• مهاڳ : ٿر ٿر اندر ٿاڪ
ننگا آهيون نِڱئا، اسين مارو لوڪ،
ٿر کي ڀانيو ٿوڪ، ڍڪ ڍاٽيئڙن جو.
سٻاجهن، سادن، سهپ وارن مارن جو ڍَڪُ، چؤپلاندو فطرت جو اهڙو حسين شاهڪار جنهن جي سونهن پرکنڊين پڌري آهي، جنهن جي خوشحالي ته بيشمار ماڻهن کي موهي ٿي ، پر خيرن سان هِن خطي جي ڏک حالي به ڪيترن موذين جي مال ميڙڻ جو سبب بنجي پوندي آهي ، ۽ ڏڪاريل ڏيهه ۾ ڪيئي ڏڪاريا ڳجهن وانگر لهي پوندا آهن. ٿر جي انهي ٻهڳڻائپ تي ڪُجهه ٻولڻ کان اڳي ، اچو ته دنيا جي ٿرن، برن، رڻ پٽن جي اوک ڊوک ڪريون جيئن اسان کي پنهنجو ڏيهه بيان ڪرڻ ۾ سهوليت ٿئي،
جاگرافيدانن دُنيا جي ٿرن کي چئن قسمن ۾ ورهايو آهي: (1)قطبي ٿر (2) ڪوسو ٿر (3) ٿڌو سرمائي ٿر۽ (4) ٿڌو ساحلي ٿر. انهن مڙني قسمن جا صحرا ( ڊيزرٽ ) دُنيا ۾ موجود آهن . جن مان ڪُجهه انتهائي نامکاريل ۽ هاڪارا آهن. جن ۾ ائٽارڪٽڪ جو قطبي ٿر ، صحارا جو ٿر ، گوبيءَ جو ٿر . ڪالا هاري ٿر ۽ پتگوني ٿر ، پنج مشهور ۽ وڏا ٿر آهن ، جن جو تصور ئي انتهائي ڀوائتو آهي . ڇاڪاڻ ته اهي سُڃا پَٽَ آهن . پر اسان جو ٿر سُڃو پَٽ (Desert) ناهي، منجهس وڻ ٽڻ ٻوٽا گاهه وليون ۽ ٻي ٻهڳڻ جيوت آهي، پاڪستان ۾ جيڪي ٻيا ٿر آهن تن جا نالا هي آهن . (1) روهي، چولستان (2) سنڌو ساگر دوآ بي جو ٿر (چناب ۽ سنڌو ندي جي وچ ۾) (3) خاران ( اُتر اوڀر بلوچستان جو ٿر) (4) ٿَلُ- ( ميانوالي جو جهلم ۽ سنڌوءَ جي وچ وارو ٿر) (5) ٿر-ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ اڇڙو ٿر سانگهڙ، خيرپور ضلعن جي ايراضيءَ ۾ ايندڙ ٿر .انهن ٿرن مان اسان جي ٿرپارڪر جي ڪهاڻي دلچسپ ۽ رنگين آهي . جنهن به هتان جو هڪ ڀيرو به ڀيرو ڪيو آهي ، تنهن ڀيرو ڀڳوناهي ، انهي ٿر ۾ ڀيرو ڪندڙ ڪيترن ئي شخصن پنهنجي مشاهدن ۽ تاثرات کي قلمنبد ڪري ڳائي وڄائي دُنيا تائين پهچايو آهي . جيئن هتان جا مور مُند ايندي آهي ته رڙ ڪري وهندا آهن ۽ ٻولڻ لڳندا آهن.
اسين گِررا مورلا، ڪانڪر پيٽ ڀران،
رُت آئــي نه ٻــولان، هِنيــو ڦـاٽ مـران .
اهڙي طرح هتي ڪپتان رئڪس جڏهن اسٽنٽ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو ته ، هن ٿر۽ پارڪر ضلعن جون يادگيريون لکيون، ڪرنل جئمس ٽاڊ سڄي ٿر يعني پاڪستان واري ٿر ۽ هندستان واري ٿر جي سموري خطي جو دورو ڪري احوال دستاويز بند ڪيو ۽ ائنلس اينڊ ائنٽيڪُئٽيز جنهن کي عام طور ٽاڊ راجستان چيو ويندو آهي ، تنهن جهڙو اٽڪل هڪ هزار صحفن جو ڪتاب ڏنو. مولوي نجم الغني صاحب به ٻن ڀاڱن ۾ وقائع راجسٿان جهڙو جامع ڪتاب لکيو. تيج سنگهه سولنڪي ، منگهارام اوجها ، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، عثمان اديب ، محمد اسماعيل عرساڻي ، ٿر تي قلم کنيو ۽ اُن جي ڪن پهلوئن کي نروار ڪيو . اُن کانسواءِ ڪافي ليکڪن پنهنجي قلم جا ڪونتل ڪُڏائي، ٿر جي احوال کي اُجاگر ڪيو. ٿر جي نامياري اُستاد محترم رائچند هريجن به ٿر جي تاريخ بابت تاريخ ريگستان ”نالي سان ٻه جُلد لکي انتهائي بهترين تاريخي ۽ سماجي معلومات پڙهندڙن لاءِ مُرتب ڪئي . جنهن لاءِ سنڌ جي نامياري شاعر شيخ اياز جو خيال هو ته ، سندس چانسلر صاحبيءَ ۾ کيس ياد ڏياريو وڃي ها ته ، رائچند هريجن ڊاڪٽوريٽ جي سَنَدَ جو حقدارهو ۽ کيس سند ڏني وڃي ها. خير يونيورسٽين جون سندون ۽ ٻِلا ۽ علم الڳ الڳ شيون آهن جن جي ڪهاڻي به طويل آهي. اهڙي طرح مشاهدن جي انهي اندر اور ۾ تاريخ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي . باقي ٻيا پهلو سرسري طور ذڪر هيٺ آيا آهن.
ٿر پارڪر جو خطو ڏهن طبعي ڀاڱن ۾ ورهايل آهي . جيڪي هن ريت آهن : مهراڻو، 2. ونگو، 3. سامروٽي، 4. ڪَسُ، 5. وٽ، 6. ڪِنٺو، 7. پارڪر 8. ڍٽ 9. کائڙ ۽ 10 رڻ ڪڇ ، خطن جي اهڙي ورڇ ۾ سماجي حالتن کي به نظر ۾ رکيو ويو آهي ته ، وري ماحولياتي تقاضائن جي نشاندهيءَ کي به ملحوظ خاطر رکندي نالا ڏنا ويا آهن. ٿر ۾ ڏکڻ اولهه ڪُنڊ ۾ پاڻي تمام تانگهو آهي ۽ زمين جي مٿاڇري کي ويجهو آهي ته ، وري اوڀر اُتر ڪنڊ ڏانهن ويندي ويندي پاڻي اونهون هليو وڃي ٿو ، ۽ ڀٽائي پاڻي جي انهي هيٺ مٿاهين کي ڏسندي ٿر کي ٻن وڏن ڀاڱن، پائر( ڏکڻ ٿر) ۽ کائڙ ( اُتر ٿر) جي نالن سان ياد ڪيوآهي. هاڪڙو درياه جتان وهندو هو يا سنڌوءَ جو ڪو وهڪرو وهندو هو ، اُن ۽ مُهراڻي جي وچ ۾ جيڪا فاصل حد آهي تنهنکي ڪَسُ سڏيو ويو آهي ، يعني مِٺي پاڻي سان ملائيندڙ پٽي ڪس آهي. وري سمنڊ جي کاري پاڻي يا هاڻي واري رڻ ڪڇ کي سامروٽي سان ملائيندڙ پٽيءَ کي ”وٽ“ سڏيو ويو آهي، ڍٽ ٿر جو طبعي ڀاڱو آهي جڏهن ته ”ڍاٽ“ سياسي اصطلاح آهي جيڪو امراڻي جي راڻن جي رياست جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ اُهي اڄ به ”ڍاٽ“ جا راڻا سڏجن ٿا، اُن ڍاٽ ۾ ”ڍٽ“ ۽ کائڙ“ ٻئي اچي وڃن ٿا . مُهراڻو سنڌو سيرابي علائقي جي اڳ ۾ ايندڙ حصو آهي تنهنڪري اُن کي مُهراڻو (مُهر- اڳ + آڻو = ايندڙ .. اڳ ۾ ايندڙ) سڏيو وڃي ٿو. پارڪر......پار ڪرڻ يا کاري پارڪرڻ جي نالي سان نامکاريو وڃي ٿو . ٿر جي ڌرتي وارياسي به آهي ته ، سنئين سنواٽي مٽي هاڻن ميدانن واري به آهي ، لوڻياٺا پٽ به منجهس موجود آهن ته ، ڪارونجهر جهڙو جهونو ۽ ڪنڌار جبل کيس دُنيا جي ٿرن ۾ سڀ کان سرس ۽ سوايو ڪري بيهاري ٿو.
محترم مشڪور ڦلڪارو جيڪو گذريل چئن ڏهاڪن کان سنڌ جو محترڪ ڪردار ۽ جاکوڙي ليکڪ رهيو آهي، تنهن جڏهن ٿر جو مشاهدو ڪيو، مطالعو ڪيو ته پنهنجي اندر جي تجربي کي هن ڪتاب ۾ توهان سان اورڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس ، ڀلان ڀليءَ جو ته ڇيهه ڪونهي پر پنهنجي وس آهر هُن من ۾ محبت پائي رنڍا روڙ ڪئي آهي . ٿرپارڪر جي لوڪ ڏاهپ کي سائنس جي روشنيءَ ۾ برميچائي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس . يقينن سندس هيءَ پورهيو پڙهندڙن وٽ جوڳي جاءِ والاريندو ۽ هِن موضوع بابت ٻيا به ڪتاب لکيا ويندا . پر پوءِ به هي موضوع تمام ڳوڙهو آهي ۽ هلندو رهندو. ڇو ته سائنس جي علم ۾ روز بروز نيون تحقيقون ٿين پيون . پر مشڪور جي هي ڪوشش پهرين وڏي ڪاوش آهي ، جيڪا هن موضوع کي ڇيڙي ٿي ۽ ان ڇيڙ جو نبيرو مستقبل جي تاريخ ڪندي يا ايندڙ وقت جو ليکاري ڪندو. پر نورنچوئي معنيٰ جا موتي ميڙڻ جي هيءَ ميڙا چونڊي انتهائي قابل قدر آهي. جنهن ۾ ٿر جي لوڪ ڏاهپ، ڏڪار سُڪار جي اُهڃاڻن هوا، نکٽن، مهينن، آسمان، چنڊ تارن، ڪڪرن ، پکين، جيت جڻن، وڻن ٽڻن ٻوٽن ، جانورن ، کاڌن پيتن، برسات جي منڊل، سوڻن ساٺن کي قلم جو موضوع بنايو ويو آهي . هن اُهو ڏيکاريو آهي ته ٿريا ماڻهو ڏڪارن کي ڪيئن مُنهن ٿا ڏين؟ يا سُڪار کي ڪيئن ٿا ملهائين؟ ٿر جي ڪُجهه ڏڪار ۽ سڪار سان لاڳاپيل پهاڪن جي مُراد ڪڍڻ جي ڪوشش به ڪئي ويئي آهي. پهاڪن جي باري ۾ به هن هڪ نئون تحقيقي انداز متعارف ڪرايو آهي. هن کان اڳ ۾ پهاڪن جي تشريح لفظي يا نصيحت آموز ننڍڙين آکاڻين ذريعي ٿيل ملي ٿي. پر فاضل ليکڪ پهاڪن جي تشريح ۾ جيڪو ٿري ماحول جو عڪس چٽيو آهي ، سو قابل تعريف عمل آهي . هِي اڀياس حقيقت ۾ ٿري سماج نه بلڪ ٿري ماحول جو چمڪندڙ آئينو آهي. جنهن ۾ ڪنهن حد تائين هڪڙِي واضح تصويرنظر اچي ٿي. ليکڪ سڀني لکيل احوالن کي به مطالعي هيٺ رکيو آهي ، پر اُن کان وڌ هُن مختلف ڳوٺن ۾ وڃي “زباني ورثي” جي صدري سِپن کي کولي، سيني در سيني سانڍيل موتين کي ميڙڻ جي وِت آهر بهترين ڪوشش ڪئي آهي .
ٿرپارڪر ۾ موجود ڪارونجهر ڇپر جون ٽڪريون جن جا نالا جنهن ريت وڏي وستار سان ڏنا ويا آهن ، سو لک لهي. سندس انهي ڪوشش سان ڪارونجهر جبل بابت بلڪل نئين معلومات سامهون آئي آهي . يا ڪارونجهر کان ڌار ٻين جابلو ٽڪرين جي ڳولا ڪري، ۽ انهن جي نشاندهي ڪري ، هن هڪ تمام وڏو تحقيقي ڪم ڪيو آهي . ان کان سواءِ ٿر ۾ لوڻ جي 81 سنن ( کاڻين ) بابت به معلومات ڏني آهي . هاڻي فني ماهرن جو ڪم آهي ته انهي وٿ کي وڌيڪ سائنسي اندر ۾ پرکين ۽ پروڙين. برسات جي مُند چوماسو آهي يعني مون سون جو سمورو عرصو چئن مهينن (جون ، جولاءِ ، آگسٽ ، سيپٽمبر ) تي مشتمل آهي. ڏڪار جي لفظي معنى ”کوٽ“ آهي ۽ اصطلاحي مراد ۾ برسات نه پوڻ جي ڪري اناج ۽ چاري جي پيدا ٿيل کوٽ . هاڻي ته ڏڪار به ڪيترن ئي قسمن جو ٿي چڪو آهي ، نيت جو ڏڪار ته دُنيا کي نهوڙي نيندو وڃي هڻندو ڪنهن اونهي ڀَنَ ۾. فاضل ليکڪ اُهڃاڻن کي سائنس سڏي ٿو جڏهن اهي سائنس نه پر سائنس وانگر مسلسل تجربن مان گذاريل ڏاهپ آهن ، جنهن کي لوڪ ڏاهپ چئي سگهجي ٿو . ۽ هو لکي ٿو ته سائنس جا ماهر تصديق ڪن ٿا ته اُهو ڄاڻائڻ گهرجي ته ڪهڙا سائنسي ماهر.....شايد سندس اشارو جوڙيل سائنسي ڪميٽي ڏانهن آهي. يا ڪٿي وري جوتش ۽ علم نجوم جي ثابتين سان ڳالهه کي سَتول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ، سائنس ۽ جوتش ۾ فرق آهي . سائنس هر هڪ ڳالهه کي تجربي جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جو پرو ڏسي ٿي. جڏهن ته جوتش ۽ علم فلڪيات ۾ اڃا انيڪ ميدان اندازي جي علم تي آڌار رکڻ يا وري ڪنهن اندازي جي آڌار تي ڪنهن شئيءَ کي رد ڪرڻ به غيرسائنسي آهي ، ڇو ته علم فلڪيات اڃان مڪمل نه ٿيو آهي، فلڪيات تي ڪم هلندڙ آهي. جيڪو اڃان مڪمل نه ٿيو آهي . پر هن جي اها ڪوشش به تحقيق جا نوان رخ کولي ٿي . پريان جي پار جي مڙيئي مِٺائي آهي ، صرف چيت ڪري چکڻ جي ضرورت آهي. پهاڪو ٺهه ڦهه چيل ٻول آهي، جڏهن ته اصطلاح ۾ لفظي معنيٰ مٽجي پر مُراد نڪري ٿي. اصطلاح مام آهن ته پهاڪا وري مُنڊيءَ تي ٽڪ جهڙيون لعلون آهن. جن جا سوجهيندڙ وينجهار وڏي ڏات ۽ ڏيا جا ڌڻي هُئا . جن مان ٿر جي ماضي جي وينجهارن جي ڏاهه جو پرو پئي ٿو . انهن پهاڪن جي چونڊ ڪري هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ وارو ڪم پڻ جس جي لائق آهي .
مجموعي طور هي ڪتاب انتهائي ڀلوڙ معلومات پيش ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي يا ته نئين معلومات ڏئي ٿو يا وري ڄاڻ کي نئين روپ ۾ پيش ڪري ٿو. جنهن سان تحقيق جي انداز جا نوان گس پڻ کليا آهن . ٿر تي لکڻ جو شوق ڏيارڻ لاءِ نون موضوعن کي پڻ ڇيڙيو ويو آهي . ڪتاب پڙهي هِن موضوع بابت انيڪ ليکڪن کي لکڻ جو ريچڪ پئدا ٿيندو، .جيڪا به ڪتاب جي هڪ خوبي آهي . هن ڪتاب جي ٻولي به سادي ۽ سلوڻي آهي. مشڪور جي ڪيل محنت هر لحاظ کان داد لهي، سندس ان پورهئي کي ڏسندي مون به اُن تي هڪ نظر گهمائي ، جتي به محسوس ٿيو اُتي دُرستگي ڪئي اٿم. اُميد ته هيءَ ڪتاب ٿر سان دلچسپي رکندڙ، تاريخدانن، علم الانسان جي ماهرن ، ٿر ۾ ڪم ڪندڙ ادارن ، ۽ شاگردن ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻيندو . اسان جي دُعا آهي ته مشڪور هن پورهئي کي اڳتي به جاري رکي ، پنهنجي مشاهدن کي لکت جو روپ ڏيئي، وڌيڪ ٻيا به ٿر تي ڪتاب لکي ، پنهنجي سموري گڏ ڪيل تحقيقي مواد کي پڙهندڙن تائين پهچائي ۽ کين دلچسپ معلومات سان پُر ڪري. آمين .
پروفيسرنوراحمد جنجهي
16 ڊسمبر 2014ع