لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس، سڪار، ڏڪار بابت اڳڪٿيون ، پهاڪا ۽ چوڻيون .
مجموعي طور هي ڪتاب انتهائي ڀلوڙ معلومات پيش ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي يا ته نئين معلومات ڏئي ٿو يا وري ڄاڻ کي نئين روپ ۾ پيش ڪري ٿو. جنهن سان تحقيق جي انداز جا نوان گس پڻ کليا آهن . ٿر تي لکڻ جو شوق ڏيارڻ لاءِ نون موضوعن کي پڻ ڇيڙيو ويو آهي . ڪتاب پڙهي هِن موضوع بابت انيڪ ليکڪن کي لکڻ جو ريچڪ پئدا ٿيندو، .جيڪا به ڪتاب جي هڪ خوبي آهي.
Title Cover of book ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

• ماڻهون، ڌاتوءَ ۽ کاڌا

( 1 ) جيڪڏهن برسات کان اڳ ۾ ڪو هاري ٻني جو جھنگ صاف ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽رستي ۾ کيس ڪا عورت ، مرد ، ڇوڪريءَ يا ڇوڪرو پاڻي جا ڀريل ٿانو يا دلا مٿي تي کڻي ايندڙ رستي ۾ مليو ۽ ساڄي پاسي کان گذري ويو، ته اهو مينهن وسڻ ۽ ٻني ڀلي ٿيڻ جو اهڃاڻ آهي. پر جيڪڏهن اهو کاٻي پاسي کان گذريو، يا ڪو ماڻهو سڪل ڪاٺيون يا ٻارڻ کڻي ايندڙ رستي ۾ مليو، ته مينهن نه وسندو ڏڪار ٿيندو ۽ ٻيا ڪم به نه ٿيندا.
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ سائنسي حقيقتن کان تمام گهڻو پري آهي. هي صرف ماڻهن جي ثقافتي ۽ عقيدن جي بنياد تي گهڙيل اهڃاڻ آهي. انساني نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪو عمل بار بار دهرائيندو آهي ته ، اهو انهي ماڻهو جي عادت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ ڪابه عادت نسل در نسل دهرائڻ سان جبلت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي . انساني جبلتون سماجي ، ثقافتي ۽ مذهبي اثرن سبب عقيدن ۾ تبديل ٿي وينديون آهن . جنهن کي ماڻهو انڌو ٿي قبوليندو آهي . اهڙيون انساني سوچون ئي هميشه سچائي تي ٻڌل نتيجن جي ٽڪراءَ ۾ آيون آهن . اهڙيون سوچون ئي هميشه سائنس جي مخالفت ۾ رهيون آهن. اهڙن عقيدن جي خلاف ماڻهو ڪنهن به سائنسي حقيقت کي نه مڃيندا آهن . ٿر ۾ هندو ڌرم ، جين ڌرم ۽ اسلام جا اثر رهيا آهن . انهي ڪري ٿر جي ماڻهن جا عقيدا به انهن مذهبن جي اثر هيٺ رهندي ٺهيا آهن . جيئن ته ، انهن ٽنهي مذهبن ۾ ساڄي پاسي کي سٺو ۽ کاٻي پاسي کي خراب سمجهيو وڃي ٿو . انهي عقيدائي خيال ۾ وري پاڻي کي سڪار جو اهڃاڻ سمجهڻ ۽ سڪل ڪاٺين کي ڏڪار جو اهڃاڻ سمجهڻ واري انساني جبلت جي ملڻ سان هن ڏاهپ جي اهڃاڻ جي تشڪيل ٿي. جنهن جو سائنسي سچائي سان ڪو به تعلق ڪونهي . هي صرف ماڻهن جو غير حقيقي خيال ئي آهي . ڏڪار جي اچڻ يا سڪار جي ٿيڻ سان هن اهڃاڻ جو ڪو به سائنسي لاڳاپو ناهي .
( 2 ) پاڻي جا مٽ يا دِلا : جيڪڏهن گهر جا ڇانوَ ۾ رکيل مٽ ۽ دِلا پاڻي نه ٺارين ۽ منجهن رکيل پاڻي گرم ٿي وڃي . ته اهو مينهن وسڻ جو اهڃاڻ آهي .
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، ٺڪر جي دلن يا مٽن ۾ جڏهن پاڻي پوندو آهي ته انهن دلن يا مٽن جي سنهڙن سوراخن مان ٻاهران هوا اندر داخل ٿيندي آهي. جنهن سبب پاڻي جي اندرين گرمي ٻاهر خارج ٿيندي آهي ، انهي ڪري جڏهن ٻاهرين هوا گرم هوندي آهي ۽ انهي منجهه آبي بخار به گهٽ هوندا اهن ته اهڙي صورت ۾ دلي يا مٽ مان پاڻي ٻاهر نڪري ٻاهرين هوا کي ٿڌو ڪري اندر موڪليندو آهي ۽ اندران پاڻي جي گرمي بخارن جي شڪل ۾خارج ٿيندي رهندي آهي . جنهن سبب دلي يا مٽ جي تر مان پاڻي جا ڦڙا ڪرندي به نظر ايندا آهن . اهڙي ريت دلي يا مٽ جو پاڻي ٺريل رهندو آهي . پر جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي ويندو آهي ته ٻاهرين گهميل هوا جي دلي يا مٽ ۾ اندر داخل ٿيندي دٻاءَ پيدا ڪري دلي يا مٽ جا سوراخ بند ڪري ڇڏيندي آهي يا ٻاهرين گهميل هوا جي داٻ سبب دلي يا مٽ مان پاڻي يا پاڻي جي اندوروني گرمي ٻاهر نه نڪرندي آهي ، پر ٻاهرين گرمي دلي يا مٽ جي اندر داخل ٿيندي رهندي آهي . جنهن سبب دلي يا مٽ جو پاڻي گرم ٿي ويندو آهي . اهو انهي وقت ٿيندو آهي جڏهن ٻاهرين هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي هجي .
ٻاهر ماحول ۾جيڪڏهن گرمي ، هوا جو گهٽ دٻاءَ ۽ آبي بخار هوندا ته اهي سڀ ملي مينهن جو ماڻڊاڻ ٺاهي وجهندا ۽ برسات اچڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن . انهي ڪري ئي جڏهن ماڻهو دلي يا مٽ جو پاڻي گرم ٿيندي ڏسندا آهن ته سمجهندا آهن ته ، مينهن جو مانڊاڻ ٺهڻ وارو آهي . ڇاڪاڻ ته دلن يا مٽن جو پاڻي ٺرڻ بجاءَ گرم ٿي ويو آهي ، ائين ٿيڻ جا سائنسي سبب آهن . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سائنسي سچائي جي تصديق ڪجي ٿي.
( 3 ) ڌونرو يا ڏهي: جيڪڏهن ڌئونرو يا ڏهيءَ ، ماٽيءَ ۾ پوري طرح نه ڄمي ۽ ڦيڏر ڦيڏر ٿي وڃي ته اهو به برسات اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، کير جي ڄمڻ يا ڌئونري جي شڪل ۾ تبديل ٿيڻ جو عمل کير ۾ بئڪٽريا جي وڌڻ سان ٿيندو آهي . ڌئونري جا بئڪٽريا هڪ مقرر ڪيل گرمي پد تي وڌي کير کي ڌئونري جي شڪل ڏيندا آهن ، انهي ڪري انهي مقرر گرمي جي گهٽ يا وڌ ٿيڻ سان ڌئونري ٺهڻ جو عمل متاثر ٿيندو آهي . انهي ڪري ئي سياري جي مند ۾ کير مان ڌئونري ٺاهڻ لاءِ کيرواري ٿانو کي گرم جاءِ تي ڍڪي رکبو آهي جيئن ڌئونري ٺهڻ لاءِ بئڪٽيريا جي واڌ ويجهه متاثر نه ٿئي پورو گرمي پد ملي ۽ ڌئونرو ڄمي وڃي. ساڳئي نموني بئڪٽريا جي واڌ ويجهه جي عمل مڪمل ٿيڻ لاءِ گرمي جي مند ۾ کير کي کليل هوا ۾ ٿڌي جڳهه تي رکيو ويندو آهي .
چو ماسي جي مند ۾ جڏهن ماحول ۾ گرمي پد وڌي ويندو آهي، ته آڙنگ جي گهٽ ۽ گرمي جي شدت ، ڌئونري جي انهي بئڪٽيريائي شڪل تائين پهچڻ واري عمل کي متاثر ڪندي آهي ، جنهن سبب ڌئونرو سٺي نموني ڄمڻ جي بجاءِ ، ڦيڏر ڦيڏر ٿي ويندو آهي. هونئن به تجربي جي لحاظ کان ڏسبو ته ، چميل ڌئونري کي باهه تي گرم ڪبو ته اهو ڦيڏر ڦيڏر ٿي ويندو . انهي مان به اهو ثابت ٿيو ته ، گرمي جي شدت سان ڌئونرو ڦٽي ڦيڏر ٿي ويندو آهي .
جيئن ته ڌئونري جي ڄمڻ وارو عمل ۽ برسات جي ٺهڻ وارو عمل هڪٻئي سان لاڳاپيل ناهن . ٻنهي جا سائنسي سبب ڌار ڌار آهن . پر چوماسي جي مند ۾ ڌئونري جي ڦيڏر ڦيڏر ٿيڻ سان عام ماڻهو اهو محسوس ڪندا آهن ته گرمي ۽ آڙنگ ايترو وڌي ويو آهي جو ڌئونرو به ڦيڏر ڦيڏر ٿي ويو آهي . انهي ڪري برسات جو مانڊاڻ اجهو ٺهيو، ۽ مينهن وسندو . ڌئونري جي ڦيڏر ڦيڏر ٿيڻ ۽ آڙنگ جي گرمي بعد مينهن جي وسڻ ۾ صرف گرمي پد جي وڌي وڃڻ وارو سبب هڪ آهي . انهي ڪري لوڪ ڏاهپ جي هن انومان کي به جديد سائنس موجب درست سمجهي سگهجي ٿو.
( 4 ) چاندي:چاندي جي زيورن جو رنگ لڙاٽجي وڃي ، سندن چمڪ ختم ٿي وڃي ته اهو به برسات جي اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، چوماسي جي مند ۾ مينهن وسڻ کان اڳ ۾ فضا ۾ هوا ، آبي بخار، ۽ گرمي سبب اوزون جي تهه مان فضا ۾ پکڙجندڙ گئسون جن ۾ گندرف جو ڪجهه مقدار به موجود هوندو آهي . فضا ۾ انهي گدلاڻ ۾ ڦهليل گندرف جڏهن چاندي جي زيورن تائين پهچندي آهي ته انهي اثر سبب چاندي نه صرف پنهنجو رنگ تبديل ڪندي آهي ، پر اهڙي ڪيميائي عمل سان چاندي جي ڪيميائي خاصيت به متاثر ٿيندي آهي. چاندي جي رنگ ۾ تبديلي اچڻ ، ان جي چمڪ ختم ٿيڻ ۽ ان جي ڪيميائي خاصيت جو متاثر ٿيڻ جو سبب برسات وسڻ کان اڳ واري ماحول ۾ پکڙيل فضائي گدلاڻ آهي . اهڙو ماحول پيدا ٿي مينهن وسڻ جو سبب ٿيندو آهي . انهي ڪري جديد سائنس جي روشني ۾ سببن کي نظر ۾ رکندي ، لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪجي ٿي .
( 5 ) ڪنجھو: ڪنجھي جو ٿانءَ جيڪڏهن چمڪ ڇڏي پيلو ٿي وڃي، ته اهو به برسات اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ڪنجهو هڪ ملاوتي ڌات آهي . مختلف ڌاتن جي مرڪب هئڻ ڪري هن تي ڪيميائي اثر وڌيڪ ٿين ٿا. چوماسي جي مند ۾ جڏهن هڪ طرف گرمي ، آڙنگ، هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ، ۽ اوزون مان فضا ۾ ڦهليل گئسن جي گدلاڻ ۽ ان ۾ گندرف ۽ ٻين ڪيميائي جزن جي موجودگي سبب ڪنجهي تي ان جا اثر وڌيڪ ٿين ٿا ، انهي ڪري نه صرف ان جي رنگ ۾ تبديلي اچي ٿي پر ڪجهه ڪيميائي جزا ڪنجهي ۾ جذب ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ڪنجهي جي سطح تي ڄمي هڪ تهه به ٺاهين ٿا. جنهن ڪري ڪنجهي جو ٿانو بغير صاف ڪرڻ جي قابل استعمال به نه ٿو رهي .ان لاءِ اهڙي صورت ۾ ڪنجهي جي ٿانو کي صاف ڪرڻ نهايت ضروري آهي . ڪنجهي جي مرڪباتي ڌات جي ٿانو تي اهو ڪس يا ڪيميائي تهه صرف انهي حالت ۾ چڙهندو آهي ، جڏهن مينهن جي مانڊاڻ ٺهڻ وقت هو ٻاهر کليل جاءِ تي رکيل هوندو آهي. پلاسٽڪ يا ربڙ جي ٿيلهي ۾ محفوظ رکيل ٿانو تي اهڙو تهه نه چڙهندو آهي . انهي ڪري برسات جي مند ۾ ڪنجهي جي ٿانو کي استعمال ڪرڻ بجاءِ پلاسٽڪ يا ربڙ جي ٿيلهي ۾ هوا بند ڪري رکي ڇڏجي .
ڪنجهي جو ٿانو جيڪڏهن ٻاهر کليل جڳهه تي رکيل هوندو ته چوماسي جي برسات جي مانڊاڻ ٺهڻ شرط ڪنجهي جي ٿانو جو رنگ بدلجي ويندو ۽ ان جي مٿان ڪيميائي تهه ڄمڻ شروع ٿي ويندو . جنهن کي ڏسي ٿر جا ماڻهو اندازو لڳائيندا آهن ته جلد مينهن وسڻ وارو آهي.
برسات جي مند ۾ برسات کان اڳ ۾ ڪنجهي جي مٿان فضائي ڪيميائي اثرن سبب ان جي رنگ ۾ تبديلي اچڻ ۽ ان جي مٿان ڪيميائي تهه جو ڄمڻ برسات جلد اچڻ جي نشاني آهي . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي سائنس جي روشني ۾ درست قرار ڏجي ٿو
( 6 ) مکڻ : ماٽي اندر پيل لسيءَ ۾به جيڪڏهن مکڻ پٽڙو ٿي ڳرڻ لڳي، ته اهو به مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ اهي ته ، مکڻ گرمي جي هڪ مخصوص گرمي پد تائين ڄميل رهندو آهي . جڏهن به انهي مخصوص گرمي جي حد کان گرمي وڌڻ لڳي ته مکڻ پگهرڻ شروع ڪندو آهي . گرمي جي مند ۾ جڏهن گرمي جو درجه حرارت وڌيڪ ٿي ويندو آهي ته ، مکڻ به ڳرڻ لڳندو آهي . انهي ڪري مکڻ کي ڳرڻ کان بچائڻ لاءِ ٺڪر جي ماٽيءَ ۾ پيل لسي ۾ مکڻ جو ڳنڍو ( چاڻو يا پنوڙو ) ٺاهي رکيو ويندو آهي.
ٺڪر جي ماٽيءَ ۾ جيئن ته هوا جي گذرڻ جيترا بلڪل سنها اڻ لکا سوراخ هوندا آهن . جن مان لسي جي گرمائش جا جزا بخارٿي پاڻي جي شڪل ۾ٻاهر نڪرندا آهن ۽ ٻاهرين هوا لسي ۾ شامل ٿيندي آهي ، جنهن سبب لسي جو درجه حرارت گهٽجي ويندو آهي ۽ لسي ٿڌي رهندي آهي . انهي ڪري مکڻ به لسي ۾ پيل هئڻ ڪري نه ڳرندو آهي.
پر جڏهن هوا ۾ آبي بخار وڌي ويندا آهن . مينهن جي آڙنگ سبب گرمي به وڌيڪ ٿي ويندي آهي . تڏهن انهي حالت ۾ آبي بخارن سان ڀريل هوا جڏهن ماٽي جي سوراخن مان گذرندي آهي ته ماٽي ۾ پيل لسي جي گرمائش جي ٻاهر نڪرڻ وارو عمل ، هوا ۾ مليل آبي بخارن جي دٻاءَ سبب رڪجي ويندو آهي ، ۽ گرمي سبب لسيءَ جي گرمائش ۾ واڌارو ٿيڻ لڳندو آهي . لسي جي گرمائش جو درجه حرارت جڏهن مکڻ جي ڳرڻ واري نقطي تي پهچندو آهي ته مکڻ لسي جي گرمائش سبب ڳرڻ شروع ٿي ويندو آهي . اهو عمل صرف انهي حالت ۾ ٿيندو آهي جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ۽ شديد گرمي يعني برسات جو آڙنگ هجي . انهي وقت برسات جي آڙنگ وقت لسي جي گرمائش ۽ مکڻ جي پگهرڻ واري عمل کي ڏسي ٿر جا ماڻهو اندازو لڳائيندا آهن ته ، هاڻي مينهن اچڻ وارو آهي . حقيقت ۾ مکڻ جي ڳرڻ جو سبب لسي مان خارج ٿيندڙ گرمي جي عمل جو رڪجي وڃڻ ، ۽ لسي جي درجه حرارت جو مکڻ جي ڳرڻ واري گرمي جي درجي جي نقطي تي پهچڻ آهي . جنهن جو برسات جي اچڻ يا نه اچڻ سان ڪو به تعلق نه هوندو آهي. پر ٻاهر آڙنگ جي گرمي جو هئڻ ، هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي برسات وسڻ جو سبب بڻجي ٿي . انهي ڪري ، جديد سائنس جي روشني ۾ ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي رد به نه ٿو ڪري سگهجي . انهي ڪري هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪجي ٿي .
( 7 ) اناج: گهر ۾ پيل ٻاجهريءَ جي ان ۽ گوار جي ٻج کي ڄارو لڳي وڃي ۽ داڻا ڳوڙهيون ڳوڙهيون ٿيڻ لڳن، ته اهو برسات اچڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، گرمي جي مند ۾ هوا ۾ جڏهن آبي بخارن جي گهڻائي ٿي ويندي آهي ، ته انهي گهميل هوا سبب رکيل اناج کي ڄارو جنهن کي سائنس جي ٻولي ۾ فنگس سڏيو ويندو آهي ، سو لڳي ويندو آهي . جنهن سبب اناج نه صرف ڳوڙهيون ڳوڙهيون ٿيندو آهي پر ان جي ڦوٽهڙي واري صلاحيت به ختم ٿي ويندي آهي. انهي ڪري انهي ڳوڙهين جي شڪل ۾ تبديل ٿيل اناج کي ٻج طور استعمال نه ڪيو وڃي . ڇو ته اهڙي قسم جو ٻج هڪ ته نه ڦٽندو ، پر جي ڦٽو به ته ان جا سلا ڪمزور ٿيندا، ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ ان وري ٻئي گڏ پيل ان ۾ فنگس پيدا ڪندو ، ائين اها بيماري نسلي بيماري جي شڪل وٺي ويندي . ان ڪري اهڙي ٻج کي پوکڻ سان فنگس جي بيماري عام ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو.. اهو ئي سبب آهي جو ٿر جا هاري ڳوڙهيون ٿيل ٻج کي ڇنڊي صاف ڪري پوکين ٿا . جنهن سبب هڪ طرف گهربل پيداوار نه ٿي لهي ته ٻئي طرف فنگس جي ٻيماري وڌي ٻجن کي خراب ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هاري بي خبري ۾ پنهنجي نج ٻجن کي خراب ڪري رهيا آهن. ۽ ٿر جي ٻجن مان پيداواري صلاحيت ختم ٿي رهي آهي. انهي ڳالهه جو آئنده خيال نه رکيو ويو ته ، ٿر جا نج ٻج ختم ٿي ويندا .
جيئن ته ٻج جي ڳوڙهيون ٿيڻ ۽ فنگس جي بيماري جي ٿيڻ جو سبب چوماسي جي مند ۾ وڌيل هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي آهي . انهي ڪري جنهن سال هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي هوندي ، انهي سال مينهن وسڻ جا امڪان به وڌي ويندا آهن . انهي لحاظ کان جديد سائنس جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي درست مڃي سگهجي ٿو.
( 8 ) آکاٽيءَ جي ڏينهن عورتون پاڻي سان ڀريل ڪُونڊي ۾، اُن يا اونيءَ پشم جا ٻه ٻُڙا هڪ اڇي رنگ جو ۽ ٻيو ڪاري رنگ جو ٺاهي، هڪ ئي وقت پاڻي سان ڀريل ڪونڊي ۾ وجهي ڪجهه وقت انتظار ڪنديون آهن. جيڪڏهن اڇو ٻُڙو پاڻي جي مٿان ترڻ لڳو ۽ ڪارو ٻُڙو ٻڏي ويو، ته اهو سڪار جو اهڃاڻ آهي . پر جيڪڏهن ڪارو ٻُڙو تريو ۽ اڇو ٻُڙو ٻڏي ويو ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي .
ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، هن اهڃاڻ جو جديد سائنس سان ڪو به تعلق ناهي ۽ نه ئي هن اهڃاڻ اندر ڪا سائنس سان ڀيچ کائيندڙ سچائي موجود آهي. انهي ڪري جديد سائنس هن اهڃاڻ کي رد ڪري ٿي .
ٻئي طرف انساني نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، انسان شروع کان ڪن تاريخي سببن ، مذهبي عقيدن ۽ نسلي ،علائقائي ،سماجي روين جي بنياد تي ڪي لاڙا ۽ رجحان رکندو پئي آيو اهي . جن ۾ هڪڙو رجحان رنگن جي نيڪ ۽ بد جو به آهي . اڇو رنگ جيئن ته امن ، سڪون ، خاموشي، آرام ، لاتعلقي ، ۽ سڪار جو اهڃاڻ رهندو پئي آيو آهي. ته ٻئي طرف ڪارو رنگ ، ڏک ، سوڳ ، احتجاج ، موت ، ۽ ڏڪار جي نشاني رهندو پئي آيو آهي. آکاٽيءَ جو ڏينهن هونئن ته هندو ڌرم موجب صرف پاڻي جي خيرات جي ڏينهن طور مقرر ڪيل آهي . پر ٿر ۾ هن ڏينهن کي برسات جي مند کي پرچائڻ لاءِ هر طرح جا سوڻ ساٺ ڪندي ملهايو وڃي ٿو . ڇو ته ٿر جي سموري خوشحالي جو دارو مدار برسات تي هوندو آهي . انهي ڪري هن ڏينهن تي برسات جي موسم کي ريجهائڻ لاءِ هرقسم جا جتن ڪري ، سڪار اچڻ جي اميد جي سهاري گذارڻ جي هڪ ڪوشس ڪئي وڃي ٿي. انهي حساب سان عورتون به هي سوڻ ڪنديون آهن . ڪارو ٻڙو ڏڪار ۽ ڏک جي علامت هوندو آهي ۽ اڇو ٻڙو سڪار ۽ سرهائي جو اهڃاڻ هوندو آهي . پوءِ جنهن رنگ جو ٻڙو پاڻي تي ترندو آهي . انهي حساب سان برسات جي مند اچڻ تائين انتظار ڪيو ويندو آهي .
( 9 ) ماڻهو جي جسم تي گرمي سبب ننڍڙا هلڪا ڳاڙهي رنگ جا داڻا نڪري پون جنهن کي ٿر جا ماڻهو آرائيون به چوندا آهن ۽ جسم جي کل پڻ ڳاڙهي ٿي وڃي ته اهو برسات اچڻ جو اهڃاڻ آهي .
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت انساني ميڊيڪل سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ٿر ۾ جون جولاءِ جي لڱ ساڙيندڙ لڪن کان پوءِ جڏهن چوماسي جي مند ۾ ڪڏهن گهٽ ۽ ٻوسٽ ، جنهن کي آڙنگ سڏيو وڃي ٿو . ٿئي ٿي ته ڪڏهن وري گرم هوائون لڳڻ ٿيون ، انهي موسمي چڪر سبب انهي وقت انساني جسم جي قوت برداشت واري مدافعتي سگهه پڻ انتشار جو شڪار ٿئي ٿي . انهي وقت وري انبن جي موسم به اچي وڃي ٿي ، يا ٿر ۾ پيرونءُ ، سڱر . ڪرڙن جا پڪا به ٿين ٿا . جن جي کائڻ سان رت ۾ گرمي جي شدت وڌي ٿي . جنهن سبب آرائيون ٿين ٿيون . مٿان وري چوماسي جي موسم جي گرمي انهن کي وڌائڻ جو سبب بڻجي ٿي . جسم تي آرائين جو ٻيو سبب ، جسم مان گهڻو پگهر وهڻ ۽ انهي پگهر مٿان هوائن جي گهم ۽ اڏامندڙ لٽ جو ڄمي وڃڻ به هوندو آهي ، جنهن مٽي ڄمڻ سان چمڙي جا سوراخ بند ٿي وڃن ٿا . ٿر ۾ پاڻي جي اڻاٺ سبب وهنجڻ جي سهوليت به گهٽ هجي ٿي ، انهي ڪري گرمي جي شدت سبب جسم تي آرائيون نڪريو اچن ٿيون . وري جڏهن برسات جو وسڪارو ٿئي ٿو ، ۽ گرمي جي شدت به گهٽجي وڃي ٿي ۽ برسات جي ٿڌي پاڻي ۾ وهنجڻ جي سهوليت به مهيا ٿئي ٿي ته ، جسم تي نڪتل اهي آرائيون به جلد ختم ٿي وينديون آهن . جيئن ته آرائين نڪرڻ جو سبب به هوا جي گهم ، اڏامندڙ مٽي جي لٽ ، برسات جي موسم جي آڙنگ جي گرمي هوندو آهي ۽ مٿان برساتن جي وسڻ بعد لٽ جي ختم ثيڻ ، گرمي جي شدت جي گهٽجي وڃڻ سبب پگهر جو گهٽ نڪرڻ ، پاڻي مهيا ٿيڻ سان وهنجڻ جي سهوليتن جو حاصل ٿيڻ ، سڀ ڳالهيون هڪٻئي سان لاڳاپيل آهن . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي درست مڃي سگهجي ٿو.