ، پر جيڪڏهن پيالي دير سان ڳري ته برسات پاڇاٽي سمجهي ويندي. آکاٽيءَ جي ڏينهن صبح جو ماڪ پوڻ به سڪار جو اهڃاڻ آَهي . انهي ڏينهن تي هاري ترائي تي مختلف جڳهين تي مٺاڻ ۽ اناج جا داڻا ڪجهه فاصلي تي پکيڙي ڇڏيندا آهن . پوءِ ماڪوڙيون جنهن طرف داڻا کڻي روانيون ٿيون، ان طرف مينهن وسندا ۽ سڪار ٿيندو. انهي ڏينهن اتي ترائي تي گڏ ٿيل مرد پنهنجي گهرن مان آندل شيون ، ڳڙ ، اناج ، ڏٿ ، گيهه ، کير ، وغيره سڀ ملائي ديڳ ۾ رڌي گڏجي کائيندا آهن .
انهي ڏينهن تي علم جوتش جا پنڊت وري ٽپڻو ۽ جنتري ڏسي برسات بابت اڳڪٿيون ڪندا آهن جنهن موجب ،آکاٽيءَ جو ڏينهن جيڪڏهن ڪارتڪ نکٽ ۾ اچي ته برسات هلڪي وسندي ، جي روهڻ نکٽ ۾ اچي ته وسڪارو ڀلو ٿيندو. جي مگسر نکٽ ۾ اچي ته ڏڪار ٿيندو ۽ مينهن گهٽ وسندا. هن ڏينهن جي سوڻن جي نتيجن تي ڀروسو ڪيو ويندو آهي .
ٻئي طرف آکاٽي جي ڏينهن تي ڳوٺ جون عورتون به اچي ڪنهن ترائي تي گڏ ٿينديون آهن ، اتي ترائي جي صفائي ڪري پاڻي جون ڪُونڊيون ۽ ٿانوَ ڀري رکنديون آهن. جيڪڏهن جهرڪيون اچي انهن ڪُونڊين ۾ وهنتيون ته سڪار جو اهڃاڻ سمجھيو ويندو.انهي کان علاوه عورتون ان جا داڻا ، پاڻي ماني جي ڀور ۽ مٺاڻ به مختلف جاين تي پکيڙي ماڪوڙين ، جيتن ، ۽ پکين لاءِ دان ڪنديون آهن ۽ پوءِ انهن جي اچڻ ۽ وڃڻ مان پيون برسات جي رخن بابت انومان ڪڍنديون آهن . عورتون پنهنجي گهرن مان آندل کاڌي جو شيون هڪ وڏي ديڳ يا ديڳڙي ۾ وجهي رڌي پڻ کائينديون آهن . ڳوٺ جا ٻار پڻ ساڻن انهن سڀني رسمن ۾ شامل هوندا آهن . اهڙي ريت سڀ ماڻهو آکاٽي جي ڏينهن تي برسات کي راضي ڪرڻ ۽ انهي جي اچڻ نه اچڻ بابت پيا انومان ڪڍندا آهن .