لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس، سڪار، ڏڪار بابت اڳڪٿيون ، پهاڪا ۽ چوڻيون .
مجموعي طور هي ڪتاب انتهائي ڀلوڙ معلومات پيش ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي يا ته نئين معلومات ڏئي ٿو يا وري ڄاڻ کي نئين روپ ۾ پيش ڪري ٿو. جنهن سان تحقيق جي انداز جا نوان گس پڻ کليا آهن . ٿر تي لکڻ جو شوق ڏيارڻ لاءِ نون موضوعن کي پڻ ڇيڙيو ويو آهي . ڪتاب پڙهي هِن موضوع بابت انيڪ ليکڪن کي لکڻ جو ريچڪ پئدا ٿيندو، .جيڪا به ڪتاب جي هڪ خوبي آهي.
Title Cover of book ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

• لوڪ ڏاهپ جا اهڃاڻ ۽ سائنس هڪ جائزو

سموري انساني ترقي خيالات ، عقل ، سوچ ، ۽ تجربن جو نتيجو آهي . سمورو ادب سچن خيالن ، جذبن ، احساسن ، مشاهدن ، ۽ تجربن مان پيدا ٿيو آهي . مشڪور صاحب جو لکيل هي ڪتاب “ ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس ” ٿر جي رهاڪن جي آسپاس جي ماحول ۽ فطري مانڊاڻ مان جُڙيل ۽ جَڙيل لوڪ ڏاهپ جي قيمتي ورثي سان تعلق رکندڙ آهي. ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل ڳالهيون سوين سالن جي انساني مشاهدن ، ۽ تجربن جي نتيجي ۾ حاصل ٿيل علم جو عرق ( نچوڙ) آهن . لوڪ ڏاهپ کي سائنس نه ٿو چئي سگهجي ، ڇو ته سائنس علم جي انهي شاخ کي چئبو آهي جنهن جو بنياد تجربن ذريعي حاصل ڪيل نتيجن تي مبني هجي. جنهن جي روشني مان مسئلن جي حل لاءِ ڪي اصول قاعدا ۽ قانون (Principles And Phenomena ) جوڙيا وڃن . ٻئي طرف لوڪ ڏاهپ هڪ وسيع علم آهي ، جيڪو سڌو سنئون ڌرتي جي لوڪن سان ڳنڍيل آهي . لوڪ ڏاهپ جي تاريخي پس منظر جي دائري ۾ لوڪ ادب ، سماجي قدر ، ڪهاڻيون ، روايتون ، گيت ، ناچ ، موسيقي ، طب ، ۽ ٻيا سڀ حياتياتي علم اچي وڃن ٿا . لوڪ ڏاهپ علمن جو اهڙو قيمتي ورثو آهي . جنهن کي ڪنهن به قيمت تي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي . انهي لاءَ بي ڌڙڪ ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته ، لوڪ ڏاهپ (Folk Wisdom ) جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل محقق ، ڪنهن به مخصوص جاگرافيائي خطي ۾ رهندڙ ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪري سندن مشاهدن تي مبني نظرين ۽ راين بابت معلومات کي گڏ ڪري انهي جي ڇنڊڇاڻ ڪن ٿا ، پوءِ انهي کي سنواري سموهي عوام اڳيان آڻين ٿا . هن ڪتاب جي فاضل مصنف پڻ اهوئي محققانه طريقو اختيار ڪيو آهي . هي تحقيق جي فن کي ڪتب آڻيندي ۽ کوجنا جي جديد اصولن موجب هر شئي جي حاصلات ، پروڙ ۽ پرک لاءِ وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان سر زمين تي وڃي ، ٿر جي ماڻهن سان مليو آهي ، ۽ ڪجهه وقت انهن سان گڏ رهي ، سندن حالتن ۽ محسوسات جو نه صرف مشاهدو ڪيو اٿس ، پرساڻن ڪچهريون ڪري سندن سيني ۾ سانڍيل علم کي ڦلهوري گڏ ڪيو اٿس، ان بعد انهي مليل معلومات ۽ مشاهدن کي جديد سائنس جي ماهرن سان گڏ ويهي بحث ڪري انهي معلومات جي افاديت کي ڏٺو اٿس ۽ هر لحاظ کان پنهنجي پر ۾ پروڙي ، پرکي پوءِ لکيو اٿس . ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته مشڪور صاحب هن لوڪ ڏاهپ جي املهه خزاني کي گڏ ڪري ، هي ڪتاب لکي ڄڻ انهي قيمتي علم کي وکيڙيو آهي .اهڙي محنت ڪرڻ لاءِ پاڻ دلي طور جس لهڻن .
ٿر جي حدن مان ٻاهر نڪري لوڪ ڏاهپ جي باري ۾ عالمي نقطه نظر ، عالمي نقطه نگاه ۽ ماهرن جي راين جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ کي اهميت ڏيڻ ضروري ٿي پيو آهي . مصنف ٿر جي لوڪ ڏاهپ بابت ڄاڻ ڏيئي هڪ اهڙي بحث کي ڇيڙيو آهي ، جو اهو ضروري ٿي پيو آهي ته ، اهو معلوم ڪجي ته لوڪ ڏاهپ جي باري ۾ ٻاهرين دنيا ڇا ٿي چوي . انهي حساب سان جيڪڏهن ڌرتي جي گولي تي رهندڙ مختلف ملڪن ۽ قومن جي لوڪ ڏاهپ کي ڏسبو ته پوري دنيا ۾ لوڪ ڏاهپ زندگي جي هر ميدان ۾ اڳڀري ڏسڻ ۾ ايندي . مثال طور: آسٽريليا جي اصلوڪن رڻ جي رهاڪن ( Aboriginals ) ۾ نانگ جي چڪ ( Snake Bite ) خلاف اهو طريقئه علاج استعمال ڪيو ويندو آهي ته ، نانگ جو چڪيل ماڻهو سمهي نانگ جي زهر جو اثر زائل ڪري ، ڪافي ڏينهن آرام واري وقت دوران هو چڪ واري جاءِ تي واريءَ يا مٽيءَ ليپي ڇڏي . آسٽريليا جا قديم قبيلا پنهنجي قديم ڏاهپ جي انهي نسخي تي عمل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا . آسٽريليا جا ڌنار اڃ جي حالت ۾ ٻوٽن جي پاڙن کي چٻاڙي منجهانئن پاڻي حاصل ڪري اڃ اجهائيندا هئا . اوڀر ڀارت جا ناگا قبائل جيتن بابت اهو مشاهدو بيان ڪندا آهن ته ، جيت رات جو انهي ڪري ڏسندا آهن ، جو هو رات جو پنهنجون اکيون بند ڪري نه سگهندا آهن . جيتن بابت انهي مشاهدي کي بيان ڪندي هو خوش پيا ٿيندا آهن . چين ۾ ٻار ڄڻڻ واري عورت ويم کانپوءِ هڪ مهيني تائين پنهنجا وار نه ڌوئيندي آهي ( جيئن سنڌ ۾ به ٻار ڄڻيندڙ عورت ڇٺيءَ تائين مٿو نه ڌوئيندي آهي ) يا ٻار ڄڻيندڙ عورتن کي ٻڍڙيون ۽ تجربيڪار دايون ڪجهه وقت تائين ڪن شين جي کاڌي پيتي جي پرهيز جو به مشورو ڏينديون آهن . مطلب ته قومون پنهنجي وڏڙن جي ڏاهپ ۽ ثقافت سان محبت ڪنديون آهن . انهي سلسلي ۾ هو نهايت جذباتي هونديون آهن . لوڪ ڏاهپ جو اظهار چوڻين ، پهاڪن ۽ اصطلاحن ( QUOTATIONS PROVERBS AND IDIOMS ) جي ذريعي به ڪيو ويندو آهي . قومن وٽ پنهنجي وڏڙن جي ڏاهپ جي ٺاهيل چوڻين ، پهاڪن ۽ اصطلاحن کان سواءِ لوڪ ڪهاڻين ، لوڪ گيتن، ۽ اهڃاڻن جو وڏو ذخيرو موجود هوندو آهي ، جنهن کي انهن قومن جا سگهڙ سيني در سيني صدين کان ساهه وانگر سانڍيندا پيا ايندا آهن . هي ڪتاب انهي سلسلي ۾ به ڄاڻ فراهم ڪري ٿو . سنڌي ٻولي ته قديم هئڻ ڪري هونئن به انهي سلسلي ۾ گهڻي شاهوڪار آهي .
لوڪ ڏاهپ جا امين سگهڙ ۽ ڏاها ماڻهو سائنسدان نه آهن . انهن کي غير سائنسدان ( NON____-SCIENTIST) چيو ويندو آهي . هڪ غير سائنسدان سگهڙ ۽ ڏاهو ماڻهو پنهنجي فهم و ادراڪ ( COMMON SENSE ) ذريعي اڳڪٿيءَ ڪرڻ جي طاقت يا دور انديشي سان سائنسدانن لاءِ نه صرف تحقيق جا نوان موضوع ڳولي وٺي ٿو . پر تحقيق لاءِ کين نوان گس ، پنڌ ۽ پيچرا به ٺاهي ڏيئي ٿو . سائنسدان وري تحقيق ڪري انهي علائقي يا ايراضي جي مسئلن کي سمجهڻ کان پوءِ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ کوجنائون ڪري ٿو . ائين ئي ضرورت جي بنياد تي سائنسي ايجادن جو سلسلو هلي ٿو . انهي ڪري لوڪ ڏاهپ لاءِ اهو چوڻ بجا ٿيندو ته ، انسان ڀلي کڻي ڌرتيءَ جي ڪهڙي به ڪنڊ جو رهاڪو هجي، پر هو سندس چوڌاري ڦهليل ماحول جي شڪل صورت ۽ ضابطن ( CONTROL ) کي سمجهڻ لاءِ گهربل سببي ڳانڍاپن ( CAUSAL LINKS ) جي بنياد تي جستجو ڪري ٿو . ڏاهپ يا عام فهم ( COMMON SENSE ) جو بنياد هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي بحث ، ڪچهرين ، يا مشاهدن ۽ تجربن ( OBSERVATIONS AND EXPERIENCES ) تي ٻڌل هوندو آهي . جنهن ڪري ڪجهه حد تائين اهو سچ تصور ڪيو ويندو آهي . عام فهم جي ذريعي حاصل ڪيل نتيجا سمورن ماڻهن جي مشاهدن سان ٺهڪي اچن ٿا . اهي مشاهدا ۽ زندگي جا تجربا غير سائنسدان سگهڙن ۽ ڏاهن ماڻهن جي ڪسوٽين ۽ آزمائشن ( TESTS ) مان گذري زنده رهن ٿا . اهڙن راين کي ڦلهورڻ ( EXPLORE ) لاءِ تجربن جي بنياد تي ڳجهيون حقيقتون پروڙڻي (EMPIRICAL INSIGHTS ) جا چار مثال جيڪي هن ڌرتي تي وسندڙ سڀني انساني نسلي گروهن ( ETHNIC GROUPS ) سان لاڳاپو رکن ٿا ۽ جن جا سببي قاعدا قانون عام فهم ذريعي ذريعي اڳواٽ ڪٿيا ويا آهن ، سي هي آهن :
1. قديم قبيلا اها ڳالهه چڱي طرح سمجهندا هئا ته ، سموريون زندهه شيون ۽ انسان پنهنجي هڪ ( RYTHM ) يا مقرر نظام جي قاعدن موجب هلي رهيا آهن . ان لاءِ ضرور منجهن به ڪو با قاعده وقفن تي ٻڌل ۽ وقت مطابق هلڻ جو سرشتو به موجود آهي . ان جي باوجود انساني جسم ۾ وقت معلوم ڪرڻ جي جڳهه ڪٿي آهي ؟ سا هڪ نه ڀڄندڙ ڳجهارت ئي رهجي ويئي آهي . انهي ڪري انسانن لاءِ اهو ضروري ٿي پيو آهي ته ، کين وقت معلوم ڪرڻ جو ادراڪ يا فهم( CHRONOSENSE ) هجي . سموري دنيا جي ڏاهپ انهي ضرورت کي محسوس ڪري ٿي . جنهن ڳالهه سان ڪنهن کي به ڪو اختلاف ناهي . 2. سج جي روشني ۽ ان جي موسمي گهٽ وڌائي ماڻهو جي محسوسات کي متاثر ڪري ٿي ، ڏورانهين اترين ويڪرائي ڦا ڪن يعني اتر قطب جي ويجهڙائي وارن علائقن وٽ سج جي ڌنڌلي روشني ، ڊگهي اونداهه ، آسمان تي مسلسل ڪڪرن جي ڇانوَ ۽ ڄمڻ پد کان گهڻو هيٺ منفي درجه حرارت انسان تي نفسياتي اثر ڇڏين ٿا . جنهن ڪري شديد سردي ۽ اونده سبب تمام گهڻن رهاڪن کي سياري جي موسمي اداسي ( WINTER BLUES ) ٿئي ٿي . انهي نتيجي کي ڏسندي سموري دنيا انهي ڳالهه تي متفق آهي ته ، سج جي روشني ڪائنات ۾ موجود شين تي اثر انداز ٿئي ٿي . 3. لوڪ ڏاهپ جي هن ڳالهه کي به سائنسدانن جي پٺڀرائي حاصل آهي ته ،“ ننڊ ڪافي بيمارين جو علاج آهي. ” ڪوبه ماڻهو انهي ڳالهه جو انڪاري نه ٿيندو . انسان جي صحت تي ننڊ جا بيشمار فائديمند اثرات ٿين ٿا ، سندس چڱڀلائي ۾ ننڊ جو اهم ڪردار آهي ۽ ننڊ صحت جو هڪ اهم جزو آهي . ننڊ کان محرومي جسماني ڪمزوري ، قوت مدافعت جي گهٽجڻ ۽ ٻين انيڪ بيمارين جو سبب بڻجي ٿي . 4. معلومات جي ڏي وٺ جا سماجي رابطا ( SOCIAL NETWORKS ) صحت ۽ بيماري تي اثر انداز ٿين ٿا . ڇو ته سماجي رابطا ۽ اطلاعاتي ڏي وٺ يا اطلاعاتي ڇنڊڇاڻ انساني صحت تي مثبت اثر ڇڏي ٿي . اهڙا رابطا نه رکڻ سان صحت تي منفي اثر پون ٿا . ان لاءِ سماجي رابطن صحت ۽ بيمارين جي لاڳاپي وارين حالتن کي هڪ بين الاقوامي حقيقت طور تسليم ڪيو ويو آهي .
ابتدائي انساني قانون ( LAW OF PRIMITIVE MAN ) بابت هومس ( HOLMES ) هڪ ڀلوڙ ڳالهه ڪئي آهي ته ،“ قانون جي حياتي منطق نه پر حاصل ڪيل تجربو آهي ” ارسطو لوڪ ڏاهپ کي هڪ شخص جي صلاحيت يا طاقت سمجهي ٿو. جنهن ذريعي هو پنهنجا خيال جيڪي هن بيروني حواسن ذريعي گڏ ڪيا آهن ، انهن منجهان ڪا گڏيل مماثلت يا هڪجهڙائي حاصل ڪري سگهي . لوڪ ڏاهپ هڪ ڏات ( INSTINCT ) آهي ۽ بي مثال ذهانت ( INTELLECT ) عقل جو اظهار آهي .
ٿر جا رهواسي بنيادي طرح ڏٿ ميڙيندڙ آهن ۽ سندن بنيادي ضرورتون جهڙوڪ : کاڌ خوراڪ ، اجهو ، اوڇڻ ، دوا درمل ، چوپائي مال جي چاري ۽ ٻين گهرجن جو دارومدار ٻوٽن ، وڻن ، ۽ چوپائي مال تي آهي . جنهن ڪري سندن سمورو ڌيان ۽ جسماني توانائي انهن ضرورتن جي پورائي لاءِ مٿا ڪٽ ڪندي صرف ٿئي ٿي . انهي مٿا ڪٽ دوران هو ٻوٽن ، وڻن ، موسمن , چوپائي مال ۽ ٻين جانورن جي سموري چرپر جو ڳوڙهيائي سان اڀياس ڪندا رهندا آهن . انهي ڪري ضرورت جي بنياد تي سندن ڏاهپ انهن شين جي چوگرد ڦري ٿي . تاريخ ۾ ڏسبو ته شروعاتي شڪار ڪندڙ ۽ ڏٿ ميڙيندڙ ( HUNTERS AND GATHERERS) سندن مرضي ۽ پسند وارن جانورن ۽ ٻوٽن بابت ۽ روزانه موسمي ڦيرگهير جي اثرن کان گهڻي پر واقف هئا . جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته انساني سماجن جو وڌڻ ويجهڻ مشڪل ٿي پوي ها . اهڙي ريت سامونڊي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهو ، کارو کيڙيندڙ وڻجارا ۽ سمنڊ ۾ ٻيڙيون هلائيندڙ ناکئا ، سامونڊي ويرن جي لهڻ چڙهڻ ، چنڊ جي ماهوار ڦير گهير ( LUNAR CYCLE ) ، کان نه صرف واقف هئا ، پر هو طوفانن جي اچڻ ۽ انهن کان بچاءَ جي طريقن کان پڻ واقف هئا . اهڙي طرح گهاٽن جهنگلن ۾ رهندڙ ماڻهو ، خونخوار جانورن کان بچڻ ، پيٽ گذر لاءِ ٻوٽن ۽ وڻن مان حاصل ٿيندڙ خوراڪي شين جي سڃاڻپ ۽ موسم آهر کاڌ خوراڪ جي استعمال جي پڻ ڄاڻ رکندا هئا . عورتون زناني ماهواري جي مدت ان جي صحت تي پوندڙ اثرن بابت پڻ ڄاڻ رکندڙ هيون . اڳتي هلي انهن جا اهي تجربا ۽ مشاهدا ضرورت جي بنياد تي سائنسي ايجادن جا سبب بڻيا . جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته ، غير سائنسدان ڏاهن جي لوڪ ڏاهپ ، عام فهم ۽ علم، سائنسدانن لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو ، ۽ سائنسي تحقيق لاءِ نت نوان رستا ( AVENUES ) کولي ڏيئي ٿو . انهي لاءِ لوڪ ڏاهپ کي صرف معلومات جو ذريعو نه سمجهيو وڃي ، پر لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل مختلف موضوعن ۽ مشاهدن کي ، مسئلن جي تحقيق ۾ ڀرپور نموني شامل ڪيو وڃي . ڇاڪاڻ جو عام فهم يعني لوڪ ڏاهپ جا مڪمل طور تي عام ڪثير آبادين جي مشاهدن تي مبني هوندي آهي ۽ اها گڏيل ذهانت ( GPOUP INTELLIGENCE ) ڏاهپ ۾ سمايل عقل ، خيال ، سمجهاڻي ۽ ذهني قبوليت کي وزندار بڻائي سگهي ٿي . فاضل مصنف کيرون لهڻي جو هن لوڪ ڏاهپ جهڙي انمول ثقافتي ورثي ۽ بي بها سرمايي کي سهيڙي ، سموهي، سهڻي ترتيب سان قلمبند ڪري محفوظ ڪيو آهي . پاڻ سنڌ جي تاريخ جو هي ورق نئين سر اٿلائي ، مستقبل جي محققن ۽ مورخن لاءِ هڪ نئين راهه متعين ڪئي اٿس. گڏوگڏ هڪ وسيع ميدان مهيا ڪيو آهي ، ته هو اڳتي وڌن ۽ صدين تي محيط علم ۽ ڏاهپ کي ڳولي ڦولي گڏ ڪري، ترتيب ڏيئي محفوظ ۽ مشتهر ڪن . دنيا جي هن چٽاڀيٽي جي ڊوڙ واري زماني ۾ لوڪ ادب ، ڪهاڻين، روايتن ، موسيقي ، گيتن ، ناچ ، طب ۽ حياتياتي علمن تي خاص ڌيان ڏيڻ ضروري ٿي پيو آهي. انهي لاءِ سنڌ جي قومي ادارن جهڙوڪ : يونيورسٽين ، سڀني يونيورسٽين جي سنڌي شعبي ، سنڌ الاجي ، سنڌي ادبي بورڊ ، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ، سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي ڪم ڪندڙ ادارن، سنڌ ميوزيم ۽ ٻين عجائب گهرن ، حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي ، وغيره تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته ، اهڙي قيمتي سرمايي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ تحقيق جون رٿائون جوڙين ۽ گهربل تحقيق جي پٺڀرائي ڪن . ڇاڪاڻ ته لوڪ ڏاهپ سان لاڳاپيل هڪ اهم رخ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ضروري ٿي پيو آهي . متعلقه ادارن ۽ يونيورسٽين جي شعبن جهڙوڪ : فارميسي ، فارماڪالاجي ، ڪيمسٽري ، باٽني ، زولاجي ، ۽ فيڪلٽي پرورش حيوانات وغيره کي گهرجي ته گڏيل تعاون سان حيواني ۽ نباتاتي تحقيق کي اوليت ڏين . لوڪ طب کي انساني صحت جو موثر ذريعو تسليم ڪيو وڃي . قدرتي وسيلن(NATURA RESOURCES) کي غريبي دور ڪرڻ ( POVERTY ALLEVIATION ) لاءِ اضافي آمدني ۽ روزگار جي تحفظ جو ذريعو سمجهيو وڃي .
مشڪورصاحب جي هي ڪاوش اکيون کوليندڙ آهي ۽ گهرجي ته سندن هن ڪوشش مان رهنمائي حاصل ڪري ، ٿر جي هن ميراث ۽ شاهوڪار ثقافت کي اڃان به گهڻي جستجو ۽ تحقيق سان مزين ڪري ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪريون . ورنه هن علم ۽ ورثي کي خطرو لاحق آهي ته ڪٿي اهو گم نه ٿي وڃي . ڇو ته اهڙو ورثو اڳ ۾ ئي ضايع ٿيڻ جي حد ( ENDANGERED STATUS ) ۾ داخل ٿي چڪو آهي . اسان جي اکين جي اڳيان ڪيترا ئي سگهڙ ۽ ڏاها ماڻهو ، عقل جا اڪابر، مال جي بيمارين ۽ انهن جو علاج ڪندڙ ڀاڳيا ۽ حڪيم ، ڪلاڪار ، ڳائڻا ۽ سازندا ، ٻوٽن ، گاهن ۽ قيمتي جڙي ٻوٽين جا پارکوءَ سنياسي ، ۽ موسمن جي مانڊاڻ کي سمجهندڙ ماڻهو پنهنجي عمر پوري ڪري وفات ڪرڻ وقت ڪيترائي بي بها ڄاڻ جا خزانا قبرن ۾ کڻي ويا. سندن وفات بعد انهي ڄاڻ جي خزاني ضايع ٿيڻ جو احساس ٿيو . اسان سڀني جو فرض آهي ته انهي علمي ذخيري کي اجتمائي ڪوششن سان بچايون . اسان کي کپي ته پنهنجي آسپاس جي انهن ڄاڻو ۽ سگهڙ ماڻهن جي سيني ۾ محفوظ ٿيل خزانن کي حاصل ڪري ، سهيڙي سموهي پنهنجي ايندڙ نسلن تائين پهچايون ته ، جيئن هو انهي لوڪ ڏاهپ جي ٺاهيل رستن ۽ تجربن جي روشني ۾ کوجنائون ڪن ، جنهن سان علائقن جي ڏنجهن ۽ ڏولاون جو سائنسي طريقي سان ڪو حل نڪري اچي ۽ انساني ارتقا جي سفر ۾ اسين به دنيا جي قومن ۾ سرخروءَ ٿيون . شال اسان پنهنجي ذميواري ۽ وقت جي تقاضا موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪريون .


پروفيسر غلام حسين سومرو
1 جنوري 2015ع