لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس، سڪار، ڏڪار بابت اڳڪٿيون ، پهاڪا ۽ چوڻيون .
مجموعي طور هي ڪتاب انتهائي ڀلوڙ معلومات پيش ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي يا ته نئين معلومات ڏئي ٿو يا وري ڄاڻ کي نئين روپ ۾ پيش ڪري ٿو. جنهن سان تحقيق جي انداز جا نوان گس پڻ کليا آهن . ٿر تي لکڻ جو شوق ڏيارڻ لاءِ نون موضوعن کي پڻ ڇيڙيو ويو آهي . ڪتاب پڙهي هِن موضوع بابت انيڪ ليکڪن کي لکڻ جو ريچڪ پئدا ٿيندو، .جيڪا به ڪتاب جي هڪ خوبي آهي.
Title Cover of book ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

• ٿر جي لوڪ ادب ۾ پهاڪن جي اهميت ۽ ٿر جون ٻوليون

انسان جي فطرت آهي ته هو مشاهدي جي دوران اگر ڪو اهڙو مشاهدو ڪري ٿو . جنهن جو عڪس هن جي دماغ تي چٽجيو وڃي ، ته پوءِ هو اڪيلائي ۾ انهي ڳالهه تي ويهي پهه پچائيندو ۽ سوچيندو آهي . ڇاڪاڻ ته انساني دماغ پنهنجي سوچڻ جو عمل ڪنهن به حالت ۾ بند نه ڪندو آهي . انسان جو دماغ جڏهن سوچڻ بند ڪندو آهي ته ان جو موت واقع ٿي ويندو آهي . ننڊ ۽ موت ۾ فرق صرف اهو آهي ته ، ننڊ ۾ انسان جو دماغ سوچيندو آهي ، ۽ موت اچڻ بعد دماغ سوچڻ بند ڪندو آهي . ماڻهوجڏهن پهه پچائيندي، ڪنهن نتيجي تي پهچندو آهي ته ، پنهنجي پر ۾ مطمئن ٿيڻ بعد هو اها ڳالهه زبان تي آڻي ٻين کي ٻڌائيندو آهي . ائين ڳالهه وڌندي پهه کان پهاڪي ۾ تبديل ٿيندي آهي . ائين ئي پهاڪي جي وصف وڃي ائين بيهندي ته،پهاڪو اهڙي جملي کي سڏيو ويندو آهي . جيڪو ڪنهن واقعي يا حالت کان متاثر ٿي چيو وڃي . پوءِ اهڙي حالت جي بار بار اچڻ تي اهو جملو دهرايو وڃي . ائين هلندي هلندي هو هر ماڻهو جي زبان تي اچي وڃي . پهاڪن جي سرڄڻ جو عمل اڪيلائي کان سفر شروع ڪري ٿو ۽ پوءِ ڪچهرين ۾ يا عام ماڻهن جي گفتگو ۾ استعمال ٿيندي وڃي عام ٿي مقبوليت ماڻيندو آهي. يا مختصر طور تي ائين کڻي چئجي ته.پهاڪو لفظ ڦهڪائڻ مان نڪتو آهي جنهن جي معنى آهي ٿڏي تي هڻي ڪڍڻ. يعني اهڙي ڳالهه جيڪا ڪنهن وقوعي يا واقعي تي واتان بي ساخته نڪري تنهنکي پهاڪو چئبو آهي. پهاڪا زندگي جي هر جهلڪ جا عڪاس هوندا آهن ، هنن مختصر جملن ۾ زندگي ساهه کڻندي نظر ايندي آهي . پهاڪن ۾ سماج جي بلوغت، سوچ ، عقل ۽ ڏاهپ جا خزانا لڪل هوندا آهن . پهاڪن ۾ سماج جي سوچڻ جي انداز ، تخليقي سگهه ، حالتن جي چٽائي پڻ ڏسڻ لاءِ ملندي آهي . انهي ڪري ئي پهاڪا ۽ چوڻيون ماڻهن جي اظهار واري ٻولي جو روح ، لڄ ۽ حياءَ جو اولڙو آهن ، ٻولي جي روح کي سمجهڻ لاءِ ، ان ٻولي جي پهاڪن ۽ چوڻين کي سمجهڻ ضروري هوندو آهي. پهاڪا ۽ چوڻيون،سگهڙن جا ٻول ۽ گفتا سماج جي سياڻپ جو آئينو آهن . دنيا جي ڪابه زبان پهاڪن کان خالي ناهي . سنڌ جا پهاڪا ، چوڻيون ، ڏاهن جا گفتا سنڌي سماج جي شعور جو آئينو آهن. پر خبر ناهي ته اهي عقل جا نسخا ۽ تجربن جا ٽوٽڪا ، ڪهڙن ماڻهن جي آزمودي جو خميرآهن .” پهاڪا ۽ چوڻيون ماڻهن جي صدين جي ڏاهپ ۽ حالتن جا عڪاس هوندا آهن . هي ماڻهن جي آزمودن مان نڪتل ٻولي جي سائنس آهي.پهاڪا ٻولي جي سونهن وڌائڻ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا . گڏوگڏ ٻولي کي عام فهم بنائڻ ، ۽ ٻولي ۾ رس چس وڌائڻ جو پڻ سبب بنجن ٿا. پهاڪا ، چوڻيون ، ڳجهارتون ، ڏور ،ڪهاڻيون ، قصا ، گيت ، ۽ ٽوٽڪا وغيره لوڪ ادب جو حصو آهن . ٻولي جي قدامت ۽ ٻولي ڳالهائيندڙ قوم جي سماجي قدرن جي بيهڪ بابت سمورو اندازو ٻولي جي لوڪ ادب مان ئي ڳوليو جانچيو ۽ پرکيو ويندو آهي . انهي ڪري ٻولين جو لوڪ ادب ئي قومن جي ارتقا جي رفتار، سماجي بيهڪ ، ۽ سماجي اخلاقيات جي پرک لاءِ هڪ دوربين جو ڪم ڏيندو آهي .
ٿر جو سماج جيئن ته قديم انساني ڏاهپ تي بيٺل سماج آهي . ٿري سماج تي ٻاهريان اثر نه هئڻ جي برابر پيا آهن. انهي لاءِ ٿر جو لوڪ ادب انساني زندگي جي شروعاتي دور جو آئينه دار آهي . هي سماج اڄ به دنيا جي گولي تي رهجي ويل سماجي قدرن کي سنڀالي جيئي پيو . ٿر ۾ زندگي جون جيئن ته ٻه ڪيفيتون آهن . هڪ طرف ڏڪار جي ڏنجهه جون ڪهاڻيون آهن ته ٻئي طرف سڪار جي سهنج جون نه وسرندڙ گهڙيون آهن . ٿر ۾ ڏڪار ۽ سڪار جي انهن ڪيفيتن جي ذڪر سان سڄو ٿري لوڪ ادب ڀريو پيو آهي . ٿر جا پهاڪا ٿر جي سماجي زندگي جو آئينو آهن . جن جي مطالعي کان سواءِ ٿر جي حالتن جي درد ۽ خوشي جي ڪيفيتن کي سمجهڻ ۽ انهن احساسن جي انتها تائين پهچي سگهڻ نا ممڪن آهي . ٿر جا پهاڪا ٿري سماج جي سوچن ، احساسن ، ۽ جذبن کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا . اهي پهاڪا ٿري سماج جي صدين جي انساني لاڳاپن ، احساسن ، غمن ۽ خوشين ، محرومين ۽ ڪاميابين جو عڪس پيش ڪن ٿا . انهن پهاڪن ۾ ٿر جي ڏڪار ، مينهن جي انتظار ، وسڪاري بعد حسين نطارن ، سڪار جي سرهاين ، موسمن جي پرچائڻ لاءِ ساٺن ۽ سوڻن ، مهينن جي موسمي اثرن ۽ جياپي جي جنگ ۾ ڪاميابي جا ڪيترائي گُر ۽ ڏاهن جا ڏس موجود آهن. انساني سماجي اخلاقيات ، سهپ ، رواداري ، محنت ، ايمانداري بابت به چٽي تصوير موجود آهي . ٿر جي هنن پهاڪن جي مطالعي ڪرڻ سان ٿري سماج بابت مڪمل معلومات حاصل ٿئي ٿي .ٿر جا پهاڪا ، ٿري سماج جو اهڙو آئينو آهن ، جنهن ۾ ٿري سماج جو هر رخ چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو .
ٿر جي علائقي ۾ ٽي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون . مهراڻو ، ونگو ۽ سامروٽي جا علائقا سنڌ جي بيراج ايراضي سان ڳنڍيل آهن . انهي ڪري انهن علائقن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي . ڏاهلي ، کائڙ ، ۽ ڍٽ جا علائقا راجستان سان مليل آهن ، انهن علائقن ۾ سنڌي ۽ راجستاني ٻولي مان نڪتل ڍاٽڪيءَ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. ته وري ننگر پارڪر۽ پائر وارا علائقا ،گجرات سان ڳنڍيل آهن ، انهي ڪري انهن علائقن ۾ سنڌي ، گجراتي جي ميلاپ سان ٺهيل پارڪري ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي . انهي ڪري ٿر جي پهاڪن ۾ اهي ٽيئي ٻوليون ، سنڌي ، ڍاٽڪي ۽ پارڪري موجود ڏسڻ ۾ اينديون . پهاڪن جي ڪتابن ۾ پهاڪن کي سمجهائڻ لاءِ ننڍڙين آکاڻين جو رواج ملي ٿو . جيئن ڪچهرين ۾ انهن پهاڪن جي چَس کي وڌايو وڃي . پر انهن ڪهاڻين ڳنڍڻ سان پهاڪن جي اصل ڪيفيتن ۽ حالتن جي عڪاسي اڻ چٽي ٿي وڃي ٿي . انهي ڪري هتي جيئن ته ٿر جي سماج جي اصل ڪيفيتن کي سمجهڻو آهي . انهي ڪري انهن آکاڻين واري مروج روايت کي ٽوڙيندي ، پهاڪن جي اصل مقصد ۽ سماجي ڪيفيتن جي عڪس ڏسڻ لاءِ حالتن جي چٽي تصوير اڳيان رکي ٿر جي پهاڪن کي ڏسڻ جانچڻ ۽ پرکڻ بعد پروڙڻو پوندو . هن ڪتاب ۾ ٿر جي ڏڪار ۽ سڪار جي ڪيفيتن جي تصوير جي چٽائي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ سئو پنجهٺ پهاڪن کي شامل ڪيو ويو آهي . جيڪي هن ڪتاب جي گهربل ضرورت کي محسوس ڪندي شامل ڪيا ويا آهن . انهن پهاڪن جي مطالعي بعد ئي ٿر جي ڏڪار جي ڪيفيتن ، ماڻهن جي ڏڪار کي منهن ڏيڻ جي ڏاهپ ۽ رٿابندي ، سڪار جي ڪيفيتن ، خوشين ، ڏکين حالتن لاءِ تياري جي اڳ ڳڻتي ، شين کي سنڀالي رکڻ جي ضرورت ۽ انهن جي استعمال ، بابت ڪيترين ئي ڳالهين بابت چٽي تصوير ڏسڻ ۾ اچي ٿي . جن جي پڙهڻ سان ٿر جي سماج جي ڀرپور ڄاڻ ملي ٿي هاڻي اچو ته ٿر جي انهن پهاڪن جو به جديد انداز سان مطالعو ڪريون ، جيئن ٿر جي ڏڪار ۽ سڪار جي ڪيفيتن کي پوري ريت سمجهڻ ۾ آساني ٿئي .