لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس، سڪار، ڏڪار بابت اڳڪٿيون ، پهاڪا ۽ چوڻيون .
مجموعي طور هي ڪتاب انتهائي ڀلوڙ معلومات پيش ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي يا ته نئين معلومات ڏئي ٿو يا وري ڄاڻ کي نئين روپ ۾ پيش ڪري ٿو. جنهن سان تحقيق جي انداز جا نوان گس پڻ کليا آهن . ٿر تي لکڻ جو شوق ڏيارڻ لاءِ نون موضوعن کي پڻ ڇيڙيو ويو آهي . ڪتاب پڙهي هِن موضوع بابت انيڪ ليکڪن کي لکڻ جو ريچڪ پئدا ٿيندو، .جيڪا به ڪتاب جي هڪ خوبي آهي.
Title Cover of book ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

• ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ سڪار ۽ ڏڪار جا اهڃاڻ ۽ سائنس

(هوا ، نِکٽ ۽ مهينا)

( 1 ) جون ، جولاءِ ، آگسٽ ، سيپٽمبر ۾ جيڪڏهن آسمان ۾ ڪڪر ٿين آڙنگ به ٿئي ، پر منجهند کان پوءِ ڏکڻ طرف جي هوا لڳي ته ٺهيل سمورو مانڊاڻ ڊهي ويندو ۽ مينهن نه وسندو ، پر جي اتر جي هوا لڳي ته اهو جلد مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي .
انهي اهڃاڻ جي سچائي بابت سائنسدانن جو چوڻ آهي ته برسات وسڻ لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته ڪڪرن جي ٻاڦ کي پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هوا ۾ اوتري ٿڌ موجود هجي . جيڪا آبي بخارن کي وسڪاري ۾ تبديل ڪري . ٿر ۾ هوائن جي رخن ۽ انهن جي گرمي پد جي مطالعي سان اهو معلوم ٿيو آهي ته ، ٿر ۾ اتر طرف کان لڳندڙ هوائون ٿڌيون هونديو آهن . جڏهن ته ڏکڻ طرف کان لڳندڙ هوائون گرم هونديون آهن . برسات جي سموري مانڊاڻ ٺاهڻ وسڻ يا نه وسڻ جو سمورو دارومدار هوائن تي هوندو آهي . هوا جو گهٽ دٻاءَ ڪڪرن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪندو آهي ، نتيجي ۾ ماحول ۾ گرمي ٿي ويندي آهي . جنهن کي عام ٻولي ۾ آڙنگ چيو ويندو آهي . آڙنگ جي اها گهٽ ٻوسٽ فضا ۾ موجود آبي بخارن کي ڪڪرن جي شڪل ڏيئي هڪ جاءِ تي گڏ ڪندي آهي . پوءِ ٿڌيون هوائون ڪڪرن جي آبي بخارن کي بارش ۾ تبديل ڪري وسائينديون آهن. اهي هوائون ڪڪرن کي هڪ طرف کڻي پڻ هلنديون آهن . ائين بارش جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي . مٿئين لوڪ ڏاهپ جو آثار سڌو سنئون سائنسي سببن جي نشاندهي ڪري ٿو .گهٽ دٻاءَ سبب آڙنگ به ٿيو ، ڪڪر به ٺهيا . سمورو مينهن جو مانڊاڻ ٺهي ويو ، هاڻي جيڪڏهن اتر طرف جي ٿڌي هوا لڳي ته ڪڪرن جا آبي بخار برسات جي ڦڙين ۾ تبديل ٿي وسڻ شروع ٿي ويا . پر جيڪڏهن انهي سموري مانڊاڻ ٺهڻ بعد ڏکڻ طرف جون گرم هوائون لڳڻ شروع ٿي ويون ته ، پوءِ اهو سمورو ٺهيل مانڊاڻ ڊهي ويو . ڇوته ڏکڻ جي گرم هوا ڪڪرن جي آبي بخارن کي ٻاڦ واري حالت ۾ ئي رهڻ ڏنو، ۽ ٺهيل ڪڪر گرم هوا لڳڻ سبب ٻاڦ ۾ تبديل ٿي ڇڊا ٿي پکڙي ويا ۽ سمورو مينهن جو مانڊاڻ ڊهي ويو. تيز هوائن انهن هلڪن ڪڪرن کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو . برسات وسڻ جي سببن کي نظر ۾ رکندي ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جو سائنسي ثبوت ملي ٿو.
( 2 ) جون ، جولاءِ ، آگسٽ ، سيپٽمبر ۾ جيڪڏهن ڏکڻ اوڀر ڪنڊ جي هوا لڳي ته اهو جلد آڙنگ ڪري مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي . پر جي اهڙي هوا نه ٿي لڳي ته جلد مينهن اچڻ جو ڪو به اهڃاڻ نه آهي .
انهي اهڃاڻ جي سچائي بابت سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ، ٿر جي هوائن جي رخن ۽ انهن جي گرمي پد جي مطالعي سان اهو معلوم ٿيو آهي ته ٿر ۾ ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ جي هوا ٿر ۾ هوائن جي گهٽ دٻاءَ بعد آهستي آهستي لڳڻ شروع ٿيندي آهي . ٿر ۾ لڳندڙ اهڙي ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ واري هوا جو گرمي پد به گهٽ هوندو آهي . اهڙي هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار پڻ وڌيڪ هوندو آهي . ڇو ته موسمن تي جاگرافي جو اثر ٿئي ٿو . ٿر جيئن ته عربي سمند کي ويجهو آهي ان ڪري هتي وڏڦڙو مينهن وسندو آهي ، ۽ اهڙي هوا ٿر ۾ مينهن آڻي وسائڻ جو سبب بڻجي ٿي . ٿر ۾ مينهن جو مانڊاڻ ٺاهڻ لاءِ اها هوا لڳڻ ضروري آهي . جيڪڏهن اهڙي هوا نه لڳي ته پوءِ نه ٿر ۾ هوا جو گهٽ دٻاءَ ٺهندو ، نه آڙنگ ٿيندو ۽ نه ئي ڪڪر گڏ ٿيندا . انهي لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻ جي سائنسي تحقيق ڪندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو اهو اهڃاڻ بلڪل سائنسي سببن جي روشني ۾ درست آهي .
( 3 ) چئوماسي جي موسم ۾ جيڪڏهن ڏکڻ اولهه ڪنڊ جي هوا لڳي ته ان کي کي رٻ ٺار هوا چون ٿا ، انهي هوا جو ڪجهه ڏينهن مسلسل لڳڻ ڏڪار جو اهڃاڻ آهي . انهي هوا جي لڳڻ سبب ڪو به مينهن جو مانڊاڻ نه ٺهندو.
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي بابت جديد سائنس جي روشني جي مطالعي بعد معلوم ٿيندو ته . ٿر ۾ ڏکڻ اولهه جي هوا سامونڊي هوا آهي .جيڪا ڏينهن جو سمنڊ مان اٿندڙ آبي بخارن کي کڻي فضا ۾ پکيڙي ٿي . پر هن هوا جو گرمي پد وڌيڪ هوندو آهي . انهي ڪري هي هوا مينهن جو مانڊاڻ ٺاهڻ ۾ ڪا مدد نه ٿي ڪري . هن گرم هوا جي لڳڻ سان ڪڪر هلڪا ٿي ويندا آهن . منجهن ڀڄڻ ۽ آبي ڦڙن ۾ تبديل ٿيڻ جو ڪو به امڪان نه رهندو آهي . انهي ڪري هن تيز هوا۾ ڪو هوا جو گهٽ دٻاءَ به پيدا نه ٿو ٿئي ، نه ئي ڪو آڙنگ ٿيڻ جو ماحول پيدا ٿي سگهي ٿو. انهي ڪري مسلسل هن هوا جي لڳڻ سان مينهن وسڻ جا سمورا امڪان ختم ٿي ويندا آهن . ٿر ۾ اولهه ، اتر جون هوائون ، اتر جون سڌيون هوائون ۽ اتر اوڀر جي ڪنڊ واريون هوائون ئي مينهن وسائڻ جو سبب بنجن ٿيون . پر ڏکڻ اولهه جون هوائون موسمي سائنس موجب هوا جي گهٽ دٻاءَ ۾ مداخلت ڪري ان کي ٽوڙين ٿيون . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ هن هوا کي ڏڪار جو اهڃاڻ سمجهي ٿي. جيڪا ڳالهه جديد سائنس جي روشني ۾ بلڪل صحيح آهي . انهي ڪري جديد سائنس جي روشني ۾ هن اهڃاڻ جي سچائي جي پڻ تصديق ٿئي ٿي .
( 4 )چئوماسي جي موسم ۾ اتر اولهه جي هوا ٺهيل مينهن ٽوڙيندي، يا وري مسلسل مينهن جو سلسلو آڻي ملڪ ٻوڙي ڇڏيندي .
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي بابت سائنسي ماهرن جي راءِ آهي ته ٿر ۾اوچتو لڳندڙ اتر اولهه جو ن هوائون ايندي ۽ بلوچستان جي جابلو سلسلن سان ٽڪرائيندي گرم ٿي ٿر ۾ پهچن ٿيون . انهن هوائن ۾ آبي بخار به گهٽ هوندا آهن . انهي سبب ٿر ۾ جيڪڏهن ڪو هوا جو گهٽ دٻاءَ به هوندو آهي ۽ آڙنگ به ٿيندو آهي ته اوچتو هنن گرم هوائن جي پهچڻ سان اهو سمورو مانڊاڻ ٽٽي درهم برهم ٿي ويندو آهي . ڇو ته اتر اولهه کان اوچتو ايندڙ هي گرم هوائون ماحول جي گرمي پد کي متاثر ڪن ٿيون . جنهن ڪري ڪڪر ڇڊا ٿي ويندا آهن . منجهن موجود آبي بخار ڦڙين ۾ تبديل ٿيڻ بجاءَ ٻاڦ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن . پر جيڪڏهن انهن هوائن ۾ سمنڊ مان اٿيل ڪنهن هلڪي طوفان جو ميلاپ ٿي ويندو آهي ، ته انهن سامونڊي هوائن ۾ مليل آبي بخارن سبب هن هوا جو گرمي پد ڪري پوندو آهي ۽ هي هوا وڌيڪ ٿڌي ٿي ويندي آهي . جنهن سبب ٿر ۾ هوا جو گهٽ دٻاءَ پيدا ٿي وڃي ٿو . ڪڪر گڏ ٿيڻ شروع ٿين ٿا. هي هوا انهن ڪڪرن کي وسائڻ جو ڪم ڪري ٿي . ۽ مسلسل برساتن جو سلسلو شروع ٿيو وڃي . انهي ڪري هي هوا ٻوڏ آڻڻ جو سبب ٿيو پوي . ٿر ۾300 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات ٻوڏ جو سبب بنجي ٿي. ڇو ته سائنسي ۽ ماحولياتي ڄاڻ موجب برسات اتي وسندي آهي جتي هوا جو گهٽ دٻاءَ هوندو آهي . جيئن ئي هوا جو دٻاءَ وڌندو آهي ، تيئن ئي برسات گهٽجڻ شروع ٿيندي آهي . انهي ڪري جديد سائنس جي روشني ۾ ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ به موسمياتي سائنس موجب درست آهي .
( 5 )چئوماسي جي مند ۾ ڪنهن به ڏينهن ، جيڪڏهن صبح جو ماڪ وسي پوي ، يا ٿڌڙي هوا لڳي ۽ ٿوري هلڪي بوند به وسي ، پوءِ ڏينهن صاف ٿي وڃي ته اهي ڪجهه وقت لاءِ مينهن نه وسڻ يا ڏڪار اچڻ جا اهڃاڻ آهن .
لوڪ ڏاهپ جي انهي اهڃاڻ جي سچائي بابت سائنسي ماهرن جو چوڻ آهي ته . برسات جي اچڻ لاءِ ۽ مينهن جو مانڊاڻ ٺهڻ لاءِ هوا جو گهٽ دٻاءَ ۽ آڙنگ جو ٿيڻ ضروري آهي . ٿڌي موسم ۾ نه آڙنگ ٿيندو ، نه ڪڪر گڏ ٿيندا ۽ نه ئي مينهن جو ڪو مانڊاڻ ٺهندو. ماڪ برسات جي وسڻ جو ننڍو عمل آهي. سائنسي علم موجب ، ماڪ پوڻ جو عمل انهي حالت ۾ ٿيندو آهي ، جڏهن فضا ۾ ڏکڻ جي هوا جي سمنڊ مان آندل آبي بخارن کي ٿڌو ماحول ملي . انهي ڪري ٿر ۾ اڪثر ڏکڻ جي هوا لڳڻ وقت اڌ رات کان پوءِ يا صبح جو وڻن تي ماڪ پوندي آهي . جيڪا وري سج جي اڀرڻ کان پوءِ ماحول ۾ سج جي گرمي وڌڻ سبب ختم ٿي ويندي آهي . ماڪ جو چوماسي جي مند سان واسطو نه هوندو آهي . پر چوماسي جي مند ۾ ماڪ پوڻ جي عمل سان فضا ۾ آبي بخارن جي کوٽ ٿي ويندي آهي . انهي ڪري ڪڪرن جي وري ٻيهر ٺهڻ لاءِ وقت ۽ ٻئي ماحول جي ضرورت هوندي آهي . آبي بخارن جي کوٽ ٿي وڃڻ سبب ماحول ۾ برسات جي ٺهڻ واري عمل ۾ رڪاوٽ ٿيندي آهي انهي ڪري وري برسات دير سان ايندي آهي . جنهن سبب ٿر ۾ ڏڪار اچي ويندو آهي . انهن سائنسي سببن جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ به درست آهي.


( 6 )چئوماسي جي مند ۾ جيڪڏهن روهڻ نکٽ ۾ گرمي ٿئي ۽ مگسر نکٽ ۾ هوا لڳي، ته اهوبرسات پڪ سان وسڻ جو اهڃاڻ آهي .
انهي اهڃاڻ بابت فلڪيات ( اسٽرانامي ) جي موسمي ماهرن جو چوڻ آهي ته علم نجوم موجب ، اهي ٻئي نکٽ هڪٻئي جي پويان اچن ٿا . تاثير موجب ٻنهي جو اثر خاڪي آهي . جيڪڏهن روهڻي نکٽ جا چوڏهن ڏينهن گرمي رهي . وري مرگهشر نکٽ جا چوڏهن ڏينهن هوائون لڳيون ته آردرا ۾ آڳاٽو مينهن وسندو . گرمي سبب زمين جي گرمي پد وڌڻ ڪري آڙنگ ٿئي ٿو ۽ وري هوا لڳڻ سبب مينهن جو مانڊاڻ ٺهي پوي ٿو . ڇو ته برسات جي مانڊاڻ ٺهڻ لاءِ هوا جي گهٽ دٻاءَ ۽ آڙنگ جي سخت ضرورت هوندي آهي . آڙنگ ٺهڻ بعد وري ٿڌاڻ سان ڀرپور هوا ڪڪرن جي آبي بخارن کي پاڻي ۾ بدلائڻ لاءِ ضروري هوندي آهي. جڏهن اهي سڀ عمل گڏجي پون ٿا ته مينهن وسڻ شروع ٿيو وڃي . پر جيئن ته اهي اثر صرف چوماسي جي مند ۾ انهن نکٽن جا ٿيندا آهن ، نکٽن جا زمين تي پوندڙ اثر موسمن موجب بدلبا رهن ٿا .انهي ڪري اهو لوڪ ڏاهپ جو اهڃاڻ پڻ فلڪيات جي ستارن جي زميني ماحول تي پوندڙ اثرن جي حقيقتن تي ٻڌل آهي
( 7 ) جون ، جولاءِ ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر، مهينن ۾جيڪڏهن ڀرڻي نکٽ ۾ کنوڻ ٿئي ته ،اهوڏڪار جو اهڃاڻ آهي مينهن نه وسندو . ساڳئي طرح جيڪڏهن روهڻي نکٽ ۾ ويساک (مئي) ۾به مينهن وٺو ته پوءِ 72 ڏينهن مينهن نه وسندو.
انهي اهڃاڻ بابت فلڪياتي ماهرن جو رايو آهي ته ، علم نجوم جا ڏسيل سڀ نکٽ واري واري سان آتشي ، بادي ، آبي ۽ خاڪي تاثير يا طبيعتون رکن ٿا . ڇو ته علم جوتش جو سمورو دارومدار فلڪياتي شعائن ۽ سج جي گرمي جي مرحلي وار زميني ماحول تي پوندڙ اثرن تي ئي هوندو آهي . جنهن موجب فلڪياتي ماهر پيشن گوئيون ڪندا آهن . ڀرڻي نکٽ آتشي ۽ خشڪ تاثير وارو نکٽ آهي . انهي ۾ برسات جي مڪمل ٺهڻ جو امڪان موجود نه هوندو آهي . اهو نکٽ چيٽ يعني اپريل جي آخري تاريخن ۾ هوندو آهي . ٿر جي چوماسي جي لحاظ کان اها برسات جي موسم نه هوندي آهي . ان حالت ۾ جيڪڏهن انهي نکٽ جي دوران اگر ڪٿي کنوڻ نظر ٿي اچي ته اهو ڪٿي هوا جي ٿوري ٽائيم واري دٻاءَ جي عمل جي نتيجي ۾ گڏ ٿيل ڪڪرن جي بجلي جي واڌو ڪاٽو لهرن جي ٽڪراءَ جو نتيجو آهي . پر جيئن ته ڀرڻي نکٽ جي آتشي يعني گرمي ۽ خشڪ ماحول ۾ وسڪاري جو پورو مانڊاڻ جڙي نه ٿو اچي . انهي ڪري مينهن به نه ٿو وسي ۽ ڪڪر ماحول جي نه جڙڻ سبب ٽڙي پکڙي وڃن ٿا. ٻئي طرف ويساک يعني لڳ ڀڳ مئي جي مهيني ۾ ٿر جي علائقي ۾ برساتن لاءِ گهربل ماحول نه جڙي بيهندو آهي . اها آيل برسات ڪٿان ڪنهن ٻئي هنڌان آيل هوندي آهي . جيڪا اڀري سڀري وسي ختم ٿي ويندي آهي . جيڪا ٿر جي چوماسي موجب اڻ مندائتي برسات هوندي آهي . پر انهي برسات جي وسڻ سبب ٿر جي آسمان ۾ موجود آبي بخار انهي برسات سان گڏ وسي ويندا آهن . ٿر جي چوماسي جو موسمي چڪر ڦري يا بگڙي ويندو آهي . ان ڪري ٿر ۾ هوا جو گهٽ دٻاءَ ٺهڻ وارو عمل به متاثر ٿيندو آهي . انهي ڪري ڏکڻ هندي سمنڊ مان اٿندڙ برساتي سلسلو جنهن کي ڏکڻ اولهه چوماسو ( سائوٿ ويسٽرن مون سون) سڏيو ويندو آهي، ان کي ٿر تائين پهچڻ ۾ دير لڳي ويندي آهي . ٻئي طرف وري عربي سمنڊ مان آبي بخار اٿڻ ۽ انهن جو وسڪاري جيترو گڏ ٿيڻ ۽ هوا جو دٻاءَ گهٽ ٿيڻ واري سموري وسڪاري جي عمل ۾ رڪاوٽ پئجي ويندي آهي . انهي سموري ماحول جڙڻ ۾ ٻاهتر ڏينهن لڳي ويندا آهن . ان بعد وسڪارو ٿيو ته ، اهو ٿر جي لاءِ پاڇاٽو هوندو آهي . فصلن جي مند چڙهي ويندي آهي . پوءِ واري پاڇاٽي برسات ٿر ۾ فصلن کي ڪو فائدو نه ڏيندي آهي . باقي اڀرو سڀرو مال جي چاري لاءِ گاهه ٿي پوندو آهي . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ هن اهڃاڻ کي ڏڪار جي اهڃاڻن ۾ شمار ڪيو ويو آهي .انهن فلڪياتي ماهرن جي ڏسيل سببن کي ڏسندي سائنسي ماهر به ٿر جي هن لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪن ٿا .
(8) جيڪڏهن سنبت وڪرمي سال جي چيٽ ( اپريل ) مهيني ۾ ڪٿي به کنوڻ ٿي ۽ ويساک ( مئي) جي مهيني ۾ مينهن وٺو ته اهي به ڏڪار جا اهڃاڻ آهن . ڇو ته پوءِ مينهن نه وسندو ، ۽ جيڪڏهن ڪو فصل پوکيو ويو ته اهو وري مينهن نه وسڻ سبب سڪي ويندو .
هن اهڃاڻ جي سچائي جي ڇنڊڇاڻ بعد جديد سائنس جي ماهرن جو رايو آهي ته ، ٿر ۾ چوماسي جي موسم جون جي پڇاڙي کان سيپٽمبر تائين هوندي آهي . اپريل ۾ کنوڻ ٿيڻ يا مئي ۾ مينهن وسڻ ٿر جي علائقي جي برساتي چئوماسي کان تمام گهڻو آڳاٽو آهي.انهي بي مندائتي مينهن وسڻ سبب ٿر جي چئوماسي جي موسم جڙڻ جو عمل درهم برهم ٿيو وڃي . نه آبي بخار وقت سر مينهن وسائڻ جي قابل بنجن ٿا ۽ نه ئي وري هوائن جا رخ ۽ سندن گرمي پد مينهن جي ٺاهڻ جي لائق بڻجن ٿا. اٽلو هي آڳاٽو مينهن ڏڪار جو سبب بنجيو وڃي . انهي ڪري جديد سائنس ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪري ٿي.
نوٽ : مٿيون اهڃاڻ پڻ اهڃاڻ نمبر ( 7 ) سان مطابقت رکي ٿو، ان ڪري هن اهڃاڻ جي حقيقت کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ نمبر (7) ۾ ڪيل وضاحت علم نجوم جي نکٽن جي ماحول تي پوندڙ اثرن ۽ موسمي سرڪل کي پڻ پڙهيو وڃي . جيئن سمجهڻ ۾ آساني ٿئي .

( 9 ) جيڪڏهن سنبت وڪرمي سال جي بڊو ( سيپٽمبر ) مهيني ۾ پهرين برسات وٺي ته پوءِ مينهن وسڻ بعد ڪڪر ڇمر ڪري بيهندا ، ۽ وقفي وقفي سان برسات وسندي ، فصلن جا ٻج ڦٽڻ بعد خراب ٿي ويندا ، گهڻي برسات سبب ٻوڏ ايندي ، انهي ڪري اهو به ڏڪار جو اهڃاڻ آهي .
جديد سائنس جو مطالعو ڪجي ٿو ته ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ٿئي ٿي . ڇو ته ٿر ۾ چئوماسي جي مند جون جي پڇاڙي کان سيپٽمبر جي پڇاڙي تائين هوندي آهي. هاڻي جيڪڏهن پوري چئوماسي جي مند گذرڻ بعد آخري مهيني ۾ ڪا برسات وٺي ته ، هڪ طرف انهي برسات تي ٿر جو ڪوبه فصل نه ٿيندو . ڇوته پوکي جي مند گذري چڪي هوندي . ٻئي طرف پوري چئوماسي جي مند جا گڏ ٿيل آبي بخار فضا ۾ موجود هوندا . انهي ڪري سندن وسڻ سبب هوا وڌيڪ ٿڌي ٿي ويندي ۽ برسات جو عمل آبي بخارن جي ٿڌي هئڻ سبب پاڻي ۾ تبديل ٿي مسلسل وسي ٻوڏ جو سبب بڻبو . ڇوته ٿر جي علائقي جي اسي سيڪڙو حصي ۾ زمين جي هيٺان پٿريلا تهه آهن . انهي ڪري ٿر جي زمين ۾ چوسڻ جي گنجائش گهٽ آهي . ٻئي طرف وري ڀٽن جي به کٽندڙ ۽ لاڳيتن سلسلن سبب آبي گذرگاهن جي نه هئڻ سبب پاڻي هڪ جاءِ تي گڏ ٿي ٻوڏ جي صورتحال پيدا ڪري وجهندو آهي . جنهن سبب پوکيل فصل به ٻڏي خراب ٿي ويندا آهن .
ٻئي طرف سائنسي ماهرن جي اها به راءِ ته آهي بڊو ، سانوڻ جي مهيني کان پوءِ اچي ٿو. ۽ اهو ٿر جي فصلن جي مندائتي حساب موجب فصلن جي پچڻ ۽ لاباري جي موسم هوندي آهي . انڪري بڊي جي مهيني جي برسات نه پوکيل فصلن لاءِ فائديمند آهي . نه ئي ان برسات تي ڪي نوان فصل پوکي سگهجن ٿا . ان ڪري هر لحاظ کان بڊي ۾ وسڻ واري برسات ڏڪار جو سبب بڻجي سگهي ٿي . ان ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي پڻ تصديق ڪري سگهجي ٿي .
( 10 ) جون ، جولاءِ آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾جيڪڏهن اتر اولهه جي ڪنڊ کان مينهن آيو ته اهو تيز رفتاريءَ سان ضرور ايندو . هن اتر اولهه جي هوا کي هانڊيءَ واءَ به چوندا آهن .
ٿري لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جا ماهر هي راءِ ڏين ٿا ته ، ٿر تائين پهچندڙاتر اولهه جون هوائون ايران کان ٿينديون بلوچستان جي اترئين جابلو سلسلي سان ٽڪرائبيون سنڌ جي بيراج ايراضي مان گذري ٿر تائين پهچن ٿيون .هنن هوائن ۾ آبي بخار گهٽ هوندا آهن ۽ منجهن گرمي پد به وڌيڪ هوندوآهي .پر جڏهن هي هوائون بلوچستان يا سنڌ ۾ موجود ڪنهن هوا جي دٻاءَ ۾ داخل ٿينديون آهن ته انهي حالت ۾ هي هوائون مينهن وسائڻ جو سبب به بنجيو پون . پوءِ هي هوائون وڏي تيزي سان مينهن کي کڻي ٿر ۾ پهچن ٿيون جنهن کي ٿر جا ماڻهو هانڍي مينهن سڏيندا آهن . پراهڙي قسم جو مينهن ٿر ۾ ڪڏهن قسمت سانگي ايندو آهي . هن قسم جي مينهن جا آگسٽ يا سيپٽمبر ۾ وسڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن . ڇو ته انهن مهينن ۾ سنڌ جي هوا ۾ گرمي پد گهٽ هوندو آهي . جنهن سان هي گرم هوا ملي گرمي پد کي وسڪاري جي لائق بڻائي ڇڏيندي آهي .
سائنسدانن جو اهو به چوڻ آهي ته ، ڏکڻ اوڀر جي برسات کي اتر اولهه جون هوائون ٽوڙين ٿيون ، پر جيڪڏهن برسات اچي ئي اتر اولهه جي طرف کان ٿي ، ته پوءِ اها برسات زوردار نموني سان وسندي آهي . ڇو ته برسات جو اصول آهي ته جتي به هوا جو گهٽ دٻاءَ ٿيو اتي وسندي آهي ۽ جڏهن هوا جو دٻاءَ وڌڻ شروع ٿيو ته پوءِ برسات بند ٿيڻ لڳندي آهي .
ٿر جا ماڻهو هن برسات جي اٿڻ کانپوءِ ، مينهن اچڻ جي پڪ سمجهي ، گهرن ڏانهن روانا ٿيندا آهن ، اڃان گهرن تائين پهچندا ئي مس آهن ته مينهن وسڻ شروع ٿي ويندو آهي . ٿر جي ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي ته هانڍي مينهن به ٻڪراس مينهن جيان تيز رفتاري سان ايندو آهي .، پر هن مينهن جي ڦڙي ننڍي هوندي آهي . هن مينهن ۾ تيز هوا پڻ لڳندي آهي . هن برسات ۾ گوڙون ۽ کنوڻيون به ٻين مينهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هونديون آهن . هي برسات ڪڏهن ڪڏهن ڇمر ڪري ٻه ٽي ڏينهن لاڳيتو به وسندي آهي. آگسٽ مهيني ۾ هن قسم جون برساتون فصلن جي آمدني ۽ گاهن جي ڦوٽهڙي ۾ مددگار ٿينديون آهن . پر سيپٽمبر ۾ هن قسم جون برساتون فصلن جي پيداوار کي نقصان پهچائين ٿيون . ٿري ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي ته ، هي برساتون سدائين نه اينديون آهن ، هن قسم جون برساتون ڪڏهن ڪڏهن اينديون آهن .
انهن سڀني سائنسي سببن ۽ نتيجن کي نظر ۾ رکندي . لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جو ثبوت ملي ٿو .سائنسي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته هن طرف کان آيل برسات جي رفتار تيز هوندي آهي ۽ پهچڻ ۾ دير نه ڪندي آهي . موسمياتي ماهرن جو اهو به رايو آهي ته هن قسم جي برساتن بابت ٿرجي ماڻهن جو چوڻ بلڪل صحيح ۽ سائنسي سببن ۽ نتيجن تي ٻڌل آهي . جنهن جي سچائي ۾ ڪو به شڪ نه ٿو ڪري سگهجي .


( 11 ) ٿر ۾ جيڪڏهن آسمان تي ڪڏهن به ڪڪر ٿيا ته ڇهه قسم جون هوائون مينهن وسائينديون آهن .
(1) اتر اولهه ڪنڊ جي هوا جنهن کي ڪامهه يا هانڊي هوا چوندا آهن.
(ٰ2) اتر جي سڌي هوا ، جنهن کي ڇڙهه اتر جي هوا چوندا آهن .
( 3 ) اتر اوڀر ڪنڊ جي هوا جنهن کي سوريه هوا چوندا آهن . هي هوا ٻڪرار وارو مينهن آڻيندي آهي .
(4)ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ جي هوا کي پورب يا ڪاڇيل چوندا آهن . هي هوا چوماسي جي مينهن کي آڻيندي آهي .
(5)سڌو پورب هي هوا جوڌپور ، اجمير ۽ ٻاڙمير کان مينهن آڻيندي آهي .
(6)ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ کي واهوند ي جي هوا چوندا آهن ، هي هوا چوماسي جي برسات کي ٽوڙي ، مينهن کي ڪشمير يا اسلام آباد کڻي ويندي آهي . پر ڪڏهن ڪڏهن سامونڊي طوفان سان گڏ ٿر ۾ به برساتون به آڻيندي آهي .
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ٿر ۾ ڇهن قسمن جون هوائون برسات وسائڻ جو سبب بنجن ٿيون . انهن هوائن ۾ اتر اولهه جي ڪامهه يا هانڍي هوا جيڪا ايران بلوچستان کان ٿيندي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي . جيڪڏهن انهي هوا کي بلوچستان ، سنڌ يا عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ سامونڊي هوا جي دٻاءَ ۾ پيدا ٿيل ننڍو يا وڏو سامونڊي طوفان يا ڪو مينهن جو ٿڌو ٿيل مانڊاڻ ملي ويو ته پوءِ هي هوا ان ۾ تيزي آڻي وسائڻ ۾ دير نه ڪندي ، هن هوا جي ذريعي پيدا ٿيل مينهن جي رفتار تيز هوندي ۽ وسڪارو به وڏو ٿيندو آهي . پر هي هوا ڪڏهن قسمت سانگي حادثاتي طورمينهن وسائڻ جو سبب بنجي ٿي . اتر جي سڌي ڇڙهه هوا سياري ۾ ته سردي وڌائڻ جو سبب بنجي ٿي پر چوماسي جي مند ۾ هي هوا ڪڏهن قسمت سانگي لڳندي آهي . هن هوا جي لڳڻ جو سبب سنڌ ۾ موجود هوا جو گهٽ دٻاءَ هوندو آهي . سنڌ ۾ يا ٿر ۾ هوا جو گهٽ دٻاءَ سامونڊي هوائن جي اثر ڪري ٿيندو آهي . پر سامونڊي هوائون سنڌ ۾ گرمي پد وڌيڪ رکنديون آهن . انهي ڪري سنڌ ۾ موجود آڙنگ کي مينهن ۾ تبديل ڪرڻ لاٰءِ هي ڇڙهه اتر جون هوائون دير نه ڪنديون آهن ۽ وسڪارو ٿي پوندو آهي . اتر اوڀر جي ڪنڊ جون سوريه هوائون هماليا کان اٿندڙ مينهن کي ٿر تائين پهچائڻ ۾ مددگار بڻبيون آهن . يا هي هوائون ڏکڻ هندي سمنڊ مان اٿندڙ ڏکڻ اولهه جي برساتي سلسلي ، جيڪو پنجاب يا ڪشمير کان واپس موٽ کائيندو آهي ، ان کي وسائڻ جو سبب بنجن ٿيون. انڪري به هي هوائون مينهن آڻڻ جو سبب بڻبيون آهن . ڏکڻ اوڀر ڪنڊ جي هوا کي پورب يا ڪاڇيل سڏيو ويندو آهي . هي هوائون عام حالتن ۾ برسات ٽوڙينديون آهن پر ڏکڻ اولهه چوماسي جي مندائتي برسات کي ٿر ۾ داخل ڪرڻ ۾ هي هوائون مددگار پڻ ٿين ٿيون . سڌو پورب يعني اوڀر جون هوائون به جوڌپور ، اجمير يا ٻاڙمير کان ٿر ۾ مينهن آڻڻ جو سبب بنجن ٿيون . ڏکڻ اولهه ڪنڊ جي واهوندي واري هوا ، اڪثر مينهن ٽوڙيندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن سامونڊي طوفان به آڻيندي آهي .ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ به جديد سائنسي روشني ۾سچو ٿابت ٿئي ٿو.هن اهڃاڻ جي سچائي ۾ ڪو به سائنسي بنيادن تي شڪ نه ٿو ڪري سگهجي .
( 12 ) سنبت وڪرمي سال جي آکاڙ (جولاءِ ) مهيني ۾ جيڪڏهن ڪٿي به مينهن وٺو ته اهو سڪار جو اهڃاڻ آهي.
هن اهڃاڻ کي جديد سائنس جي روشني ۾ ڏسبو ته ، ٿر جي چوماسي جي شروعات 15 جون کان ٿي ويندي آهي . آکاڙ (جولاءِ ) جو مهينو ٿر جي چوماسي جو خاص ۽ شروعاتي مهينو آهي . انڪري انهي مهيني ۾ وسڻ واري برسات ٿر ۾ پوکي جي لاءِ نهايت مندائتي ۽ موزون آهي. انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ پڻ سائنس جي روشني ۾ سچو ثابت ٿئي ٿو.ٿر ۾ چوماسي جي پوري مند اندر ۽ صحيح وسندڙ برسات ئي سڪار جو سبب بنجي ٿي . پر جيڪڏهن چوماسي جي موسم جي ڦيري ۾ ڪا ڦير گهير آئي يا برسات اڳي يا پوءِ وٺي ته ، اهڙي برسات گهربل فائدو نه ڏيندي آهي. ۽ ڪڏهن بي مندائتي برسات ڏڪار جو سبب به بنجي ٿي . انهي لحاظ کان آکاڙ جي برسات مندائتي ۽ پوري ٽائيم واري برسات هوندي آهي ، جيڪا بلڪل ٿر جي برساتي ڦيري موجب ئي آهي . انهي ڪري اهڙي برسات فائدي مند ثابت ٿيندي آهي . سائنسدانن ۽ زرعي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته ، اهڙي قسم جي مندائتي برسات ٿر ۾ تڏهن وڌيڪ فائدي مند ٿيندي ، جڏهن اهڙي برسات وسڻ کان پوءِ ويهن کان پنجويهه ڏينهن جي وقفي سان گهٽ ۾ گهٽ چار برساتون وسن ، پوءِ ڀرپور سڪار اچي سگهي ٿو .. پر جيڪڏهن برساتون صحيح وقفي سان نه وٺيون يا 300 ملي ميٽرن کان وڌيڪ وسڪارو ٿيو يا وري مينهن لڳاتار ڇمر ڪري بيٺو ته ، انهي حالت ۾ برساتن مان گهربل فائدو نه ملي سگهندو . سائنسدانن ۽ زرعي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ، ته ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو برسات بابت هي اهڃاڻ به سائنسي بنيادن تي درست آهي . جنهن جي سچائي تي ڪوبه شڪ نه آهي .
( 13 ) جيڪڏهن سنبت وڪرمي سال جي ڄيٺ ( جون ) جي مهيني ۾ ڪٿي به مينهن وٺو ته اهو به سڪار جو اهڃاڻ آهي . انهي سال مينهن وسندا ۽ فصل سٺا ٿيندا .
جديد سائنس جي روشني ۾ هن اهڃاڻ جي سچائي بابت ڏسبو ته ، ٿر جي چوماسي جي مند شروع ئي ڄيٺ (جون ) جي آخري اڌ کان ٿئي ٿي. ان لاءِ ڄيٺ (جون ) مهيني جي برسات ٿر جي چوماسي جي حساب سان بلڪل وقتائتي هوندي آهي . انهي برسات تي پوکيل فصل به صحيح موسم سبب چڱي طرح پچي راس ٿيندا آهن . ٿر جي فصلن جي صحيح پيداوار لاءِ 20 کان 25 ڏينهن جي وقفي سان چار برساتون وسڻ ضروري آهن. صحيح برسات وسڻ ڪري فصلن جي پيداوار به گهربل نتيجا ڏيئي ٿي . پر جيڪڏهن پورا چار مينهن گهربل وقت تي نه به وٺا ته به مال جو چارو ۽ فصلن مان ڪجهه نه ڪجهه جياپي جو سمر هٿ اچيو وڃي . انهي ڪري ڄيٺ يعني جون ۾ ٿيل وسڪارو سڪار آڻي ٿو. انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو ڏسيل هي سڪار جو اهڃاڻ به بلڪل سچو ۽ تجربي جي روشني ۾ توريل اهڃاڻ آهي . سائنس ، موسميات ، ۽ زراعت جا ماهر گڏجي ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪن ٿا .
( 14 ) جيڪڏهن چترا ، سواتي ۽ وشاکا ، نکٽن ۾ مينهن وٺو ته اهو چوپائي مال جي لاءِ سڪار جو اهڃاڻ آهي . ڇو ته انهن نکٽن ۾ مينهن وسڻ ڪري ،گاهه سٺا ٿيندا آهن . انڪري ٿر جي چوپائي مال لاءِ سڪار ٿيو وڃي ، پر فصل نه ٿيندا ۽ هن برسات سان پوکيل فصلن کي نقصان ٿيندو آهي .
لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل سڪار جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي باري ۾ سائنسي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، علم نجوم ( اسٽرانامي ) موجب چترا، سواتي ۽ وشاکا ، هڪٻئي جي پويان ايندڙ لاڳيتا نکٽ آهن . سندن تاثير ۽ طبيعتون ، خاڪي ۽ بادي آهن . زمين جوگرمي پد ، هوا ۽ فضا ۾ موجود پاڻي جا آبي بخار گڏجي مينهن جو مانڊاڻ ٺاهين ٿا . چوماسي جي مند ۾ جڏهن اهي ٽيئي نکٽ هڪٻئي جي پويان اچي پنهنجي طبيعتن جي تاثير موجب سمورو مينهن جو مانڊاڻ ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ۽ برساتن جو سلسلو شروع ٿيو وڃي . جنهن سبب ٿر ۾ سڪار جون حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون . پر شرط اهو آهي ته اهي ٽيئي نکٽ جون جي پڇاڙي يا جولاءِ ۾ اهڙو مانڊاڻ جوڙين ، ڇوته ٿر ۾ 15 آگسٽ کان پوءِ وسندڙ برساتن جو ڪو پيداواري نفعو نه ٿيندو آهي. 15 آگسٽ کان پوءِ وسندڙ برساتن سبب صرف مال جو گاهه حاصل ٿيندو آهي .
علم نجوم ( اسٽرانامي ) جي حساب موجب چترا ۽ سواتي نکٽ آڪٽوبر ۽ وشاکا نکٽ نومبر جي پهرئين تاريخن ۾ اچي ٿو . انهي ڪري ٿر جي چوماسي جي لحاظ کان اها برسات پاڇاٽي هوندي آهي . اهڙي پاڇاٽي برسات وسڻ ڪري فصلن جي پوکائي کي ڪو به فائدو نه ٿيندو آهي . جيڪڏهن اڳ ۾ فصل پوکيل هوندا ته انهن کي پڻ نقصان پهچندو . ڇو ته آڪٽوبر ۽ نومبر جي مهيني ۾ ٿر جي ماحول ۾ ٿڌاڻ اچيو وڃي ، اهڙي ماحول ۾ ٿر ۾ برسات جو وسڪارو ٿر ۾ گاهن ۽ وڻن کي ته سائو ڪري مال جي چاري پيدا ٿيڻ جو سبب ته بنجي سگهي ٿو. ان سان فصلن جي پيداوار ته نه ٿيندي ، پر مال لاءِ گاهه ڦٽڻ ڪري چوپائي مال لاءِ سڪار ٿي سگهي ٿو . انهي ڪري اهڙي قسم جون برساتون صرف مال جي چاري جي حد تائين گاهه پيدا ڪنديون پر فصلن جو پيداواري فائدو ڏيڻ جو سبب نه بڻبيون ، انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ٿر جي لوڪ ڏاهپ هن قسم جي برساتن کي صرف مال لاءِ فائدي مند قرار ڏنو آهي . جيڪا ڳالهه بلڪل درست آهي .انهن سڀني سببن جي روشني ۾ ڏسبو ته جديد سائنس جي اصولن موجب هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ٿئي ٿي .
( 15 ) سنبت وڪرمي سال جي سانوڻ ( آگسٽ ) مهيني جي ستين تاريخ سواتيءَ جو نکٽ آيو ۽ جيڪڏهن انهي ڏينهن تي ڪٿي به برسات وسي ٿي ته پوءِ پوري ٿر ۾ مينهن وسندا ۽ اهو سڪار جو اهڃاڻ آهي .
ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي انهي اهڃاڻ جي سچائي بابت جديد سائنس جي ماهرن جو رايو آهي ته علم نجوم ( اسٽرانامي ) موجب سواتي نکٽ جو اثر بادي آهي . پر ان ۾ پاڻي جو اثر وڌيڪ هوندو آهي . سواتي نکٽ جي هوا آبي بخارن سبب گهميل هوندي آهي . ٻئي طرف وري سانوڻ ( آگسٽ ) جو مهينو برسات وسڻ جو ئي مهينو آهي . انهي ڪري سواتي نکٽ جي آبي بخارن سان ڀرپور هوا سانوڻ جي آڙنگ ۽ برساتي مانڊاڻ وڌائڻ کي هٿي ٿي ڏي . انڪري مينهن وسڻ جو سمورو مانڊاڻ مڪمل ٿيو وڃي . برسات وسڻ شروع ٿيو وڃي . سانوڻ جو مهينو هونئن به ٿر۾ برساتن جو مهينو هوندو آهي . انهي مينهن جو مندائتو وسڻ سڪار جو سبب بڻجي وڃي ٿو.
علم نجوم (اسٽرانامي ) جي ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته اهڙو موقعو ڪڏهن اتفاق سان ايندو آهي . ڇوته علم فلڪيات جي اصولن موجب سواتي نکٽ هونئن ته هر مهيني پنهنجي گردش موجب هلندو رهندو آهي . پر هو پنهنجي چوڏهن ڏينهن واري اثرات جي گردش ۾ چوماسي جي مند جي پڇاڙي ۾اسوءَ مهيني ( آڪٽوبر ) جي آخري ڏهاڪي ۾ زمين تي پنهنجا اثر خارج ڪندو آهي . جنهن سبب هوائون لڳڻ شروع ٿي وينديون آهن . جنهن ڪري انهي وقت اگر ڪٿي زمين تي هوا جو گهٽ دٻاءَ موجود هوندو آهي ته هن نکٽ جا اثرات بارش وسڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا . پر اهڙي برسات ٿر لاءِ ڪا خاص فائديمند نه هوندي آهي . پر ساڳي ريت جيڪڏهن سواتي نکٽ پنهنجي چوڏهن ڏينهن واري گردش موجب سالن کان گردش ڪندو سانوڻ مهيني ۾ اچي ويو ته پوءِ مندائتا مينهن وسي سگهن ٿا ، پر اهڙو موقعو ڪيترن سالن بعد ڦيري سان ايندو آهي . انهي ڪري هن اهڃاڻ کي دائمي نتيجو نه ڏيندڙ سمجهيو وڃي .

( 16 ) جيڪڏهن سنبت وڪرمي سال جي سانوڻ ( آگسٽ ) مهيني جي پنجين تاريخ تي ٿر ۾ ڪٿي به مينهن وسي ٿو ته اهو به سڪار جو اهڃاڻ آهي . انهي سال ۾ برساتون سٺيون وسنديون .
هن اهڃاڻ جي سچائي بابت سائنسي ماهرن جو رايو آهي ته ، ٿر جي چوماسي جي مند جي حساب سان سانوڻ (آگسٽ ) جو مهينو برسات جي موسم جو درميانو مهينو هوندو آهي ، انهي ڪري اگر سانوڻ ( آگسٽ ) مهيني جي پنجين تاريخ يعني پهرئين هفتي ۾ ئي برسات وسڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ته ، اهو ٿر ۾ سڪار آڻڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو . ڇو ته آگسٽ جي پهرئين هفتي ۾ آيل برسات ٿر ۾ فصلن جي پوکائي جي درمياني مند هئڻ سبب پوکائي ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي . ان کان علاوه اڳ ۾ پوکيل فصلن جي واڌ ويجهه ۽ فصلن جي صحيح داڻي ٻڌڻ ۾ به مدد ڪري سگهي ٿي ۽ هي برسات ڪنهن به صورت ۾ ٿر کي فائدو ئي ڏيندڙ آهي .انهي ڪري جديد سائنس جي حساب سان ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل هن اهڃاڻ جي سچائي ۾ ڪو به شڪ نه ٿو آڻي سگهجي. سائنسي حساب سان هي اهڃاڻ سائنسي بنيادن تي بيٺل آهي . باقي پنجين تاريخ تي مينهن جو اچڻ اتفاقي سمجهڻ گهرجي . ٻئي طرف انساني سماجيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، آڳاٽي زماني جا ڏاها ماڻهو پنهنجي ڳالهين تي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪجهه اشارا ڏيئي ڇڏيندا هئا . انهن ڳالهين تي غور ڪندڙ ماڻهو سياڻن جي انهن ڳجهن اشارن جن کي هو سگهڙائپ جي ٻولي ۾ “ڪک رکيل ” چوندا هئا . تي غور ڪري صحيح نتيجا ڳوليندا هئا . جنهن ڳالهه کي ئي سگهڙائپ چئبو آهي . انهي لحاظ کان پنجين تاريخ جو لفظ صرف هن اهڃاڻ تي ڪک رکيل آهي . جنهن کي سانوڻ مهيني جو پهريون هفتو سمجهڻ گهرجي . هي اهڃاڻ لوڪ ڏاهپ سان گڏ ، لوڪ ادب جو پڻ شاهڪار آهي .