• ٿر جي لوڪ ڏاهپ، سائنس ۽ ترقي جو راز
دنيا اڄ جنهن سائنسي ترقي جي ڊوڙ ۾ هڪٻئي کان اڳتي نڪرڻ جي جنهن ڇڪتاڻ جو شڪار آهي . انهي جو ڦل موتمار هٿيارن جي صورت ۾ سامهون آهي . هن وقت دنيا ۾ موجود بارود جا ذخيرا هن ڌرتي کي ڪيترائي ڀيرا تباه ڪري سگهن ٿا . انسان جو اهڙو ترقي جو حوس ڌرتي تي موجود قدرتي وسيلن جي ذخيرن کي تباه ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي طرف ڌرتي ۾ فطرت سان هٿ چراند وارا رويا هن ڌرتي کي دوزخ ۾ تبديل ڪري رهيا آهن . جيڪا ڳالهه سڄي انسان ذات لاءِ پريشاني جو سبب آهي .
قومن جي ترقي ۾ اديبن ۽ ليکڪن جو ڪردار به وڏي اهميت رکي ٿو . ٽالسٽاءِ ، روسو ۽ ڪارل مارڪس جي لکڻين دنيا ۾انساني ارتقا جو جمود ٽوڙيو ۽ قومن کي جيئڻ جا نوان رستا ٺاهي ڏنا ، سندن لکڻين وري قومن مان مايوسي کي ڪڍي منجهن زندگي جو اتساه پيدا ڪيو ، سندن ڏنل فڪر قومن جي ارتقا جي سفر ۾ هڪ نئين ڊڪ ڊوڙ پيدا ڪري ڇڏي . جنهن ڊوڙ ۾ دنيا ۾ موجود ڦورو قوتون ۽ ڦرجندڙ قوتون هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿيون . اڄ جي هر ماڻهو کي انهن قوتن جي باري ۾ چڱي ريت ڄاڻ آهي . اڄ جي ادب ۾ ٻئي فڪري رجحان چٽي نموني ظاهر ظهور آهن .
انسان جڏهن پنهنجي مسئلن ۽ مشڪلاتن تي سوچي ٿو ته ، پوءِ اها سوچ بحث مباحثن هيٺ اچي ٿي ۽ گڏيل ڏاهپ جو روپ وٺي ٿي جيڪا اڳتي هلي نسل در نسل لوڪ ڏاهپ بڻجي ٿي . پوءِ انهي لوڪ ڏاهپ جي بنياد تي حاصل ڪيل مشاهدن ۽ تجربن کي رهنما بڻائي سائنسدان ايجادون ڪن ٿا . ٻئي طرف وري جڏهن قومن جي ترقي جي رفتار جو ڪاٿو لڳائجي ٿو ته ، انهي ترقي جي رفتار ۾ سائنسي ايجادن جو وڏو عمل دخل آهي . انهي ڪري قومن جي سائنسي ترقي جي تاريخ جي مطالعي مان اها ڳالهه چٽي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ، ته سمورين انساني سائنسي ايجادن جو بنياد لوڪ ڏاهپ تي ئي رکيل آهي . اهي سائنسي ايجادون وري سماج جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ سهوليتون پيدا ڪن ٿيون . سائنسي ايجادن جي نتيجي ۾ سماج پنهنجي ارتقائي ترقي ۾ تيزي آڻي ٿو . ائين ئي قومن جي ترقي جو سفر شروع ٿئي ٿو ۽ قومون جيئن ٿيون ، جاڳن ٿيون ۽ جاڳائين ٿيون ۽ قومن جي اڳواڻي ڪري اعليٰ ترقي جو معراج به ماڻين ٿيون . انهي ڪري اهو وڏي واڪي چئي سگهجي ٿو . ته لوڪ ڏاهپ سائنس جو بنياد آهي ۽ لوڪ ڏاهپ کي سنڀاليندڙ قومون ئي نه صرف سائنسدان پيدا ڪري سگهن ٿيون، پر ڪيترين ئي نين ايجادن جو تصور به ڏيئي سگهن ٿيون . اهڙين قومن جو مستقبل روشن هوندو آهي ۽ اهڙيون قومون ئي زنده قومون هونديون آهن .
سنڌي قوم جيڪا موهن جي دڙي جهڙي دنيا کي حيرت ۾ وجهندڙ تهذيب جي وارث آهي . جنهن ڦيٿو ايجاد ڪيو. گڏوگڏ سنڌ جي تهذيب جو شمار دنيا جي قديم ترين تهذيب طور ٿئي ٿو . سا پنهنجي سماجي ترقي جو رستو وڃائڻ بعد به زنده آهي . انهي جو سبب به سنڌي قوم جي پنهنجي وڏڙن جي ورثي سان عشق جي حد تائين جذباتي لڳاءَ آهي. جنهن جو اولڙو فاضل مصنف جو هي تحقيقي ڪتاب آهي ، ٿر جيڪو جديد ترقي کان پري پنهنجي هڪ الڳ دنيا ۾ جيئي پيو . اتان جي سموري زندگي جي وهنوار ۾ ٿري ماڻهو لوڪ ڏاهپ جي رهنمائي ۾ نه صرف جيئن پيا ، پر همت سان ڏڪارن جو مقابلو به ڪندا اچن . جيڪا ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ آهي. .ٿرين جي هنن اهڃاڻن کي ماڻهو اجايا وهم يا اجايا خيال سمجهندا آهن ، خود ٿر جي ماڻهن وٽ به انهي ڳالهه جو ڪو خاطر خواهه جواب موجود نه هو . تن کي مشڪور جي هن تحقيقي ڪتاب اهڙو جواب ٺاهي ڏنو آهي جيڪو ٿري ماڻهن سان گڏ پوري قوم جو ڳاٽ اوچو ڪري ٿو. ٿري سماج جيڪو جديد سائنس کان پري اڪيلو بيٺل سماج آهي ، ان جي ڏاهپ جو ڳانڍاپو جديد سائنس سان ٿيڻ کانپوءِ ، ٿر جي لاعلاج نه پر منجهائيندڙ مسئلن جي حل لاءِ سائنسدانن کي هڪ رستو ٺهي مليو آهي ، جنهن ۾ ٿر جي معاشي ۽ معاشرتي علاج لاءِ هڪ طرف سماجي ڏاها ڪي ترقي جا پروگرام ٺاهيندا ته ٻئي طرف وري سائنسدان نيون ايجادون ڪري ٿر جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪندا . بحرحال هن ڪتاب جي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ ٿر سائنسي ترقي کان هاڻي ايترو پري نه رهندو . هن ڪتاب ، ٿر ۽ سائنس جي وڇوٽي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي . جيڪا ڳالهه اسان سڀني لاءِ قابل فخر آهي.
مشڪور هن ڪتاب ۾ صرف سڪار ۽ ڏڪار جي لوڪ ڏاهپ ۾ اهڃاڻن جو ذڪر ناهي ڪيو ، پر هي ڪتاب ٿر بابت معلومات جو هڪ ڀنڊار آهي ، جنهن ۾ ٿر جي مڪمل ، جاگرافي ، معاشي حالتن ۽ ٿرين سان لاڳاپيل مسئلن ، قدرتي وسيلن ، ڪارونجهر جي جابلو سلسلي ، برساتن جي اثرن ۽ ڏڪار کي منهن ڏيڻ جي ٿري ڏاهپ جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي . ان کان علاوه ٿري پهاڪن ، چوڻين جي استعمال ۽ انهن جي وضاحت ۾ ٿري ماڻهن جي زندگي جي حقيقي تصوير پڻ ڏيکاري ويئي آهي . جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته ، بنيادي طرح ٿر صحرا ناهي ، هي قدرتي وسيلن ، وڻن ٽڻن ، ۽ بهترين زرعي زمين سان گڏ معدني دولت سان مالامال علائقو آهي ، اهو چئي سگهجي ٿو ته ٿر ويران صحرا نه پر هڪ پاڻي جي کوٽ وارو وارياسو علائقو آهي . جتي صرف پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪار اچن ٿا. جيڪو ٿر جي نصيب ۾ لکيل فطري ڏڪار ناهي . پر حڪمرانن جي ترقي جي سائنسي سوچ کان خالي ترقي جي جٽادار پاليسين ۽ نيتن جو ڏڪار آهي . ٿر جي مسئلن جو جيڪڏهن سنجيدگي سان حل ڪڍيو وڃي ۽ ڏکايل مارو ماڻهن جي دردن ۽ ڏکن جو علاج جيڪڏهن لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس جي روشني ۾ ڪيو وڃي ، ته هي علائقو دنيا جي ترقي يافته علائقن جيان سهوليتن سان آرامده ٿي سگهي ٿو.
محترم مشڪور ڦلڪارو سنڌ جو عملي طور جاکوڙي ڪردار ۽ باشعورليکڪ رهيو آهي . هو جڏهن ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي ڏڪارن ۽ سڪارن جي اهڃاڻن جو ذخيرو کڻي مون وٽ پهتو ته ، مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ته ، سنڌ ۾ اڃان به کاهوڙي ستا ناهن ، هن کاهوڙي انسان مون تي ۽ مٺل جسڪاڻي تي اهو بار رکيو ته ، هن گڏ ڪيل مواد ۾ شامل ڏڪار ۽ سڪار جي اهڃاڻن جي سائنس جي روشني ۾ ڇنڊڇاڻ ڪري ڏيو ۽ انهي لاءِ هڪ سائنسي ڪميٽي به تشڪيل ڏيڻ گهرجي ، جيڪا گڏجي ويهڪ ڪري ، هنن ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري . جيئن ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هنن اهڃاڻن جو جديد سائنس جي روشني ۾ ڪو اتو پتو ڪڍي سگهجي . اسان مصروفيت جي باجود اها ذميواري قبول ڪئي ، ڇو ته هن کاهوڙي ماڻهو کي جواب ڏيڻ اسان مناسب نه سمجهيو. ائين ئي ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻن جي سائنس جي روشني ۾ ڇنڊڇاڻ شروع ٿي ، تحقيقاتي ڪميٽي جي سڀني ميمبرن پنهنجي مصروفيت مان وقت ڪڍي هن اهم ڪم کي اڪلايو . مون کي حيرت ٿي ته مشڪور جي ڳوليل ڏڪار ۽ سڪار جي اهڃاڻن مان ڪافي جديد سائنس سان ٺهڪي آيا . جنهن ڳالهه اسان سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو .
مشڪور جي هن ڪتاب جي روشني شال انگلينڊ جي بادشاهه ڪنگ ايڊورڊ جهڙن حڪمرانن تائين پهچي ، نه ته ٻي حالت ۾ شاهجهاني سوچ وارا حڪمران تاج محل ته اڏيندا رهندا ، پر ٿر جي دردن جو علاج نه ٿيندو . پر پوءِ به اها پڪ اٿم، ته مشڪورجيڪو هي ڪتاب لکي بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلايو آهي ، سو ايندڙ وقت ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن لهرون ضرور پيدا ڪندو ، ۽ بدحال ٿر جي ماروئڙن جي ڏکويل ڏيهه ۾ نيٺ سکن جو سج اڀرندو .
پروفيسر شمس الدين تنيو
3 جنوري 2015ع